سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو ۽ چانڊڪا پرڳڻو: ڊاڪٽر بشير احمد ”شاد“

ڪلھوڙا خاندان جي هن مھان شخصيت متعلق لکڻ کان اڳ اسان اهو معلوم ڪيون تہ ڪلھوڙا عباسي سنڌ ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن وارد ٿيا. تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو تہ اهو مسئلو ڪي قدر متنازعھ آهي. اعجازالحق قدوسي ”تاريخ سنڌ“ (جلد ٻيو) ۾ ٻڌائي ٿو تہ عباسي خاندان ۾ امير سلطان احمد ثاني هڪ رات خواب ۾ حضرت امام زين العابدين جي زيارت ڪئي ۽ کين گذارش ڪئي تہ حڪومت جي حصول ۾ منھنجي مدد فرمايو. حضرت امام کيس فرمايو تہ سنڌ طرف وڃو.
بھاولپور گزيٽيئر ۾ لکيل آهي، شاھہ مزمل جو فرزند سلطان احمد ثاني مصر جي ڇھين عباسي خليفي ابو الفتح المعتضد باللھ ابوبڪر جي عھدِ حڪومت (1326ع- 1370ع) ۾ مصر ڇڏي ڪيچ مڪران جي رستي انھيءَ اميد تي سنڌ آيو تہ کيس دهليءَ جي درٻار ۾ مانُ ملندو. جڏهن تہ حڪيم محمد صادق راڻيپوري جي تحقيق مطابق قائم ۽ احمد نالي ٻہ سڳا ڀائر 873ع ۾ ڪيچ مڪران رستي سنڌ ۾ آيا.
عباسين جي سنڌ ۾ آمد جي مٿين سالن ۾ پورن 500 سالن جو فرق آهي. تنھن جو مطلب اهو ٿو نڪري تہ سلطان احمد ثاني سنڌ ۾ گهڻو پوءِ آيو. ان کان ڪافي اڳ قائم ۽ احمد عباسي سنڌ ۾ پھچي چڪا هئا. خير اسان جو ان سان بحث نہ آهي تہ سنڌ ۾ ڪير اڳ ۾ ۽ ڪير پوءِ آيو. ليڪن هن خاندان جي جن فردن سنڌ ۾ پنھنجو وڏو نالو ڪڍيو ۽ ڌاڪو ڄمايو تن ۾ ٻہ نالا سرفھرست آهن. هڪ ميان محمد آدم شاھہ ۽ ٻيو سندس پوٽو ميان شاهل محمد ڪلھوڙو.
لُبِ تاريخ سنڌ جو مصنف خاداد خان ”تحفة الڪرام“ جي حوالي سان لکي ٿو تہ سنڌ جا ڪلھوڙا حڪمران اصل ۾ نبي ڪريمﷺ جن جي چاچي سائين حضرت عباس رضه جي اولاد مان آهن. پھريائين مڪران ۾ رهندا هئا پوءِ سنڌ ۾ آيا.
ميان آدم شاھہ جو شجرو ڏهن پيڙهين تائين تصديق سان ملي ٿو، جيڪو هن ريت آهي. آدم شاھہ بن گجڻ شاھہ بن مين صاحب بن ميان خان بن ميان طاهر بن ميان راڻو بن ميان ابراهيم بن ميان محمد بن ڄام چنو جيڪو هن گهراڻي جو مؤرث اعليٰ هو.
مولانا غلام رسول مھر ”تاريخِ سنڌ ڪلھوڙا دؤر“ (جلد پھريون) ۾ ميان آدم شاھہ جو دؤر 1520ع کان 1600ع ٻڌايو آهي. ميان صاحب، مير سيد محمد عارف ميران محمد جونپوري کان فيض حاصل ڪيو ۽ پوءِ لاڙڪاڻي جي ڀر سان هڪ ڳوٺ ”هٽڙي“ جنھن کي هٽڙي غلام شاھہ بہ سڏبو آهي ۾ اچي رهيو. ميان آدم شاھہ ڪلھوڙي پنھنجي شخصيت، اخلاق ۽ ڪردار سان وڏو نالو ۽ ناموس پيدا ڪيو. روحاني لحاظ کان بہ هن جو وڏو نالو ڳڻايو وڃي ٿو. جنھن جو عملي ثبوت ”تحفة الڪرام“ مان ملي ٿو. اڪبرِ اعظم جي نون رتنن مان هڪ نواب عبدالرحيم خان خانان ان دؤر ۾ سنڌ کان اچي نڪتو ۽ ميان آدم شاھہ جي روحاني منزلت جي هاڪ ٻڌي وٽس دعا لاءِ آيو. دعا کان پوءِ نذرانو قبول ڪرڻ جو عرض ڪيو. پوءِ نذراني طور ميان صاحب کي چانڊڪا پرڳڻي جي زمينداري حوالي ڪري روانو ٿيو.
چانڊڪو تي اهو نالو ان ڪري پيو جو هن علائقي ۾ چانڊيا قوم جي اڪثريت هئي، کيس چانڊڪو پرڳڻو ڪري سڏيو ويندو هو. چانڊڪو جو علائقو پراڻي وقت ۾ موجوده لاڙڪاڻي ضلعي سميت قمبر ۽ شھدادڪوٽ ضلعي تي مشتمل هو. اها وڏي جاگير انگريز سرڪار جي مدد ڪرڻ عيوض ان وقت چانڊين جي سردار سريمڻ خان کي ملي هئي. هن ڄام نندو جي سپھ سالار دريا خان جي شاھہ بيگ ارغون جي خلاف مدد بہ ڪئي هئي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي واري هن علائقي تي چانڊڪا پرڳڻو نالو پئجي ويو. البتہ لاڙڪاڻي جو شھر گهڻو پوءِ ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي جي زماني ۾ وجود ۾ آيو.
عبدالقادر خان ”تاريخ ديره غازي خان“ (جلد اول) ۾ ميان آدم شاھہ جي ديني مسلڪ جي حوالي سان لکي ٿو. ”ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو مھدوي تحريڪ ۽ طريقت سان وابستہ هو. سيد محمد جونپوري مھدوي برادريءَ کي ”دائري“ جو نالو ڏنو هو. جيڪو مڪمل مساوات جي علامت آهي. سندس دائري ۾ وڏي ننڍي ۽ امير غريب جو امتياز ڪونہ هو. مريد دائري ۾ اجتماعي زندگي بسر ڪندا هئا ۽ زندگيءَ جي ضرورت جون شيون پاڻ ۾ برابر برابر ورهائي کڻندا هئا. ميان آدم شاھہ بہ دائري جي طريقي تي عمل پيرا هو ۽ سرڪاري ڍل يا محصول ڏيڻ کان منحرف هو.“
سيد سبط حسن ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“ ۾ رقم طراز آهي.
”ميان آدم شاھہ زمين جي گڏيل ملڪيت کي سياسي قوت حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو. کيس جيڪا بہ زمين خالي يا غير آباد ملي ان تي مريدن جي مشترڪھ استعمال لاءِ قبضو ڪندو هو.“
ميان آدم شاھہ کان پوءِ شاھہ عنايت شھيد بہ انھيءَ اصول تي عمل ڪيو ۽ هن ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جو نعرو ڏنو. جيڪو اصول دائري واري اصول سان مطابقت رکي ٿو. جنھن ڪري جاگيردارن کي پنھنجو مستقبل اونداهو نظر آيو ۽ هنن شاھہ عنايت کي بہ ميان آدم شاھہ وانگر شھيد ڪرائي ڇڏيو.
ميان آدم شاھہ جي وڌندڙ طاقت، مانَ مرتبي ۽ مڃتا سبب تَرَ جا زميندار ميان جا مخالف ٿي پيا. کين پنھنجي معتبري خطري ۾ نظر آئي. آخر انھن پنھنجو اثر رسوخ استعمال ڪري بکر جي مغل گورنر جا ڪَنَ ڀريا. چيو وڃي ٿو تہ بکر جي گورنر خود پنھنجي لاءِ بہ ميان صاحب کي خطري جو سبب سمجهيو. جنھن ميان آدم شاھہ کي قيد ڪرائي ملتان موڪلي ڇڏيو. جتي قيد خاني ۾ ئي ميان جو جسد خاڪي وڃي پنھنجي ربّ سان مليو. اهو 1592ع وارو سال ٻڌايو وڃي ٿو.
”تحفة الڪرام“ ۾ اچي ٿو تہ ميان آدم شاھہ ملتان جي حاڪم جي ڪوٽوال شاھہ محمد کي وصيت ڪئي هئي تہ سندس وفات کان پوءِ کيس سکر ۾ دفن ڪيو وڃي. اسيريءَ واري وقت ۾ ميان آدم شاھہ ڪوٽوال شاھہ محمد کي ڪافي روحاني فيض رسايو هو، تنھن ڪري شاھہ محمد، ميان صاحب جي ان وصيت تي عمل ڪيو ۽ ميان جي وفات بعد سندس ميت سکر کڻائي آيو ۽ هڪ ٽڪريءَ تي دفنايو جنھن کي بعد ۾ آدم شاھہ جي ٽڪري سڏيو ويو.
ميان آدم شاھہ جا ٻہ پٽ ميان ابراهيم ۽ ميان دائود هئا. ميان کان پوءِ سندس پٽ دائود مسند نشين ٿيو. دائود جي زماني ۾ ڪوبہ غير معمولي واقعي رونما ڪونہ ٿيو. ميان دائود جو مقبرو هٽڙي جي قريب موجود آهي.
ميان دائود پنھنجي پٺيان ٻہ فرزند ڇڏيا جن مان هڪ ميان الياس محمد ۽ ٻيو ميان شاھہ علي عرف شاهل محمد هيو. ميان الياس پنھنجي والد بزرگوار جي گادي سنڀالي پر ڪو خاص ٻوٽو ڪونہ ٻاريو، سندس وفات کان پوءِ ميان شاھہ علي عرف ميان شاهل محمد جوابداريون سنڀاليون.
ميان شاهل محمد جي شخصيت گهڻ پھلو نظر اچي ٿي، هڪ طرف هو زرعي ماهر هو، جنھن جو ثبوت اهو آهي جو هن قدرتي گهاٽ يا ڦاٽ کي مھارت سان کوٽائي وسيع ڪيو ۽ آبپاشي جو هڪ بھترين وسيلو بڻائي ڇڏيو، اهڙي وهڪري کي گهاڙ واھہ جي نالي سان سڏيو ويو، جنھن جا چٽا چوکا اهڃاڻ اڃا تائين موجود آهن. ميان صاحب جو اهو غير معمولي ڪارنامو ۽ سهڻي خدمت ليکي ويندي.
گهاڙ واھہ جي ٻنھي ڪنارن تي بھترين زمينون ۽ باغات هن وقت تائين ميان شاهل محمد جي بي لوث خدمت جي ساک ڏئي رهيا آهن. ان دؤر ۾ اهي زمينون هتان جي مقامي قومن ابڙن ۽ سانگين جي قضي ۾ هيون. ميان شاهل محمد اهي زمينون مذڪوره قومن کان ڇڏائي پنھنجي قبضي ۾ ڪيون.
ميان صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار جي متعلق ”لُبِ تاريخ سنڌ“ جو مصنف مرحوم خداداد خان لکي ٿو: ”ميان شاھہ علي تمام متقي ۽ پرهيزگار انسان هو. ’تاريخ سنڌ ڪلھوڙا دؤر‘ جو مصنف مولانا غلام رسول مھر ميان شاهل محمد جي اعليٰ صلاحيتن ۽ ڪردار متعلق رقم طراز آهي: ’ميان شاهل محمد وڏي پايي جو بزرگ هو، ان کان سواءِ منجهس عمراني ۽ انتظامي صلاحيتون اعليٰ پيماني تي موجود هيون.‘“
جيئن تہ ميان صاحب سانگين ۽ ابڙن کان زمينون وٺي پنھنجي قبضي ۾ ڪيون هيون، تنھن ڪري ٻنھي قومن سان سندس معرڪھ آرائي ٿيندي پئي رهي، جيتوڻيڪ اهي ٻئي قومون ميان صاحب جي مريدن ۾ شامل هيون پر ملڪت جي چڪر ۾ هنن پيري مريدي جا تعلق وساري ڇڏيا. چيو وڃي ٿو تہ ڄام صديق ۽ جلال خان ابڙي ٻين زميندارن سان گڏجي ميان صاحب سان ڪيترائي مقابلا ڪيا. آخر بکر جي حاڪم جي مدد سان 1657ع ۾ ميان شاهل محمد کي شھيد ڪرايو. ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي 1188ھہ ۾ ميان جي مرقد مٿان خوبصورت مقبرو جوڙايو، هي مقبرو لاڙڪاڻي کان ڪجهہ مفاصلي تي گهاڙ جي ڪناري اڄ بہ موجود آهي.
ڏٺو وڃي تہ تاريخ ٻنھي بزرگن (ميان آدم شاھہ ۽ ميان شاهل محمد) لاءِ ڄڻ اهڙو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تہ جيئن هو فقط هتان جي زمينن تي غاصبن وانگر قبضو ڪرڻ لاءِ آيا هجن، جيڪا ڳالھہ اهڙن برگزيده بزرگن جي ڪردار ڪشي برابر آهي، جڏهن تہ هڪ طرف اهي ئي تاريخدان انھن کي متقي، پرهيزگار ۽ وڏي پايي جو بزرگ قرار ڏين ٿا، تہ پوءِ اهڙن متقي ۽ پرهيزگار بزرگن جي مٿان ان قسم جي الزام تراشي ڪھڙي معنيٰ رکي ٿي! ٻنھي صاحبن جي معتقدن ۽ مريدن جو حلقو وسيع هو ۽ مخالفت ڪرڻ وارا بہ سندن مريد هئا تہ پوءِ اهڙو تاثر ڏيڻ بلڪل غلط آهي. منھنجي نظر ۾ انھن اختلافات جا اسباب ميان صاحب جن جي عام و خاص ۾ غير معمولي مقبوليت ئي هئي، جيڪا تَرَ جي زميندارن کي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندي ٿي رهي.
بھرحال مذڪوره مسئلو بحث طلب آهي. اُميد تہ اسان جا تاريخ نويس ۽ محقق ان سلسلي ۾ پنھنجي قلم جا ڪونتل ضرور ڪُڏائيندا.

جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو:
• ”تاريخِ سنڌ“ (جلد ٻيو)“ اعجازالحق قدوسي
• ”لُبِ تاريخ سنڌ“: خداداد
• ”تحفة الڪرام“
• ”تاريخِ سنڌ ڪلھوڙا دؤر“: مولانا غلام رسول مھر
• ”تاريخ ديره غازي خان“ (جلد اول): عبدالقادر خان
• ”پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا“: سيد سبط حسن
• ”لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو“: مرتب: ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ