ڪلھوڙا دؤر جون سياسي سماجي حالتون (مختصر جائزو): سڪندر عباسي
چيو پيو وڃي تہ عباسي ڪلھوڙن پنھنجي دؤرِ حڪومت ۾ مجموعي طور تي سياسي توڙي سماجي حالتن کي پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکيو، جيتوڻيڪ ڪافي اهڙا موقعا بہ آيا جڏهن ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت جي گرفت انتظامي معاملن توڙي سياسي ۽ سماجي نقطئہ نگاھہ کان ڪمزور ٿيندي نظر آئي، پر ان کان اڳ جو پاڻي مٿي تائين چڙهي اچي انھن حالتن تي ڪنٽرول ڪيو ويو. ڪنھن مفڪر جو قول آهي تہ
“A state is a perfect body of free man, united together to enjoy common rights and advantages.”
رياست بلڪہ هڪ آئيڊيل رياست متعلق بيان ڪيل انھن خوبين مان تقريباً سڀ ان دؤرِ حڪومت ۾ موجود هيون.
ڪلھوڙا دؤرِ جي سياسي سماجي حالتن جو جائزو وٺڻ کان اڳ بھتر اهو ٿيندو تہ اڳ اهو معلوم ڪجي تہ شروع کان ڪلھوڙن جو ان وقت جي رعايا مٿان ڪھڙو اثر هو. ان حوالي سان تاريخ جي ورق گرداني ڪندي خبر پئي ٿي تہ هي هڪ مذهبي خيال جو قبيلو هو، هن نيات جا ڪي ماڻھو رات ڏينھن عبادت ۽ رياضت ۾ رڌل رهندا هيا، عام ماڻھو منجهن عقيدت رکندا هيا ۽ کين مرشد هادي ڪري مڃيندا هيا. سمن جي ايامڪاريءَ ۾ سنہ 1450ع ۾ سيد ميان محمد مھدي جهونپري اچي سنڌ ۾ وارد ٿيو هو ۽ سنڌ جا ڪيترائي ماڻھو سندس مريد ٿيا هيا جن مان هڪ آدم شاھہ ڪلھوڙو بہ هو. سندس تعلق عباسي خاندان سان هو. سيد ميان مھديءَ جي مڪي شريف ڏانھن وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۾ ميان آدم شاھہ ڪلھوڙو سندس جانشين طور ڪم ڪرڻ لڳو. ميان آدم شاھہ جي پوئلڳن ۾ آهستي آهستي واڌارو ٿيڻ لڳو. سندس وفات کان پوءِ تہ سندس اثر ۽ شھرت ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو ۽ هن جا پونئير ڇھن پيڙهين تائين هڪ ٻئي پٺيان مرشديءَ جي انھيءَ مسند تي ويھندا آيا. پنھنجين سماجي ۽ معاشي حالتن کي بھتر بنائڻ لاءِ ڪلھوڙن ڪجهہ زميندارن جي زمينن تي ڪاھہ بہ ڪئي، جن هڪٻئي سان ايڪو ڪري ڪلھوڙن سان ٽڪراءُ بہ کاڌو، پر ڪلھوڙن کين شڪست ڏئي ڇڏي. جڏهن ڪلھوڙن جي قوت جي خبر وقت جي گورنر تائين پھتي تہ هن ڪلھوڙن جي ڪن مھٽ لاءِ فوج رواني ڪئي. ڪلھوڙن ڪيترن ئي مقابلن ۾ سرڪاري فوج کي شڪستون ڏنيون. دراصل ڪلھوڙن ان وقت پنھنجي ان عمل کي پنھنجو حق سمجهيو تہ حق بس وٺڻو آهي، پوءِ ڪو ئي راضي رهي يا رنج، علامہ اقبال جي هن شعر جيان تہ:
هر طعنہ ديا جائي، هر طنز ڪيا جائي
ڪچھہ بھي هو مگر حد ادب مين نہ رها جائي
تاريخ ني قومون ڪو ديا هي يھي پيغام
حق مانگنا توهين هي حق چهين ليا جائي
ان ڳالھہ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونھي تہ ڪنھن بہ رياست، ڪنھن جي بہ دؤرِ حڪومت ۾ سندس رياست جي سماجي حالتن جي بھتري جو اندازو لڳائڻو هجي تہ ان لاءِ گهڻي مٿي ماري ڪرڻ بجاءِ پھرين شرط ان وقت جون علمي خدمتون، تعليمي حالتون ڏسجن، ڇو تہ تعليم ئي اهو مضبوط ٿنڀو هجي ٿي جيڪا ڪنھن بہ رياست جي عمارت کي جٽاءُ فراهم ڪندي آهي ۽ سمورين سماجي حالتن جي سڌاري جو دارومدار بہ تعليم تي هجي ٿو. ان لاءِ اسان کي جيڪڏهن عباسي ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت جي سماجي حالتن جي خبر لھڻي آهي تہ ڇنڊڇاڻ جي شروعات تعليم جي سري کان ڪجي ۽ ان ۾ ڪوبہ وڌاءُ ڪونھي تہ ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت علم دوستيءَ جي حساب سان مشھور آهي، هنن وس آهر علم کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙيو. اهو ئي سبب آهي جو تاريخدان ڪلھوڙا دؤر کي تعليم جو سونھري دؤر ڪري لکندا آيا آهن. ڇو تہ هو وس آهر علم جي فروغ جي سرپرستي ڪندا هيا.
ڪلھوڙن جي علم دوستيءَ تي مون کي نظام الملڪ طوسيءَ جو هڪ واقعو ياد اچي ٿو، جيڪو سلطان وٽ وزير هيو. ٿيو ائين جو سلطان، پنھنجي وزير نظام الملڪ طوسيءَ کي فوج ڀرتي ڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا. نظام الملڪ انھن فنڊن مان فوج ڀرتي ڪرڻ بجاءِ درسگاهون کولرائي ڇڏيون. سلطان کي جڏهن اها خبر پئي تہ هن نظام الملڪ کي ٻي رقم ڏني تہ وڃي فوج ڀرتي ڪر، هن ڀيري بہ طوسيءَ فوج ڀرتي ڪرڻ بدران علم جا ادارا کولرائي ڇڏيا، اهو معلوم ٿيڻ تي سلطان کي مٺيان لڳي هن نظام الملڪ طوسيءَ کي گهرائي کانئس حڪم عدوليءَ جو سبب معلوم ڪيو تہ طوسيءَ کيس اهو چئي لاجواب ڪري ڇڏيو تہ جاهل ۽ اڻپڙهيل فوج ڀرتي ڪرڻ کان بھتر آهي تہ رياست جي ديرپا سک لاءِ درسگاهون کولي پڙهيل لکيل نسل اڳتي آڻجي، جيڪو علم ۽ شروع جي طاقت سان اڻپڙهيل فوج کان هزار دفعا وڌيڪ بھتر نموني رياست جي حفاظت ڪري سگهندو.
تاريخ لکي ٿي تہ ڪلھوڙا حڪمرانن بہ پنھنجي دؤر ۾ پڙهيل لکيل نسل جي آبياريءَ لاءِ، سکر، بکر، الور، روهڙي، بوبڪ، سيوهڻ، خانوٽ، انڙپور، کپرو، نصرپور، گجر ڪوٽ، ڪاتيار، مٽياري، نيرون ڪوٽ، ٺٽو، سن، شڪارپور، ولھار، دڙي، درٻيلو، هنڱورجا ۽ ساڪر جي ڪناري جي ڳوٺن وغيرہ ۾ مذهبي تعليم جا اهم مرڪز کوليا، جيتوڻيڪ اها فھرست اڃا ڊگهي آهي، پر هتي مثال طور ڪجهہ علائقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. لکڻ وارا لکن ٿا تہ ميان نور محمد ڪلھوڙي وٽ هڪ عاليشان ڪتب خانو هيو. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ عربي ۽ فارسي علم جو رواج گهڻو عام هيو.
علمي خدمتن کان پوءِ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ وڻج واپار طرف نظر ڪجي تہ اها بہ ڪافي حد تائين مطمئن ڪندڙ نظر اچي ٿي، ان وقت سنڌ جو واپار چين، عربستان ۽ آفريڪا سان وڏي پئماني تي هلندڙ هو. امن و امان جي صورتحال بہ ڪافي بھتر هئي، جنھن جي ڪري ئي ٻيا ملڪ وڻج واپار ۽ سيڙپڪاري وغيرہ ۾ سنڌ سان لاڳاپا رکڻ پسند ڪندا هيا. صنعتي پيداوار جي لحاظ کان بہ ڪلھوڙا دؤر تاريخ ساز ٿي گذريو آهي، ان وقت، سوٽي، ريشمي ڪپڙي، چمڙي جي سامان، بافتو وغيرہ ڪثرت سان تيار ٿيندا هيا. وڻج واپار کي اڃا بہ وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ ميان غلام شاھہ ڪلھوڙي شاهبندر تعمير ڪرايو. ان کان علاوه ڪلھوڙا حڪمرانن زرعي پيداوار کي طاقت وٺرائڻ لاءِ گهاڙ واھہ، دادو واھہ، سنڌ واھہ، ڦليلي واھہ، لکي واھہ، پيڃاري واھہ ۽ گوني واھہ وغيرہ تعمير ڪرايا. سياسي لحاظ کان ڪلھوڙا دؤر حڪومت هيٺ مٿاهينءَ جو شڪار رهيو، کين وقت بوقت، معرڪن، بغاوتن، حملن سان منھن ڏيڻو پيو، جنھن جو جيڪڏهن مختصر ۽ مجموعي جائزو وٺي تت ڪڍجي تہ ڪلھوڙن ڪڏهن بہ اهڙن معاملن ۾ اٻھرائپ جو مظاهرو ڪونہ ڪيو، هنن ڪڏهن بہ صبر ۽ استقلال جو دامن هٿان ڪونہ وڃايو، سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ جي ڪلھوڙا حڪمران سڀ تحمل مزاج وارا هيا ۽ سياسي حالتن کي سوبرپڻي ۽ سنجيدگيءَ سان نبيريندا هيا.
مشھور مفڪر Franklin پنھنجي Quincy ڏانھن لکيل خط ۾ هڪ خوبصورت جملو لکيو هو تہ “There is no Good War or bad peace.” ۽ حقيقت بہ اها آهي تہ دنيا ۾ ڪابہ جنگ سٺي نہ آهي ۽ نہ ڪو امن خراب آهي. البتہ اهي جنگيون جيڪي حقن جي حصول ۽ باطل خلاف وڙهيون وڃن ٿيون، اهي بھرحال بھتر آهن. ان لحاظ کان ڪلھوڙن يا تہ ڪنھن عظيم مقصد تحت ڪنھن تي ڪاھہ ڪئي يا پنھنجي دفاع ۾ ڪنھن کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. مجموعي طور تي هنن سياسي طور تي پاڻ کي ڪافي مضبوط رکيو ۽ سياسي تعلقات بھتر رکيا. ان لحاظ کان اهو لکڻ ۾ واقعي بہ ڪا مبالغہ آرائي ڪونہ آهي تہ ڪلھوڙا دؤرِ حڪومت پنھنجي سياسي، سماجي، ديني، مذهبي، تعليمي ۽ عملي حالتن بدولت سنڌ جو هڪ تاريخ ساز ۽ سونھري دؤرِ حڪومت رهي آهي.