سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙا دؤر ۾ ٺٽي جا نامور عالم: پروفيسر محمد شريف ”شاد“ سومرو

سنڌ صدين کان سکيو ستابو ساڻيھہ رهيو آهي جنھن جي پنھنجي هڪ الڳ، دنيا کان نرالي تاريخ ۽ تهذيب رهي آهي. انھيءَ تاريخ، تهذيب ۽ تمدن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن. ڌارين بہ هت اچي هن ملڪ جي تعريف ڪئي ۽ ان جي تاريخ تي ڪتاب جوڙيا. سنڌ جي نرالي تاريخ، تهذيب ۽ سکي ستابي هئڻ سبب سدائين ڌارين جي بري نظر هيٺ رهي آهي. انھيءَ ڪري هي ملڪ سدائين انقلابن جي زد ۾ رهيو آهي جنھن ڪري مختلف قومن جي هٿ هيٺ رهيو آهي. سنڌ سدائين امن جو گهوارو رهي آهي، پر ڌارين جي يلغار سبب لٽجندي رهي آهي. تاريخ شاهد آهي تہ هن وقت تائين هن ملڪ تي ستاويھن قومن حملاڪيا آهن. عربن کان وٺي ويندي ارغون ترخان، مغلن تائين، سڀني پئي لٽيو ۽ ڦريو آهي.
مغل جڏهن ڪمزور ٿيا تہ ڪلھوڙن زور ورتو. جيئن تہ ڪلھوڙا مقامي ماڻھو هئا، جن جي مادري زبان سنڌي هئي، جنھن ڪري عوام انھن جو ساٿ ڏنو. ڪلھوڙن جي حڪومت تہ قائم ٿي وئي ليڪن سياسي طور ڏچي ۾ رهيا. ميان يار محمد ڪلھوڙو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ جي آزادي جو علمبردار هو.
هن دؤر ۾ شاھہ عنايت شھيد جي شھادت جو دردناڪ واقعو ٿيو. ٿر جي سوڍن شورشون ڪيون، نادرشاھہ حملو ڪيو ۽ شڪارپور واري پرڳڻي کي قنڌار سان ملائي ڇڏيو. ان کان پوءِ احمد شاھہ ابدالي بہ سنڌ جي ڦرلٽ ڪئي، جنھن کان پوءِ سنڌ افغانن جي ڏن ڀرو ٿي. آخري ڏينھن ۾ مدد خان بہ چڙهائي ڪئي ۽ وڏي ڦرلٽ ۽ خونريزي ڪئي، نتيجي ۾ سنڌ جو سڪون تباھہ ٿيو. نياز همايوني لکي ٿو ته: ”ڪلھوڙن جي دؤر ۾ سنڌ تي ڌارين جيڪي ڪاهون ڪيون، تن مان نادر قلي (نادر شاھہ 1739) احمد شاھہ ابدالي 1754ع ۽ مدد پٺان 1780ع بدنامي جي روپ ۾ مشھور آهن. نادر قلي، ازبيڪن جو ڀڳل قيدي هڪ ايراني امير جو نوڪر هو، جنھن کي وجهہ وٺي قتل ڪري سندس ڌيءَ ڀڄائي ويو. پوءِ ڌاڙيلن جي وڏي ٽولي ٺاهي سڄي ملڪ ۾ ڌاڙا هڻڻ لڳو.(1) اهڙي صورتحال ۾ ڪلھوڙن جي حڪومت ڏچن ۾ رهي، پر تنھن هوندي بہ سنڌ جي خوشحاليءَ لاءِ هنن زرعي سڌارا آندا. پنھنجي دؤر حڪومت ۾ ٺٽي کي ڇڏي خدا آباد کي گادي جو هنڌ بڻايو. پوءِ بہ ٺٽي جو اوج ۽ حيثيت برقرار رهي. مير علي شير قانع ”مڪلي نامھ“ ۾ ٺٽي جي علمي حالتن جو ذڪر ڪيو آهي تہ ان جي علمي حيثيت ڪلھوڙا دؤر ۾ بہ قائم رهي ۽ ”خدا يار سنڌ، ٺٽي ۽ بکر کان پري خدا آباد جو نئون شھر ٻڌرائي ان کي پنھنجي گاديءَ جوهنڌ بڻايو.“ (2)
هن متعلق وڌيڪ پروفيسر عبداللھ مگسي ائين لکيو تہ ”سنڌ جو مشھور تاريخي شھر ٺٽو اڄ هڪ ننڍو شھر آهي، پر ڪو وقت هو جو سنڌ جو اهو عظيم، شھر، علم ۽ فضل، تجارت ۽ حڪومت جو مرڪز هو ۽ عظيم اسلامي شھرن قرطبہ ۽ بغداد سان ٿي ڪلھو هنيائين. ڪيترو وقت هي شھر سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو ۽ ڌارين جي نظرن ۾ هميشھ رهندو آيو.“ (3)
”تحفة الڪرام جي مصنف ٺٽي بابت مختصر ڄاڻ ڏني آهي. هو لکي ٿو تہ ”ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا تہ معنيٰ آهي ”تہ ته“ يعني ”هيٺاهين هيٺاهين“ ۽ ڪن جو چوڻ آهي تہ ٺٽو يعني ٺٽ جا سنڌين جي اصطلاح ”ماڻھن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ“ جي معنيٰ رکي ٿي. هيءَ سرزمين پراڻي زمين بہ ٺٽي جي نالي سان سڏبي هئي. جيئن تہ سنڌ جي مٿين طرف کي عام ماڻھوسرو چوندا آهن ۽ هن هيٺين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽي جي وجهہ تسميہ جو کليو ثبوت آهي.“(4) مرزا قليچ بيگ بہ ساڳئي ڳالھہ ڪئي آهي: لفظ ”ٺٽو“ ”تھہ، تهه“ مان ٺهيو آهي،جنھن جي معنيٰ آهي، هيٺاهين ٺٽ چون ماڻھن جي گوڙ کي، ۽ ٺٺ چون خشڪ ميدان کي، شايد انھن مان نالو نڪتو هجي.“(5)
اصل ۾ ٺٽو لفظ ٺٺ مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ٺٺوارو شھر. يعني اهو شھر جتي ٺٺ هجن يعني آسودائپ هجي. اها ئي معنيٰ صحيح آهي. ڇو تہ ٺٺو سدائين خوشحال رهيو آهي ۽ اتان جا باشندا بہ خوشحال هئا ۽ عيش واري زندگي گذريندا هئا. فارسي ۽ عربي دانن هن شھر کي تتہ ڪري لکيو آهي، ڇاڪاڻ تہ فارسي ۽ عرگي ٻوليءَ ۾ (ٺ) جو آواز آهي ئي ڪونھ، تنھنڪري انھن ٻولين جي مصنفن هن شھر کي (ٺ) جي بجاءِ (ت) ڪري لکيو آهي، ٺٺوي کي تتوي ڪري لکيو ويو آهي. لفظ ٺٺو آهي جنھن مان ڦري ٺٽو ٿيو آهي. ٺٽي کي بغداد سان بہ تشبيھہ ڏني وئي آهي، ڇاڪاڻ تہ بغداد بہ تاريخ ۾ تاراج ڪيوويو هو ۽ ڦري لٽيو ويو آهي. اهڙي ريت هن شھر سان بہ اهائي ساڳئي ويڌن رهي. شاھہ بيگ ارغون بہ ٺٽي کي لٽيو ۽ تاراج ڪيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جي لکڻ مطابق ”ٺٽي ۽ سنڌ جي سٻاجهي سرزمين تي ڪئي ويل وهايا ويا آهن ۽ اٻوجهہ عوام سان ڪيئي عقوبتون ٿينديون رهيو آهن. شاھہ بيگ ارغون جي ٺٽي ۾ ڦرلٽ، قتل عام ڪرڻ ۽ باھہ ڏيڻ کان پوءِ گواجي عيسائين ٺٽي ۾ اچي قتل عام ڪيو، باھہ ڏني ۽ ڦرلٽ ڪئي. ايڏي تہ ملڪيت ڦري وئي جو سڄي ايشا ۾ اهڙي ڦرلٽ ڪا ورلي ٿي هوندي.“(6)
مطلب تہ هن شھر سان ويڌن رهي آهي. ”ٺٽي کي ٽين باھہ مرزا جاني بيگ ڏني، جيڪو جڏهن اڪبر بادشاھہ جي سپھ سالار خان خانان سان وڙهيو ٿي. تڏهن هارائڻ کا اڳ ٺٽي کي باھہ ڏنائين. خان خانان 1000ھہ ۾ ٺٽو فتح ڪيو ۽ سنڌ مغلن جي قبضي ۾ آئي، ان کان پوءِ مغل طرفان گورنر اچڻ لڳا. زماني جي ايڏي گردش کان پوءِ بہ ٺٽي پنھنجو اوج نہ وڃايو.“(7)
مذڪوره حوالن مان ثابت ٿئي ٿو تہ ٺٽو سدائين خوشحال رهيو آهي. ڪوھہ مڪليءَ جي دامن ۾ هي بدنصيب شھر جنھن پنھنجي سيني ۾ هزارها سالن جي تاريخ سانڍي رکي آهي. هي شھرڪلھوڙن جي زماني ۾ بہ اوج تي رهيو، جنھن جو ذڪر مير علي شير قانع ٺٽوي بہ ڪيو آهي، جيڪو انھن واقعن کان پوءِ ٿي گذريو آهي ۽ ڪلھوڙن جي دؤر جو هڪ عالم، شاعر ۽ مصنف هو. هن بابت ائين بہ لکجي تہ ”1739ع ۾ نادر شاھہ جڏهن هن شھر تي حملو ڪيو هو تہ ان وقت شھر ۾ چار سئو مختلف عالمن جا مدرسه هئا، جن کي اڄ جي ڪاليجن جي حيثيت حاصل هئي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول ڪيترا هوندا.“(8)
ٺٽي جي خوشحالي جو ذڪر مغربي خواه مشرقي عالمن ۽ سياحن بہ ڪيو آهي. فريد بکري تہ ٺٽي کي جنت جي ڌرتي سڏي ٿو. فريد بکري بخاري جنھن جو ڪتاب ”زخيرت الخوانين“ لکيل آهي، جنھن ۾ لکي ٿو تہ ”ٺٽي جي رهواسين ڪڏهن بہ ڏکي گهٽيءَ ۾ پير نہ رکيو آهي. هنن جي دلين تي خوشي ۽ راحت جو راڄ آهي. ٿوري ۾ جيڪو ايئن چئجي تہ ٺٽو عراق ثاني آهي.“(9)
ڪيترائي سياح ٺٽي شھر ۾ آيا جن هن شھر جي تعريف جا ڍڪ ڀريا آهن. ٺٽي جي خوشحالي سندس علم، هنر، صنعت ۽ واپار سبب هئي. جيڪو ان وقت هندستان جي شھرن کان بہ وڌيڪ آمدني وارو شھر هو. اليگزينڊر هئملٽن جو سنڌ ۾ 1699ع ۾ هڪ وڏي جهاز سان آيو هو. ٺٽي لاءِ لکي ٿو تہ ”هي شھر ملڪ جي مارڪيٽ آهي ۽ تمام وڏو ۽ آسودو شھر آهي. اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ ميل ويڪرو آهي. ٺٽي جو شھر مذهبيات، علم لغت ۽ علم سياسيات جي ڪري مشھور آهي. منجهس چار سئو کان بہ مٿي ڪاليج آهن، جن ۾ نوجوانن کي مختلف علمن جي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ٿي.“(10) مذڪوره حوالن مان ثابت ٿئي ٿو تہ ٺٽو نالو ٺٺو مان نڪتل آهي. هن لفظن جو ٺٽ سان واسطو ئي ناهي ڀلا هن وقت جيڪڏهن گنجان آبادي واري ۽ اچ وڃ واري شھر کي ٺٽ ڪونہ سڏبو. اهڙي ريت ڪيتريون غلط روايتون سنڌ جي تاريخ ۾ درج ڪيون ويون آهن. تنھنڪري تاريخ جي ڇنڊ ڇاڻ سائنسي ۽ علمي بنيادن تي ڪئي وڃي. ٺٽو قديم تاريخ رکندڙ شھر آهي،جنھن جو واسطو عرب دؤر حڪومت کان بہ اڳ سان آهي.
ٺٽو ڪلھوڙا دؤر حڪومت جي آخر ڌاري ڦٽڻ لڳو هو، جيڪو ٽالپور دؤر ۾ تباھہ ٿيو، جنھن جو سبب سنڌو درياھہ جورخ تبديل ٿيڻ ٻڌايو ويو آهي ۽ سمنڊ گهڻو پري هليو ويو، جنھن سبب بندرگاھہ بہ ڦٽي ويو ۽ واپارين جي اچ وڃ ۽ مٽا سٽا متاثر ٿي، جنھن ڪري هي شھر ڏينھون ڏينھن ويو پوئتي پوندو، جنھن جي تباهي لاءِ اليگزيندر برنس لکي ٿو، تہ :”شھر سنڌو نديءَ کان ٽي ميل پري آهي، اوڀر جي تاريخ مطابق ڪيترن شاندار روايتن سان لاڳاپيل مشھور شھر آهي. سندس تجارتي خوشحالي دهليءَ جي مغل شھنشاهي دؤر سان گڏ ختم ٿي ويئي. هي شھر موجوده ٽالپور گهراڻي جي حڪمرانيءَ دوران تباھہ ٿيو. هن وقت سندس آدمشماري 15،000 کان مٿي ڪانہ ٿيندي.سندس گهر هن ڦٽل شھر جي کنڊرن ۾ وچ واڙيءَ پکڙيا پيا آهن. ڪل آدمشماريءَ جي اڌ ماڻھن وٽ تہ رهڻ لاءِ بہ گهر بہ ڪونہ آهن.“(11)
هن بابت غلام رسول مھر وري لکي ٿو ته: ”ٺٽي جي قدامت سان ڪنھن جو بہ اختلاف ڪونھي، يونانين جي تاريخ ۾ بيان ڪيل پٽالا جو شھر ٺٽي جي ماڳن وٽ موجود هو.“(12)
مذڪوره حوالن مان ٺٽي جي قدامت تاريخ، تهذيب ۽ علمي مقام معلوم ٿئي ٿو. ٺٽي شھر ۾ صرف ان وقت چار سئو مدرسه هئا، جيڪي ڪاليج جو درجو رکندا هئا. باقي سڄي سنڌ ڇا هوندي، سنڌ جوعلمي مقام گهڻو مٿانھون هو، ڇاڪاڻ تہ سڄي دنيا ۾ قرآن شريف جو ترجمو پھريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ ڪيو ويو.
ڪلھوڙن جو دؤر علمي ۽ ادبي لحاظ کان، ٻين دورن کان گهڻو مٿانھون رهيو، جنھن ڪري هن دؤر کي سنھري دؤر ڪري ليکيو ويو آهي. ڇاڪاڻ تہ هن دؤر ۾ علمي ادبي ۽ مذهبي طور ڪتاب لکيا ويا ۽ سنڌي صورتخطي تيار ڪئي ويئي، ان کي هڪ مستقل شڪل ڏني ويئي، جيڪا عربي لپيءَ تان ورتي ويئي. ان حوالي سان بہ هي دؤر اهم ليکيو وڃي ٿو جو ان وقت جي مدرسن جي نصاب ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪيو ويو. هن دؤر ۾ ايترا تہ عالم ٿي گذريا آهن جو، ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. صرف ٺٽي جا عالم ئي ايترا آهن جو انھن جو صحيح انگ معلوم ئي نہ ٿي سگهيو آهي. باقي جن عالمن جو ذڪر تذڪرن ۽ تاريخن ۾ آيو آهي، انھن کي هت شامل ڪريون ٿا. ان سلسلي ۾ تاريخ ڪلھوڙه جو مصنف لکي ٿو، ”ڪلھوڙن جي دؤر ۾ جيترا بہ عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن، انھن سڀني جا نالا ۽ حالات معلوم ٿي نہ سگهيا.(12) هتي ان دؤر يعني ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ٺٽي جي نامور عالمن جو ذڪر مختصر طور تي پيش ڪجي ٿو.

(1) مخدوم ابوالحسن سنڌي: (1661ع-1751ع)
مشھور محدث، فقيہ ۽ سنڌي علم ادب جو ابو مخدوم ابوالحسن ولد مولوي محمد مبين صديقي 1661ع ڌاري ٺٽي ۾ ڄائو. وڏو فاضل ۽ ڪامل شخص هو. ننڍپڻ کان ئي ذڪي طبيعت هيس، جنھن ڪري استاد بہ سندس حافظي ۽ حوصلي جا معترف هئا. فارغ التحصيل ٿي، فقه ۽ حديث ۾ مقام پيدا ڪيائين. درس و تدريس ورثي ۾ مليس.“(14)
”سنڌي علم ادب جو بنياد وجهندڙ، عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪافي ڪتاب قلم بندڪيائين. نماز ۽ وضوءَ بابت سنڌي زبان ۾ 1700ع ۾ ”مقدمہ الصلواة“ نالي نظم ۾ پڻ ڪتاب لکيائين، جيڪو ابوالحسن جي سنڌي نالي سان مشھور آهي.“(15) سنڌي الفابيٽ جي ترتيب ڏيندڙ پھريون عالم آهي، جنھن کان پوءِ سنڌي الفابيٽ کي هڪ مستقل شڪل ملي ۽ ڪتاب لکجڻ شروع ٿي ويا. هي ڪلھوڙا دؤر جو وڏو عالم ۽ ڪامل انسان هو.

(2) ابوالحسن ڪبير ٺٽوي: 1630ع-1718ع)
”ابوالحسن ڪبير محدث سنڌي مدني. هن جو نالو محمد بن عبدالھادي آهي. ۽ لقب نورالدين ۽ ڪنيت ابوالحسن اٿس. ٺٽي ۾ پيدا ٿيو ۽ اتي ئي علم پرايائين. علم ۾ سڀني کان ابوالحسن وڌيڪ فائق هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ هن کي ٺٽي جي عالمن جو اڳواڻ سڏيو آهي. ٺٽي کان مديني منوره ڏانھن هجرت ڪري ويو ۽ اتي شيخ محمد بن عبدالرسول بززنجي، شيخ ابراهيم بن حسن، نوراني مدني ۽ شيخ عبداللھ بن سالم بصري ۽ ٻين مشائخن کان حديث جي سند هٿ ڪيائين. حرم بلوي ۾ درس ڏيڻ شروع ڪيائين، ٿوري ئي وقت ۾ سندس درس جي شھرت اطراف عالم ۾ پکڙجي ويئي. عرب ۽ عجم جي سوين عالمن کانئس علم حديث پڙهيو.“(16)

(3) ابوالحسن صغير (1732ع -1773ع)
سندس اصل نالو غلام حسين بن مخدوم ميان محمد صادق نقشبندي هو جيڪو ٺٽي ۾ پيد ٿيو، جنھن جي ڪنيت ابوالحسن صغير آهي. علامہ صاحب محمد حيا سنڌيءَ کان علام پرايو. هن بابت علامہ مصطفيٰ قسمي لکي ٿو ته: ”مخدوم محمد صادق، شاھہ ڀٽائي، رحه، جو وڏو معتقد هو. محمد حيات سنڌي کان علم پرايائين. هي اصل ٺٽي جو هو، اتان هجرت ڪري مديني منوره هليو ويو. محدت محمد حيات سنڌيءَ جي وفات کانپوءِ ان جي جاءِ تي حديث جو درس ڏيندو رهيو ۽ ڪيرن ئي برگزيده عالمن جو استاد آهي. ڪيترا علمي ڪتاب پڻ تصنيف فرمايا اٿس، جيئن 1. شرح نخبتہ الفڪر 2. حواشي مختيار مختيار 3. مختارالاطوار في اطوار المختار 4. رجال مسند احمد بن عنبل وغيرہ. هن بزرگ محدث جي وفات مدينہ منوره اندر ٿي ۽ جنت البقيع ۾ مدفون ٿيو.“(17)

(4) مخدوم محمد معين ٺٽوي (1680ع-1741ع)
محمد معين بن محمد امين قوم جودل، ٺٽي جي قديم مولوين جي خاندان مان هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. علامہ معين جو والد بزرگوار بہ هڪ وڏو عالم ۽ درويش صفت بزرگ هو. شاھہ ولي اللھ جو شاگرد ۽ سندس علومن مان فيض يافتہ هو. مخدوم محمد معين ٺٺوي کي مخدوم ٺارو بہ سڏيندا آهن. هن بزرگ جو مختصر ذڪر حضرت مولانا عبيداللھ صاحب بہ پنھنجي ڪتاب شاھہ ولي اللھ ڪي سياسي تحريڪ ۾ ڪيو آهي.“(18) هن بزرگ جا ڪافي ڪتاب تحرير ٿيل آهن، جن مان 19 ڪتابن جا نالا تذڪرن ۾ ملن ٿا. ”مخدوم محمد معين مخدوم عنايت اللھ جو شاگرد آهي. هيترين علمي ڪماليتن هوندي بہ سلوڪ جي رستي جو واقف هو. ڪيترن دين جي بزرگن سان صحبتون ڪيون هيائين. ميان ابوالقاسم نقشبندي سان ڏاڍو عقيدو هوس. پوين ڏينھن ۾ جناب ڪرامت نصاب سيد عبداللطيف ”تاريڪ“ لقب واري سا ڏاڍو ياراڻو ۽ عقيدتمنداڻو رستو رکيائين.“(20)
مخدوم معين ٺٽوي سنڌي، عربي، فارسي ۽ هندي ٻوليون ڄاڻيندو هو ۽ انھن ۾ شعر و شاعري بہ ڪيائين. قانع لکي ٿو تہ، سماع پسند ۽ علم موسيقي جو ڄاڻو هو.
”هو مخدوم محمد هاشم شروع ۾ علامہ مخدوم محمد معين جو شاگرد هو، مگر پوءِ پاڻ ۾ سخت مناظرا بہ رهين.“(20)

(5) مخدوم ضياءُالدين ٺٽوي (1671ع-1751ع)
”مخدوم ضياءُالدين مخدوم ابراهيم بن مخدوم هارون بن عجائب بن الياس الصديقي پاڻ شيخ شھاب الدين عمر السهروردي (المتوفي 632 هه) جي پوٽاڻ مان آهي.“(21)
”مخدوم ضياءُالدين مخدوم عنايت اللھ جي شاگرديءَ جي بدولت فضيلت ۽ ڪماليت وارن جي هڪ وڏي گروھہ جو استاد بڻيو. هو سن 1091ھہ ۾ ڄاڻو ۽ باوجود وڏي علميت جي فقيريءَ جي راھہ جو سالڪ ۽ نھايت نوڙت وارو هو. پنھنجي همعصرن ۾ وڏي هدايت ۽ ڪافي فيض سان زندگي گذاري، سن 1171ھہ ۾ 80 ورهين جي ڄمار ۾ جھان فاني مان ڪوچ ڪري ويو.“(22)
”مخدوم ضياءُالدين ٺٽي جي وڏي عالم مخدوم عنايت اللھ کان علوم حاصل ڪيا ۽ انھيءَ ساڳئي بزرگ وٽان علامہ محمد معين ٺٽوي بہ ظاهر علمن جو فيض پرايو ۽ آخري ڄمار ۾ مخدوم محمد هاشم وٽانس پڙهيو. ايڏي وڏي عالم جو شاگرد مخدوم ضياءُالدين هڪ وڏو نامور عالم ۽ فاضل پيدا ٿيو، جهن علمي تحصيل کان پوءِ پنھنجو جدا مدرسو قائم ڪيو، جنھن مان سوين ماڻھو فيضياب ٿيا، جنھن مان مخدوم نعمت اللھ ولد عبدالجليل سندس ڏوهٽو، مخدوم محمد هاشم ۽ ميان محمد ولد مخدوم احمد ٺٽوي آهن.“(23) مخدوم صاحب جي تصنيفن ۾ فقهي مسئلن تي لکيل ڪتاب مشھور آهن، جنھن کي عام طور تي مخدوم ضياءُالدين جي سنڌي سڏيو وڃي ٿو. جيڪي سنڌي نظم ۾ آهن ۽ الف اشباع تي قافيي تي آڌاريل آهن.

(6) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (1692ع-1761ع)
”مخدوم صاحب جو نالو محمد هاشم، والد جو نالو عبدالغفور ۽ ذات جو پنھور هو. پنھورن جو نسب حارث بن عبدالمطلب سان وڃي ملي ٿو. مخدوم محمد هاشم تاريخ 10 ربيع الاول 1106هه/19 نومبر 1692ع تي خميس جي رات بٺوري ۾ ڄائو. مخدوم ضياءُالدين وٽ علم حديث جي تحصيل ۽ باقي ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. يعني 9 سالن جي عرصي ۾ فارسي ۽ عربي علوم جي تڪميل ڪري فارغ ٿيو. اڃا بہ علم حديث ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ جو شوق هيس، جيڪا سعات کيس سن 1135هه/1722ع ۾ حرمين شريفين جي سفر دوران حجاز مقدس جي عالمن کان حاصل ٿي.(24)
ٺٽي جي عالمن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي صاحب آفتاب جي حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر قادري سندس 30 همعصرن جي ذڪر کان علاوه 9 سنڌي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان علاوه 51 عربي ڪتابن جو تفصيل ڏنو آهي. 22 کن فارسي ڪتابن جو وچور ڏنو آهي. سندس مشھور سنڌي ڪتاب زادالفقير، قوت العاشقين، راحت المومنين، سالھ نامھ، بنات الاسلام، تفسير هاشمي، اصلاح مقدمتہ الصلات ۽ تنبيھہ نامو قال ذڪر آهن.
ڊاڪٽر عبدالرسول قادري مخدوم صاحب جي حيات ۽ علمي خدمتن تي تحقيقي مقالو لکي ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي.

(7) مخدوم عنايت اللھ ٺٽوي (ولادت: وفات: 1702ع)
”مخدوم عنايت اللھ بيمثال ڪرامت سان موصوف هو. نابين هودي بہ حافظو غير معمولي حد وارو هو. ننڍپڻ جي ڏينھن کان جڏهن نابينا ٿيو هو، فوت ٿيڻ تائين، جڏهن هو پوري بالغ ٿي وڏيءَ عمر کي پھچي چڪو هو، سڄو عرصو عام ماڻھن کي فائدو رسائڻ ۾ گذاريائين. سندس واعظ جي مجلس پر اثر هوندو هو. وٽائنس ڪيترا فيضياب ٿيا.“(25)
مخدوم عنايت اللھ ميان احمد ڪتابيءَ جو شاگرد هو. ٺٽي سان تعلق رکندڙ هن وڏي ۾ وڏي عالم ۽ ڀلي ۾ ڀلي متقي، سڄي زندگي درس جو عمل جاري رکيو. علم جا ٻہ روشن مينار ۽ عالم مخدوم ضياءُالدين ۽ مخدوم محمد معين سندس جا شاگرد آهن.“(26) اصل ۾ تحفة الڪرام جي مصنف هڪ ئي نالي سان ٻن هنڌن ذڪر ڪيو آهي. هڪ هنڌ سندس وفات جو سن 1114ھہ ڄاڻايو اهي، جنھن مطابق 1694ع سن بيھي ٿو، جيڪو ڪلھوڙا دؤر حڪومت کان اڳ ئي وفات ڪري ويو، جنھن مان اندازو ٿئي ٿو تہ هڪ ئي نالي سان بہ عالم ٿي گذريا آهن. اهڙي قسم جا تاريڪن ۾ تضاد کوڙ سارا ايندا آهن. مير علي شير قانع ”هن جا ٻہ فرزند ٻڌائي ٿو“ 1. محمد سعيد واعظم 2. مولوي محمد صادق (جيڪو مخدوم محمد معين جي شاگردن مان هو) ۽ وقت جو علامہ لياقت ڀريو استاد پيدا ٿيو.“(27)

(8) مخدوم عبدالخالق ٺٽوي (1702ع- 1785ع)
مخدوم عبدالخالق ٺٽوي جو عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو شاگرد هو. سندس زندگي بابت جوڳو مستند احوال ڪونہ ٿو ملي. ”مولانا فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ مخدوم هاشم ٺٽوي جي درسگاھہ ۾ نائب معلم بڻيو. 1157هه/ 1744ع ۾ سنڌي ”مطلوب المومنين“ نالي ڪتاب لکيائين، جيڪو مخدوم محمد هاشم ٺٽوي درست ڪري مڪتبن لاءِ منظور ڪيو.“(27)
مولانا عربي فارسي ۽ سنڌي ٻولين جو عالم هو.

(9) مخدوم رحمت اللھ (وفات: 1724ع)
”هن جو خاندان پيڙهين کان ٺٽي ۾ علمي طور سرگرم هو ۽ هميشھ شرعي حڪمن جي تعمير ۾ مصروف رهندو هو. هن عالم سالن جا سال درسگاھہ هلايائين. هن جي شاگردن مان مخدوم ضياءُالدين ۽ ميان ابو القاسم وڏي اهميت رکن ٿا. 1137هه/1724ع ۾ وفا ڪيائين.“(28) ”مخدوم رحمة اللھ جي والد جو نالو مخدوم علي احمد هو. سندس پٽ مخدوم عبدالجميل بہ وڏن گڻن وارو ٿيو. هو مخدوم ضياءُالدين جو نياڻو ٿيو. عبدالجميل 1154-1726ع ۾ وفات ڪئي.“

(10) مرا ابوالقصا ٺٽوي (وفات: 1726ع):
پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ استاد ٿي گذريو آهي. فارسي زبان تي وڏو عبور حاصل هيس.(26) فارسي جو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو. شاعري ۾ ڏاڍي ڪمال جو مالڪ هو. شيخ سعدي جي گلستان کي نظم بحر ۾ ڪيائين. هن سال 1146ھہ مطابق 1726ع ۾ وفات ڪئي.(29)

(11) مخدوم احمد ڪتابي ٺٽوي:
”احمد بن مخدوم اڪرم اگهمي محمد اڪرم ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ علمي ڪماليت ۾ وڏي شھرت جو مالڪ هو. سندس فرزند ميان احمد حال ۽ قال جو صاحب هو. شروع واري زماني ۾ درس تدريس جو شغل جاري رکيائين ۽ سندس وڏن ۽ مشھور شاگردن مان مخدوم عنايت اللھ ٺٽوي آهي، جنھن جي فيض مان هزارين ماڻھو فائديمند ٿيا. آخري عمر ۾ دنيا کان ترڪ تعلقات ڪري گوشھ نشين ٿي رهيو. حضور رسول ڪريمﷺ جي درٻار مان ڪتابي جو لقب عطا ٿيل هو. هي بزرگ ٻارهين صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي.“(30)

(12) ميان عنايت اللھ ٺٽوي:
”مخدوم محمد معين جي مدرسي ۾ نائب هو، مخدوم صاحب جي وفات کانپو بہ درس ۽ تدريس ۾ مشغول رهيو.“(31)

(13) مخدوم محمد سعيد ٺٽوي:
”هن بزرگ کي مخدوم محمد هاشم جي استادن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب پنھنجي والد کان پوءِ ڪجهہ وقت مخدوم محمد سعيد وٽ پڙهيو. هن بابت وڌيڪ معلومات نہ ٿي ملي.“(32)

(14) مخدوم عبداللھ واعظ ٺٽوي (وفات: 1747ع)
”ميان عبداللھ واعظ عرف ميان موريو پڻ هڪ باصفا عالم، بزرگيءَ ۽ برڪت ۾ ملڪان ملڪ مشھور هو. پنھنجو برڪت ڀريو وقت هميشھ واعظ ڪرڻ ۾ مصروف رکندو هو.“(33) ”سندس اولاد مان ميان عبدالقادر حرمين شريفين جي زيارت کانپوءِ پيءُ جي جاءِ تي واعظ جي مجلس سينگاري ۽ سن 1186ھہ ۾ گذاري ويو.“(34) ”ميان عبداللھ ولد ميان محمد حفيظ، مخدوم ابوالحسن سنڌي واري جو ڀائٽيو/ ڀاڻيجو هو. سندس ئي شاگرد ۽ مريد پڻ هو. ميان موري جي نالي سان مشھور هو. وڏو پرهيزگار صاحب علم ۽ عمل ۽ خدائي توفيق ۽ ڏات جو مالڪ هو. تمام وڏي ڄمار کي رسي 1167ھہ ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.“(35)

(15) مخدوم عبدالرحمان ٺٽوي (1711ع-1761ع
مخدوم عبدالرحمان بن مخدوممحمد هاشم ٺٽوي، ٺٽي ۾ پيدا ٿيو. هيءُ ڀلارو صالح عالم فاضل پنھنجي والد جو صالح فرزند، قرآن جو حافظ، وڏو عالم ۽ صوفي هو. سندس ولادت 16 شوال المڪرم 1131ھہ تي ٿي. پنھنجي والد کان پوءِ سجاده نشينيءَ جو کيس ئي شرف حاصل ٿيو. سندس والد جا مريد سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ ۾ بہ پکڙيل هئا، جنھن ڪري هيءُ بزرگ سنڌ کان ٻاهر مريدن ڏانھن هدات ۽ تلقين لاءِ بہ ويندو هو.“(36)
”هڪ دفعي ڪاٺياواڙ جي علائقي جي ڪوتياڻي ڳوٺ ۾ پنھنجي معتقدن وٽ مقيم هو تہ اتي 51 سالن جي ڄمار ۾ اجل جو قاصد اچي پھتو. 5 ربيع الاول 1182ھہ ۾ هن دنيا فاني مان رحلت فرمائي ويو.“(32)

(16) مخدوم عبداللطيف ٺٽوي (1724ع- 1769ع)
”عالم، فاضل، محدث، فقيہ مخدوم عبداللطيف ولد حضرت مولانا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ولادت 14 شعبان 1144هه. پنھنجي والد بزرگ جي آغوش شفقت ۾ پرورش حاصل ڪيائين. قرآن جو حافظ، حديث جو وڏو عالم هو، فقه ۾ يڪتاءِ روزگار هو. پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ مدرسو سنڀالي ورتائين. مخدوم عبداللطيف بدعات جي رد ۽ حنفي مذهب جي نصرت ۾ ڏاڍو متشدد هو. هن علامہ مخدوم محمد معين ٺٽوي جي ڪتاب دراسات اللبيت جي رد ۾ هڪ وڏو عالمانہ ڪتاب ”الذب الذباب“ لکي پنھنجي علمي فضيلت جو ڌاڪو ويھاريو آهي. پنھنجي والد جي عربي ڪتابن جو ترجمو بہ ڪيو اٿائين. مخدوم عبداللطيف 55 سالن جي ڄمار ۾ 17 ذي القعد 1189ھہ ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو.“ (38)

(17) محمد احسن ٺٽوي (وفات: 1771ع)
ٺٽي جو رهاڪو ۽ محمد عاقل جو پٽ هو. سندس مامو محمد حسن دهلي ۾ رهندو هو. احسن کي شاهي منصب حاصل هو. پيءُ ۽ پٽ ٻئي قرآن جا حافظ هئا. کين عربيءَ تي وڏي مھارت حاصل هئي. ٺٽي ۾ درس ۽ تدريس جوڪم ڪيائون. احسن 1185ھہ /1771ع ۾ فوت ٿيو.“ (39)

(18) ميان محمد ٺٽوي:
ميان احمد ڪتابي جو پٽ هيو. ميان احمد خود بہ وقت جو وڏو علام ۽ استاد هو. ميان محمد والد وانگر علمي مدرسو سنڀاليو. پاڻ نھايت فضيلت ڀريو انسان هو. هن بعد سندس پٽ ميان احمد سندس جاءِ تي گادي نشين بڻيو، جيڪو مخدوم ضياءالدين جي شاگردن مان هو.(40)
”مخدوم عبدالجميل جو پٽ ۽ مخدوم رحمت اللھ جو پوٽو هو. علم منقول نامي مخدوم ضياءُالدين ۽ علم معقول مولوي محمد صادق وٽ پڙهيو. ويھن سالن جي عمر ۾ علمي مدرسو کولي اڪثر شاگردن کي درس ڏنائين.“ (41) هن بزرگ جي ولادت ۽ وفات جون تاريخون نہ ٿيون ملن.
انھن بزرگ هستين ۽ نامور عالمن کان علاوه ٻيا بہ ڪيترائي عالم سڳورا ملن ٿا، مگر انھن جو احوال اعتبار جوڳو نٿو ملي. هتي صرف انھن نامور عالمن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جو ڪلھوڙن جي ايام ۾ سڄيءَ سنڌ ۽ هند ۾ چرچو هو، ڪلھوڙا دؤر ۾ ٺٽي کان علاوه سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترائي ٻيا بہ عالم، فاضل، شاعر ۽ محقق موجود هيا.

حوالا:
1. همايوني نياز حسين حڪيم ”سنڌ جي طبي تاريخ جدل ٻيو، ڇاپو پھريون 1976، ص.
2. رحميداد خان، مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ڇاپو پھريون، 1958ع مطبوعھ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو حيدرآباد سنڌ، ص. 522
3. مگسي، عبداللھ پروفيسر سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو، ڇاپو پھريون، ص. 144
4. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ”سنڌ جي تاريخ“ (مقالا ۽ مضمون) ڇاپو ٽيون، اپريل 2003ع ص.229.
5. ٺٽوي، مير علي شبير قانعم تحفـﺒ الڪرام، سنڌي ترجمو، ڇاپو ٻيو 1976ع مطبوعھ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ حيدرآباد، ص.164
6. بيگ، مرزا قليچ ”قديم سنڌ“ ڇاپو ٽيون 1921ع، مطبوعھ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ، ص.105
7. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر”سنڌ جي تاريخ (مقالا ۽ مضمون) ڇاپو تيون. اپريل 2003ع، ص.232
8. سنڌ گزيٽيئر، ص 105 اصل حوالو ڊاڪٽر مرحوم بہ سنڌ گزيٽيئر جو ڏنو آهي. مطابق 1580ع.
9. ڇٻلاڻي، ايس-پي- ڊاڪٽر ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ڇاپو ٻيو 1968ع، مطوبعھ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ، ص.75
10. تميمي، رسول بخش ”ٺٽو صدين کان (تاريخ) ڇاپو پھريون 2003ع، ص.125 روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
11. ”برنس، اليگيزيندر”سنڌو جو سفر“ سنڌي ترجمو ڀنڀور عطا محمد، ڇاپو ٻيو 1998ع، ص.31 سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
12. مھر غلام رسول، ”تاريخ ڪلھوڙا دؤر“ (جلد ٻيو)، ڇاپو پھريون، 1964ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سنڌ، ص 816
13. انصاري، محمد ابراهيم: ”سنڌ جي تاريخ“، ڇاپو پھريون، جون 1976ع، ص 570
14. مولائي شيدائي، رحيمداد ”تاريخ تمدن سنڌ“ ڇاپو پھريون 1959ع، ص.570
15. انصاري محمد ابراهيم، ”سنڌ جي تاريخ“ ڇاپو پھريون، 1959ع، ص.570
16. ميمڻ عبدالغفور سنڌ ”عظيم سنڌي انسان“ ڇاپو پھريون 1981ع مطوبعھ ماڊرن بوڪ اسٽور لارڪاڻو ص.83-284
17. بيدار، عمرالدين ”اڳوڻا ناميارا سنڌي“ مرتب. ڇاپو پھريون سال 65 مطبوعھ سنڌيڪا اڪيدم، ڪراچي.
18. قاسمي، غلام مصطفيٰ علامہ ”مقالات قاسمي“ مرتب، پروفيسر ڊاڪٽر مظھرالدين سومرو، ڇاپو پھريون، آڪٽوبر 2000ع.
19. ٺٽوي، مير علي شير قانع ” تحفـﺒالڪرام“ سنڌي ترجمو، سال 1976ع، ص.64-563
20. روزانہ ”الوحيد سنڌ آزاد نمبر“ 1936ع.ص.34
21. مڳريو، رفيق احمد ڊاڪٽر ”شيخ محمد حيات سنڌي“ ڇاپو پھريون، جولاءِ 2009ع، ص.309
22. ٺٽوي، مير علي شير قانع “تحفـﺒ الڪرام“ سنڌي ترجمو، ڇاپو ٻيو سال 1976ع، ص.561
23. دين محمد وفاڻي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد ٽيون، ڇاپو پھريون 1968ع
24. قادري، عبدالرسول ڊاڪٽر ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: سوانح ۽ خدمات“ ڇاپو بيو سال 2000ع، ص. 59، ....، 57،60
25. ٺٽوي، مير علي شير قانع “تحفـﺒ الڪرام“ سنڌي ترجمو، ڇاپو ٻيو، سال 1976ع
26. لاکو، غلام محمد ڊاڪٽر ”ڪلھوڙا دؤر“ ڇاپو پھريون 2004ع، ص.367
27. ٺٽوي، مير علي شير قانع ” تحفـﺒ الڪرام“ سنڌي ترجمو ڇاپو ٻيو، سال 1976ع، ص.588
28. ايضا:
29. ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي ”سنڌي ثقافت تي اسلامي اثر“ ڇاپو پھريون، 1989ع، ص.257
30. ٺٽوي، مير علي شير قانع ”مقالات السنڌ“ (فارسي) ڇاپو پھريون، 1957ع، ص.248
31. ٺٽوي، مير علي شير قانع ”تحفـﺒ الڪرام“ سنڌي ترجمو، ص.555
32. لاکو، غلام محمد ڊاڪٽر ”ڪلھوڙا حڪومت“ ص.368
33. ايضا: تنوي، مير علي شير قانع، ”مقالات الشعرا“ ص.78
34. وفائي، دين محمد مولانا ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد پھريون، ڇاپو ٻيو، 1985ع، ص.115-116
35. ايضا:
36. ٺٽو، مير علي شير قانع ” تحفـﺒ الڪرام“س نڌي ترجمو، ص.568
37. لاکو، غلام محمد ڊاڪٽر ” تحفـﺒ الڪرام“ سنڌي ترجمو، ص.561
38. ايضا: صفحو ساڳيو
39. وفائي، دين محمد مولانا ”تذڪره مشاهير سنڌي“ جلد ٻيو، ڇاپو پھريون 1985ع، ص.227
40. قادري، عبدالرسول ڊاڪٽر ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ (سوانح) ڇاپو پھريون، 1988ع، ص.157
41. وفائي دين محمد مولانا، ”تذڪره مشاهير سنڌ“ جلد تيون 1986ع، ص.329.