ڪلھوڙا دؤر جو عظيم سپھہ سالار جرنيل شاھہ بھارو: جھانگير عباسي
ميان شاھہ بھاري جو جنم 5 ذوالقعد 1076ع مطابق 21 نومبر 1656ع تي بوبڪ ڳوٺ ضلعي دادو ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام حيدر هو، جيڪو ڪلھوڙن جو ڪاردار (ايلچي) هو. شاھہ بھارو ذات جو جنجهڻ ۽ سندس پاڙو شاهاڻي هو جيڪو پنھنجي ننڍپڻ کان ئي ذهين ۽ اورچ هو. سندس ذهانت کي ڏسندي، والد هن کي اعليٰٰ تعليم جي لاءِ نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) ڏياري موڪليو جتي هو تعليم سان گڏوگڏ فوجي سکيا بہ حاصل ڪندو رهيو.
شاھہ بھارو پنھنجي ننڍپڻ واري عمر کان وٺي هڪ سچو ايماندار ۽ اصول پرست انسان هو. هن کي ڪوڙ کان سخت نفرت هوندي هئي. جڏهن هن جي سچائي ۽ بھادري جي واکاڻ، وقت جي حڪمرانن وٽ پھتي تہ، انھن کيس پنھنجي فوج ۾ سپاهي ڀرتي ڪيو جتان ٿوري ئي وقت اندر هو پنھنجي اعليٰ اخلاق ۽ ذهانت سبب هڪ جانباز سپاهي ثابت ٿيو. انھيءَ بدولت کيس ميان نور محمد ڪلھوڙي سن 1132ھہ مطابق 1719ع ۾ چانڊڪا پرڳڻي (موجوده لاڙڪاڻي) جو ناظم اعليٰ مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ فوج جو سپھہ سالار پڻ بڻايو. 28 سالن جي مختصر عمر ۾ ايڏي وڏي ترقي شاھہ بھاري جي همت ۽ حوصلي کي پھرين کان بہ وڌيڪ مضبوط ڪيو.
ڪلھوڙن جي حڪمراني وارن ڏينھن ۾ چانڊڪا پرڳڻو سُکيو ۽ سَتابو هوندو هو جتي هر قسم جو ميوو ۽ باغات هوندا هئا. سرسبزي جام هوندي هئي. جيئن محترم بدر ابڙو پنھنجي سفرنامي واري ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ لکي ٿو تہ ”لاڙڪاڻي جي هڪ سڃاڻپ زيتونن جا باغ بہ آهن. هتان جھڙو مٺو زيتون پاڪستان جي ڪنھن بہ علائقي ۾ ڪو نہ ٿو ٿئي. هونئن بہ لاڙڪاڻو ڪنھن وقت ۾، سنڌ جو باغ لکيو ويندو هو.(1) انھيءَ وقت ۾ چانڊڪا جي خوشحاليءَ جو ٻيو وڏو سبب گهاڙ واھہ بہ هيو. جيڪو ميان شاهل محمد ڪلھوڙي 1595ھہ مطابق 1657ع ۾ کوٽايو هيو هن واھہ جي کوٽائي جي بعد، ڪراچي کان پنجاب تائين ايندڙ ويندر جهاز، هتي اچي لنگر انداز ٿيند هئا. هن ئي واھہ تي گڏوگڏ ڪيترن ئي ملڪن جا واپاري بہ ايندا هئا.
شاھہ بھاري شھر جي ناظم اعليٰ جي حيثيت ۾ ٻيا بہ ڪيترائي ننڍا وڏا واھہ کوٽايا. پليون جوڙايون ۽ رستا تعمير ڪرايا، ان کان علاوه هن اتر اوڀر جي ڪنڊ تي، گهاڙ واھہ جي ڀرسان هڪ ننڍڙو قلعو پڻ جوڙايو، جيڪو پوءِ هن جي نالي سان بھارپور طور سڏجڻ لڳو. اهو علائقو هينئر بہ لاڙڪاڻي شھر جي اتر ۾ موجود آهي، جتي شاھہ بھاري جي مزار مٿان هڪ عاليشان مقبرو جوڙيل آهي. جڏهن تہ هن جي ٺهرايل قلعي ۽ ڪوٽ جا ڦٽل نشان ڳوٺ ڦلن وٽ موجود آهن جنھن کي مرزا قليچ بيگ صاحب، ڪلھوڙن جو ٺهرايل قلعو قرار ڏنو آهي.(2) هن قلعي بابت وضاحت ڪندي محترم بدر ابڙو صاحب، پنھنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ لکي ٿو تہ ”گهاڙ ڪئنال جي اتر ۾ هڪ ڪچو قلعو هوندو هيو، جنھن کي چار مورچا هئا. اهي نشان هاڻي ڊهي چڪا آهن.(3) محترم بدر ابڙي اهو ڪونہ ڄاڻايو آهي تہ، اهو قلعو ڪنھن جوڙايو آهي. منھنجي ناقص خيال مطابق اهو قلعو بہ شاھہ بھاري جو ئي تعمير ڪرايل آهي، جيڪو چانڊڪا پرڳڻي جي ترقيءَ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.(4)
شاھہ بھارو جنھن پنھنجي ذاتي اثر رسوخ، خوش اخلاقي ۽ سياسي تدبيرن جي ڪري، لاڙڪاڻي جي شھر کي ترقي ڏياري پنھنجن اعليٰ حڪمت ذريعي ڪلھوڙن جي فوجي حيثيت ۽ تعداد کي وڌايو. هن جي هٿ هيٺ ڏھہ هزارن کان بہ وڌيڪ فوجي لشڪر هوندو هو. جيڪي هر وقت هن جي هڪ اشاري تي مرڻ ۽ مارڻ جي لاءِ تيار رهندا هئا. تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ اچي ٿو تہ، هن ڪل 84 جنگيون ڪيون جن جو ذڪر هن جو خاص خدمت گذار هوت خان ڪيو آهي جيڪو خود بہ شاعر هو. هو لکي ٿو تہ شاهارو 84 جنگيون ڪيون ۽ سمورين جنگين ۾ سوڀارو ٿيو(5)
ڪلھوڙن جي دؤر جو هي عظيم سپھہ سالار، جنھن پنھنجي اعليٰ قيادت سان ڪلھوڙن جي حڪمراني کي اوج تي رسايو. ستر سالن جي عمر ۾ 24 ربيع الثاني سن 1150ع مطابق 12 مئي 1736ع ۾ وفات ڪئي. کيس بھارپور ۾ ئي دفن ڪيو ويو، هن جي معتبري مٿان ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي 1774ع ۾ هڪ عاليشان مقبرو جوڙايو. انھيءَ مقبري جي ڊيگھہ 39 فوٽ، 76 فوٽ ڊگهي ۽ 71 فوٽ ويڪري آهي. مقبري جي اندر ڪل ڇھہ قبرون آهن، جن مان ٽيون نمبر قبر، شاھہ بھاري جي آهي. باقي سندس اولاد ۽ مٽن مائٽن جون چيون وڃن ٿيون، جن جي نالن جي وضاحت، يا ڪو ذڪر ڪٿي بہ نہ ٿو ملي.
شاھہ بھاري جي مزار مٿان جوڙيل مقبري کي ڪلھوڙن جي دؤر جي اعليٰ فنِ خطاطي جو هڪ شاهڪار ڪري مڃيو وڃي ٿو، جنھن جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ ڪتاب سنڌوءَ جو سفر ۾ محترم بدر ابڙو صاحب لکي ٿو ته: ”مقبري جي چوٽي تي سهڻو شمعدان ان جي سڃاڻپ آهي. ڇاڪاڻ تہ ڪنھن بہ ٻئي مقبري تي، اهڙي بندوبست جو وجود ناهي. مقبري جي خاص ڳالھہ، ڪاٺ جو دروازو آهي، جنھن تي شاهڪار ڪم ٿيل آهي.“ هن عظيم جرنيل شاھہ بھاري جو اهو آخري آرام گاھہ حڪومت جي خاص توجهہ نہ هجڻ سبب زبون ٿي ويل هيو، جنھن کي تازو ئي آرڪيالاجسٽ اشتياق انصاري جي ڪوششن پاران ٻيھر جوڙيو ويو آهي.
شاھہ بھارو جي شجاعت، همت ۽ دليري جي واکاڻ ڪندي، مولانا غلام رسول مھر تاريخ ڪلھوڙا (جلد ڇھون) ۾ لکيو آهي تہ ڪلھوڙن جي ناليرن جرنيلن مان شاھہ بھارو خاص طور تي قابل ذڪر آهي. ميان يار محمد خان جي دؤر کان وٺي، پنھنجي وفات جي عرصي تائين، سڀني لڙائين ۾ اڳتي رهيو. زياده لڙائين ۾ سندس بھادري سان ڪاميابيون حاصل ٿيون.(7)
تاريخ پنھنجي دؤر جي سورمن ۽ جرنيلن کي ڪڏهن بہ وساريندي ناهي. جيستائين تاريخ جا ورق اٿلائبا رهبا ۽ سورمن جو ذڪر ٿيندو رهندو. شاھہ بھارو بہ هميشھ ۽ هر دؤر ۾ زندھہ امر رهندو.
حوالا:
1. ابڙو، بدر ”سنڌو جو سفر سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي سال....
2. مرزا قليچ بيگ ”سنڌ جا مشھور شھر ۽ ماڻھو“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشور سنڌ
3. ابڙو بدر ”سنڌو جو سفر“ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
4. ايضاً
5. مھر، غلام رسول ”تاريخ ڪلھورڙا دؤر“ جلد پھريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ
6. Project Completion Report, Larkana Shah BaharoTom by Endorment. Find Trust far …. Of th e hervtage of sindh.
7. رحيمداد، مولائي شيدائي ”تاريخ تمند سنڌ“ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.