سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙن جي دؤر جا مخطوطات ــ هڪ جائزو: راجا ”ڏاهر“ عباسي

سنڌ ۾ 1700ع کان 1783ع تائين ڪلھوڙن جي حڪمراني رهي. ان دؤر جي مخطوطن کي ڪلھوڙن جي دؤر جا مخطوطا سڏيو وڃي ٿو. نبي بخش خان بلوچ لغت ۾ مخطوطا لفظ جي معنيٰ قلمي ڪتاب يا لکيل ڪتاب ڄاڻائي آهي. ”ڪلھوڙن جي دؤر جا مخطوطا“ يعني 1700ع کا 1783ع جي دؤر جا ڪتاب، هن دؤر کي ادبي حوالي سان وڏي اهميت حاصل آهي. ڇو تہ پھريون ڀيرو هن دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. هن دؤر جي ڪتابن جي فھرست تمام ڊگهي آهي، جنھن کي ڏهن صفن تي بيان نٿو ڪري سگهجي. پر هن مقالي ۾ ڪتابن کي مختصر الفابيٽڪلي بيان ڪجي ٿو تہ جيئن وڌ ۾ وڌ ڪتابن بابت ڄاڻ ڏئي سگهجي.
آشڪارا: هي سچل سرمست جو پارسي ڪلام آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
ابيات سنڌي: هي ڪتاب خواجه محمد زمان جو آهي. هن ڪتاب جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ ڪيل آهي.
ابيات مثنوي: هي ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي جو لکيل آهي، جنھن ۾ هن پنھنجي مرشدن جي ساراھہ لکي آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
اجارت النجده: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
الرحيق المختوم في وصل اساليدالعلوم: هي ڪتاب مخدوممحمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
السيف الجلي عن سباب النبي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جولکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
الشفاءَ الدائم: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي، هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
الشفاءِ في مسئلہ الراءِ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي، هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
الطريقتہ الاحمديھ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
القول الانور: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
اللئولئوالمڪنون من مدالسڪون: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آ هي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
انتخاب الاڪابر في مرويات للشيخ عبدالقادر: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آ هي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
انڀو: هي تصنيف روحل فقير جي آهي. هن جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ آهي.
بازنامون: هي ڪتاب ميان دائود خان لکيو آهي. هي ڪتاب جانورن جي بيمارين متعلق آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن همايوني جي ڪتاب سنڌ جي طبي تاريخ جلد-2 ۾ آهي.
بدالمنير: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جولکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
بذل القوي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جولکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
بياض هاشمي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
تارنامہ: هي سچل سرمست جو پارسي ڪلام آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
تحفة المغازي بصيع المقازي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
تحفة الخوان في شرب الدخان: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
تحفة الڪرام: هي ڪتاب مير علي شير قانع لکيو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن تي آهي.
تحفة الطاهرين: هي ڪتاب شيخ محمد اعظم جو لکيل آهي. هن ۾ صوفين ۽ شاعرن جو ذڪر آهي. هن ڪتب جو ذڪر مختيار احمد ملاح جي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جديد مطالعو ۾ آهي.
ترصيح الدره: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽو جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
تصيح المدرڪ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
نظم الجواهر بذيل اتحاق الاڪابر: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
تفصير تبارڪ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
تفسير يوسف: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ ڪيل آهي.
تمام العنايت: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
تنقيع الڪلام في تحرير خلق الامام: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ آيل آهي.
تهذيب الاصلاح: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
پريم گيان: هي تصنيف روحل فقير جي آهي، جيڪا هنديءَ ۾ آهي. هن تصنيف جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ ڪيل آهي.
جامع الصنافع: هي ڪتاب حڪيم سيد عبدالڪريم رضويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن همايوني جي ڪتاب ”سنڌ جي طبي تاريخ“ جلد ٻيون ۾ ڏنل آهي.
جامع جفر: هي ڪتاب مرزا احمد جفر جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن همايون جي ڪتاب سنڌ جي طبي تاريخ جلد ٻيون ۾ ڏنل آهي.
جنت النعيم في فضائل قرآن العظيم: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
جامع الازهر: هن ڪتاب جو لکيڪ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آهي. هن ڪتاب جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌي ادب جوتاريخي جائزو ۾ آهي.
جنتل الفردوس: هي ڪتاب مولانا محمد عرق نصيرالدين جولکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مختيار احمد ملاح جي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جديد مطالعو ۾ڪيل آهي.
حيات القاري باطراف البخاري: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
حيقتہ الصفا الرا السماءَ المصطفيٰ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
حيات الصائمين: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيو آهي.
حيات القلوب: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيو آهي.
خزانہ اعظم: هي ڪتاب مخدوم عبدللھ جولکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
خلفاءِ راشدين: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
درهم الصره في رقع الدين تخت الصره: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
ذريعتہ الوصرل اليٰ جناب الرسول: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
دبع شڪار عرف راحت المومنين: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيو آهي.
راز نامہ: هي ڪتاب سچل سرمست جو پارسي ڪلام آهي. هن جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
رسالہ سچل جلد 1: هي سچل سرمست جو ڪلام آهي. هن جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
رسالہ سچل جلد 2: هي ڪتاب سچل سرمست جو ڪلام آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
رسالہ في مسئلہ الشڪر: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
رسالہ في وجوه قرآن ومد اهل الڪتاب: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
رشعات الفنون: هي ڪتاب مير امين الدين خان لکيو آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن همايوني جي ڪتاب سنڌ جي طبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
رهبر نامہ: هي سچل سرمست جو پارسي ڪلام آهي. هن جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
زاد السفينہ: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
سنڌي ڪلام ۽ ابيات: هي ڪتاب مخدوم عبدالرحيم شھيد گروهڙيءَ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
سڱ نامون: هي ڪتاب مخدوم حافظ عباللھ نرائي جو لکيل آهي.هن ڪتاب جو ذڪر مختيار احمد ملاح جيڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو ۾ آيل آهي.
سيرستان: هي ڪتاب پارسي ڪتاب قصص الانبياءَ جو ترجمو آهي. هن جو مترجم مولوي محمد حسين مرحوم آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بيان آهي.
شاھہ جو ڪلام: شاھہ عبداللطيف دنيا جو عظيم ڏاهو انسان آهي، جنھن جو فلسفو انسان جي بنيادي تعليم لاءِ ضروري آهي. هن عظيم فلاسافر پنھنجي ڪلام کي ٽيھن سرن ۾ ورهايو آهي ۽ هن جي انھن ٽيھن سرن تي گڏي سڏي شاھہ جو ڪلام چيو وڃي ٿو.
شاھہ عنايت جو ڪلام: شاھہ عنايت ۽ شاھہ لطيف شعر ۾ هڪ ئي رستي تي هليا آهن. اها ئي ٻولي، اهائي پابندي، اهائي خيالن جي هڪجھڙائي، هن بہ بيتن کي شاھہ لطيف وانگر مختلف سرن ۾ ورهايو آهي ۽ سنڌ جي عشقيہ داستانن کي شعر ۾ ڪتب آندو آهي. مثلن عمر مارئي، ليلا چنيسر، نوري ڄام تماچيءَ جي قصن کي وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
شجاعت سيد الانام: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
شدالفطاق: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
شھادت امام حسين: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
صاحب ڏنو جو ڪلام: هي ڪلام صاحب ڏنو فاروقي جو آهي. هو شاھہ لطيف جو همعصر ۽ سچل سرمست جو ڏاڏو هو. هن جي ڪلام جو ذڪر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي ڪتاب سنڌي ادب جو تاريخي جائزو ۾ ڪيل آهي.
صفت بھشت: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آهي.
طب دائودي: هي ڪتاب ميان يار محمد جي پٽ ميان دائود خان لکيو آهي ڪتاب ماڻھن جي بيماري جي علاج لاءِ آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن جي ڪتاب سنڌ جي طبي تريخ جلد 2 ۾ آيل آهي.
عجائب الحيوانات: هي ڪتاب مير امين الدين خان جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر حڪيم نياز حسن همايوني جي ڪتاب سنڌ جي طبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
غايتہ النيل في افئصارا لاتعاق والذيل: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
غزوات: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
غنيتہ الظريف بجمع العرويات واتصائيف: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ آيل آهي.
ذاڪھتہ البستان: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي. هن ڪتاب جو ذڪر مرحوم خانبھادر الحاج محمد صديق ميمڻ جي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ڪيل آهي.
فتح الفضل: هي ڪتاب مخدوم عبدالرحيم گروهڙي جو لکيل آهي.
فتح القوي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
فتح الڪلام: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
فرائض السلام: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
فيض الغني في تقدير صاع النبي: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
قصو سيدنا امير عمر جو اسلام آڻڻ: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي.
قمرالمنير: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي.
قوت العاشقين: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
ڪتاب العظم: هي ڪتاب مخدوم عبدالرئوف جو لکيل آهي.
ڪشف الدين عن مسئلہ رفع الدين: هي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو لکيل آهي.
ڪنزاالعبرت: هي ڪتاب مخدوم عبداللھ جو لکيل آهي.
هنن ڪتابن جي علاوه ٻيا بہ اهڙا سوين ڪتاب آهن، جيڪي ڪلھوڙا دؤر ۾ لکيا ويا، جن کي ڪلھوڙا دؤر جا مخطوطا چئجي ٿو پر انھن جو مستند حوالو نہ ملي سگهيو آهي، ان ڪري جو علمي، ادبي طور تي ڪلھوڙا دؤر سنڌي ٻولي ۽ ادب جو شاهوڪار دؤر رهيو آهي.