سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙا دؤر جا نامور شاعر: پرويز شمس ڪلوڙ

سنڌ جي تاريخ ۾ ڪلھوڙن جي دؤر کي وڏي اهميت حاصل آهي. هن دؤر ۾ نہ رڳو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل سنڌ جو وکريل وجود يڪجا ٿيو، پر ڌارين حاڪمن ارغونن، ترخانن ۽ مغلن سان ويڙهاند کان سنڌ کي پھريون ڀيرو هڪ قومي وحدت پڻ ملي. ڪلھوڙن جي حڪومت جدوجهد جو سلسلو ميان آدم شاھہ شھيد شروع ٿي. عبدالنبي عباسي تائين رهيو هنن مجموعي طور سنڌ تي 81 سال حڪمراني ڪئي.
سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڪلھوڙا دؤر کي سونھري دؤر سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ هن ئي دؤر ۾ سرتاج الشعراءُ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي، ميان سرفراز ڪلھوڙو، مير علي شير قانع، خواجه محمد زمان لواريءَ وارو، مخدوم غلام محمد بگائي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ مخدوم معين ٺٽوي وغيرہ جھڙا ٻيا بہ ڪيترائي نامور عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا، جن پنھنجي قلم ۽ ڏات سان سنسار کي سنواريو آهي، جن مان هتي چند جو ذڪر ڪجي ٿو

مخدوم ابوالحسن ٺٽوي
ٺٽي جو هي وڏو عالم 1661ع ۾ ڄائو ۽ 1700ع کان پوءِ وفات ڪري ويو. هن عربي رسم الخط ۾ واڌارو آڻي سنڌي رسم الخط تيار ڪئي ۽ انھيءَ صورتخطي ۾ الف اشباع جي قافيہ تي مشتمل ڪتاب ”مقدت الصلوات“ 1700ع ۾ لکيو. تنھنڪري کيس ”سنڌي علم ادب جو پايو وجهندڙ“ چيو ويو آهي. سنڌي ادب ۾ هن ڪتاب کي وڏي اهميت حاصل آهي. مقدت الصلوات کي عام طور ”ابوالحسن جي سنڌي“ بہ چيو وڃي ٿو. فني سٽا جي لحاظ کان هن ۾ الف اشباع جي ڊگهن بيتن کان سواءِ صحيح قافيہ وارا ڊگها بيت بہ آهن، جن کي ڪبت چيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ڪيترن هنڌن تي ٻن مصرعن تي مشتمل دوها بہ آيل آهن. دوهي جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو.
ساراهجي سو ڌڻي، سندو جنھن فرمان
مڃيو مڙني مومنين آندئون ايمان
مخدوم صاحب جو موادي شعر وري هن طرح سان آهي.
چوٿون رڪوع سجدي ۾ ڪرڻ ويرم ڪا
قدر تسبيح هيڪڙي توڙي ٽي ڀيرا
پنجون فرض فرض هنڌ، واجب واجب جا
ستون لفظ سلام سين نڪرڻ نمازا
(الف اشباع)

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
هن بزرگ جو جنم 1690ع ڌاري ضلعي ٺٽي جي ميرپور بٺوري شھر ۾ ٿيو. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ تقريبن ڏيڍ سئو ڪتاب لکيائين. سندس عربي ڪتاب مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ پڙهايا ويندا هئا. سندس سنڌي ڪتاب گهڻو ڪري مخدوم ابوالحسن جي سنڌي جي نموني تي لکيل آهن. البتہ ڪن ڪتابن ۾ صحيح بيت ۽ ڊگها بيت يعني ڪپتون بہ آهن، هن 1760ع ۾ وفات ڪئي.
بقا ناھہ بلاد کي، دنيا ناھہ دوام
اَجل ٿو اوتون ڪري، ٿي قريب قيام
سمر سندي ساٿيا ڪريو تان تمام
ڪريو ياد ڪريم کي سنجهي صبح شام
مڇڻ ويسارا وهو اڀيو منجهہ اسلام
ڪھو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام

محمد شريف راڻيپوري
محمد شريف راڻيپوري، خيرپور ضلعي جي راڻيپور جو ويٺل هو، هي بزرگ 1160ھہ بمطابق 1747ع ۾ ڄائو هو. الف اشباع واري نظم ۾ ڪتاب ڪيترائي لکيائين.

مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي
مخدوم عبدالرحيم گروهوڙي الف اشباع جي نظم ۾ قرآن شريف جي سورتن جو ترجمو ۽ تفسير لکيو. مخدوم صاحب بيت بہ لکيا آهن، جن ۾ تصوف جا اونھا راز بيان ڪيل آهن. هو 1739ع ۾ سعداللھ مڱريو جي گهر ڳوٺ واڙ تعلقي کپري ۾ ڄائو هو. حضرت خواجه محمد زمان لواريءَ واري جو مريد ۽ خليفو هو. 1778ع ۾ ٿر ۾ هڪ بت خاني جي پوڄارين سان جهاد ڪندي شھادت ماڻيائين.
سرور آخر سورتين مھڙ منجهہ معنا
اصل عالم مون پرين علت ايجادا
آدم ولدان جو توڙي والد آهه
والد آھہ وڻ جئن، ميوو مولودا
اول الفڪر آخر العمل پرين يا راها
پاڻان سونھون مون پرين، سڀ ان سببا
نرمل نوري پاڻ ۾ ٻين جو راتا

مخدوم غلام بگائي
بزرگ الف اشباع جي نظم ۾ مداحون، مناجاتون، معجزا ۽ مناقبا چيا آهن. ان کان سواءِ قصيده برده شريف جو منظوم شرح بہ لکيو اٿائين. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي کان پوءِ هن قسم جو شعر مخدوم غلام محمد بگائي جو ملي ٿو. هي بزرگ سنڌ جي هاڪاري حڪمران ميان نور محمد ڪلھوڙي جي ڏينھن ۾ زندھہ هو. هيءُ بزرگ موري تعلقي جو ويٺل هو. مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري جي شھادت تي الف اشباع ۾ مرثيہ نما نظم لکيو اٿائين.
ميڙو ڪر مخدوم تي اچانڪ آيا
جابر جي جاگير تي ڪاهي ڪل پيا
ماري مومن جا ڦُري مال متاعا
ضرر، ظلم، زيادتون تن ڪھڙا چوان ڪيا

شاھہ عبداللطيف ڀٽائي
شاھہ عنايت رضويءَ کان پوءِ شاھہ عبداللطيف ڀٽائي بيت جو وڏو ۽ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. هيءُ عظيم شاعر 1689ع ۾ هالا حويلي ۾ ڄائو. شاھہ عبدالڪريم بلڙي واري جو تڙ پوٽو ۽ شاھہ حبيب جو فرزند هو. سندس شعر بيت ۽ وائي جي صورت ۾ موجود آهن. سندس شعر ۾ اهي سڀ خوبيون موجود آهن، جيڪي هڪ الھامي ۽ وڏي ۾ وڏي شاعر جي شعر جون خوبيون هجڻ گهرجن. شاھہ جو شعر، شاھہ جو رسالو ۾ يڪجا ٿيل آهي، جنھن تي ڊاڪٽر سورلي سميت سوين محقق پي.ايڇ.ڊي ڪئي آهي.
مون ساريندي سُپرين، اَچين جي هيڪار
تہ پيرين ڌريان پنبڻيون هنڌ وڇايان وار
ساجن سڀ ڄمار هوند گولي ٿي گُذاريان

ڪڙو منجهہ ڪري جيئن لھار لپيٽيو
مُنھنجو جيءُ جڙي، سُپرين سوگهو ڪيو

خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو
خواجه صاحب جو شعر بيت جي صورت ۾ آهي. جنھن جو معيار مڙني کان مٿانھون آهي. سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جو وڏو بزرگ هو ۽ لواري درگاھہ جو باني هو. 1780ع ۾ سندس ولادت ٿي ۽ 1874ع ۾ وصال ڪيائون. حاجي عبداللطيف شيخ جو فرزند ۽ نسبي سلسلو حضرت ابوبڪر صديق﷦ سان ملي ٿو. خواجه محمد زمان لواريءَ جا 85 سنڌي بيت مليا آهن، جن جي عربيءَ ۾ شرح سندن مريد عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ان جو سنڌي ترجمو علامہ عمر بن دائود پوٽي مرحوم ”ابيات سنڌي“ جي نالي سان ڪيو آهي.
جنين ڏٺو پاڻ کي، تنين ڏٺو سپرين
غلط اِيءُ گمان، تہ عارف پسي آرسي

هوندا هوت پري، اوڏر نہ اڻ هوند کي
سڄن تن سري، لا سين ”لا“ لاهين جي

سيد محمد بقا
موجوده پير صاحب پاڳاري جو جدامجد ۽ راشدي خاندن جو وڏو 1722ع ۾ ڄائو هو ۽ 1783ع ۾ سندس شھادت ٿي. سندس ڪجهہ بيت مليا آهن. هڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو
جي ڪڇان تہ ڪوڪ نڪري، صبر سان آءٌ سهان
اکيون لاهيون پرکي ويٺي سُور سهان
ڪنھن کي ڪين چوان، تہ ڪنھن پر اڪنڊي آهيان

روحل فقير
هو پھريائين غلام شاھہ ڪلھوڙي جو ملازم هو پر پوءِ فقيري اختيار ڪيائين ۽ اچي اردو، روهڙي لڳ ڪنڊڙي جي مقام تي ديرو ڄمايائين وسايائين. وڏو عالم فاضل هو. سنڌي، هندي ۽ سرائيڪي جو بلند پايہ شاعر آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جون باريڪ بينيون جا بجا نظر اچن ٿيون. هنديءَ ۾ سندس من پرٻوڌم پريم گيان ۽ اَنڀو منظوم تصنيفون آهن. همہ اوست، وحدت، ڪثرت، فنا ۽ بقا سندس شعر جو مضمون آهن.
پنھنجون اکيون پاڻ ۾، جوڙي رکيون جن
سَوُ سَئو ڀيرا ساعت ۾، ٿا پلپل پرين پسن
تن تحصيلوان تمام ڪيون، محبت جن جي من
روحل مٿان تن لٿا حرف حساب جا

صاحبڏنو فاروقي
ميان صاحبڏنو فاروقي، حضرت سچل سرمست جو ڏاڏو هو. جيڪو شاھہ عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هيو ۽ ٻنھي جي پاڻ ۾ ملاقات پڻ ٿي هئي. سندس بيت پنھنجي ذهن ۽ فڪر جا امين، رجودي حلقي و فڪر جا ترجمان ۽ شارح آهن. سندس وفات 1788ع ڌاري ٿي.
ڪنين جو نيھن نھر سان، ڪنين دٻايا درياهه
صاحبڏني جي ساھہ، سارو سمنڊ سمايو

مخدوم عبدالرئوف ڀٽي
هالن جو هي عالم ۽ شاعر مولود جو هڪ ٻيو مشھور شاعر آهي. مداحون بہ چيون اٿائين. سندس ولادت 1682ع ۽ وفات 1752ع ڌاري ٿي. سندس مداح الف اشباع جي نظم ۾ آهن ۽ مولود ڪافيءَ جي شعر جو نمونو آهن
محمد ڏسي منُ ٺاريان، جنھن لئہ اُڪنڊيو آهيان
سيد ڏسي سڪ لاهيان، جنھن لئہ اڪنڊيو آهيان

ميان سرفراز ڪلھوڙو
مدح جو ٻيو نامور ۽ باڪمال شاعر ميان سرفراز ڪلھوڙو 1772ع ۾ سنڌجي گاديءَ تي ويٺو. ميان سرفراز ڪلھوڙو حڪمران هجڻ سان گڏوگڏ فارسي زبان جو بہ صاحب، ديوان شاعر هو. 1774ع دوران اسيريءَ ۾ هوندي هڪ مدح چئي اٿس، جنھن کي سنڌي ادب ۾ غير فاني حيثيت حاصل آهي.
آهيان ڏڏ، غمن گڏ، سچا سڏ سڻج تون
پسي پاڻ، ڪر۾ ساڻ، ڏکيا ڏاڻ، ڏنئين مون

جمن چارڻ
مدح جي سلسلي ۾ جو پھريون شاعر جمن چارڻ کهڙا ضلعي خيرپور جو ويٺل هو. هي پھريون شاعر آهي جنھن جي مدح ملي آهي. ميان نور محمد ڪلھوڙي ۽ قلات جي حاڪم عبداللھ خان جي درميان ٿيل جنگ نظم ۾ بيان ڪئي اٿائين، جيڪا رزميہ نظم ۾ پڻ شاهڪار درجو رکي ٿي جنھن ۾ سنڌين جي سورهيائيءَ کي ساراهيائين. رزميہ شاعري، واقع نگاري ۽ فطرت نگاريءَ ۾ ڪمال جو شاعر هو. 1738ع ۾ وفات ڪيائين. پير ڪٽپر (خيرپور ضلعو) قبرستان ۾ مدفون ٿيو.
هنن خاص ۽ اهم شاعرن جي علاوه ٻيا ڪيترا شاعر ڪلھوڙا دؤر ۾ ٿي گذريا آهن، جن ۾ مخدوم عبداللھ، صابر موچي، جلال کٽي، شاھہ عنايت رضوي ۽ مراد فقير زنگيجو وغيرہ جي علاوه سون جي تعداد ۾ قابلِ ذڪر آهن. پر جيئن تہ مقالي جو عنوان ۽ موضوع نامور شاعرن جو ذڪر بيان ڪرڻ هو، تنھن مناسبت سان اختصار کان ڪم وٺندي هن نامور شاعر جو ذڪر آندو ويو آهي.