ميان محمد دائود خان عباسي: ڪلھوڙا دؤر جو هڪ نامور سپہ سالار: محمد پنھل ڏهر
مولانا اعجاز الحق قدوسي، هن جي علمي اهميت ۽ فياضي متعلق لکي ٿو تہ، ”حقيقت هيءَ آهي تہ هن جي شاعري کان زياده سندس علم ۽ فضل جو پلڙو ڀاري آهي. هو خود بہ صاحب علم ۽ فضل هو ۽ ان سان گڏ معارف نواز ۽ عالم پرور امير هو.... طب تي هن کي پوري دسترس حاصل هئي.“(3) غلام رسول مھر، ميان صاحب جي علمي مرتبي متعلق لکي ٿو تہ ”محمد دائود عباسي، ڪلھوڙا خاندان ۾ علم ۽ فضل جي اعتبار کان سڀ کان مٿانھون هو. اهل علم جي پرورش ۽ بزرگ داشت جو مرڪز هو.“(4)
ڊاڪٽر ظهورالدين احمد، هن جي انتظامي ۽ علمي ڪارنامن متعلق لکيو آهي تہ، ”هو حڪومت نظم ۽ نسق سان گڏوگڏ علم ۽ ادب سان بہ دلچسپي رکندو هو. هو علم ۽ فن جو سرپرست ۽ فياض هو.“(5) ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، هن جي بھادري متعلق لکيو آهي تہ ”تلوار بازي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو، تنھن ڪري ميان يار محمد ڪيترين ئي جنگين ۾ ميان دائود جي سربراهي ۾ جنگي جوڌا موڪليندو هو.“(6) ڊاڪٽر غلام محمد لاکي، هن جي علمي ادبي ۽ طبي ڄاڻ متعلق لکيو آهي تہ ”ميان نور محمد خان سان صلح کانپوءِ محمد دائود عالمن ۽ اديبن جي صحبت اختيار ڪئي.... هيءُ پنھنجي دؤر جو وڏو طبيب بہ هو.“(7) هيٺ سڀ کان پھريائين ميان دائود خان جي جنگي ڪارنامن ۽ سندس انتظامي نظم و نسق جو تفصيلي جائزو پيش ڪجي ٿو.
ميان دائود محمد خان جو قلات ۾ يرغمال طور رهڻ، فرار ٿيڻ ۽ آزاد ٿيڻ
ميان محمد دائود خان جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ پھريون ڀيرو ان وقت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جڏهن سن 1111هه/1700-1699ع ۾ ملتان جي حاڪم شھزادي معز الدين، ميان دين محمد ڪلھوڙي کي بغاوت ۽ شورش جي الزام هيٺ گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ ملتان وٺي ويو ۽ اتي ميان دين محمد کي مارائي ڇڏيائين. شھزادي معزالدين، ميان دين محمد جي گرفتاري بعد هڪ فوج سندس لاڳاپيدارن جي گرفتاري لاءِ مقرر ڪئي هئي. ميان دين جو وچون ڀاءُ ميان يار محمد پنھنجي خاندان جو سربراھہ هو. هو پنھنجو پاڻ کي شھزادي جي حوالي ڪرڻ تي آماده نہ ٿيو ۽ شاهي فوج سان مقابلو ڪيائين. ميان يار محمد هڪ طرف شاهي فوج سان مقابلي جو سلسلو جاري رکيو ۽ ٻئي طرف پنھنجي سموري اهل عيال ۽ لاڳاپيدارن کي وطن (سنڌ) مان ڪڍي اولھہ طرف ڪنھن محفوظ جاءِ تي پھچائي ڇڏيو. جڏهن کيس اطمينان ٿي ويو تہ هو هاڻي فڪري جي حدن کان ٻاهر نڪري چڪو آهي، تڏهن ميان يار محمد پوئتي هٽندو هٽندو قلات پھچي ويو ۽ اتي پنھنجي قيام جو بندوبست ڪيائين. ميان يار محمد جڏهن شروع ۾ قلات ۾ بروهين وٽ پھتو تہ بروهي سندس مقابلي لاءِ سنبري آيا. ٻنھي جي وچ ۾ هڪ سخت لڙائي لڳي، جنھن ۾ بيخبريءَ ۾ پنھنجي فوج جي ئي گولي لڳڻ سان قلات جو حاڪم محراب خان بروهي مارجي ويو. آخرڪار ميان يار محمد قلات جي بروهين سان صلح ڪيو ۽ پنھنجا ٻہ پٽ ميان نور محمد ۽ ميان دائود خان بروهين وٽ يرغمال طور پيش ڪيا جنھن ڪري کيس خاندان سميت اتي رهائش جي اجازت ڏني ويئي.(8)
ميان دين محمد خان جي قيد ٿي وڃڻ کانپوءِ جڏهن شاهي فوجن جي خوف کان ميان يار محمد خان سنڌ کي ڇڏي ٻاهر هليوويو تہ ان سموري واقعي جي تفصيل روئيداد ”محمد سعيد ڌوار“ هن ريت بيان ڪئي آهي تہ ”ان بعد ميان يار محمد پنھنجي خاندان جي سڀني ماڻھن سان گڏ ڪرخ ۽ ڪچلو جي علائقي ۾ پناھہ ورتي. انھيءَ موقعي تي شھزادي معزالدين هڪ فرمان قلات جي حاڪم محراب خان ڏانھن موڪليو تہ هو يار محمد ۽ سندس خاندان کي بلوچستان جيي حدن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي گرفتار ڪري ملتان پھچائي. تنھنڪري خان محراب خان هڪ مختصر قبائلي لشڪر وٺي انھيءَ هنڌ پھتو ۽ ميان صاحب کي پيش پوڻ لاءِ چيائين ليڪن ميان صاحب پيش پوڻ لاءِ تيار نہ ٿيو ۽ خان کي چيائين تہ کيس گرفتار ڪرڻ جي بجاءِ ايران وڃڻ ڏنو وڃي. آخرڪار نوبت جنگ تائين وڃي پھتي. بدقسمتيءَ سان انھيءَ لڙائي دوران مير محراب خان کي پنھنجي ئي لشڪر مان هڪ گولي لڳي جيڪو ٽن ڏينھن کان پوءِ فوت ٿي ويو. انھيءَ حادثي کان پوءِ مير محراب خان جو جانشين مير سمندر خان، ميان يار محمد خان ۽ سندس عزيز اقارب کي قلات وٺي ويو.“(9) ميان يار محمد خان جڏهن پنھنجي اهل عيال سان گڏ ٻنھي فرزندن نور محمد خان ۽ دائود خان کي يرغمال طور سمندر خان جي حوالي ڪري ڏنو تہ پوءِ ميان يار محمد خان کي آزادي ملي وئي.
هي سن 1111هه/1699ع-1700ع جو واقعو آهي. ميان صاحب قلات ۾ تقريباً ٻہ سال گذاريا. (10) انھيءَ يرغماليءَ واري عرصي ۾ ميان نور محمد ۽ ميان دائود خان کي وڏي پريشاني ڏسڻي پيئي. قلات جي خانن ميان صاحب جي پٽن ۽ عورتن کي تڪليف رسائڻ ۾ ڪابہ ويرم نہ ڇڏي. هو عام ماڻھن وانگر شھر ۾ رهندا هئا، ڪيترا دفعا کين حڪم ڏنو ويو تہ هو پنھنجي گهرن مان لڏي قلعي ۾ رهن. انھن مشڪلاتن جو ٿورو بيان ميان يار محمد خان پنھنجي هڪ خط ۾ هن طرح ڪيو آهي تہ، ”منھنجا پٽ ۽ چار خانوادا هن وعدي خلاف جي انجام تي قلات ۾ رهندا هئا انھن سان سمندر جو سلوڪ سٺو نہ هو. انھن ڏينھن ۾ هن منھنجي پٽن کي حڪم ڏنو تہ پنھنجي گهرن مان نڪري قلعي ۾ اچو. ساڳي وقت عورتن کي بہ پنھنجي جاين مان لڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. جيئن تہ هي طرز عمل عزت ۽ ناموس جي خلاف هو.(11) قلات جي درٻار ۾ ميان صاحب جي اهل عيال ۽ سندس پٽن کي جيڪي تڪليفون آيون، انھن تڪليفن ۽ پريشانين جو سبب محمد سعيد ڌوار ۽ ٻين هيءُ لکيو آهي ته. سن 1113هه/02-1701ع ۾ ميان يار محمد خان جا ٻہ پٽ ميان نور محمد ۽ ميان دائود قلات ۾ يرغمال طور رهائش پذير هئا. مير سمندر خان ۽ وزير آخوند ملا محمد صالح جي حسن سلوڪ شرافت ۽ رواداري ڪري انھن کي گهڻيون سهولتون ميسر هيون، جنھن ڪري هو آزادي سان گهمندا ڦرندا هئا. مٿن ڪابہ پابندي نہ هئي. ٻئي ڀائر انھيءَ آزاديءَ جو غلط فائدو وٺندي اتان ڀڄي نڪتا ۽ جوهان جي رستي بي بي ناني جي طرف وڃي رهيا هئا تہ رستي ۾ خيار لھڙي وٽ اچي رهيا جنھن خان قلات ڏانھن سندن اچڻ جي خبر موڪلي ڏني، جنھن ڪري خان قلات جي سپاهين ٻنھي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ واپس قلات آندو ويو. انھيءَ فراري کان اڳ ۾ ٻنھي ڀائرن کي رهائش لاءِ قلعي کان ٻاهر جاءِ ڏني ويئي هئي ليڪن هاڻي رهائش لاءِ سندن قلعي اندر بندوبست ڪيو ويو جنھن مان اهي خوش نہ هئا ۽ پنھنجي ۽ پنھنجي اهل عيال لاءِ بيعزتي سمجهندا هئا.“(12)
بلوچستان جا مورخ لکن ٿا تہ ”انھيءَ فراري ۽ گرفتاريءَ کان پوءِ دائود خان ۽ نور محمد خان جڏهن سمندر خان بروهي جي اڳيان پيش ٿيا تڏهن هن سندن قتل جو حڪم ڏنو. آخوند محمد صالح گذارش ڪئي تہ قيدين کي قتل ڪرڻ بادشاهن کي نٿو سونھي ۽ جيڪڏهن اها سزا ڏني ويئي تہ بلوچن جي حڪومت جي دامن تي بدنما داغ لڳي ويندو. ان سان گڏ جان بخشي لاءِ آخوند پنھنجي پڳ ڪلھوڙن ڀائرن کي پھرائي پڳ آخوند جي عزت هئي. سمندر خان بروهي کي آخوند جي عزت جو وڏو خيال هو، انھيءَ ڪري دائود ۽ نور محمد جي قتل جو حڪم واپس ورتائين. ڪلھوڙا ڀائرن، سمندر خان کان معافي ورتي ۽ آئنده قلات جي خان جي ماتحت رهڻ ۽ چاليھہ هزار رپيا ساليانو بطور خراج بہ قلات جي خان کي ڏيڻ جو اقرار ڪيائون.“(13) سن 1113هه/02-1701ع ۾ ميان يار محمد ڪلھوڙي جي شھزادي معزالدين سان صلح ٿي ويئي، شھزادي طرفان سبي ۽ ڍاڍر جو علائقو ميان يار محمد خان کي خدا يار خان جو لقب ڏئي سندس حوالي ڪيو ويو ۽ ڪجهہ عرصي بعد وري بکر ۽ سيوستان جي زمينداري بہ ميان صاحب جي حوالي ڪئي وئي ۽ انھيءَ سان گڏ آخرڪار ٻن سالن کان پوءِ 1702ع ۾ شھزادي معزالدين جي مداخلت ۽ حڪم سببان ميان يار محمد جي عزيزن کي قلات جي بروهي حاڪمن وٽان رهائي ملي.(14)
ميان نور محمد خان ۽ ميان دائود خان جي رهائي متعلق مير گل خان نصير لکي ٿو تہ، ”ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مير سمندر خان ٻنھي ڪلھوڙا ڀائرن کي ساڻ ڪري شھزادي معزالدين وٽ ملتان ويو. شھزادو مير سمندر خان جي جوان مردي ۽ وفادارانہ خدمتن مان تمام گهڻو خوش ٿيو. هن شھنشاھہ اورنگزيب ڏانھن مير سمندر خان لاءِ سفارش موڪلي ۽ ڪلھوڙن لاءِ بہ معافي طلب ڪئي. اورنگزيب عالمگير، مير سمندر خان کي خدمتن ڪري نوازيو ۽ شھزادي ڏانھن حڪم صادر ڪيائين تہ مير سمندر خان کي هڪ لک رپيا نقد انعام طور ڏنا وڃن، انھيءَ کان سواءِ ڪراچي جي بندرگاھہ بھ، مير محراب خان جي خون بھا عيوض ڪلھوڙن کان وٺي مير سمندر خان جي حوالي ڪئي وڃي ۽ ڪلھوڙا ڀائرن جي رهائي ۽ معافي لاءِ بہ اهو حڪم ڏنو ويو تہ هو سمندر خان سان ڪيل وعدي تي ڪاربند رهندا.“(15) انھيءَ رهائي متعلق محمد سعيد ڌوار لکيو آهي تہ، ”آخرڪار جڏهن هندستان جي بادشاھہ طرفان سنڌ جي حڪومت ميان يار محمد خان کي ملي تہ ٻنھي ڀائرن کي بہ واپس وڃڻ جي اجازت ڏني ويئي ۽ انھيءَ جي عيوض چاليھہ هزار رپيا ساليانہ قلات جي حاڪم مير سمندر خان کي ۽ ٻہ هزار رپيا آخوند محمد صالح کي ملندا هئا.“(16) بلوچستان جي ڪيترن ئي مورخن جھڙوڪ آخوند محمد صديق، مير گل خان نصير ۽ جسٽس خدا بخش خان بجاراڻي مري وغيرہ سڀني اهو لکيو آهي تہ ”شھزادي معزالدين، ميان نور محمد خان ۽ ميان دائود خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندن پيڇو ڪيو. جنھنڪري هو سنڌ کي ڇڏي قلات وڃي پھتا.“(17) بلوچي مورخن جي اها کليل غلطي آهي ڇاڪاڻ تہ شھزادي معزالدين،، ميان يار محمد خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس فوج سان پيڇو ڪيو هو. جنھنڪري شھزادي جي فوج سان ميان يار محمد خان جي لشڪر جو مقابلو ٿيندو رهيو. البتہ ايترو ضرور آهي تہ ميان يار محمد خان جي لشڪر ۾ سندس اهي ٻيئي پٽ ميان نور محمد ۽ ميان محمد دائود خان بہ ضرور شريڪ هوندا ليڪن انھن جو اهو لکڻ سراسر غلط آهي تہ ميان يار محمد خان جي بجاءِ، شھزادي معزالدين سڌو سنئون ميان نور محمد خان ۽ ميان دائود خان ۽ سندس لشڪر جو پيڇو ڪيو ۽ مقابلو ڪيو.
ملتان جي حاڪم شھزادي معزالدين جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ سندس لشڪر جو ميان يار محمد خان ۽ سندس ساٿين پٺيان پوڻ جو سبب ميان صاحب جي آزاد خيالي ۽ آڻ نہ مڃڻ هيو، جنھن کي مغل حاڪم بغاوت جو نالو ڏئي ان کي ڪچلڻ ۽ آڻ مڃائڻ لاءِ اهو عمل ڪيو هو، ليڪن بلوچستان جي مؤرخن مان گل خان نصير ۽ ان جي تقليد ڪندي محمد عثمان دموهي انھيءَ حملي جو سبب ميان يار محمد خان جي پٽ ميان دائود خان عباسي ڏانھن هڪ من گهڙت افسانو منسوب ڪندي لکيو آهي تہ، ”سن 1697ع ۾ دائود خان ڪلھوڙي ملڪ باروزئي کان ڌيءَ جو سڱ گهريو. اهو سڱ يعني ملڪ جي ڌيءَ سندس ڀائٽي کي ڏنل هئي جنھنڪري هن سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. دائود محمد ڪلھوڙي حڪومت جي نشي ۾ اچي ڪري هڪ ڏينھن زبردستي سان اها ڇوڪري کڻي هليو ويو. ملڪ ملتان وڃي شھزادي معزالدين وٽ فرياد ڪئي. جيتوڻيڪ شھزادي جي محمد دائود سان گهري دوستي هئي، ليڪن اورنگزيب جي خوف ۽ انصاف جي تقاضا کي سامھون رکندي دائود محمد کي هن لکيو تہ ملڪ باروزئي کي سندس ڌيءَ فورن واپس ڪري ڏي. مگر دائود محمد انڪار ڪيو. معزالدين کان مايوس ٿي، ملڪ باروزئي، اورنگزيب جي حضور ۾ دهلي پھچي ويو ۽ آخرڪار دهلي مان شھزادي معزالدين جي نالي دائود محمد جي موت جو پروانو حاصل ڪري واپس آيو. جنھن ڪري شھزادو معزالدين، دائود محمد کي سزا ڏيڻ لاءِ لشڪر وٺي حملو ڪيو. دائود محمد ۽ نور محمد ڪلھوڙي اگرچه پنھنجي طاقت مطابق معزالدين جي فوج جو مقابلو ڪيو پر شڪست کائي ويا ۽ پوءِ فرار ٿي کيرٿر جي رستي قلات جي حدن ۾ داخل ٿي ويا. شھزادي معزالدين، مير محرب خان بلوچ کي لکيو تہ دائود محمد ۽ نور محمد ڪلھوڙو شھنشاھہ هند کان باغي ٿي سندن علائقي ۾ داخل ٿيا آهن. تنھنڪري انھن کي گرفتار ڪري ملتان موڪليو وڃي. انھيءَ حڪم تي مير محراب خان بلوچ لشڪر سان سندن گرفتاري لاءِ نڪتو. ڪلھوڙا برادران چڪو (جهالاوان) جي مقام وٽ مير محراب جو مقابلو ڪيو. جنگ دوران پنھنجي لشڪر جي طرفان غلطي مان مير محراب کي گولي لڳي ۽ فوت ٿي ويو. ليڪن انھيءَ جي باوجود ڪلھوڙن کي شڪست آئي ۽ ميان نور محمد خان ۽ ميان دائود محمد گرفتار ڪيا ويا.“(18)
سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جي مطالعي مان دائود خان ڏانھن منسوب مذڪوره افسانو هڪ مفروضو ثابت ٿيو آهي. خبر ناهي تہ گل خان نصير اهو مفروضو ڪٿان هٿ ڪيو آهي. هوڏانھن وري بغير ڪنھن ڇنڊڇاڻ جي عثمان دموهي بہ اهو مفروضو لفظ بلفظ مير گل خان نصير جي لکيل تاريخ تان وٺي ڪري پنھنجي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. حالانڪھ اصل ۾ اهو واقعو ميان دائود خان جي بجاءِ ان دؤر جي هڪ مشھور شخصيت بختيار خان سان وابستہ آهي، جنھن کي غلام رسول مھر، راءِ بھادر هتورام جي حوالي سان هن طرح بيان ڪيو آهي تہ ”بختيار خان (جيڪو ان وقت مغل سرڪار طرفان سبي ۽ سنڌ جي ڪجهہ حصن تي حاڪم مقرر هو) جون عادتون ۽ اخلاق ڪري چڪا هئا ۽ بداخلاق ماڻھن جو صحبتي بڻجي چڪو هو. سندس ئي عزيزن مان هڪ شخص هو، جنھن پنھنجي نياڻي جو سڱ پنھنجي ڀائٽي سان ڪري ڇڏيو هو، هو ڪجهہ وقت لاءِ ڪنھن ڪم سان ٻاهر هليو ويو ۽ بختيار خان پويان وجهہ وٺي انھيءَ ڇوڪري کي کڻائي اچي پنھنجي گهر ڇڏيو. هن معاملي جي شڪايت جڏهن ملتان جي نواب شھزادي معزالدين وٽ پھتي، تڏهن هن کيس چوائي موڪليو تہ پنھنجي خاندان جي ماڻھون سان اهڙو قدم کڻڻ بلڪل برو آهي ۽ بھتر ايئن آهي تہ اها ڇوڪري هڪدم عزت ۽احترام سان سندس گهر واپس موڪلي ڏي. بختيار خان، شھزادي جي مشوري ڏانھن ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. آخر هن معاملي جي دانھن جڏهن مرڪز ۾ پھتي تڏهن شھزادي کي اتان حڪم پھتو تہ هن بدترين ڏوھہ جي تلافي جو بندوبست ڪيو وڃي. شھزادي، بختيار خان کي ٻيھر پيغام موڪليو، مگر بختيار خان غفلت جي ننڊ مان بيدار نہ ٿيو. تڏهن شھزادي فوج وٺي مٿس حملو ڪيو ۽ انھيءَ لڙائيءَ ۾ بختيار خان مارجي ويو.“(19)
انھيءَ واقعي جي اصل حقيقت کي مٿي عيان ڪري ۽ ميان دائود خان سان منسوب انھيءَ مفروضي کي رد ڪندي غلام رسول مھر هڪ ٻي جاءِ تي لکي ٿو تہ ”تازو مير گل خان نصير، بلوچستان جي جيڪا تاريخ شايع ڪئي آهي، تنھن ۾ هن واقعي کي بختيار خان جي بدران ميان دائود ۽ يار محمد ڪلھوڙي سان منسوب ڪيو آهي ۽ اهو سن 1697ع جو واقعو ڪري ڏيکاريل آهي. هي بلڪل غلط آهي. اهو بہ غلط آهي تہ شھزادي معزالدين دائود ۽ نور محمد سان جنگ ڪئي ۽ شڪست کائي قلات ڏانھن هليو ويو. دائود ۽ نور محمد پنھنجي والد سان گڏجي سنڌ مان نڪتا هئا.(20)
ميان دائود خان جو پنھنجي والد طرفان سبيءَ جو ناظم مقرر ٿيڻ
سنڌ جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو تہ جڏهن ميان يار محمد خان جي شھزادي معزالدين جي شاهي لشڪر سان چپقلش ۽ لڙائي هلي رهي هئي تہ ان وقت ميان محمد دائود خان عباسي بلڪل نوجوان هو. هن انھن مقابلن ۾ پنھنجي والد سان گڏ ڀرپور حصو ورتو. ميان محمد دائود خان پنھنجي والد جي زندگيءَ ۾ يعني نوجواني واري دؤر ۾ هڪ نامور سپھ سالار سان گڏ، ملڪي معاملن يعني سياسي ۽ انتظامي امور کان بہ چڱي طرح واقف هو. تحفة الڪرام جو بيان آهي تہ، ”سبي ۽ ڍاڍر جي حڪومت ملڻ کان پوءِ ميان يار محمد خان پھريائين پنھنجي ڀاءُ مير محمد خان کي سبي جي حفاظت تي مقرر ڪيو ۽ پوءِ اهو ڪم پنھنجي پٽ دائود جي حوالي ڪيائين. سبيءَ تي دائود خان جي مقرري دوران رحيم پرانگ ۽ دولت خان پڻي، سبيءَ تي حملو ڪيو.“(21)
انھيءَ حملي متعلق خود ميان يار محمد خان هڪ خط ۾ لکيو آهي تہ، ”مون پنھنجي پٽ کي سرحدي لڪن جي حفاظت لاءِ روانو ڪيو هو، اتفاق سان سبيءَ ۾ بخار جي عام وبا ڦهليل هئي ۽ ڪوبہ شخص ان کان محفوظ نہ رهيو هو. منھنجو پٽ بہ بخار ۾ وٺجي پيو. جڏهن مرض تمام شديد صورت اختيار ڪئي تہ هو واپس موٽڻ تي مجبور ٿي پيو. اڃا رستي ۾ ئي هو تہ رحيم پرانگ، يوسف ۽ دولت خان پڻي ٻين افغانن کي پاڻ سان ملائي فساد جو ارادو ڪيو. هو آڌي رات جو ڪاٺ جي ڏاڪڻين وسيلي سبيءَ جي قلعي ۾ پھچي ويا. اسان جا ماڻھون جيڪي اتي موجود هئا، اهي مرض جي شدت سبب مضبوطي سان مقابلو نہ ڪري سگهيا ۽ قلعي کان ٻاهر نڪري ويا. مون پنھنجي ٻئي پٽ کي فوج ڏيئي روانو ڪيو تہ وڃي افغانن جي فساد کي بند ڪري. هن پھريائين ڍاڍر جي قلعي کي گهيرو ڪيو، سخت لڙائي لڳي ۽ ان ۾ ٻارهن ماڻھو مارجي ويا. منھنجو پٽ زخمي ٿي پيو، سندس سواري جي ٻن گهوڙن جي گردن تي سخت زخم رسيا، ستر ماڻھو ڦٽيا ۽ ويھہ گهوڙا مارجي ويا يا زخمي ٿيا. رحيم، يوسف، سندس ڀاءُ گوهر ۽ پنجو، جيڪو افغانن جو سردار هو سي پنھنجي ڪيترن ئي ساٿين سان ميدان ۾ مارجي ويا. هيءَ حالت ڏسي سبزل خان ۽ دولت خان پناھہ گهري ۽ لڙائي ختم ٿي ويئي. رات جي وقت اهي ماڻھو وجهہ وٺي ڀڄي نڪتا. سندن پيڇو ڪيو ويو، ڀاڄ ۾ بہ سندن ڳچ جيترا ساٿي مارجي ويا. بھرحال خدا جي فضل سان ٻيئي قلعا واپس اسان جي قبضي ۾ اچي ويا.“(22)
غلام رسول هڪ ٻئي خط جي حوالي سان لکيو آهي تہ ”ميان صاحب جو فرزند سبيءَ ۾ ايتريقدر بيمار هو، جو سبيءَ کان پاڻ کي پالڪي ۾ کڻائي موٽيو هو ۽ هن جي غير حاضري ۾ قلعي تي حملو ٿيو هو. ياد رکڻ گهرجي تہ هي واقعو سنہ 1119-1120هه/1708ع ۾ ٿيو هو.(23) مٿئين اقتباسن مان معلوم ٿئي ٿو تہ سبيءَ ۽ ڍاڍر جي انھيءَ لڙائيءَ ۾ سخت بيماريءَ جي ڪري ميان دائود خان شامل نہ هو ۽ سندس جاءِ تي ٻئي ڀاءُ دشمن سان ٽڪر کائي انھن کي شڪست فاش ڏني ۽ قلعي تي وري قبضو ڪري ورتو. مگر صاحب ”تبصرت الناظرين“ جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو معرڪي ۾ ميان دائود خان موجود هو ۽ پاڻ انھيءَ لڙائيءَ ۾ مردانگي جا جوهر ڏيکاريائين ۽ دشمن تي فتح حاصل ڪري والد کان انعام حاصل ڪيائين. هاڻي اها خبر نٿي پئجي تہ سبي ۽ ڍاڍر جي قلعي تي اهو حملو ساڳيو آهي، جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي يا ٻيو حملو آهي؟ راقم جي خيال موجب سبي ۽ ڍاڍر جي قلعي تي افغانن پاران هي ٻيو حملو هو جنھن جي اڳواڻي رحيمداد خان افغان ڪري رهيو هو. ڇاڪاڻ تہ مٿي بيان ڪيل حملي ۾ انھيءَ افغان سردار جونالو بہ ڪٿي نظر ڪونہ ٿو اچي ۽ تبصرت الناظرين ۾ انھيءَ حملي جو سال بہ 1125ھہ ڄاڻايل آهي جڏهن تہ مٿئين حملي جو سال 1119-1120ھہ لکيو ويو آهي.
انھيءَ حملي متعلق تبصرت الناظرين جي صاحب لکيو آهي تہ ”هن سال شڪارپور جي آسپاس ۽ نوشھري جي زميندار رحيمداد افغان، جبل جي زميندارن جي مدد سان وڏو لشڪر وٺي سيوي قلعي ۽ ڍاڍر تي حملو ڪيو ۽ قبضو ڪري ورتو. انھن قلعن جي نگران ميان يار محمد جڏهن اها خبر ٻڌي تہ پنھنجي پٽ دائود خان کي وڏو ڪٽڪ ڏيئي روانو ڪيو تہ سيوي قلعي کي زور ۽ زبردستي سان رحيمداد افغان جي قبضي ما ڇڏائي. دائود خان ڪٽڪ سميت سيوي قلعي وٽ پھتو تہ رحيمداد افغان بکايل شينھن وانگر جنگ ڪرڻ لاءِ سامھون آيو. دائود خان حڪمت عملي سان لشڪر کي ساڄي کاٻي ترتيب سان صفن آميزا ڪيو پوءِ گهمسان جي لڙائي ۽ مار ڌاڙ شروع ٿي. مطلب تہ دائود خان جو اللھ مددگار سندس تقدير رهنما توفيق شامل حال، فتح ۽ ڪاميابي ورونھن ۽ بخت ساٿ هو. ان ڪري لڙائي ۾ دائود خان جو پُڙ ڳرو ٿيڻ لڳو ۽ رحيمداد ڀاڄ کائڻ لڳو. انھن کي ڀڄڻ هرگز فائدو نہ ڏنو. موت کان ماڻھو ڪيڏانھن ڀڄي سگهندو. آخرڪار رحيمداد افغان ۽ سندس لشڪر لڙائي جو ميدن خالي ڇڏي شڪست کائي، پويان پير ڪري ڀاڄ کاڌي ۽ دائود خان ڪلھوڙي جو لشڪر ڪامياب ٿي، انھن ڀاڄوڪڙن جي پٺيان لڳو. بھرحال دائود خان، رحيمداد افغان تي فتح حاصل ڪري خدا جي درٻار۾ شڪراني جو سجدو بجا آندو ۽ ڪامياب ٿي پنھنجي پيءَ يار محمد خان ڪلھوڙي وٽ واپس آيو. ميان يار محمد پنھنجي پٽ دائود خان کي ڀلو گهوڙو، خاص تلوار ۽ جڙائودار خنجر انعام ڏئي خوش ڪيو. (24)
صوفي شاھہ عنايت جي شھادت واري جنگ ۾ ميان دائود خان جي شرڪت
سن 29-1130هه/17-1718ع ۾ دهلي جي مغل سرڪار پاران مقرر ٺٽي جي نواب اعظم خان ۽ شاھہ عنايت جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنھن ۾ شاھہ عنايت شھيد ٿي ويو. انھيءَ لڙائي ۾ نواب اعظم خان جي لشڪر سان گڏ مغل سرڪار جي حڪم تحت ميان يار محمد ڪلھوڙو پاڻ ۽ سندس ڪجهہ هزار جنگجو بہ شامل ٿيا هئا. ميان يار محمد جي انھيءَ جنگجوئن جي لشڪر ۾ ٻين سان گڏ سندس پٽ ميان محمد دائود خان جو نالو بہ سرفھرست نظر اچي ٿو. ميان يار محمد خان ڪلھوڙو، جيڪو بادشاھہ دهلي جي حڪم سان ان لڙائي ۾ بذات خود شريڪ هو، تنھن ميدان جنگ مان پنھنجي پٽ ميان نور محمد خان ڏانھن هڪ خط لکيو جنھن ۾ جنگ جي ڪيفيت ۽ ميان دائود خان ۽ ٻين جي انھيءَ جنگ ۾ شموليت ۽ جنگي ڪارنامن متعلق ڄاڻايو آهي تہ، ”حسن اتفاق سان جنھن وقت هي هنگامو برپا ٿيو هو، گهڻا فقير جيڪي سرڪاري تنبن تي بيٺل هئا ۽ نگهبان هئا. اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ فسادين جي جماعت سرڪاري خيمن جي دروازي تي حملو ڪيو. پر نور چشم ميان دائود ۽ ميان غلام حسين، منھنجو ڀاءُ مير محمد ۽ ٻيا خاص ساٿي بروقت پھچي ويا، جن دليرانہ مقابلو ڪري گهڻن کي جهنم رسيد ڪيو ۽ فتني جي غبار کي تلوار جي پاڻي سان ٺاريو. هن وقت جيڪي ساڄي کاٻي گرفتار ٿئي ٿو، اهو سزا ڀوڳي ٿو. ٻيو سڀ خير ۽ سلامتي آهي. دلجاءِ رکندا، جنگ اڃا باقي آهي. انشاءَ اللھ فسادي کي جلدي بري ڪم جو بدلو ملندو تڪڙ ۾ هي مختصر خط لکيو ويو. ميان دائود جي سواري جي گهوڙي کي منھن تي پنج ڇھہ زخم رسيا آهن ۽ ٻئي جسم تي بہ زخم آيا آهن. اهڙي طرح ميان محمود ۽ ميان غلام حسين جا گهوڙا بہ ڦٽيا آهن. پر الحمداللھ جو پاڻ خير ۽ سلامتي سان آهن.“(25)
انھيءَ جنگ ۾ ميان دائود خان عباسي جي شرڪت ۽ سندس بھادري متعلق ميران سنگ کتري ملتاني پنھنجي هڪ خط ۾ لکي ٿو تہ ”شاھہ عنايت سوچيو تہ قلعي ۾ ويٺي رهڻ مان نتيجو چڱو ڪونہ نڪرندو. ان ڪري هن ٻن هزار ماڻھن کي مقابلي لاءِ موڪلي ڏنو. هنن خدايار خان عباسي (يار محمد خان) جي هاٿي کي گهيرو ڪيو. صاحبزادي دائود خان عباسي ڪجهہ هزار سوارن سان مردانگي سان مقابلو ڪيو ۽ شاھہ جي لشڪر جا ڳچ جيترا ماڻھو مارجي ويا. سبحان اللھ سندس تلوار ذوالفقار حيدري وانگر دوڌاري تلوار هئي، جنھن پنھنجي لشڪر کي ڪامياب ڪيو پر دشمن جو دم بہ پورو ڪيائين. اهي جو ذڪر هڪ فارسي شعر ۾ بہ ملي ٿو جنھن جو ترجمو هت پيش ڪجي ٿو.
”واه وا شير دلير مرد ميدان جا جنھن جي تلوار کان هر طرف خوف ۽ حراس پئجيو وڃي. ان جا تير بہ دشمن لاءِ جنجال ۽ تفنگ بہ دشمن جي جان لاءِ مصيبت آهن. ان جا ڀرون بہ ڪمان وانگر آهن ۽ ان جو منھن جاھہ و جلال جو آئينو آهي ۽ ان جي دل بہ ڪمال جو خزانو آهي.“(26)
مطلب تہ هن جنگي معرڪي ۾ ميان دائود خان عباسي نھايت ئي مردانگي سان وڙهيو. سندس بھادري متعلق غلام رسول مھر لکي ٿو تہ، ”غالبن اهو ئي موقعو آهي، جنھن ۾ دائود خان بھادريءَ جا ڪرشما ڏيکاريا آهن.“(27)
ميان محمد دائود خان جي جنگي ۽ انتظامي ڪارنامن تي هڪ نظر
ميان محمد دائود خان عباسي پنھنجي والد ميان يار محمد خان ڪلھوڙي جي زندگي ۾ يعني سندس حڪومت واري دؤر ۾ جيئن مٿي تفصيل سان ڄاڻايو ويو آهي تہ،
1. دهلي جي مغل سرڪار پاران ملتان جي حاڪم شھزادي معزالدين جي لشڪر ڪشي دوران پنھنجي والد سان گڏ پنھنجي ملڪ (سنڌ) کي ڇڏي، مصيبتون سهندو، دربدر ٿي قلات جي حدن ۾ پھتو.
2. قلات ۾ شھزادي معزالدين جي هُشي تي اتي جي حاڪم مير محراب خان هنن سان جنگ ڪئي جنھن ۾ هيءُ پنھنجي پيءُ سان گڏ بھادري سان وڙهيو.
3. ان بعد سانده ٻہ سال حاڪم قلات وٽ يرغمال طور قيد ۾ رهي، مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو منھن ڏنائين ۽ آخرڪار شھزادي معزالدين جي مداخلت تي آزاد ٿيو.
4. والد طرفان سبي ۽ ڍاڍر جي لڪن جي حفاظت تي مقرر ٿيو، جتي ڪافي عرصي تائين لڪن ۾ رهائش اختيار ڪري، قلعي تي افغانن جي حملن کي مردانگي سان منھن ڏيندو رهيو.
5. ٺٽي جي مغل گورنر نواب اعظم خان جي حڪم تي پنھنجي والد سان گڏ شاھہ عنايت جي شھادت واري جنگ ۾ شريڪ رهيو ۽ نھايت ئي دليري سان وڙهندو رهيو.
6. ڪيترا ئي ڀيرا کيس ملتان بہ موڪليو ويو. ناظمن جي درخواست تي ڌاڙيلن ۽ خونين کي آڻ مڃائڻ لاءِ ويو.
7. پنھنجي والد ميان يار محمد خان ڪلھوڙي جي زندگي جي آخري ڏينھن ۾ يعني سندس وفات وقت ڪنھن خاص ڪم سبب ٺٽي جي طرف ويل هو.
8. ميان نور محمد خان جي تخت نشيني کان پوءِ ميان دائود خان جي مخالفت ميان يار محمد ڪلھوڙو 1131هه/1719ع ۾ وفات ڪري ويو.(39)
ان وقت ميان محمد دائود خان ڪنھن مھم جي سلسلي ۾ ٺٽي ڏانھن ويل هو. والد جي وفات جو ٻڌي واپس آيو. هوڏانھن والد جي وفات کان پوءِ سندس وڏو ڀاءُ ميان نور محمد خان پڳدار ٿيو ۽ کيس مغل سرڪار پاران پنھنجي والد وارن علائقن تي کيس حاڪم مقرر ڪيو ويو. ان وقت ميان دائود خان پنھنجي ڀاءُ ميان نور محمد خان جي خلاف ٿي بيٺو ۽ مخالفت ڪرڻ لڳو. تحفة الڪرام جو بيان آهي تہ ”ميان نور محمد جي ڀاءُ محمد دائود خان ٽن سالن تائين مخالفت جو سلسلو قائم رکيو، ان بعد صلح ٿي.“(30)
ميان نور محمد خان انھيءَ مخالفت جو سبب پنھنجي هڪ خط ۾ هن ريت بيان فرمايو آهي، ”جڏهن والد مرحوم جو انتقال ٿيو تہ منھنجو ڀاءُ ميان دائود ٺٽي جي علائقي ۾ هو، انتقال جي خبر ٻڌي هو اتان هلي پيو. جڏهن شھداد پور پھتو، ڪجهہ خراب صلاحڪار هن جي چوڌاري گڏ ٿيا. انھن مان چند پھريائين هن جا ساٿي هئا ۽ڪجهہ اتي ساڻ ٿيا. انھن کيس اهڙيون مخالفانہ ڳالھيون ٻڌايون جو منھنجو ڀاءُ اتي ئي رهي پيو ۽ مخالفت جو سامان گڏ ڪرڻ لڳو. يعني ضرورت کان وڌيڪ ماڻھن کي نوڪري ۾ رکيائين ۽ هٿيار ڏيڻ لڳو. مون کي اهو اطلاع مليو تہ مون فورن کيس لکيو تہ اهو طريقو وڏن جي روش جي خلاف آهي، توکي گهرجي تہ فورن هت پھچ ۽ تعزيت ۾ شريڪ ٿي. اها ڳالھہ هن جي دل ۾ نہ ويٺي، بلڪہ سندن شڪ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. مون سندس انھن ڳالھين کي ڀاءُ جي اڻڄاڻائي ۽ غلط ماڻھن جي خراب مشوري جو نتيجو سمجهيو، تنھنڪري مون کيس سمجهائڻ لاءِ سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ بزرگ سادات، خاندان جا وڏا ۽ معتبر فقير وٽس موڪليا. اهي ماڻھو ميان دائود ۽ ٻين سڀني ماڻھن کي گڏ وٺي آيا.
دائود مون سان ملاقات ڪئي ۽ خانداني طريقي مطابق بيعت ڪئي. صرف هڪ رات رهڻ کان پوءِ زور رکيائين تہ کيس هٽڙي طرف موڪل ڏني وڃي. حالانڪھ تازو فوتگي جي ڪري اها ڳالھہ مناسب نہ هئي. ليڪن مون کي خيال آيو تہ اگر کيس روڪيو ويو تہ ممڪن آهي هن جي دل ۾ وڌيڪ شڪ پيدا ٿين، تنھنڪري ڄاڻي ٻجهي اجازت ڏني ويئي. هٽڙي پھچي دائود سپاهي ڀرتي ڪرڻ لڳو. قلعي، فيصل ۽ برجن جي تعمير شروع ڪري ڏنائين. کاهي کوٽائي ورتائين ۽ بکر مان جيڪي چند توپون خريد ڪيون ويون هيون، انھن کي برجن تي لڳائي ڇڏيائين. اهو احوال ٻڌي مون هن کي خط ه لکيو ۽ فقيرن هٿان پيغام بہ موڪليو تہ هي ظاهر ۾ منھنجي خلاف جنگ جي تياري آهي، بھتر آهي ٻاراڻي حرڪتن کان باز اچو جنھن جو نتيجو شرمندگي کان سواءِ ڪجهہ بہ نہ نڪرندو. باوجود هن سپاهي، جنگ ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان قلعي ۾ گڏ ڪري ڇڏيو هو، تنھنڪري کيس دماغ ۾ هوا ڀرجي ويئي ۽ منھنجا ماڻھون مايوس واپس موٽي آيا. گهڻو صبر ۽ چشم پوشي بہ مناسب نہ هئي. تنھنڪري مون انھيءَ طرف جي مزارن ڏانھن وڃڻ جو سوچيو، ڇاڪاڻ تہ انھن مزارن تان فيض حاصل ڪرڻ وارو طريقو وڏن جي زماني کان جاري هو. خيال هي هو تہ جيڪڏهن منھنجي ڀاءُ کي توفيق نصيب ٿي تہ ملاقات لاءِ ايندو ۽ عذر پيش ڪندو، ورنہ زيارتن کان پوءِ مان پاڻ هن ڏانھن ويندس. پوءِ جوڪجهہ پيش ايندو، ان کي ڏسي پر ميان دائود رستن تي مورچه بندي ڪري ڇڏي ۽ توبون لڳائي ڇڏيائين. چند بيڪار ماڻھن جي چئي ۾ اچي پنھنجي دؤر انديشي کي خدا حافظ چئي ڇڏيائين. مان جڏهن مورچه بندي وري هنڌ کان ٽن ڪوهن تي پھتس، جيڪو هٽڙي کان اٺن ڪوهن تي آهي تہ اوچتو ميان دائود پاران سيدن هٿان معافي جي درخواست پھتي. انھن ماڻھن قسم کڻي وعدو ورتو ۽ ميان لاءِ امان طلب ڪيائون. انھيءَ وقت اها ڳالھہ طئي ٿي تہ هو چانڊڪي پرڳڻي بجاءِ لاکاٽ پرڳڻي ۾ رهندو. هن ٽن چئن ڏينھن جي مھلت گهري ۽ ڪجهہ ٻيڙين جي درخواست ڪيائين تہ جيئن تيار ٿي لاکاٽ هليو وڃي. بھرحال جنگ جي تياري جي باوجود هن اوچتو هار مڃي ورتي. مون پنھنجي وڏن وانگر صبر کان ڪم ورتو ۽ هن جي غلطين کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن جي موڪليل ماڻھن کي اطمينان ڏياري واپس موڪليو ويو. ٻن ٽن معتبر فقيرن کي بہ هن سان گڏ روانو ڪيو ويو تہ جيئن شرمساري دؤر ٿي وڃي ۽ هو اچڻ ۾ گريز نہ ڪري، بلڪہ جلد اچي.“(31)
انھيءَ سلسلي ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو تہ ”ڪجهہ لڙاين کان پوءِ دائود، ميان نور محمد خان جو فرمانبردار ٿي ويو.“ جڏهن ميان دائود خان اطاعت قبولي، ميان نور محمد خان جي سامھون آيو تہ مير منشي عبدالرئوف بہ موجود هو. خود ميان نور محمد خان لکي ٿو تہ، ”جڏهن معافي ورتائين تہ هن کي ٻيڙي جي ذريعي ۽ سندس ساٿين کي خشڪي جي رستي هٽڙي کان لاکاٽ روانو ڪيو ويو.“(32)
ماثرالامراءَ ٻنھي ڀائرن جي تخت نشيني واري ڪشمڪش متعلق لکيو آهي تہ، ”يار محمد جي اولاد مان ٻہ پٽ هئا، شيخ نور محمد ۽ شيخ دائود. ڪجهہ ڏينھن ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ دنگو فساد رهيو. آخر شيخ نور محمد غالب آيو ۽ پيءَ جو جانشين ٿيو. نور محمد پنھنجي ڀاءُ دائود کي صلح لاءِ طلبيو ۽ کيس ڪجهہ حصو مقرر ڪري ڏنو.“(33)
ميان نور محمد خان سان دائود خان جي انھي چپقلش جو عرصو، مير علي شير قانع ٽي سال لکيو آهي، جنھن جو مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي. انھي متعلق غلام رسول مھر لکي ٿو تہ، ”علي شير قانع، تحفتہ الڪرام ۾ جنھن مدت کي ٽي سال ٻڌايو آهي، اها وڌ کان وڌ ٽي مھينا هئي. صلح وارو اهو واقعو سنہ 1131ھہ يا محرم 29 تاريخ سن 1132ھہ يا بعد واري ڪنھن مھيني ۾ سمجهڻ گهرجي.“(34) جيئن تاريخ ۾ لکيل آهي تہ صلح کان پوءِ ميان نور محمد خان، ميان دائود خان کي لاکاٽ پرڳڻو ڏيئي ڇڏيو، انھيءَ سلسلي ۾ ڊاڪٽر لياقت علي مگسي لکي ٿو تہ، ”هن پوري علائقي يعني نورجا، خچر، دوآبو ۽ جکرا جي پنھور وغيرہ جو انچارج دائود خان هو.“(35) ڊاڪٽر لياقت مگسي جي اها لکت مبھم آهي ڇاڪاڻ تہ سندس لکت مان اها خبر نٿي لڳي تہ ميان دائود خان انھن علائقن جو انچار پنھنجي پيءَ ميان يار محمد خان جي زندگي ۾ هو يا اهي علائقا کيس برادر ميان نور محمد خان صلح بعد ڏنا. واللھ اعلم.
ٻنھي ڀائرن، ميان نور محمد خان ۽ ميان محمد دائود خان عباسي جي انھيءَ صلح کانپوءِ يعني ميان نور محمد خان جي دؤر حڪومت ۾ ٻنھي ڀائرن جا پاڻ ۾ ڪھڙا تعلقات رهيا، انھي دوران ميان دائود خان جو ڪھڙو سياسي ڪردار رهيو ۽ پوءِ سندس سياسي حيثيت ڪھڙي هئي وغيرہ. انھيءَ متعلق ڪنھن بہ ماخذ مان زياده معلومات نٿي ملي. فقط ”نام نفز“ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي تہ جڏهن نادر شاھہ جو ايلچي محمد علي بيگ، ميان نور محمد خان جي درٻار (سنڌ) ۾ آيو ۽ ميان صاحب کي نادر شاھہ طرفان تابعداري قبول ڪرڻ ۽ خراج ڏيڻ جو چيائين. تڏهن نادر جي انھيءَ سفير کي ميان نور محمد خان جيڪو ڌمڪي آميز جواب ڏنو، جنھن ۾ تابعداري نہ قبول ڪرڻ ۽ خراج نہ ڏيڻ کان علاوه اهو بہ چيائينس تہ ”منھنجا پنھنجا عزيز بہ شينھن مڙس آهن، جيئن محمد مراد، خداداد خان، احمد يار خان، غلام شاھہ، عطر خان، غلام نبي ۽ غلام رسول. انھن مان هرهڪ کي ٽيھہ ٽيھہ هزار سپاھہ آهن. منھنجو ڀاءُ دائود خان، غلام حسين، تاج محمد، فضل علي، اهي سڀ مرد دلير ۽ ببر شير آهن. هرهڪ جي هٿ هيٺ ڏھہ ڏھہ هزار سپاھہ آهي.“(36)
ميان نور محمد خان جي انھيءَ بيان مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ”صلح کان پوءِ ٻنھي ڀائرن جا پاڻ ۾ تعلقات خوشگوار هئا ۽ ميان دائود ان کي پنھنجو لشڪر رکڻ جي اجازت هئي، جنھن ڪري وٽس ڏھہ هزار سپاھہ موجود هيس. ميان نور محمد خان جي انھي چوڻ مان اهو بہ معلوم ٿئي ٿو تہ ان وقت ميان دائود خان سندس بلڪل فرمانبردار هو ۽ سندس وقت اچڻ تي مدد ڪرڻ لاءِ پڻ تيار هو.
ميان محمد دائود خان جو اولاد:
سنڌ جي تاريخ متعلق ڪتابن ۽ شاعري جي تذڪرن جي مطالعي مان اسان کي ميان محمد دائودخان جي فقط هڪ پٽ ”محمد علي“ جو نالو ملي ٿو. هي پنھنجي دؤر ۾ فارسي جو هڪ سٺو شاعر هو. سندس تخلص ”عالي“ هو. هن متعلق مير علي شير قانع لکي ٿو تہ، ”هن کي نظم ۽ نثر ٻنھي تي مڪمل دسترس حاصل هئي. خط بہ خوب لکندوهو. زبان ۾ اگرچه گهڻي لڪنت (ٻاتائي) هيس، ليڪن شعر پڙهندو هو تہ اها لڪنت بلڪل محسوس نہ ٿيندي هئي. قانع بہ هن جي صحبت ۾ خاصو وقت گذاريو.“(37)
ميان محمد دائود خان جا يادگار آثار:
ميان محمد دائود خان عباسي پنھنجي دؤر ۾ ڪھڙا يادگار ٺهرايا ۽ آثار ڇڏيا، انھن يادگارن ۽ آثارن متعلق بہ ماخذ خاموش آهن. فقط هڪ يادگار ”مسجد“ متعلق (جيڪا هن ٺهرائي هئي) ڊاڪٽر لياقت علي مگسي لکيو آهي تہ، ”نورجا وٽ وڏي چوڪي ٺهيل هئي. هتي ميان دائود، ميان يار محمد جي پٽ هڪ مسجد پڻ جوڙائي، جيڪا اڄ بہ خستہ حالت ۾ ڪلھوڙن جي ياد تازي ڪري رهي آهي. هن جي جڙاوت پڻ ڪلھوڙن جي ٻين مقبرن ۽ مسجدن وانگر آهي.“(38)
ميان محمد دائود خان جي وفات ۽ مدفن:
جھڙي طرح ميان محمد دائود خان جي ولادت جي تاريخ ۽ سن، جاءِ ولادت ۽ سندس تعليم و تربيت متعلق تاريخي ماخذن مان معلومات نٿي ملي. اهڙي طرح وري سندس جي تاريخ سن وفات ۽ مدفن متعلق بہ تاريخ جا ڪتاب خالي لڳا پيا آهن. سندس وفات ۽ مدفن متعلق فقط ڊاڪٽر غلام محمد لاکي قياس آرائي ڪندي ايترو لکيو آهي تہ ”هن جي وفات ۽ مدفن بابت علم ڪونھي. پر اسان کي خاطري آهي تہ هن خداآباد (دادو) ۾ وفات ڪئي ۽ دفن بہ ٿيو.“(39)
حوالا:
1. مير علي شير قانع، مقالات الشعراءَ (مرتب سيد حسام الدين راشدي) صفحو 212 سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو پھريون 1957ع
= نياز همايون، سنڌ جي طبي تاريخ جلد ٻيون. صفحو 541، 542، سنڌ سائنس سوسائٽي ڄام شورو. ڇاپو پھريون 1976ع.
= ڊاڪٽر اديب انقلابي، سنڌ جا عظيم ويڄ. صفحو 77، سنڌ تحقيقي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پھريون 1993ع.
= ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت. صفحو 387. انجمن اتحاد عباسيہ پاڪستان ڪراچي، ڇاپو پھريون 2004ع.
2. سنڌ جي طبي تاريخ جلد ٻيون، صفحو 541، 542.
3. مولانا اعجاز الحق قدوسي، تاريخ سنڌ جلد دوم، صفحو 579. مرڪزي اردو بورڊ لاهور، ڇاپو پھريون 1974.
4. غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو ٻيون. صفحو 1010. سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پھريون 1958ع.
= ڊاڪٽر وفا راشدي، اردو ڪي ترقي ۾ اولياءِ سنڌ ڪا حصه. صفحو 51، مغربي پاڪستان اردو اڪيڊمي لاهور، ڇاپو پھريون 1994ع.
5. ڊاڪٽر ظهورالدين احمد، پاڪستان ۾ فارسي ادب جلد سوم، صفحو 840. اداره تحقيقات پاڪستان دانشگاھہ پنجاب لاهور، ڇاپو پھريون، 1977ع.
6. ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، خدا آباد جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حيثيت، صفحو 41، ميان نصير محمد، يار محمد ڪلھوڙو تاريخي ثقافتي يادگار ڪاميٽي خانپور دادو، ڇاپو پھريون، 1997ع
7. ڪلھوڙا دؤر حڪومت، صفحو 387، 388.
8. غلام رسول مھر، تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون. صفحو 190، 191، 207، 208 ۽ 210، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد. ڇاپو پھريون 1958ع.
= خداآباد جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حقيقت. صفحو 10 ۽ 36. ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، واليءِ سنڌ ميان نور محمد خان ڪلھوڙو. صفحو 111، سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائٽي مورو. ڇاپو پھريون 1991ع.
9. محمد سعيد ڌوار، تاريخ بلوچستان. صفحو 422. نساءَ ٽريڊرز ڪوئيٽا. ايڊيشن اول 1990ع.
10. تاريخ سنڌ جلد ڇھون، ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون، صفحو 208 ۽ 210.
11. منشي عبدالرئوف، گلدستہ نورس بھار (قلمي-فارسي) صفحو، 94
بحوالا، تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دور، ڀاڱو پھريون. صفحو 225. 226 ۽ 359.
12. آخوند، ملا محمد صديق، اخبارالابرار (ترجمو: تاريخ خوانين قلات، مترجم، مير گل خان نصير، صفحو 38. نساءَ ٽريڊرز ڪوئيٽا. ڇاپو پھريون 1981ع
= گل خان نصير، تاريخ بلوچستان، صفحو 22. قلات پبلشرز ڪوئيٽا، ايڊيشن ٽيون 1993ع.
= محمد عثمان دموهي، ڪراچي تاريخ ڪي آئيني ۾ ، صفحو 39، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي. ڇاپو پھريون.
= جسٽس مير خدا بخش بجاراڻي مري، بلوچستان تاريخ ڪي آئيني ۾ (مترجم پروفيسر سعيد احمد رفيق) صفحو 356. نساءَ ٽريڊرز ڪوئيٽا، ڇاپو ٻيون 1984ع.
13. تاريخ بلوچستان (گل خان نصير) صفحو 22-23.
= ڪراچي تاريخ ڪي آئيني ۾، صفحو 39- 40.
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون. صفحو 361 حاشيو.
14. تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون. صفحو 214، 217 ۽ 227.
15. تاريخ بلوچستان (گل خان نصير) صفحو 23
= ڪراچي تاريخ ڪي آئيني ۾. صفحو 40.
16. تاريخ بلوچستان (محمد سعيد ڌوار) صفحو 426، 427
17. تاريخ خوانين قلات. صفحو 36
= بلوچستان تاريخ ڪي آئيني ۾. صفحو 355
= ڪراچي تاريخ ڪي آئيني ۾، صفحو 38-39
18. تاريخ بلوچستان (گل خان نصير) صفحو 21.
= ڪراچي تاريخ ڪي آئيني ۾، صفحو 38-39
19. راءِ بھادر هتورام، تاريخ بلوچستان، بحوالا، تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون. صفحو 205
20. تاريخ سنڌ جلد ڇھون، ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون، صفحو 206 حاشيو.
21. مير علي شير قانع، تحفتہ الڪرام ، جلد سيوم، حصه اول (فارسي متن) (مرتب سيد حسام الدين راشدي) صفحو 439، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، ڇاپو پھريون 1971ع.
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 232
= ڪلھورا دؤر حڪومت. صفحو 118
22. گلدستہ نورس بھار (قلمي) صفحو 29، 30 بحوالا، تاريخ سنڌ جلد ڇھون. ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 232، 233
23. تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر، ڀاڱو پھريون. صفحو 234
24. سيد مير محمد بلگرامي، تبصرت الناظرين (قلمي)
= بحوالا ميان نور محمد خان ڪلھوڙو، منشورالوصيت و دستورالحڪومت. (مرتب سيد حسام الدين راشدي. سنڌي ترجمو عبدالرسول قادري) صفحو 130-131، ضميمو ڪلھوڙا سيمينار ڪاميٽي ڪراچي. ڇاپو پھريون 1996ع.
25. قاضي عبدالرسول، مڪاتيب تاريخي (قلمي) صفحو 120 کان 123. ملڪيت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو.
= بحوالا، منشورالوصيت و دستورالحڪومت (سنڌي ترجمو) صفحو، 80 ضميمو.
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون، ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 285، 286 ۽ 298 کان 300
27. تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 361.
29. تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 325، 354 ۽ 355.
30. تحفت الڪرام جلد سيوم حصه اول. صفحو 444
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 355
= ڪلھوڙا دؤر حڪومت. صفحو 121
31. گلدستہ نورس بھار (قلمي) صفھو 118 کان 120
= بحوالا، تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 355 کان 358
= والي سنڌ ميان نور محمد خان ڪلھوڙو. صفحو 111-112
32. مقالات الشعراءَ، صفحو 421
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 358-359
33. گلدستہ نورس بھار (قلمي) صفحو 120
= بحوالا منشورالوصيت و دستورالحڪومت (سنڌي ترجمو) صفحو 155 ضميمو.
34. تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙ دؤر ڀاڱو پھريون. صفحو 359 حاشيو
35. خداآباد جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حيثيت 4. صفحو 35
36. باغ علي سنڌي، نامھءِ نفز (قلمي) بحوالا منشورالوصيت و دستورالحڪومت (سنڌي ترجمو) صفحو 118-119
= ماهنامہ نئين زندگي حيدرآباد، ماه آڪٽوبر، نومبر 2003ع، صفحو 13
37. مقالات الشعراءَ. صفحو 394
= تاريخ سنڌ جلد ڇھون ڪلھوڙا دؤر ڀاڱو ٻيون، صفحو 1055
= ڪلھوڙا دؤر حڪومت. صفحو 388
= والي سنڌ ميان نور محمد ڪلھوڙو. صفحو 138
= اردو ڪي ترقي ۾ اولياءِ سنڌ ڪا حصه. صفحو 51
38. مقالات الشعراءَ، صفحو 394، 395