سنڌ شناسي

ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

سنڌ جي تاريخ ۾ محققن ۽ عالمن، ڪلھوڙن جي دؤر حڪومت کي سنڌ جو شاھڪار ۽ سنھري دؤر سڏيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڪلھوڙن جي دؤر متعلق ليکڪن، محققن، استادن ۽ عالمن جا 15 انعام يافتہ مقالا/مضمون شامل ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪلھوڙا دور جي مختلف پھلوئن کي سھيڙيو ويو آھي.  ھي مقالا تنظيم جي مختلف ڪانفرنسز ۾ پيش ڪيا ويا آھن. 

Title Cover of book ڪلھوڙا دؤر جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو

ڪلھوڙا دؤر جو نھري ۽ زرعي نظام: منظور سولنگي

برصغير، ايشيا سنڌ ۾ قدامت جي لحاظ کان پنھنجو ثاني نٿو رکي. تاريخدانن جي بقول سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب برصغير هند پاڪ جي تاريخ ۽ ثقافت جي بنياد جي پھرين سر جي حيثيت رکي ٿي.“(1) ۽ برصغير جا بادشاھہ پاڻ کي سنڌو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. محمد ادريس صديقي لکي ٿو تہ ”پر بدقسمتيءَ سان زماني جي ڦيرين گهيرين هن سرزمين کي ننڍو صوبو بڻائي ڇڏيو آهي. دنيا جون قريبن وڏيون تهذيبون دريائي ڪنارن تي اسريون ۽ نسريون آهن ۽ اوائيل دؤر کان هت درياءِ سنڌ جو راڄ رهيو آهي. ان ڪري هتان جي زمين لٽاسي ۽ زرخيز رهي آهي ۽ تنھن ڪري زراعت لاءِ پڻ موزون خطو. اَنُ پوکي راهي جام هئڻ ڪري ڌرتي سکي ستاب هئي. ”دنيا ۾ وڏيون دولتمند قومون آباد آهن، جي پئسي ڏوڪڙ جو انت شرو ڪونہ هوندو پر هتي جي ماڻھن ۾ وري خوشي ۽ سرهائي ايتري تہ اجها، اٿاھہ ۽ اجهال اهي جنھن جو ڪو سنڌو سيڙهو ڪونہ آهي. مزدور بہ هڪ ڏينھن پورهيو ڪندو ۽ باقي ڇھہ ڏينھن ايڏو خوش گذاريندو، ڄڻ ڪو بادشاھہ آهي. کين محدود ضرورتون ۽ لامحدود خوشيون آهن. دنيا اندر خوشين جي اهڙي نعمت فقط هتي وارن لاءِ مخصوص آهي.“(2)
تاريخ جا ورق شاهد آهن تہ سنڌ ڌرتي سکي ستابي ۽ سندن حالت سڌريل، متمدن هئي. هن بابت ليکڪ چيتن لال ماڙيوالا لکي ٿو تہ ”هنن هميشھ دفاعي جنگ لڙي آهي ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن ملڪ تي قبضي ڪرڻ جونہ سوچيو. ڀلا سوچين بہ ڇو؟ جڏهن تہ سندن وٽ هر شئي جو وافر مقدار هئڻ ڪري پرامن رهيا. تنھن ڪري هن خطي کي امن آشتي واري ڌرتي بہ چيو وڃي ٿو. رچرڊ برٽن جي بيان موجب، هي اميدن ۽ آسرن واري سرزمين آهي.“(3) هي علائقو ميداني ۽ مختلف آبھوا رکي ٿو. ”سنڌو ماٿري جون اهي خصوصيتون جيڪي اسان کي نمايان طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. اهي اولھہ ايشيا جي قديمي تهذيب ۾ هر هنڌ موجود ڏسجن ٿيون. نيل نديءَ جو علائقو هجي يا دجلھ ۽ فرات جو قارون ندي جي سرزمين هجي يا هلمند نديءَجي يا سنڌوءَ جا وسيع ميدان. بھرحال هي سموري جا سمورا علائقا انساني تهذيب جي پيدائش ۽ ترقي لاءِ بيحد موافق ۽ موزون آهن. انھن تهذيبن ۾ هڪ قسم جي مشابھت ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
محمد ادريس صديقي وڌيڪ لکي ٿو تہ ”ان زماني ۾ جڏهن انسان شڪاري دورن مان گذري رهيو هو ۽ ان دؤر ۾ جڏهن هنن پوک ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڪا ڳوٺ ٻڌي رهڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ تہ انھن علائقن جي آبھوا نہ گهڻي سرد هئي ۽ نہ تمام گرم. ۽ نہ هتان جي موسم ناقابل برداشت هئي. هتي پاڻي ۽ خوراڪ جي اڻاٺ ڪانہ هئي ۽ درياهي ڪنارن تي سفر ڪرڻ بہ آسان هو. گويا هتي تهذيب جي وڌڻ ويجهڻ جون سموريون سهولتون موجود هيون.(4)
سنڌ ۾ پاڻي جي وافر مقدار هئڻ ۽ وٽائتي زمين جي دستيابي زراعت لاءِ موزون ماحول ميسر ڪيو آهي. پوک ۽ راهي، ساوڪ، گل گلزاري خوشحالي، شادابي، ڌارين کي هن جنت الارضي تي قبضي ڪرڻ لاءِ هرکايو آهي ۽ هر طرف يلغارون ٿيندي نظر اچن ٿيون. ارغونن، ترخانن بعد مغلن سنڌ تي قبضو ڪيو. پوءِ سنڌ جي مقامي قبيلي ڪلھوڙن جي دسترس هيٺ آئي، جن کيس جيءَ ۾ جايون ڏئي مضبوط بڻايو. هن سلسلي ۾ اعجازالحق قدوسي لکيو آهي تہ ”ڪلھوڙن جو دؤر 1701ع کان شروع ٿئي ٿو. هي دؤر سنڌ جي تاريخ ۾ در خشان باب جي حيثيت رکي ٿو. ڪلھوڙن اعليٰ صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي ملڪ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. سڀ کان پھريان هنن سنڌ جي ڪڙندڙ معيشت تي ڌيان ڏنو. امن امان ۽ هر آفت جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪندي حل ڪڍيائون، جنھن سان عوام سک جو ساھہ کنيو. تنھن کان علاوه ماڻھن کي زراعت و تجارت طرف راغب ڪيائون.“(5)
سندن زماني ۾ مٿين شعبن مثالي ترقي ماڻي. هنن نھرن وسيلي ٻنيون آباد ڪرڻ واري طريقي کي ترقي ڏياري. هر اعتبار کان رياست کي طاقتور ۽ خوشحال بڻائڻ جي ڪوشش جاري کي. سندن دؤر ۾ ملڪ سکيو ستابو ريھان کيھان لڳو پيو هو. ڪڻڪ، چانور، دالين ۽ بُھہ بوسي ۾ ريھان کيان، گهوڙا مال متاع خوش قدرت سنڌ کي وڏي نعمت سان نوازيو آهي. جيڪا سنڌو آهي، قدرت جي هيءَ نوازش ٻارهوئي وهندو رهي ٿو. هي تجارت جو وڏو ذريعو آهي، جنھن کي ڪابہ ظالم قوت بگاڙي ختم ڪري ڪانہ ٿي سگهي. هن درياھہ جي پاڻيءَ ۾ مصر جي نيل درياھہ جيان ٻني جو ڀَل ُڀريل آهي.
سنڌ سنڌو ماٿريءَ جي صفا ڇيڙي ۾ آهي تنھنڪري سڌو هن ملڪ کي سدا سکيو بڻائي ڇڏيو آهي. هن مست درياھہ جي پاڻيءَ ۾ لٽ وهي ايندو آهي ۽ ڌرتي جي مٿاڇري تي ڇانئجي ويندو آهي. سنڌوءَ جي پاڻيءَ اندرلٽ جي موجودگي ڪري سنڌ جي ٻني ۾ پوک جي طاقتواري خاصيت تمام گهڻي آهي. تنھن ڪري ملڪ سائو سکيو ۽ ستابو بڻجي پيو آهي. ڪڻڪ، چانور، دالين ۽ بُھہ بوسي ۾ ريان کيان گهوڙا مال متاع خوش، سنڌ کي تہ اها خبر ئي نہ آهي تہ ڏڪار ڇاکي چئبو آهي؟ زراعت ڪنھن بہ ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. ان لاءِ بھتر پاليسين مرتب ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي، جنھن ڪري ملڪ ۾ پاڻڀرو ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. سنڌ تي جيڪا مصيبت نازل ٿيندي رهي آهي، سا آھہ سنڌو جي بي پايان ڇڙواڳ ٻوڏ، جيڪا زمينن مٿان پنھنجو لٽ وڃائي ڇڏي ٿي. ان ڪري سندن وهڪرن ۾ تبديليون اچن ٿيون ۽ سندس موج ڀريا واهڙ طوفاني وهڪرن سان رات وچ ۾ ڪيترن ڳوٺ جا نشان مٽائي ڇڏيندا آهن.
پراڻي دؤر ۾ سنڌ اندر جيڪا زمين آباد هئي، سا گهڻو تڻو سنڌو درياھہ جي ڪنارن سان ويجهو هئي. پر اڄ ايئن نہ آهي. اڄ تہ ڪيترا واھہ آهن، جيڪي سندن لڙاٽيل پاڻي چوڏس ۽ ڪيترا ميل پري کڻي وڃن ٿا.آبپاشي نظام ۾ نظم ۽ ضبط جيڪو اڄ اسين ڏسون ٿا، تنھن کان اڳي ماڻھو اڻ واقف هئا. نظم ۽ ضبط جي بدران غير يقيني هئي. واھہ ڪڏهن وهندا هئا. ڪڏهن سڪي ويندا هئا. درياھہ وهڪري جي جاءِ مٽائي ويندو هو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي زمينون ٻوڏ هيٺ اچي وينديون هيون. پراڻو سنڌي نظام اهو هو، جنھن ۾ هو درياھہ جي فطري وهڪري مان فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اتان ڪڙيا کوٽيندا هئا ۽ پوءِ کوهاڏا بڻائيندا هئا. پوءِ کوهاڏن تي نار جوڙيندا هئا. هيٺاهين وارن کوهن ۾ درياھہ جو پاڻي ڪٺي ٿي ويندو هو. ان تي بہ نار يا هرلا ٻڌندا هئا. انھن هيٺاهن ڍورن ۾ جن لاءِ سنڌي زبان ۾ گهڻا نالا آهن. انھن ۾ هرڪاهي گهڻي آبادي ڪري سگهبي هئي. جتي ڪن حالتن ۾ ٻوڏ پھچي ڪانہ سگهندي هئي. تن وڏين ايراضين کي ڇن (Chhans) چيو ويندو آهي، جتي گاھہ ۽ جهنگل تمام گهڻو ٿي پوندو هو. ان جاءِ تي اُٺ، مينھون ڍور ڍڳا پيا گور چرندا هئا. سنڌ جون اهي ذڪر ڪيل حالتون مغل دؤر وارين اتر هندستان جي حالتن کان بنھہ مختلف هيون ۽ برنيئر انھن حالتن ۽ واهن جي عدم موجودگي ۽ آبپاشي کان لاپرواھہ رويي جي ڪري ڄڻ نالان هئا. پر سچائي اها آهي تہ سنڌ آبپاشي جي نظام ۾ هندستان کان اڳڀري هئي ۽ ان کان آڳاٽي هئي. کيس واهن ۽ ڪڙين جو پنھنجو طريقي ڪار هو ۽ اهي چڱي پر ڄاڻندا هئا تہ فطرت جي سخاوت کي ڪيئن ڪتب آڻجي.
ڪلھوڙا سنڌي هئڻ جي ناتي سان پاڻيءَجي هن فطري نظام کي اڃا موثر بڻائڻ جي اهميت کي محسوس ڪندي وهندڙ واهن، ڪڙين جي صفائي ڪرائي، جن تي خرچ بہ ڪيو ويو. ڪلھوڙن هن فطري نظام ۾ واڌارو ڪيو. قدرتي واهن ڪڙين ۽ ڪسين ڪُورن مٿان ونگ واريون پڪيون سرن جون پليون (موريون) ٻڌي جن ۾ڪي دروازا نہ لڳل هوندا هئا. پر ڀرپاسي وارين ٻيٽن ۾ سامھون ڀيم رکي وڻن جا ڏار ڪٽي ۽ گند گاھہ وجهي پاڻي کي روڪيو ويندو هو ۽ مٽيءَ جا بند ٻڌي پاڻي کي مورين مان وهايو ويندو هو. جڏهن پاڻي کڏن يا ڍنڍن ۾ هوندو هو تہ آبادي نارن وسيلي ڪئي ويندي هئي.
اڄ اهڙي قسم جي آبادي لاءِ تيل وارين مشينن کي ڪم آندو وڃي ٿو. سنڌ ۾ ان جا اڄ بہ نمونا موجود آهن، جن مان هڪ کي نار چئبو آهي، جنھن جو ڍينگو وڏو ٿئي ٿو. ان کي اٺ گيڙيندو آهي، جنھن جو ڍينگهو ننڍو ٿئي. ان ۾ ڏاند جوٽبو آهي. اهڙي قسم جي زراعت يا آبپاشي کي چرخي واري آبادي چيو ويندو آهي. هن ۾ پاڻي نار جي ڦيري ۾ مالھہ ۾ ٻڌل ڪنگرين (لوٽين) جي وسيلي مٿي اچي ”نيسر“ مان ڪسي ڏانھن منتقل ٿي زمين ۾ هليو ويندوآهي.ناروسيلي جيڪي فصل پوکيا ويندا هئا، سي خشڪ هوندا هئا. جوئر، ڪمند، ٻاجهر،ڪپھہ ۽ سايون ڀاڄيون وغيرہ. ڪڻڪ جو فصل اُٿل واري زمين ۾ ڪيو ويندو هو، جنھن کي سيلابي آبپاشي چيو ويندو هو. اها زمين خاص ڪري ڪچي وارين ايراضين، جتي درياھہ جي چاڙھہ ڪري پاڻي اچي وڃي ٿو ۽ پاڻي لھڻ کانپوءِ هر ڪاهي ان ۾ جيڪو بہ فصل پوکبو بوسي پوک چئبو آهي ۽ اوائلي دؤر کان اڄ تائين اهو سلسلو رائج آهي. ان کان علاوه اوائلي دؤر کان هن خطي جي ”هارين“ باراني پوک جو سلسلو بہ رائج رکيو آهي.
باراني يعني مينھن جي پاڻيءَ تي ٿيندڙ پوک، هي طريقو خاص ڪري ڪوهستان، ڪاڇي ۽ ٿر پاسي تي ٿئي ۽ ڪٿي ڪٿي تہ ڪاريزن مان ايندڙ پاڻي کي ڪم آڻڻ لاءِ تڏا ۽ تئوريون، کي بہ ڪم آڻي، انھن کي هيٺان ٿوڻيون ڏئي، ڪسيون ۽ واھہ بڻائي پوک ڪئي وڃي ٿي. هي طريقو جابلو پٽي تي مروج آهي. جنھن ۾ جوئار، گوار، مڱ، مٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي فصلن جون جنسون پوکيون وينديون هيون. انھن علائقن ۾ جڏهن برکا برسجي ٿي تہ فطرت جي هن انمول نعمت کي بند ٻڌي هڪ هنڌ ڪٺو ڪيو وڃي ٿو ۽ پوءِ اتان پاڻي ٻنين کي ڏنو وڃي ٿو. خاص ڪري اهڙي ڪٺي ٿيل پاڻيءَ کي ”باغ“ چون ٿا.
موجوده آبپاشي نظام هيٺ اڳي کان هاڻي تمام گهڻي زمين آباد ڪئي وڃي ٿي ۽ کاٽي واهن تي سائنٽيفڪ نموني سان ڪرائي وڃي ٿي. سندن ترو منڍ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انچن جو حساب رکي کاٽي ڪئي وڃي ٿي. تاريخدانن اهو بہ لکيو آهي تہ ڪلھوڙا دؤر ۾ سنڌ جو آبپاشي نظام پنھنجي حدن اندر دولت ۽ خوشحاليءَ جو وڏي ۾ وڏو ذريعو هو. هن دؤر کان اڳ سنڌ ۾ ڪوبہ آبپاشي جو منظم نظام نہ هيو. سنڌ جي اقتصادي حالتن جو مدار هميشھ زمين ۽ زراعت تي رهيو آهي. عام طور ڪلھوڙا پيري مريديءَ کان هتي آيا. پوءِ زميندار بڻيا ۽ ان ئي حالت ۾ طاقتور بڻيا ۽ سياسي قوت اختيار ڪيائون. ڪلھڙا دؤر کان اڳ سنڌ بري طرح بدحال ٿي چڪي هئي. ايڇ.ٽي سورلي جي بقول، مغلن سنڌ طرف ڪو توجهہ نہ ڏنو جو ڪجهہ بچيو اهو مقامي زميندارن جي توجهہ جو سبب هو.
ڪلھوڙن سنڌ ۾ آبپاشي جو جديد نظام متعارف ڪرايو. اسان 1843ع ۾ واهن جو جيڪو نظام ٽالپرن کان ورتو، سو عام ڀلي جي ڪمن مان هڪ اهڙو نشان هو، جو ڪلھوڙن جي دؤر کان تمام سٺي طريقي تي جاري هو.(6) اڪثر واھہ ۽ ڪئنال ڪڍرايا ويا. سنڌ جي آبپاشي نظام کي ترقي وٺرائڻ ۾ هونئن تہ ڪلھوڙن حاڪمن جو اثرائتو ڪردار رهيو آهي. پر سنڌ ۾ جديد آبپاشي نظام جو باني ميان نور محمد ڪلھوڙي کي مڃيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر ليمبرڪ تہ ”ميان نور محمد کي سڌ ۾ آبپاشي نظام جو عظيم معمار تسليم ڪري ٿو. سندس دؤر ۾ گهڻا واھہ اتر سنڌ ۾ جڙيا. ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جي بقول، گهاڙ سسٽم جا ٽي واھہ هن ليکي ۾ اچن ٿا. نور واھہ جو ڏھہ ميل ڊگهو هو، شاھہ بھاري ”شاھہ جي ڪور“ کوٽايو، جو ويھہ ميل ڊگهو هو. جڏهن تہ ڏاتو کهاوڙ، ڏاتي جي ڪور کوٽايو جو ويھہ ميل ڊگهو هو. جيڪب آباد ۾ بيگاري سسٽم جو نور واھہ بہ نور محمد ڪلھوڙي جو کوٽايل هو. بيگاري واھہ بيگر وسيلي کوٽايو ويو. ڇو تہ غير سنڌي قومن سنڌ کي گهلرن جي صورت ۾ تاراج ڪندا هئا تنھن ڪري ميان نور محمد ڪلھوڙي بيگار واھہ کوٽايو. جنھن تي شڪارپور ۽ جيڪب آباد جون زمينون آباد ٿين ٿيون. هي ڪئنال مٿين ٻنھي ضلعن جي سرحدي پٽي تي واقع آهي. بيگار ۾ کوٽايل واھہ کي بيگاري ڪئنال جو نالو ڏنو ويو. بيگاريکي مٿين ضلعن ۾ عام طور ڀلوڙ بہ چيو وڃي ٿو. خاص ڪري مالوند ماڻھو ڀٽارين کي بيگاي بہ ڪوٺين. معنيٰ آل جال کير ڏيڻ واري عام چون ”هل هي تہ بيگاري آهي“. هل ڙي هل بيگاري) ميان نور محمد ڪلھوڙي جي دؤر ۾ درياھہ جي اوڀر ۾ بہ هي سلسلو جاري هو. جيئن غلام محمد لاکو لکي ٿو تہ ميان صاحب جي ٽن نامور اميرن مراد ڪلھوڙو، باگو سيال ۽ فيروز ويرڙ، ٽي واھہ کوٽايا، جن واهن کي سندن ئي نالن پٺيان مراد واھہ، باگو واھہ، فيروز واھہ سڏيو وڃي ٿو. هي واھہ پوءِ روهڙي ڪئنال ۾ ختم ڪيا ويا.
ان عمل جي ساراھہ ڪندي ڊاڪٽر ايڇ.ٽي سورلي رقم طراز آهي تہ، ”1843ع ۾واهن جو جيڪو نظام ٽالپرن کان ورتوسون سو عام ڀلي جي ڪمن مان هڪ اهڙو نشان هو، جو ڪلھوڙن جي دؤر کان تمام سٺي طريقي تي جاي هو.“ ميان شاهل محمد طريل چانڊڪي پرڳڻي موجوده لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واھہ کوٽايو. ان واھہ جي وجود ۾ اچڻ ڪري هن خطي جي شادابي ۽ زرخيزي جي حد ئي نہ رهي. هر طرف سونا سنگ اڀرڻ لڳا ۽ ماڻھوخوشحال ۽ شادمان ٿي پيا، جنھن جو اندازو هيٺين تحرير مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. 1847ع ۾ جيمس چانڊڪا جي سارين وارين زمين متعلق ڏاڍي خوبصورت تصوير چٽي ٿو، ”ناري ۽ گهاڙجي وچ تي سارين جو فصل تمام گهڻو ٿئي ٿو. ڳوٺ گهڻو ڪري مٽي جي دڙن تي ٻڌل آهن ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچاءَ هيئن ڪيو ويو اهي، جو ڳوٺن جي چوڌاري کاهي کوٽي وئي اهي. واھہ ۽ ڳوٺ وڻن جي ساوڪ سان سينگاريل آهن ۽ ڏاڍا ملوڪ ٿا لڳن.“ چانڊڪا موجوده لاڙڪاڻي جي سرسبزي ۽ شادابي صرف ۽ صرف گهاڙ واھہ جي هجڻ سان ممڪن ٿي ۽ ان جي زرخيزي جي ڪري چوڻين وجود ورتو. شاعرن بہ ان جي شاهوڪاري توڻي زرخيزي کي پنھنجي ڪلام جو موضوع بڻايو.

اگربيني بھشت اندر زمانہ،
بياکن سير درلارکانہ.
*
”هجئي ناڻو تہ گهم لاڙڪاڻو“
*
”لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو“

علائقي ۾ باغن جي وسيع رينج ۽ پوکن جي ساوڪ ڪري لاڙڪاڻي کي ”سنڌو جو عدن“ بہ سڏيو ويو آهي. ڪلھوڙن جي اها خاص خوبي ليکي وڃي ٿي تہ هنن واهن جي صفائي تي ڳريون رقمون خرچ ڪيون. ان کان علاوه مرزا واھہ، مقصود واھہ، بيگاري واھہ، اولھہ ناري مان نڪرندڙ نور واھہ، حيدرآباد ۾ سرفراز واھہ، نالي ميان سرفراز کوٽايو. نور واھہ عمرڪوٽ جي علائقي کي سرسبز ڪري ٿو. اهڙي طرح ٻيا بہ مختلف واھہ کوٽايا ويا. اهڙو واهن جو بھتر نظام صرف ۽ صرف ڪلھوڙا حاڪمن جي مرهونِ منت هو، جنھن سبب ملڪ تمام گهڻي ترقي ڪئي.
تاريخدانن ڪلھوڙن کي بھترين اڏيندڙ سڏيو آهي ۽ سندن ڪاميابي جو راز ان کي قرار ڏنو تہ، انھن ڪئنال سسٽم کي تڪڙو بحال ڪيو ۽ اتي آبادگارن کي آباد ڪري سهولتون مھيا ڪيون. هن دؤر ۾ تباھہ ٿيل زرعي، نھري نظام عروج تي پھتو. زراعت سان لڳاءَ جو پتو واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلھوڙي زميندارن متعلق هن تحرير مان بخوبي لڳائي سگهجي ٿو. ”اللھ تعاليٰ حضرت محمد ڪريمﷺ جي صدقي هي ملڪ جو سنڌ جي زميندارن جو آهي. اسان کي ڏنو آهي. اسان طرفان آبادگارن ۽ زميندارن کي جو ڪجهہ مقرر ڪري ڏنو ويو آهي ۽ ان جي معمول ۽ رعايتن ۾فرق نہ اچڻ کپي. اللھ تعاليٰ اسان هيڻن کي هي ملڪ ڏنو آهي. ان ريت زميندارن ۽ آبادگارن کي اسان جو حق ڏنو آهي. انھن کان نہ کسجو نہ تہ اهي پٽيندا.“ ان کان علاوه هنن ۾ اها بہ خوبي هئي تہ، هو واهن جي کاٽي ۽ صفائي تي ڳريون رقمون خرچ ڪندا هئا. سنڌو درياھہ پاڻ سان گڏ لٽ جو وڏو مقدار آڻي ٿو ۽ ان مان نڪتل ڏنگا ۽ ڦڏا واھہ ۽ واهڙ هر سال باقاعدي صفائي گهرندا هئا. ان لاءِ تہ پاڻي جي وهڪ کي سدائين وهندو رکڻ ضروري هو. وڏن واهن جي صفائي حڪومت ڪرائيندي هئي، پر ڪجهہ حصو هاري کي بہ ڏيڻو پوندو هو. جنھن کي ”شراڪتي“ طريقو سڏيو ويندو هو. حڪومت ننڍن واهن جي کاٽي ۽ ان جو الائونس ڪي خاصا مقرر ڪندي هئي ۽ اَنَ جي مقرر خرارن تي سرڪار پنھنجو حصو ڀري وٺندي هئي. جنھن کي ”مخادمي“ طريقو سڏيو ويندوهو. ٻين حالتن ۾ هاري کي ڪڙيو ياڪسي پاڻ کي صاف ڪرائڻي پوندي هئي، جنھن جو خرچ وغيرہ هو پاڻ ڀريندو هو. ان کان علاوه سڄي علائقي جي واهن جي صفائي ۽ کاٽي کڻڻ لاءِ هڪ اهو بہ طريقو ايجاد ڪيوڪيو ويو تہ هاري ناري، ڪمي ڪاسبي ۽ مزور مڙي کي صفائي لاءِ گهرايو ويندو هو ۽ مزوري طور انھن کي ماني کارائي ويندي هئي، جنھن کي ”بيگر“ طريقو سڏيو ويندو هو. جو اڄ بہ رونبي، لاب لائي، صفائي کاٽي وغيرہ لاءِ سنڌ ۾ مروج آهي. ان تي سنڌي ۾ هڪ اڌ چوئي بہ جڙي آهي، جيئن، ”بيڪار کان بيگار ڀلي“. ”واندي کان وارتا ڀلي“ وغيرہ. ڪلھوڙن نھري نظام کي صحيح رخ ڏيڻ کانپوءِ زراعت جي سڌاري لاءِ بہ قدم وڌايا. جيئن تہ مغلن سنڌ طرف ڪو خاص ڌيان نہ ڏنو. آخري مغليہ عھد 1707ع کان پوءِ حالتون اڃان بہ خطرناڪ ٿينديون ويون. سنڌي ماڻھو نڌڻڪو، آبپاشي نظام ختم، زراعت وڻج واپار برباد ۽ سڄو انتظام مفلوج، سڀ مرڪزي شھر پڻ زوال پذير، ملڪ جا سڀئي قلعا وسنديون واهڻ، مال ملڪيتون مطلب تہ سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو. ارغون ترخان ۽ مغل جيئن سنڌ ۾ آيا هتان جو سڄو ثقافتي ۽ معاشرتي ڍانچو ئي تبديل ٿي ويو. مغلن هندستان کي ٺاهيو. سنڌ کي ڇڏي ٻين هنڌن تي سندن دؤر ۾ خوبصورت مضبوط ۽ اهميت جوڳا يادگارتعميرڪيا. جي اڄ بہ پوري آب و تاب سان موجود آهن. آگرو، دهلي، ڪشمير، پنجاب ۾ شالامار، لال قلعو، بادشاهي مسجد، تاج محل ۽ ٻيو گهڻو ڪجهہ تعمير ڪيو. پر سنڌ کي ان لائق نہ سمجهيو ويو. سنڌ ۾ رهائش جا پاڙا ڏسبا، تڏهن بہ مغلن جا پاڙا الڳ ٿلڳ نظر ايندا. ان لاءِ ٺٽي جو مثال ڏيڻ بھتر ٿيندو. سکر وارو معصوم شاھہ جو منارو مير معصوم شاھہ بکري پنھنجي خرچ سان جوڙايو. ٺٽي جي بادشاهي مسجد هتان جي مقامي حاڪم مير ابوالبقا امير خان جي ڪوشش سان جڙي. راشدي صاحب جي بقول: هن مسجد جي تعمير ۾ نہ تہ مرڪز جو ڪو پئسو پائي خرچ ٿيو ۽ نہ وري بادشاهي مسجد جي ٺهڻ لاءِ حڪم جاري ڪياويا هئا. ڊاڪٽر سورلي جي بقول تہ مغل ڪارندا سنڌ ۾ ڪيڏا بہ قهر ڪندا هئا، پر کين پڇا ڳاڇا کان اجو رکيو ويو. پنجاب ۾ بھترين آبپاشي نظام ڪم ڪندو هو. پر سنڌ جون نھرون ۽ واھہ سڀ جا سڀ بيڪار بڻجي ويا.
هن دؤر ۾ سياسي بي آرامي سنڌ جي اقتصادي سرگرمين کي ختم ڪري ڇڏيو هو. بدامني انتها تي پھچي چڪي هئي. زراعت نہ هئڻ جي برابر آبپاشي نظام درهم برهم هن دؤر ۾ ان ڪري بہ زرعي نظام تباھہ ٿيو، جو هنن کي ان باري ۾ ڪا واقفيت نہ هئي. ۽ ٻيو تہ قبضي ڪيل زمين جنھن کي هو ”قطعات“ ۽ ”قطعيھ“ جي نالي سان سڏيندا هئا، جيڪي زمينون پنھنجن ماڻھن يا ڪارندن کي سندن خدمت جي عيوض ڏنيون وينديون هيون. جڏهن ڪلھوڙن جي حڪومت قائم ٿي، تڏهن اقتصادي سرگرمين جا سڀ پاسا ختم ٿيل ان لاءِ ڪلھوڙن کي انھن سرگرمين کي بحال ڪرڻ لاءِ هر طرح نوان ۽ ٺوس جتن ڪرڻا پيا. جيئن تہ ڪلھوڙا شروع کان ئي آبادگار ۽ زميندار هئا. اڃان حڪومت ۾ بہ نہ آيا هئا تہ لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واھہ کوٽائي هن علائقي کي آباد ڪيائون. گهڻا واھہ ۽ ڪئنال ڪڍرائي سنڌ جي زراعت کي پاڻ ڀرو ڪيائون.
هن دؤر ۾ عام ڪري ٻہ فصل ٿيندا هئا. هڪ خريف (سانوڻي) ۽ ٻيو ربيع (سيارو). ڇٻلاڻي جي بقول، ٻنھي فصلن مان خريف وڌيڪ اهميت رکندو هو. ڇو تہ ان کي پاڻيءَ جي پھچ يقيني هوندي هئي. انھيءَ فصل جي پيداوار بہ وڌيڪ هوندي هئي. ربيع جو دارومدار وري درياھہ جي ڪنڌين وارين زمينن کان سواءِ آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ واهن جي پاڻيءَ جي اڻ يقيني پھچي تي هوندو هو. ان ڪري هي فصل پيداوار ۽ ملھہ جي لحاظ کان گهٽ اهميت رکندڙ هو. ان کان علاوه ڪٿي ڪٿي ٽيون بہ فصل ڪيو ويندو هو، جنھن کي ”اڌائون“ چيو ويندو هو، جنھن ۾ موسمي فصلن کان ان اڌ جيترو مشڪل سان ملندو هو. هن ۾ جوئر، مڪئي، ڪرنگھہ ۽ ٻيا اهڙي قسم جا فصل پوکيا ويندا هئا، جيڪي پچڻ کان اڳ مال جي کاڌي طور ڪم ايندا هئا. خريف سانوڻي هي فصل پوري سنڌ ۾ ڪيو ويندوهو، هن فصل ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ چانور، جوئر ٻاجهر ۽ اتر سنڌ ۾ هنن پوکن سان گڏ تر بہ پوکيا ويندا هئا. پاڻي گهڻو ۽ دائمي هجڻ جي حالت ۾ ڪپھہ ۽ ڪمند بہ ٿيندو هو. ٻيا فصل جيڪي خريف ۾ ٿيندا هئا، تن ۾ چانور، مڱ بہ اچي وڃن ٿا. ٿوري مقدار ۾ تماڪ بہ خريف ۾ ٿيندو هو. ٻيو مکيہ فصل ربيع ۾ ٿيندو هو. هن جي پوکي جا ٽي طريقا هئا. دائمي وهندڙ واھہ، چرخي (کوهن) نارن وسيلي ۽ بوسي طريقي سان بہ پوک ڪرڻ ۾ ايندي هئي. ربيع ۾ ڪڻڪ، جَوَ، نير، سرنھن، چڻا مٽر پوکي هيٺ ايندا هئا. ٿوري مقدار۾ ڀنگ ۽ ڏوڏي بہ پوکبي هئي. ان کان علاوه هيرڻ جي پوک بہ ٿيندي هئي.
بوسي طريقو اتر ۽ وچ سنڌ ۾ رائج هو. البت لاڙ ۾ هي طريقو رائج نہ هو. هنن پوکن ۾ ڪپھہ ۽ نير اهم تجارتي فصل هئا. ڪپھہ جو فصل وچ ۽ هيٺين سنڌ ۾ ٿيندو هو. جڏهن تہ نير زمين جي نوعيت ۽آبھوا جي موافقت سان ٿيندو هو. ان کان علاوه هت پيدا ٿيندڙ ميون ۽ ڀاڄين جو ذڪر ڪرڻ نامناسب نہ ٿيندو. ٺٽو، سيوهڻ، روهڙي، شڪارپور، نصرپور ۽ حيدرآباد باغن جي ڪثرت سبب اهميت رکندڙ هئا. جتي انب، ٻير، توت، ڊاک، ليمون، نارنگي، گدامڙي،ڄمون، پستا، هنداڻا، گدرو، بادام ۽ ڪيلو آل جال ٿيندو هو. ڀاڄين جي لحاظ کان سنڌ هميشھ پوئتي رهي آهي. تڏهن بہ چڻو،سرنھن، توريو، ونگو، گجر، گوگڙو، مٽر، پٽاٽو، بصر، پالڪ، موري، ٿوم، ڪدو ۽ ٻين جو ذڪرملي ٿو. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي جي بقول، سنڌ جو زرعي عروج ابتدائي ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ڏٺو ويو. غلام شاھہ کان پوءِ گهرو لڙاين ۽ بيروني حملن هن سنڌ جي شاندار زرعي وهنوار کي ڪاپاري ڌڪ هنيو. بھرحال ايتروچئي سگهبو تہ ڪلھوڙا دؤر ۾ سنڌ هر طرح خوشحال ۽ شاداب هئي. حڪمرانن پنھنجون اعليٰ صلاحيتون ڪتب آڻيندي هن جنت الارضي سنڌ کي هر طرح سان مضبوط ۽ طاقتور بڻايو. تڏهن تہ کيس جنت السنڌ سڏيو ويو آهي.

حوالا:
2. صديقي، محمد ادريس، ”سنڌ ماٿر جي سڀيتا“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد 1979ع-ص. 5 ڄامشورو.
3. سنڌ جي تاريخ (مؤرخن جي زباني) مترجم ڀنڀرو عطا محمد، نيشنل بڪ فائونڊيشن 2000ع، صد. 337
4. چيتن لال ماڙيوال ”قديم سنڌ جي تجارتي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد 2004ع، ص.9
5. صديقي، محمد ادريس ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد1979ع، ص.194
6. قدوسي، اعجاز الحق ”تاريخ سنڌ“ جلد ٻيو، ص.432
7. ايڇ. ٽي-سورلي ”شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ“ ص،129 سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع
8. ايڇ. ٽي-سورلي ”شاھہ عبداللطيف آف ڀٽ“سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي 1992ع
9. ”تذڪره امير خاني“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو سنڌ سال 1961ع، ص. 285-288
10. ڇٻلاڻي ڊاڪٽر، سنڌ جي اقتصادي تاريخ، سنڌي ادب بورڊ ڄامشورو سنڌ.
11. لاکو غلام محمد ”ڪلھوڙا حڪومت“ انجمن اتحاد عباسيہ پاڪستان-سال 2004ع
12. ڇٻلاڻي، ڊاڪٽر، سنڌ جي اقصادي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، حيدرآباد سنڌ-ص. 45-46

مددي ڪتاب:
1. ”لاڙڪاڻو ساھہ سيباڻو“ گل محمد گاد. ميونسپل ايمپلائيز يونين لاڙڪاڻو.
2. ”لاڙڪاڻو صدين کان“ مرتب: ڊاڪٽر بشير احمد شاد هسٽاريڪل سوسائٽي لاڙڪاڻو