ميان يار محمد ڪلھوڙي جي دؤر جو تحقيقي جائزو: نذير احمد ”شاڪر“ بروهي
انھن ٽنھي اهم سياسي ۽ قوتي مھرن جي ڪردار يا سندن سياسي ڪارنامن کي سمجهڻ سان گڏ ميان يار محمد جي دؤر يا سندس دؤر کان اڳ هند، سنڌ ۽ بلوچستان ۽ سبيءَ جي سياسي منظر جو بہ اجمالي جائزو وٺڻ ضروري آهي تہ جيئن اِدوز جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو وٺڻ وقت ذڪر ايندڙ ڪردارن جي باري ۾ مڪمل طرح آگاهي ملي سگهي.
ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي 1103هه/ 1692ع ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ ميان دين محمد ڪلھوڙن جو واڳ ڌڻي بڻيو. ان دوران اورنگزيب عالمگير (پھرين ذي القعد 1068هه/ 21 جولاءِ 1658ع 28 ذي القعد 1118هه/ 3 مارچ 1707ع) دهليءَ جي تخت تي بطور مغل حڪمران نمودار هيو.(1) سندس دؤر يعني 1688ع ۾ نواب مقرم خان جي جاءِ تي نواب باقر خان بطور ملتان جو گورنر منتخب ٿيو پر انھيءَ سال نواب باقر خان جي جاءِ تي ٻيھر نواب مُقرم خان کي ملتان جو گورنر يا نواب مقرر ڪيو ويو.(2) 1695ع ۾ شھزادو معزالدين شاھہ ملتان جو گورنر مقرر ٿيو جيڪو 1707ع تائين پنھنجي عھدي تي برقرار رهيو.(3) سموري سنڌ (بکر ۽ سيوهڻ جا صوبا) سبي ۽ رياست قلات جا حڪمران ۽ علائقا پڻ ملتان صوبي يعني شھزادي معزالدين جي سياسي اثر هيٺ رهيا. جن تي سندس سياسي ۽ فوجي دٻدٻو قائم رهيو. بکر جو آخري مغل نواب مير محمد اڪرم (1090هه/ 1679ع) هيو، کانئس بعد مغل حڪمرانن طرفان بکر تي گورنر مقرر ٿيڻ بند ٿي ويا ۽ جتي ڪٿي خصوصاً سنڌ جي اُترين علائقن تي ڪلھوڙن طرفان ماڻھو مقرر ٿيڻ لڳا.(4) سبيءَ تي پڻي پٺاڻن جي حڪومت جو آغاز 30 آگسٽ 1659ع ۾ ٿيو. انھي خاندان جو پھريون حاڪم جُنيد خان البمعروف ملڪ جيوڻ ولد بارُو خان هيو، جنھن 30 آگسٽ 1659ع کان 1666ع تائين حڪمراني ڪئي. کانئس بعد سندس وڏو پٽ مرزا خان المعروف بخت بُلند خان (1666ع کان 1699ع تائين) سبيءَ جو حاڪم مقرر ٿيو. قلات رياست جي نامور بروهي حڪمران مير احمد خان ٽين (1666ع ــ 1695ع) هن کان سبيءَ جو علائقو حاصل ڪرڻ لاءِ ساڻس ارڙهن جنگيون جوٽيون، پر بروهي حاڪم کي ڪجهہ نہ وريو، ليڪن پڻي حاڪم فوجي، سياسي ۽ معاشي طور تي بلڪل ڪمزور بنجي ويو ۽ سندس ملڪي حالت يا صورتحال ڏاڍي اُبتڙ رهي.(5) سبيءَ جي حاڪم مرزا خان پڻيءَ جا ٽي راڄڌانيون مقرر هئا، جن ۾ پھريون سبي، ٻيو ڍاڍر ۽ ٽيون شڪارپور هئا.(6) اُهي مورخ ۽ محقق جيڪي اِن دؤر ۾ دائودپوٽن کي شڪارپور جا حاڪم تصور ڪن ٿا، اُهي غلط فھميءَ جو شڪار آهن.(7)
هي هيو ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي وفات ۽ ان کان بعد جي ملڪي صورتحال جو اجمالي جائزو. هاڻي اسان پنھنجي مقالي جي اصل موضوع طرف اچون ٿا.
ميان نصير محمد ڪلھوڙي جي 1103هه/ 1692ع ۾ وفات بعد سندس وڏو پٽ ميان دين محمد ڪلھوڙن جو واڳ ڌڻي بڻيو. هن جي برسر اقتدار اچڻ کان پوءِ وري ٻيھر شورش پسندن بغاوت شروع ڪئي. ان دوران ميان دين محمد ساڻن ڪيترائي زبردست معرڪا ڪيا، جن ۾ فتح هميشھ ڪلھوڙن کي حاصل ٿيندي رهي.(8) فتحپور جيڪو اصل مير پنھور سردار جو ڳوٺ هو تنھن تي ڪلھوڙن پاران قبضي خلاف وري ٻيھر ميان نصير ڪلھوڙي واري دؤر جي چالاڪي ڏيکاريندي سبيءَ جي حاڪم مرزا خان پڻيءَ کي ميان دين محمد جي مٿان چاڙهي موڪليو، پر اِهو ناڪام ويو جيئن مير علي شيخ قانع لکي ٿو ته:
”سو (مير پنھور) بادشاھہ جي حضور ۾ دانھين ويو ۽ مرزا خان پڻيءَ جي نالي حڪم ڪڍيائين. هن ٻہ ٽي دفعا حملا ڪيا پر ڪجهہ نہ ڪري سگهيو.“(9)
هن کان بعد امير شيخ جھان آيو هو بہ مارجي ويو ۽ بکر جي حاڪم اللھ يار خان(10) ڀڄي جند ڇڏائي. قنبر (قمبر) خان بروهي (بروهي حاڪم جو ڀاءُ) مٿس چڙهي آيو پر هي بہ بيوس بڻجي، ساڻس صلح ڪري واپس وريو. انھيءَ لقاءَ کي ڏسي مير پنھور مجبور ٿي، هميشھ لاءِ اطاعت قبول ڪئي.(11)
شھزادو معزالدين، ميان دين محمد جي ان بغاوتن جو سلسلو ڏسي ڪلھوڙن تي حملي ڪرڻ لاءِ بکر پھتو. ميان دين محمد بھترين سفارتي انداز ۾ پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي کهل ۽ قاسم وڪيل سان گڏ شھزادي جي خدمت ۾ موڪليو، جن شھزادي کي راضي ڪيو. شھزادو معزالدين، ڪلھوڙن جي بغاوت کي سندن پاران ختم ٿيل سمجهي واپس وريو تہ پوئتان بھار شاھہ جي وڏي ڀاءُ مقصود فقير طاقت جي نشي ۾ ماٿيلي جي آس پاس کي لُٽيو. اِها خبر ٻڌي شھزادو معزالدين مينھن واءُ هڪ ڪري واپس پھتو. شھزادو ڪاوڙ ۾ سيوستان ۾ ويھي، گهاري ۽ آس پاس جي تَر کي تباھہ ڪري ڇڏيو. شھزادو سيوستان ۾ ڇھہ مھينا رهيو تہ ميان دين محمد ڪلھوڙو مجبور ٿي، سندس آڏو پيش پيو. جنھن کي شھزادو پاڻ سان گڏ ملتان وٺي ويو ۽ پنھنجي پويان هڪ وڏي فوج ڇڏي ويو، جن جا ڪلھوڙن سان ڪيترائي معرڪا ٿيا. جن ۾ هڪ وڏو معرڪو ميان دين محمد جي ڀاءُ ميان يار محمد، شاهي فوج سان ڪيو، جنھن ۾ مغلن پاران ڪجسنگ ڀٽي ۽ سورج مل اڌيپوري ۽ ڪلھوڙن پاران تاجو فقير، جادوفقير ۽ بختاور فقير اوٺوال ڪسجي ويا ۽ مغل فوج کي شڪست ٿي.(12) ان معرڪي کان پوءِ ڪيترائي ٻيا ننڍا ننڍا معرڪا ٿيا. آخر ميان يار محمد وڌيڪ فوج گڏ ڪرڻ ۽ سهڻي نموني سان مغلن سان منھن ڏيڻ لاءِ قلات رياست جي بروهي حاڪمن کان مدد وٺڻ لاءِ روانو ٿيو. هوڏانھن شھزادو معزالدين، قلات رياست جي بروهي حاڪم مير محراب خان بروهي پھرين (1695ع-1697ع) ڏانھن پيغام موڪلي، ميان يار محمد کي گرفتار ڪرڻ لاءِ چيو.(13) آخر ڪرخ (خضدار ۽ کيرٿر جبلن جي وچ ۾ هڪ ڳوٺ) جي مقام تي، اڻڄاڻائي جي هڪ جهڙپ ۾ بروهي حاڪم زخمي ٿي، ٽئين ڏينھن وفات ڪري ويو.(14) تہ سندس جڳھہ تي مير سمندر خان بروهي قلات رياست جو حاڪم بڻيو.(15) جنھن ميان يار محمد ۽ سندس خاندان ۽ ماڻھن کي نہ صرف پاڻ وٽ رهايو، پر اندروني طرح مغلن جي خلاف ٻنھي پاڻ ۾ ٺاھہ بہ ڪيو. ميان يار محمد جي قلات وڃڻ بعد سرائي فقير ڪجهہ پاسيرو ٿي ويا ۽ حالتن جو جائزووٺڻ لڳا. ڪلھوڙن جو ملڪ ڇڏي وڃًڻ ڪري، ڪوئي بہ واڳ ڌڻي نہ رهيو. ان لاءِ شھزادو معزالدين، ڪلھوڙن جي فتح ڪيل علائقن تي احمد خان البمعروف بختيار خان ثانيءَ کي نگران مقرر ڪيو. بختيار خان ثاني مرزا خان پڻي جو پٽ هو، جيڪو مرزا خان يعني پنھنجي پيءُ جي 1699ع ۾ وفات بعد سبيءَ تي پڻي خاندان جو ٽيون نمبر حاڪم بڻيو.(16) بختيار خان ثاني پنھنجي پاران چانڊڪا ۽ سيوستان تي هڪ بااعتماد رشتيدار اللھ بخش کي ناظم مقرر ڪيو.(17) غلام رسول مھر، بختيار خان ثانيءَ کي صرف سيوستان ملڻ جي تصديق ڪندي لکي ٿو ته
”شاهي درٻار مان هن وٽ فرمان پھتو تہ پيءُ جي جاءِ تي توهان کي سيوستان جو ناظم بنايو ويو آهي.“(18)
غلام رسول مھر واقعن کي نہ سمجهي ۽ غلط تجزيو ڪري صرف بختيار خان ثانيءَ کي سيوستان علائقي ملڻ جو ذڪر ڪيو آهي، دراصل حقيقت ۾ بختيار خان ثانيءَ کي شاهي حڪم نامي تحت ڪلھوڙن جي سموري فتح ڪيل علائقن تي نگران مقرر ڪيو ويو هو، جنھن ۾ چانڊڪا ۽ سيوستان ۽ ٻيا علائقا شامل هئا. بختيار خان ثانيءَ کي وڌيڪ پرڳڻا ملڻ ڪري سندس سياسي ۽ معاشي قد ڪاٺ مٿي اڀري بيٺو. ان دروان 1699ع ۾ 1700ع جي وچ ڌاران امير بھادر خان ثاني دائودپوٽو جيڪو هميشھ شڪارپور جي علائقي کي پڻي پٺاڻن کان آزاد ڪرائڻ لاءِ هميشھ اندروني طرح مغلن ۽ ڪلھوڙن سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ مصروف رهيو وفات ڪري ويو، تہ سندس جاءِ تي هن جي نوجوان پٽ امير مبارڪ خان جنھن جي ان وقت عمر تقريباً ارڙنھن سال هئي. دائودپوٽن جو پڳدار بنايو ويو.(19) امير مبارڪ کي بختيار خان ثاني، پنھنجي خلاف سمجهي، شڪارپور مان تڙي ڪڍيو. دائود پوٽا، مختلف هنڌن تي قسمت آزمائي ڪندا، پھرين آگسٽ 1701ع تي شھزادي معزالدين وٽ ملتان پھتا.(20) جنھن اتي معزالدين کي بختيار خان ثانيءَ جي خلاف مڪمل طرح ورغلائڻ جي ڪوشش ڪئي. دائودپوٽن ۽ ڪلھوڙن جي وچ ۾ اڳيئي خفيہ معاهدو ٿيل هو انھيءَ معاهدي ٿيڻ جوا شارو راورٽي هنن لفظن ۾ ڏئي ٿو تہ، ”معلوم ٿئي ٿو تہ دائودپوٽن ۽ يار محمد ڪلھوڙن جي خفيہ سمجهوتو هيو تہ هو (شھزادو) بختيار خان کان ناراض ٿئي.“(21)
عزيز لوڻي پڻ اهڙين ڳالھين جي تصديق ڪندي، ان معاهدي ۾ قلات جي بروهي حاڪمن کي بہ ٽيون فريق هجڻ جي تصديق ڪري ٿو. هو لکي ٿو تہ، ”ان کان علاوه هو (بختيار خان ثاني) بيوقوف هيو ۽ براهوئي، ڪلھوڙا ۽ دائود پوٽن جي اتحاد (يعني معاهدي يا سمجهوتي) کان بيخبر رهيو.“(22) انھي معاهدي تحت دائود پوٽن، شھزادي کي، بختيار خان ثانيءَ کي معزول ڪرڻ ۽ سندس جڳھہ تي سنڌ جي حڪومت ڪلھوڙن کي ڏيڻ جي سلسلي ۾ مڪمل سياسي ۽ سفارتي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون.(23)
ميان يار محمد ڪلھوڙو، قلات ۾ ٻہ سال رهي 1113هه/1701ع(24) ۾ واپس قلات جي بروهي حاڪم جي هڪ رشتيدار التماس خان بروهي جي نگرانيءَ ۾ بروهي فوج سان گڏ، منڇر ڍنڍ جي ڪناري تي هٽڙي تعلقي جي سِڪھ ۽ سانوھہ ڳوٺن ۾ پھتا. اتان اڳتي وڌي قيصر پنھور کان سامتاڻي کسيائون، پوءِ اچي ڳاهن ۾ ڇانوڻي هنيائون ۽ اتان مارکپور ۽ گاهي جمشيد تي قبضو ڪري فتحپور جو قلعو ڇڏايائون. هن کان پوءِ بروهي فوج واپس هلي وئي ۽ ميان يار محمد گچيرو فتح ڪري، پنھورن جي گادي شڪارپور (جنھن کي هاڻي ڦڪن يا پڪا سڏيو وڃي ٿو.(25) جو نالو ڦيرائي ”خداآباد“ رکي، رهڻ لڳو.(26) پوءِ ان مرڪز تان سرائي فوجن جو لشڪر اماڻي گهاري ۽ ڪنڊيارا فتح ڪيائين.(27) ان ريت ميان يار محمد بغير ڪنھن رڪاوٽ جي ميان نصير محمد جي دؤر ۾ قبضي هيٺ آيل علائقن کي وري ٻيھر حاصل ڪري پنھنجي حڪومت کي قائم ڪري ورتو.(28)
پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ميان يار محمد جي انھن فتحن ۽ سبيءَ جي پڻي حاڪمن سان دشمنيءَ متعلق تحرير ڪري ٿو تہ ”ان پس منظر ۾ مقامي ماڻھو يار محمد کي ڏنڊائي چوندا آهن، جنھن تلوار هلائڻ کان سواءِ صرف ڏنڊي جي زور تي حڪومت ورتي، ليڪن اڃا شھزادو معزالدين ملتان ۾ موجود هو. سبيءَ جا حاسد پٺاڻ حڪام بہ سرگرم هئا تہ مقامي زميندارن جي دشمني الڳ هئي. بھرحال ميان يار محمد وڏي حڪمت عمليءَ سان حالتن کي منھن ڏنو ۽ سڀني آزمائشن مان نڪري پار پيو.“(29)
ميان يار محمد جي ان هڪ ٻئي پٺيان فتوحات يا قبضن جو بختيار خان ثاني مڪمل طرح جائزو وٺي رهيو هو ۽ هو سبي ڇڏي اچي شڪارپور ۾ گوڏا کوڙي ويھي رهيو. پاڻ، سندس پاران لاڙڪاڻي ۽ سيوستان تي مقرر ناظم اللھ بخش کي هر ممڪن مدد ڪري رهيو هو، تہ ٻئي طرف ملتان جي وائيسراءِ شھزادي معزالدين کي سموي صورتحال متعلق رپورٽنگ ڪندو رهيو. آخر ميان يار محمد لاڙڪاڻي تي قبضو ڪيو ۽ اتان اللھ بخش نالي ناظم کي تڙي ڪڍيو. سنڌ جي تقريباً سڀني مورخن، اللھ بخش کي، بختيار خان ثانيءَ جو ڪنھن چاچو، تہ ڪنھن ڀاءُ، تہ ڪنھن وري سندس ڀائيٽو قرار ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ مير علي شير خان لکي ٿو تہ ”لاڙڪاڻو بختيار خان جي ڀاءُ اللھ بخش جي هٿ مان ڇڏيائين.“(30)
غلام رسول مھر، اللھ بخش کي بختيار خان ثانيءَ جو ڀائيٽو ڪوٺيو آهي، هو لکي ٿو تہ ”بختيار خان جي ڀائيٽي ملڪ اللھ بخش کان لاڙڪاڻو کسيائين.“(31)
انھن مٿين مورخن کي شايد غلط فھمي ٿي آهي. باروزئي خاندان جي تاريخي مطالعي ۽ سندن شجري مطابق ”اللھ بخش“ نالي ڪو بہ ماڻھو بختيار خان ثانيءَ جو ڀائيٽيو، ڀاءُ ۽ چاڇو نہ هو.(32) عزيز لوڻائي، اللھ بخش جي شخصيت جي متعلق وضاحت ڪندي لکي ٿو، تہ ”اللھ بخش جنھن کي لاڙڪاڻي جو حڪمران چيو وڃي ٿو. اهو مرزا خان جو ڀاءُ نہ هيو، بلڪ ان جو پري جو رشتيدار هيو.“(33) جڏهن يار محمد، لاڙڪاڻو، اللھ بخش کان کسيو تہ بختيار خان ٿاڻي ۽ مغل فوجي ڪاردار ڪنھن بہ قسم جي مزاحمت گوارا نہ ڪئي. بختيار خان هڪ طرف ملتان جي گورنر کي خط لکيا تہ ٻئي طرف ٺٽي جي گورنر معرفت ميان يار محمد کي ايلاز منٿ ڪري، لاڙڪاڻي ڇڏائڻ جون ڪوشش ڪرڻ لڳو. اهڙي قسم جو هڪ خط ميان يار محمد ڏي لکيل آهي، جنھن ۾ يار محمد کي هدايت ڪئي وئي آهي تہ هو پنھنجي ميرڻ فقير سرائي کان، اهو زمين جو ٽڪروخالي ڪرائي. هن خط مان ۽ تاريخي واقعن جي تجزيي مان اهو نتيجو نڪري ٿو تہ اهو خط شايد ٺٽي جي گورنر(34) لکيو هوندو. خط جو متن هن ريت آهي ”حال ۾ بختيار خان جي تحرير مان ظاهر ٿيو تہ ميرڻ فقير ڪجهہ اوباشن سان گڏجي دشت ڪنگا ني جي زمين تي هڪ ننڍو قلعو اڏائڻ چاهي ٿو ۽ هي زمين بختيار خان جي آهي. هن قسم جي حرڪت ميرڻ فقري جھڙي سياسي ماڻھوءَکان پري آهي ۽ ظاهر آهي تہ اوهان بہ اهڙي قسم جي ڳالھہ کي هرگز روا نہ رکندا. اسان جي رضامندي انھيءَ ۾ آهي تہ اگر ڪو بہ مغالطو/ ڦڏو پيد ٿئي تہ اسان تي بادشاهي ملازم جي اعانت لازم آهي. ان صورت ۾ باقي ڇا بچندو؟ وڌيڪ ڇا لکجي!“(35)
پر خط لکندڙ کي ڪجهہ نہ وريو ۽ معاملا وڌيڪ گنڀير ٿيندا ويا. ميان يار محمد جي ان سموري فتوحات دوران شھزادي معزالدين پاران مقرر ڪيل ناظم بختيار خان ثانيءَ ڪابہ مزاحمت نہ ڪئي. هوڏانھن دائود پوٽن جا اندروني طرح ڪلھوڙن سان مسلسل رابطا جاري هئا. شھزادي معزالدين هي سمورو لقاءُ پئي ڏٺو تہ سندس پاران مقرر ڪيل بختيار خان ثاني، سنڌ جي اندروني ڀڃ ڊاھہ ۾ ڪابہ مدخالفت نہ ڪري رهيو آهي، تہ ٻئي طرف بختيار خان ثاني خلاف سندس ئي هڪ قبيلي جو سربراھہ دانھين ٿيو تہ هن منھنجي ڌيءَ کي اغوا ڪيو آهي، ٽئين طرف دائو پوٽا، جيڪي شھزادي سان ساڻ هئا، تن سنڌ ۾ سواءِ ڪلھوڙن جي ٻئي ڪنھن کي طاقت نہ سمجهي، کين حڪومت ڏيڻ جون صلاحون ڏيڻ لڳا انھن ڳالھين جو تجزيو ميجر راور لفظن ۾ ڪري ٿو تہ ”معلوم ٿئي ٿو تہ صوبيدار (شھزادي) کي ان معاملن ۾ ملوث ڪرڻ ۾ دائودپوٽن ۽ غالباً ميان يار محمد جو خفيہ سمجهوتو هيو بختيار خان ڪنھن حد تائين بزدل حڪمران هيو ۽ ذميواريون وٺڻ کان گهٻرائيندو هو.“(34)
بختيار خان ثانيءَ جي موت بابت چار مختلف روايتون هرهڪ پھريون شيخ محمد اعظم ابن شيخ محمد صالح ۽ لالادولت راءِ ولد لالا عزت راءِ،(37) ٻي آخوند محمد صديق،(38) ٽين مير علي شير ”قانع“ ۽ گولڊ سمٿ،(39) ۽ چوٿين ملا فاضل ۽ راءِ بھادر هيتو رام(40) بيان ڪيون آهن. غلام رسول مھر انھن چئني روايتن(41) کي صحيح قرار ڏئي ٿو.(42) پر پڻي خاندان جي خانداني روايتن راورٽيءَجي تحقيق مطابق، اها ڳالھہ درست نہ آهي، تہ بختيار خان ثاني، شھزادي معزالدين جي هٿان قتل ٿيو.(43) بختيار خان ثانيءَ جي قتل جي اصل وارتا ميجر راورٽي هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو:
”مڪار دائود پوٽي (امير مبارڪ خان)... شھزادي (معزالدين) جي ذهن کي ان حد تائين تيار ڪيو تہ شھزادي بختيار خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جي حامي ڀري. تنھن ڪري هي (دائودپوٽا) شھزادي جي دَستن کي پنھنجي دَستن سان ملائي، انھن کي وڏي سليقي سان غير معروف رستن کان وٺي ويا ۽ هي پنھنجي پيش قدمي کي خفيو رکندا، هڪ ڏينھن اچانڪ شڪارپور پھتا، جتي ان وقت بختيار انھن حالتن کان بيخبر موجود هيو....“ (44)
ساڳي ڳالھہ ”تذڪرة الملڪ“ جي مصنف يحيٰ خان بہ ڪئي آهي. هو لکي ٿو تہ ”اورنگزيب جي اقتدارجي ڇائيتاليھن سال رمضان 1113هه/ جنوري 1704ع ۾ ملتان ۾ هڪ بختيار نالي زميندار فتنو برپا ڪيو ۽ اعلانيہ بغاوت ڪيائين. شھزادو معزالدين صوبيدار ملتان، ٻن هزار سوارن، تازه دوم ليويز پنھنجي محافظن ۽ صوبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ وارن (دائودپوٽن جي) دستن سان گڏ سندس (بختيار جي) سوڪوبي لاءِ روانو ٿيو. انھن ۾ هڪ شديد جهڙپ ٿي، جنھن ۾ باغي شڪست کائي ويا ۽ بختيار خان مارجي ويو....“(45)
ميجر روارٽي ۽ يحيٰ خان جي مٿين بيانن مان ٻہ ڳالھيون سامھون اچن ٿيون. هڪ تہ شھزادو بختيار خان ثانيءَ سان دوبدو جنگ نہ ڪئي ۽ ٻيو تہ شھزادو پنھنجي فوج جا دستا امير مبارڪ خان دائود پوٽي جي نگرانيءَ ۾ اڳ موڪليا، جنھن دغا، فريب ۽ مڪاريءَ سان بختيار خان کي گرفتار ڪري ۽ پاڻ پنھنجي هٿن سان جنوري 1702ع ۾ (اورنگزيب جي حڪمراني جي ڇائيتاليھين سال جي شروعات ۾) قتل ڪيو. پڻي حاڪمن جو درٻاري مورخ ملا فاضل، ان واقعي متعلق وڌيڪ تفصيل ڏيندي لکي ٿو ته: ”جڏهن شھزادو معزالدين، افغان سردار جي موت جي باري ۾ ٻڌو تہ هن خواهش ظاهر ڪئي تہ هو پنھنجي مغرور مخالف کي ڏسڻ چاهي ٿو. جڏهن هن هن جي خوبصورت ۽ ڊگهي قد واري لاش کي رَت ۽ مٽيءَ ۾ ٻڏل/ ڀريل ڏٺو تہ حيران ٿيو.“(46)
بختيار خان ثانيءَ جي مارجڻ بعد هندستان جي حاڪم اورنگزيب شھزادي معزالدين کي مبارڪ جو فرمان، اعزازي لباس ۽ ٻين قيمتي تحفن سان گڏ ڏھہ لک دام ڏنائين.(47)
بختيار خان ثانيءَ جي قتل بعد مغل سرڪار ٺٽي کان علاوه باقي سموري اتر سنڌ جي واڳ ڌڻي بڻجي وئي. ان دوران اتر سنڌ ۾ باقي ٻہ اهم سياسي ۽ فوجي طاقتون رهيون. هڪ ميان يار محمد جي سرڪردگيءَ ۾ ڪلھوڙا ۽ ٻيو دائودپوٽا، جن شڪارپور کي پڻين کان آزاد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. امير بھادر ان دائود پوٽي، بختيار خان ثانيءَ کي قتل ڪرڻ بعد، شھزادي معزالدين کي پنھنجي ڄار ۾ ڦاسايو ۽ ڪلھوڙن سان اڳ ۾ ٿيل خفيہ معاهدي تحت شھزادي کي ان تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. آخر سندس ڪوششون رائگان نہ ويون ۽ هن ڪلھوڙن کي عليحده ٽڪرو وٺي ڏيڻ سان گڏ شڪارپور تي پنھنجي علحده حاڪميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. شھزادي معزالدين ان دوران اتر سنڌ کي گهڻا ٽڪرا ڪيا ۽ انھن تي ڪنھن ڪنھن کي حاڪم يا نگران مقرر ڪيائين، تنھن متعلق مير علي شير ”قانع“ تحرير ڪري ٿو تہ ”شاهزادو، خانپور مير امين الدين خان کي شڪارپور سنجر خان، مبارڪ خان ۽ هوت خان دائود پوٽي کي ۽ سيوستان غلام محمد سکانيءَ کي ڏنا.“(48)
مير قانع جي ان بيان کي غلام رسول مھر،(49) اعجاز الحق قدوسي،(50) ۽ ٻين مورخن(51) نقل ڪيو آهي. جيتري قدر مير قانع جو ”سيوستان“ جي علائقي کي غلام محمد سکانيءَ کي ڏيڻ جو تعلق آهي تہ اها قبوليت جوڳي نہ آهي. ڇو تہ سيوستان، دراصل ٺٽي سرڪار جو هڪ پرڳڻو هو.
تاريخي حقائق جي مطابق شھزادي، جيڪي اتر سنڌ جا ٽڪرا ڪيائين، تن جو تفصيل هن ريت آهي:
الف: چانڊڪا ۽ دادو (جنھن ۾ جابلو پٽي ۽ ڪاڇي وارا علائقا شامل هئا) جا علائقا ميان يار محمد ڪلھوڙي کي ڏنا.
ب: خانپور جو علائقو مير امين الدين خان کي ڏنائين.
ج: شڪارپور جي علائقي کي امير مبارڪ خان دائود پوٽي کي ڏنائين .شڪارپور يا سنڌ جي تاريخ ۾ دائود پوٽا پھريون دفعو جنوري 1702ع ۾ شڪارپور جا حاڪم بڻيا.
د: سيوري (سبي) جو علائقو غازي خان دودائي کي ڏنائي.(53) غازي خان دودائي سبيءَ جو حاڪم مقرر ٿيڻ بعد علائقي جو انتظام سنڀالي نہ سگهيو. ڇو تہ هڪ تہ سبي گهٽ پيداواري علائقو هو، ٻيو تہ بختيار خان ثاني جي قتل بعد مختلف قبيلن جي سربراهن، سبي جي حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ شورشو برپا ڪيون، تن کي غازي خان پنھنجي نااهلي سبب ختم نہ ڪري سگهيو ۽ ناڪام ويو. ان کان بعد سبيءَ تي مختلف وقتن تي مختلف ماڻھو مقرر ٿيندا رهيا. پر اُهي بہ صحيح نموني سان انتظام سنڀالي نہ سگهيا. ان سلسلي ۾ مير علي شير قانع لکي ٿو ته: ”سيوي جو دَرُو بختيار خان جي انتقال ڪرڻ کان پوءِ غازي خان دودائي کي عطاءَ ٿيو. پر هن کان جوڳو انتظام نہ ٿي سگهيو، جنھن ڪري ڦيرائي اللھ بخش خان کي ڏنو ويو. تنھن کان پوءِ اسلام خان ۽ قائم خان نھارن کي مليو. پر ڪوبہ پورو انتظام رکي نہ سگهي ۽ نيٺ ميان يار محمد جي وڪيلن جي حوالي ٿيو، تہ وڃي پنھنجي موڪل (اصيل) کي پھچائين!
ميان يار محمد ڪلھوڙو پاڻ سبي ملڻ جي اصل وارتا هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو تہ ”سبي ۽ گنجا بہ جي درن جي حقيقت هن طرح آهي تہ مان پھرئين ڏينھن کان ئي ان خدمت جي خواهش نہ رکندو هوس، ليڪن بختاور خان جي قتل کان پوءِ پھريان هن جو ڀائيٽو، باوجود هن سموري خطي کان واقف هجڻ جي ۽ احمد يار خان ۽ دلاور خان باوجود وڏا منصبدار هجڻ جي، هن ڪوره درن جي نظم و نسق تي قابو نہ پائي مستعفي ٿيا.
ميان يار محمد ڪلھوري کي هاڻي سنڌ جي ڳچ حصن جي حڪمراني، سبيءَ جا لڪ، شاهي سرپرستي ملي چڪي هئي، ليڪن اڃان هڪ وڏوفڪر هو.(56) اهو، اهو تہ جو هن جو اهل و عيال ۽ ماڻھو، بروهي حاڪم وٽ ترسيل هئا، جن کي بروهي حاڪم سمندر خان، ميان يار محمد سان ٿيل خفيہ معاهدي تان ڦري وڃڻ ڪري، آزاد نہ ڪري رهيو هو.
بروهي حاڪم، ميان يار محمد جا ٻار ۽ ماڻھو آزاد ڇو نہ پيو ڪري؟ ان سلسلي ۾ سنڌ جي گهڻن مورخن ٻنھي خطن جي حاڪمن جي وچ ۾ ڪجهہ چپقلشن جو ذڪر وڏي آب و تاب سان ڪيو آهي، جنھن تحت بروهي حاڪم، ڪلھوڙي حاڪم جا ٻار ۽ ماڻھو قيدي بڻائي ڇڏيا هئا.(57) هن ان ڳالھہ جي اَمر جي ضرورت آهي تہ بروهي حاڪم مير سمندر خان بروهي ۽ ميان يار محمد جي وچ ۾ چپقلشن جو سنڌ، بلوچستان، سبي ۽ هندوستان جي تاريخي پسمنظر جي حوالي سان تحقيقي جائزو وٺڻ کپي، تہ جيئن بلوچستان ۽ سنڌ جي مورخن جي وچ ۾ جيڪي غلط فھميون پيدا ٿيون هيون، تن کي تاريخي سچائين سان نروار ڪرڻ کپي.
قلات رياست جي بروهي حڪمرانن کي هميشھ ڪڇي ۽ گندا واھہ جي علائقن جي ضرورت رهي. هو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سبيءَ جي پڻي پٺاڻ حاڪم مرزا خان البمعروف بخت بلند خان (1666-1699ع) سان ارڙهن جنگيون ڪيون، پر پوءِ بہ ڪجهہ هڙ حاصل نہ ٿين. جڏهن ميان دين محمد کي ملتان ۾ قتل ڪيو ويو تہ ٻن ٽن سالن جي قليل عرصي ۾ ڪلھوڙن پاران چپ رهي ان سياسي ماٺاڻ جي ماحول دوران سنڌ ۾ سبيءَ جا پڻي پٺاڻ هڪ ئي قوت وڃي بچي. شھزادي معزالدين، ٻي ڪا واهر نہ ڏسي ڪلھوڙن جي فتح ڪيل علائقن تي مرزا خان جي پٽ بختيار خان ثانيءَ کي نگران مقرر ڪيو. شڪارپور جا دائود پوٽا يعني امير بھادر خان ثاني، جنھن شڪارپور جو بنياد وڌو هو، تنھن مرزا خان جي سموري حڪمراني جي عرصي دوران ڪلھوڙن جي اڀرندڙ طاقت کي ڏسي هميشھ ساڻن سياسي ۽ ڀائپيءَ وارا لاڳاپا قائم رکيا ۽ خفيہ نموني سان پڻي پٺاڻن جي خلاف ڪلھوڙن جو ساٿ ڏنو. ميان نصير محمد جو دهليءَ جي قيد مان آزادي پڻ امير بھادر خان ثانيءَ جي سفارتي ڪوششن جو نتيجو هئي.(58) ميان دين محمد جي قتل بعد ميان يار محمد قلات هليو ويو، جتي بروهي حاڪم ۽ ڪلھوڙي حاڪم جي وچ ۾ هڪ ”ٻہ ڌريو“ معاهدو طئي ٿيو. ان معاهدي ٿيڻ جا هر مورخ اشارا ڏنا آهن، پر تفصيل ڪنھن مھيا نہ ڪيا آهن. آغا مير نصير احمد زئي، بروهي ۽ ڪلھوڙي حاڪمن جي وچ ۾ معاهدي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو
”1. امير بلوچستان، سنڌ جي ڪلھوڙا خاندان جي حڪمرانن کي مصيبت وقت مدد ڏيندو ۽ انھن جي سنڌ ۾ حڪومت کي استحڪام بخشڻ لاءِ مدد مھيا ڪندو.
2. امير سنڌ (ڪلھوڙا خاندان) ان امداد جي عيوض ۾ امير بلوچستان کي ساليانو مبلغ چاليھہ هزار رپيا خراج ادا ڪندو.
3. سنڌ جا ڪلھوڙا حڪمران، امير بلوچستان جي مخالفن کي سنڌ ۾ پناھہ نہ ڏيندا، بلڪہ انھن کي گرفتاري ڪري امير بلوچستان جي حوالي ڪندو.
4. ميان يار محمد ڪلھوڙو، سنڌ ۾ جيترن علائقن کي پنھنجي قبضي هيٺ آڻيندو تہ هو (ڪلھوڙو حاڪم) ان علائقن جي ايراضيءَ جو ٽيون حصو، براهوئي حاڪم لاءِ مختص ڪندي، امير بلوچستان جي نمائندي جي حوالي ڪندو.
5. ڪڇي جي خطي ۾ گندا واھہ جو سمورو علائقو، امير بلوچستان جي حوالي ڪندو.
هي معاهدو قلات ۾ مورخه 8 ڊسمبر 1698ع تي امير بلوچستان سمندر خان ۽ ميان يار محمد ڪلھوڙو جي وچ ۾ طئي ٿيو.“(59)
ان ريت وري امير بھادر خان ثاني دائود پوٽو ۽ ميان يار محمد ڪلھوڙي جي وچ ۾ پڻ معاهدي ٿيڻ جا قوي امڪان موجود آهن. انھن ٽنھي فريقن جو هڪ ٻئي سان معاهدا ڪرڻ جا پنھنجا پنھنجا ذاتي، سياسي، معاشي ۽ فوجي مفاد لڪل هئا. مثلن سبي، ڪڇي ۽ گندا واھہ جو علائقو بروهين جي ضرورت هئي. دائود پوٽن کي شڪارپور جي ضرورت هئي. جڏهن تہ ٽين ڌر ڪلھوڙن کي اتر سنڌ جي ضرورت هئي. انھن ٽنھي ڌرين کي پنھنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۾ سبيءَ جو پڻي حاڪم بختيار خان ثاني رڪاوٽ بڻيل هو، جيڪو ميان دين محمد جي قتل بعد اتر سنڌ ۾ شاهي سرپرستيءَ همٿ هيٺ هڪ واحد اهم طاقتي مھري طور سامھون آيو هو. ان لاءِ ٽنھي ڌرين گڏجي پڻي حاڪم کي هر محاذ تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. جڏهن بختيار خان ثاني، دائود پوٽن کي شڪارپور مان تڙي ڪڍيو تہ هنن هن جي خلاف ڪم ڪرڻ کان وسان ڪين گهٽايو. هوڏانھن بروهي حاڪم، ڪڇي، گنداوھہ کي حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ ميان يار محمد کي مليو تہ هن بروهي حاڪم سان ٿيل معاهدي تي عمل درآمد نہ ڪيو ۽ ڦري ويو. ان دوران بروهي حاڪم مير سمندر خان بروهي، کيس سفارتي ڌمڪي موڪلي ”جيڪڏهن سمورين عطا ٿيل جاگيرن مان گنجا بہ ڇڏي ڏين، تہ پنھنجو صلح قائم رهندو، ٻيءَ صورت ۾ جنگ لاءِ تيار ٿي وڃ.“(60) آخر ميان يار محمد پنھنجي ننڍي ڀاءُ مير محمد کي بروهي حاڪم ڏانھن روانوڪيو، تہ بروهي حاڪم کيس جواب ڏنو ”گنجا بہ منھنجي حوالي ڪيو تہ مان توهان جي اولاد ۽ قبيلي کي وڃڻ جي اجازت ڏيان ۽ قول ۽ قسم جي بنياد تي نئين طرح سان صلح ڪريان. انھيءَ کان پوءِ اوهان کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو. جيڪڏهن هن گنجا بہ نہ ٿا ڏيڻ چاهيو، تہ پوءِ صلح ۽ امن جي ڪابہ ضرورت ڪانھي. اٿو هتان هليا وڃو. توهان جي قبيلن متعلق جيڪي منھنجي دل ۾ ايندو، اهو ئي ڪندس.“(61) بروهي حاڪم مير سمندر خان بروهيءَ وڌيڪ چيو
”منھنجا (سمندر خان جا) ماڻھو چون ٿا تہ اڳ ڪي قدر مال وغيرہ ڏيندا هئا، هاڻي تہ اهو سلسلو بہ ختم ڪري ڇڏيو اٿن ۽ ڪجهہ بہ نہ ٿا ڏين، گويا پنھنجي انجام کان ڦري ويا آهن.“(62)
”اڳ ڪي قدر مال وغيرہ ڏيندا هئا.“ جي لفظن مان مراد اها آهي تہ ميان يار محمد ڪلھوڙو، قلات ۾ قيام دوران کان وٺي بروهي حاڪم کي هر سال چاليھہ هزار رپيا ساليانو خرچ ڏيندو هو، جيڪو پوءِ ميان صاحب بند ڪري ڇڏيو.(63) مير محمد خان، بروهي حاڪم جي جواب جو جواب ڏيندي، چئي ٿو تہ ”جو ڪجهہ پاڻ ۾ طئي ٿي چڪو آهي، ان ۾ اڃا تائين ڪو بہ فرق نہ آيو آهي. جيڪڏهن ڪجهہ ٿيو بہ آهي تہ اڳتي ايئن نہ ٿيندو.“(64)
مير محمد خان جي جواب جا هي لفظ، ”ڪجهہ ٿيو بہ آهي تہ اڳتي ايئن نہ ٿيندو.“ وڏي اهميت جا حامل آهن، جنھن مان سموري ڳالھہ آشڪار ٿئي ٿي تہ ميان يار محمد، بروهي حاڪم کي معاهدي تحت چاليھہ هزار ساليانو خراج ۽ ڪڇي گندا واھہ جا علائقا ڏنا هئا، جنھن تحت ڪلھوڙو حاڪم بہ ٽي سال باقاعدگيءَ سان چاليھہ هزار ڏيندو رهيو هو، پر پوءِ اهو بہ ڏيڻ بند ڪيائين. يعني ميان صاحب معاهدي جي طئي شده ڳالھين کان ڦري ويو هو. انھيءَ ڪري بعد ۾ پوءِ ٻنھي حاڪمن وچ ۾ سياسي ويڇا وڌيا. ان طرح صرف بروهي حاڪم کي مورد الزام ٺهرائڻ صحيح نہ آهي. انھن ويڇن وڌڻ ۾ اصل محرڪ ٻنھي ڌرين جو تڪڙو مفادن کي حاصل ڪرڻ آهي.
بلوچستان جي تقريباً سمورن مورخن ميان يار محمد جو قلات وڃڻ دوران سندس فوجن پاران بروهي حاڪم مير محراب خان مارجي ويو. ملتان جي وائسراءِ پاران بروهي حاڪم جي خون جي عيوض ۾ ڪلھوڙن کان ”ڪراچي“ جو علائقو کسي، بروهي حاڪم مير سمندر خان کي ڏنو. قلات جو پھريون تاريخي تذڪرو، آخوند محمد صديق سن 1276هه/ 1840ع ۾ ”اخبارالابرار“ جي نالي سان تيار ڪيو. ان وقت ميان يار محمد ۽ محراب خان جي جهڙپن کي هڪ سؤ سٺ سال گذري چڪا هئا. آخوند محمد صديق هن واقعي متعلق رقمطراز آهي ته: ”ٻہ ٽي ڏينھن مير محراب خان زندھہ رهيو. آخوند محمد صالح وزير کي طلب ڪري وصيت ڪيائين تہ احمد خان ۽ عبداللھ خان منھنجا پٽ آهن، پر حڪومت انھن کي نہ ڏني وڃي. مير قمبرمنھنجو وڏو ڀاءُ هو، مير سمندر ان جو وڏو پٽ آهي. حڪومت ان جي حوالي ڪئي وڃي. خان جي حڪم تي عمل ڪيوويو. چغتہ بادشاھہ ڪورو ۽ ڪاراچي (ڪراچي) جا علائقا ميان ڪلھوڙن کان وٺي مير محراب خان جي خون بھا طور احمد زين کي ڏنا.“(65)
آخوند محمد صديق جي ان بيان کي بعد جي بلوچستان جا سمورا مورخن(66) حوالي طور استعمال ڪندا رهيا آهن. آخوند جي ان بيان ۾ ڪيتري سچائي ۽ حقيقت آهي، ان جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو وٺڻ ضروري آهي. سنڌ جو نامور محقق ۽ مورخ پروفيسر غلام محمد لاکو سيٺ نائونمل جي حوالي سان ڪراچيءَ جي بنياد متعلق تحرير ڪري ٿو ته
”هڪ پاڻيءَ جو چشمو هو، جنھن کي ڪلاچيءَ جو ڪن سڏيندا هئا. ڪن جي معنيٰ آهي هڪ اونھي پاڻيءَ واري کڏ ۽ ڪلاچي هڪ ميربحر جو نالو پڻ هو. کڏ جي چوڌاري تمر جا وڻ هئا. آخر جاءِ پسند ڪري، اتي گهر ٺهرايا ويا ۽ کڙڪ بندر مان سڀ متحرڪ سامان منتقل ڪيو ويو. پوءِ سڀ ڪلاچيءَ جي ڳوٺ جو ان وقت ”ڪراچي“ سڏبو هو، اتي اچي ويٺاسين.... نسبت 1785 (1729ع) ڌاري پکڙڪ بندر جا ماڻھو لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ ويٺيا.“(67)
حاصل مطلب تہ ڪراچيءَ جو بنياد 1729ع ڌاري پيو. ڪلاچي اصل ۾ هڪ مھاڻي عورت هئي، جيڪا پنھنجي راڄوندي هئڻ سبب اهميت رکندڙ هئي، جنھن جي نالي ۾ هي شھر وجود ۾ آيو ۽ نيٺ ”ڪراچي“ ۾ بدلجي ويو.(68)
بروهي حاڪم مير محراب ان بروهي 1698ع(49) ۾ قتل ٿي ويو ۽ ان جي قتل کان ٻٽيھہ سال پوءِ ڪراچي شھر جو بنياد پيو. ان طرح ميان يار محمد ڪلھوڙو، ڪراچي بندرگاھہ ڪھڙي حساب سان بروهي حاڪم جي قتل جي عيوضي ۾ ڏئي ٿو. سنڌ جو نامور مورخ ۽ محقق ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ان اهم علمي ۽ تاريخي نقطي متعلق لکي ٿو ته: ”مغل دؤر ۾ ڪراچيءَ وارو سمورو علائقو ٺٽي صوبي ۾ شامل هو... محراب خان 1111هه/ 1700ع(70) ۾ مارجي ويو. نائونمل جي لکت موجب هيءَ بستي (ڪراچي) 1142هه/ 1729ع ۾ وجود ۾ اچي چڪي هئي. تڏهن بہ بحيثيت هيٺ دؤر ۾ ان تي اڃا مغلن جو قبضو هو. ڪلھوڙن کي 1150هه/ 1726ع ۾ ٺٽو صوبو، آخري مغل نواب صادق علي خان جي هٿان مليو، ان بعد وڃي سڄيءَ سنڌ تي پھريون ڀيرو ڪلھوڙن جي حڪمراني قائم ٿي. هن صورتحال ۾ ”ڪراچي“ ڪيئن ڪلھوڙن کان وٺي خان قلات کي ڏني ويئي، سا ڳالھہ پڌري پيئي آهي، نہ ان دؤر ۾ ڪراچي ڪلھوڙن جي عمل دخل ۾ هئي ۽ نہ وري ڪلھوڙن کان ڪراچي کسي، خون بھا طور بروهين کي ڏني ويئي.“(71)
هن مٿين بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو تہ بلوچستان جي مورخن جي اها ڳالھہ تہ شھزادي معزالدين، بروهي حاڪم مير محراب خان بروهي جي خون بھا طور ميان يار محمد کان ڪراچي وٺي ڏيڻ وارا بيان بي بنياد ۽ غلط آهن. ميان يار محمد ڪلھوڙو، قلات مان ٻار وٺي اچڻ لاءِ هر وسيلا ۽ حربا اختيار ڪيا پر ڪجهہ نہ وريو. آخر هڪ اهم واقعو نمودار ٿيو جنھن جي وجهہ کان ميان صاحب جا ٻار ۽ ماڻھو قلات مان سنڌ پھتا، اهو واقعو هي هيو تہ لَڪن جي علائقي ۾ شاھہ محمد پٽ غازي خان باھہ ٻاري ڏني هئي. شھزادو خود شاھہ محمد جي خاتمي لاءِ اڳتي وڌيو، پر کيس ڪاميابي نہ ٿي. مير شھداد خان ٽالپر هن معاملي ۾ سرگرمي ڏيکاري ۽ شاھہ محمد جو خاتمو ڪيو. هن واقعي هڪ طرف مير شھداد کي پَٽَ باران ۾ جاگير ڏياري(72) ۽ ٻئي طرف شاهي طرف کان خود يار محمد مان بہ مطمئن ٿي ويو. مٿس پڻ انعامن ۽ درجن ۾ اضافي جي بارش ٿي. هنن واقعن کان پوءِ معزالدين جي دخل ڏيڻ تي ميان يار محمد جو اولاد ۽ گهر وارا آزاد ڪيا ويا ۽ اهي خير خوبيءَ سان سنڌ ۾ موٽي آيا.(73)
مير علي شير قانع ان واقعي کي شھزادي پاران سنڌ تي ٻئي حملي (پھريون حملو 1697ع ۾ ڪيائين، جڏهن ميان دين محمد کي گرفتار ڪري ملتان وٺي) کانپوءِ ”ٿوري وقت کان پوءِ“ جا لفظ چئي، ڄاڻايو آهي،(74) جڏهن تہ غلام رسول مھر، ان واقعي کي جهوڪ واري مسئلي يعني 1718ع جي شروعات جو قرار ڏنو آهي.(75) پر اڳتي هلي ان واقعي کي ميان يار محمد کي سبي ۽ گنجابو علائقا ملڻ بعد جو قرار ڏئي ٿو.(76) دراصل اهو واقعو 1117هه/ 1705ع جو آهي ۽ انھي سال شھزادي، غازي خان جي پٽ شاھہ محمد کي آخري شڪست ڏني. شھزادي جو ان معرڪي ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد اورنگزيب عالمگير کيس 12 ربيع الاول 1117هه/ 1705ع جون تي انعام طور اعزازي لباس هڪ هاٿي، هڪ گهوڙو ۽ ٻيا تحفا عنايت ڪيا.(77)
تقريباً ٻہ سال ميان يار محمد ڪلھوڙو سڪون جا گذاريا تہ مرڪز ۾ حڪومتي تبديلي آئي. اورنگزيب عالمگير 28 ذوالقعد 1118هه/ 3 مارچ 1707ع تي گذاري ويو. هن جي عمر قمري حساب سان ايڪانوي سال، سترنھن ڏينھن هئي ۽ پنجاھہ سال، ٻہ مھينا، ستاويھہ ڏينھن حڪومت ڪيائين.(78) هن جي وفات سان ئي سندس پٽن ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ خونريز جنگين جو سلسلو شروع ٿي ويو. ايئن وڏي ويڙهاند بعد سندس وڏو پٽ محمد معظم شاھہ عالم بھادر شاھہ پھريون 30 محرم الحرام 1119هه/ 3 مئي 1707ع (79) تي تخت نشين ٿيو. هن جي دؤر ۾ ڪوبہ چڱو ڪم نہ ٿيو، بلڪہ ملڪ ۾ ڪيترائي سياسي مسئلا پيدا ٿيا. مغل سلطنت هن جي دؤر کان وٺي زوال طرف گامزن رهي. ڪجهہ اهڙا گروھہ پيدا ٿيا، جيڪي اڳتي هلي مستقبل ۾ ملڪ لاءِ خطري جا نشان بڻيا. هندستان ۾ هن کي ”شھ بي خبر“ يعني امور سلطنت ۾ ڪابہ دلچسپي نہ وٺندڙ سڏيو ويندو هو. هن 21 محرم 1124هه/ 27 فيبروري 1712ع ۾ وفات ڪئي. هن جي عمر ستر سال، ڇھہ مھينا هئي ۽ سندس دؤر حڪومت پنج سال هڪ مھينو، ٻاويھہ ڏينھن رهيو.(80) مرڪز جي اهري سياسي گهوٽالي ۾ بہ ميان يار محمد جي حڪومت سياسي توڙي فوجي حوالي سان مضبوط رهي.(81) پر ٺٽي صوبي ۾ ڪجهہ شرپسند ٽولا ڦرلٽ ۾ مصروف عمل هئا.
ٺٽي جي گورنر سعيد خان (1119هه/ 8-1707ع- 1121هه/ 10-1709ع) جي دؤر(82) ۾ نومڙين (نھمڙي) فساد برپا ڪيو.(83) نومڙين جو قبيلو سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان تعلقن جي جابلو پٽي ۾ رهندو هيو. ان جو مطلب تہ اهي اوٿل، ساوه، عزيزاڻي، رني ڪوٽ، ٿاڻي، جھانگارا، ڪائي ۽ نار ۾ رهندا هئا. هي ڳوٺ سيوهڻ کان ترتيب وار 38، 30، 26،20، 14 ۽ 10 ميلن تي هوندا هئا. نومڙيا، سيوهڻ ۽ جوهي تعلقن جي اولھہ ۾ ڪاڇي طرف يلغارون ڪندا هئا. نومڙيا اصل ۾ سميجن جو هڪ پاڙو آهي، پر اهي هاڻي پاڻ کي ٻروچ سڏائين ٿا. نومڙيا سميجن سان گڏجي لَڪي ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ ڀڳي ٺوڙهي جي آسپاس ڦرون ڪندا هئا. هي قبيلا سَن جي پرڳڻي ۾ لڪي، آمري ۽ ٽهڻي کي ڦريندا هئا.(84) ٺٽي جي گورنر عطر خان المعروف سعيد خان، ڪمزور هجڻ ناتي، ميان يار محمد کي بار بار مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. آخر 1119هه/1708ع ۾ ميان صاحب وڏي فوج سان گڏ نومڙين کي نہ صرف شڪست ڏني پر کين هَب ۽ پَب جبلن کان بہ ڀڄائي ڪڍيائين.(85)
بختيار خان ثانيءَ جي ڀائٽين ۽ ٻين هرهڪ دولت خان ولد محبت خان ولد بارو خان، سبزل خان ولد خليل خان ولد بارو خان (86) پنجو خان، رحيم خان پڙانگ ۽ دولت کان پڙانگ (پٺاڻ) جن 14 ذوالحج 119هه/ 25 فيبروري 1708ع تي قنڌار ۽ نومڙين جي فتني جو فائدو وٺي سبيءَ تي قبضو ڪيو.(87) آخر ستٽيھن ڏينھن کان پوءِ ميان يار محمد ڪلھوڙي جي فوجن 21 محرم 1120هه/ 1 اپريل 1708ع تي ڍاڍر ۽ سبيءَ جا قلعا وڏي خون ۽ خرابي کانپوءِ واپس ڪيا.(88)
ميان يار محمد سبيءَ کي ٻيھر حاصل ڪري ملڪي انتظامن ۽ معاشي سڌارن ڏانھن توجهہ ڏنو، تہ ان دوران دائود پوٽا، جن کي مغل حاڪم هند، شڪارپور جوعلائقو تفويض ڪري ڏنو هو. تن پنھنجي طاقت کي شاهي پٺڀرائي جي آڙ ۾ غلط استعمال ڪيو، ۽ مختلف ماڻھن جي زمينن تي قبضو ڪيو ۽ ميان جي ملڪ ۾ درانگيزي ڪرڻ شروع ڪيائون. آخر ميان صاحب هڪ وڏي فوج موڪلي امير مبارڪ خان دائود پوٽي سان مھاڏو اٽڪايو هڪ هفتي تائين وڏي ويڙھہ هلي ۽ ٻنھي ڌرين جا ڪيترائي سئو ماڻھو ڪُسجي ويا پر اچانڪ ميان يار محمد کي شاهي حڪم پھتو تہ فوج ملتان روانو ڪيو. ان لاءِ ميان صاحب تڪڙو نظريھءِ ضرور تحت دائود پوٽن سان صلح ڪري، مسئلي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو.(89)
ميان صاحب جو دائود پوٽن سان ويڙھہ ۽ فوجن کي ملتان رواني ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين جي تپي نوشھرو ابڙو(90) جي هڪ افغان زميندار رحيمداد افغان، سبيءَ جي پڻي ۽ ٻين پٺاڻ قبيلن جي سربراهن جي مدد سان سبي ۽ ڍاڍر تي قبضو ڪيو. ميان صاحب اهو ٻڌي پنھنجي پٽ دائود خان کي وڏي ڪَٽڪ سان روانو ڪيو، جنھن رحيمداد افغان کي شڪست ڏيئي ڀڄايو. ميان يار محمد ان معرڪي ۾ ڪاميابيءَ تي دائود خان کي هڪ ڀلو گهوڙو، خاص تلوار ۽ جڙدار خنجر انعام طور عنايت ڪيا. سيد عبدالجيل بلگرامي(91) رحميداد خان افغان جي هار ۽ دائود خان جي جيت جي واقعي جي تاريخ هن سٽ مان ڪڍي آهي: ”زدائود شد فتح سيوي و داد هر 1128هه/1713ع. مطلب تہ دائود خان سبي ۽ ڍاڍر فتح ڪيو.“(92)
ميان يار محمد ڪلھوڙي جي دؤر جا آخري ڇھہ سال امن ۽ سڪون سان گذريا. سندس حڪمراني جي آخري سال جهوڪ وري مسئلي ڪرُ کنيو، جيڪو سنڌي ادب ۽ تاريخ ۾ نمايان هجڻ سان گڏ اهم تڪراري موضوع رهيو آهي.(93) هن موضوع تي غير سنجيده ليکڪن غير تحقيقي انداز ۾ ميان يار محمد ڪلھوڙي کي جوابدار ٺهرائي جهوڪ واري مسئلي ۾ شاھہ عنايت شھيد جو قاتل قرار ڏنو آهي.(94) پر اصل ۾ ميان صاحب جو ان ۾ ڪوبہ هٿ نہ هو، ۽ نہ ئي شاھہ عنايت سان ڪو سياسي يا خانداني وير هوس. شاھہ عنايت جڏهن بٺوري پرڳڻي ۾ غازيان جي ڪناري ”جهوڪ“ ۾ سڪونيت پذير ٿيو تہ سندس شھرت هر طرف ڦهلجي ويئي.(95) ان دؤر ۾ ٺٽي جو گورنر لطف علي (1125هه/ 1713ع کان 1128هه/ 1716) هو. بلڙيءَ جا سيد، جيڪي پڻ پيري ۽ مريدي جو سلسلو هلائيندڙ هئا. تن شاھہ عنايت جي وڌندڙ شھرت کي ڏسي سندس ذاتي دشمن بنجي ويا. شاھہ عنايت، شاهي حڪم تحت مريدن کي زمينون وٺرائي ڏنيون ۽ انھن مٿان ڍل بہ معاف ڪرائي.(96) اهڙي طرح سندس ۽ مريدن جو گذران ڏينھون ڏينھن بھتر ٿيندو ويو. ان منظر کي ڏسي علائقي جي زميندارن جا هاري پڻ پنھنجي زميندارن کي الوداع چئي، شاھہ عنايت جي حلقي ۾ شامل ٿيا.(97) ان مسئلي تر جي زميندارن کي ڪاوڙايو ۽ بلڙي سيدن جو هم رڪاب بڻايو. بلڙي سيد ۽ زميندار، ٺٽي جي گورنر لطف عليءَ جا ڪن ڀريا، جنھن کين شاھہ عنايت جي خلاف پنھنجو پاڻ قدم کڻڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي.(98) جن وڏي لشڪر سان شاھہ عنايت جي درگاھہ تي حملو ڪيو، جنھن ۾ سندس ڪيترائي مريد شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. مريدن داد رسيءَ لاءِ پڪاريو، شاھہ عنايت انصاف جي تقاضا موجب، قاتلن جي زمينن تي قبضو ڪري، ”جو کيڙي سو کائي“ جو مشھور نعرو بلند ڪيو.(99) ان تحت هزارين معاشي طور بدحال خاندانن جا فرد ۽ هزارين اٻوجهہ ۽ مظلوم ماڻھو سندس ٻانھن ٻيلي بڻيا.
1128هه/1716ع ۾ لطف علي جي قتل کان بعد نواب اعظم خان ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو.(100) بلڙي جي سيدن ۽ ترَ جي زميندارن جيڪي اڳيئي شاھہ عنايت جا دشمن بڻيا بيٺا هئا تن نئين نواب يعني اعظم خان جا ڪن ڀريا. تنھن شاهي حڪم تحت مليل زمينن تي معاف ٿيل ڍل جي اوڳاڙي شروع ڪئي ۽ قبضو ڪيل زمينن کي واپس ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي. ان قدم شاھہ عنايت ۽ سندس مريدن کي ڪاوڙائي وڌو. ان ڪاوڙ جو فائدو وٺي نواب اعظم خان مرڪز کي غلط رپورٽنگ ڪئي تہ شاھہ عنايت ۽ سندس فقير حڪومت جا دعويدار بڻجي رهيا آهن ۽ خليفة اللھ جو حڪم نہ ٿا مڃين.(101) مرڪز طرف حڪم پھتو تہ شاھہ عنايت جي ان فتني کي فوجي طاقت جي زور تي ڪچليو وڃي. نواب اعظم، سموري سنڌ جي مختلف حصن تي مغل حڪمرانن پاران مقرر نگرانن يا حاڪمن کي خود فوج سميت پھچڻ جا حڪم جاري ڪيا.(102)
ميان يار محمد ڪلھوڙو جيئن تہ مغل حڪومت جو هڪ خاص ۽ اهم منصبدار هيو ۽ جڏهن کيس سبي ۽ ڪچي جا علائقا ڏنا ويا تہ هو، اُن ٿيل معاهدي جي هڪ شق: ”جڏهن بادشاھہ کي ضرورت پوي تہ پنھنجي فوج وٺي، ملتان ۽ ٺٽي جي نوابن سان گڏ، خدمت لاءِ تيار رهڻ گهرجي.“ جو پابند بڻيل هو.(103) ان طرح ميان صاحب پنھنجي فوج سميت نواب اعظم جي مدد طور ساڻس گڏ شاھہ عنايت تي 18 ذي القعد 1129هه/13 آڪٽوبر 1717ع ۾ حملو ڪيائين ۽ کيس 18 صفر 1130هه/ 7 جنوري 1718ع تي قتل ڪيو ويو.(104)
سنڌي زبان ۾ هڪ شعر موجود آهي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ اهو شعر شاھہ عنايت، ميان صاحب کي بد دعا ڏيندي چيو شعر هن ريت آهي
ڪاهي ڪلھوڙو آيو، ڪري مندي صلاح،
اچي اَڙيو انھن سان، جنين واٽ اللھ،
ڪلھوڙي جي باھہ، وسائي ورهين کي.
يعني ڪلھوڙو مدائي جي نيت رکي آيو آهي ۽ انھن سان اچي اڙيو آهي جن وٽ اللھ آهي. ڪلھوڙي جي باھہ ورهين لاءِ وسامي ويئي.(105) غلام رسول مھر، هن شعر جي صحت تي بي داغ عالمانہ تبصرو ڪيو آهي ۽ ان کي شاھہ عنايت جو قرار نہ ڏنو آهي.(104) ۽ ان سان گڏ ميان صاحب کي ان دؤر جي سياسي ۽ تاريخي حالتن جو تحقيقي انداز ۾ عالمانہ تجزيو ڪري، بي ڏوهي ثابت ڪيو آهي.(107)
ميان يار محمد ڪلھوڙو ارڙنھن سال (جنوري 1702ع کان سيپٽمبر 1719ع تي وفات ڪري ويو.(108)
حوالا، حاشيا ۽ واڌارا:
1. HUMAIRA FAIZ DASTI, MULTAN-APROVINC OF THE MUGHUL EMPIRE (1525-1751) KARACHI, ROYAL BOOK COMPANY, 1998, PP.157.1
2. (2) Ibid, pp.169 to 171.
3. (3) Ibid, pp.171, 177.
4. خانبھادر خداداد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ (سنڌي ترجمو): حافظ خير محمد اوحدي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1989ع، ص 90
5. سنڌ جي گهڻن مورخن ۽ محققن کي سبيءَ جي پڻي حاڪمن متعلق تمام گهٽ معلومات آهي. ان لاءِ گهڻين غلط فھيمن جو شڪار ٿيا آهن. سبيءَ جي پڻي حاڪمن جي متعلق تفصيل لاءِ ڏسو:
ABDUL AZIZ LUNI, “AFGHANS OF THE FRONTER PASSES”
VOL:1, QUETTA, QUETTA BOOK STALL, 1992.
6. شڪارپور، ان دؤر ۾ سبي جي پڻي حاڪمن جي جاگرافيائي حدن ۾ هجڻ سان گڏ، سندن حڪومت جي ٽين راڄڌاني هو. تفصيل لاءِ ڏسو
ABDUL AZIZ LUNI, OP. CIT. P. 182+ALSO SEE.
ايڇ. جي راورٽي، ”سرزمين افغان و بلوچ“ (حصو ٻيو) اردو ترجمو: پروفيسر سعيد احمد خالد، ڪوئيٽا، سپنزر پرنٽرز، 1991ع، ص 882، 883
7. سنڌ جا گهڻا مورخ، دائود پوٽن کي 1702ع کان اڳ ۾ شڪارپور جا حاڪم تصور ڪن ٿا. ان لاءِ هيٺين ڪتابن ۾ شامل مختلف مقالا پڙهڻ گهرجن. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (مرتب)، ”شڪارپور: ماضي ۽ حال“، شڪارپور پبليڪيشن ڪاميٽي، 1984ع، ص 34 کان 53
ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو (مرتب): ”شڪارپور صدين کان“، شڪارپور شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، 1988ع، ص 20 کان 49
خليل مورياڻي (مرتب): ”شڪارپور سونھن جو شھر“ شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي، 1994ع، ص59 کان 75
(8) غلام محمد لاکو: ”ڪلھوڙا دؤر حڪومت“ ڪراچي، انجمن اتحاد عباسيہ 2004، ص112
(9) مير علي شير ”قانع“: ”تحفة الڪرام“ سنڌي ترجمو: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1976ع، ص260
(10) مير محمد اڪرم کان پوءِ 1695ع ۽ 1696ع جي وچ ڌاري ٽن چئن مھينن لاءِ اللھ يار خان بکر جو نواب مقرر ٿيو هو.
(11) مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص 260
(12) ايضاّ، = ص، 260.261
(13) MIR AHMED YAR KHAN BALUCH, “INSIDE BALUCHISTAN”KARACHI, ROYAL BOOK COMPANY, 1975, P-76
(14) C.F. MINCH III, “THE GAZETEER, OF BALUCHISTAN” SERIES “SARAWAN”, QUETTA, GOSH-A-E-ADAB, 1986, P.27
(15) مير گل خان نصير: ”تاريخ بلوچستان“ (اردو)، ڪوئيٽا، قلات، پبلشرز، 1993ع ص 22
(16) ABDUL AZIZ LUNI, OP. CIT. PP.195.196
(17) هن واقعي کي گهڻن مورخن نہ سمجهي، غلط فھميءَ جو شڪار ٿيا آهن. مثلن، مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص262
ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص 113
(18) غلام رسول مھر، ”تاريخ ڪلھوڙا“ (حصو پھريون)، اردو، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع ص 194،197
(19) امير مبارڪ خان 1683ع ۽ 1685ع ڌاري پيدا ٿيو.
(20) غلام رسول مھر، حوالو ڏنل آهي، ص202
(21) ايڇ.جي راورٽي، حوالو ڏنل آهي، ص883
(22)A.AZIZ LUNI, OP.CIT.P.202
(23)ايڇ.جي راورٽي، حوالو ڏنل آهي، ص883
(24) شھزادي معزالدين، 1702 جي شروعات ۽ سياري جي عروج ۾ ميان صاحب مٿان حملو ڪرڻ لاءِ آيو.
(25) ڊاڪٽر لياقت مگسي: ”خداآباد جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حيثيت“، دادو: ميان يار محمد ڪلھوڙو تاريخي، ثقافتي يادگارڪميٽي دادو، 1997ع، ص 14
(26) ايضاّ، = ص114
(27) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص262، 263
(28) غلام محمد لاکو: حوالو ڏنل آهي، ص113،114
(29) ايضاّ، = ص114
(30) مير علي شير”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص 262، 263
(31) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 212
(32) راءِ بھادر هيتورام: ”تاريخ بلوچستان“ (اردو)، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1973ع، ص 790 جي سامھون ڏنل شجرو
(33) A.AZIZ LUNI, OP.CIT.PP. 202.203
(34) خانبھادر خداداد خان: حوالو ڏنل آهي، ص 122
(35) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 193،194
(36) ايڇ.جي راورٽي: حوالو ڏنل آهي، ص 883،884
(37) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 204
(38) آخوند محمد صديق: ”اخبار الابرار“، (اردو ترجمو): مير گل خان نصير ڪوئيٽا، نساءَ ٽريڊرز ڪوئيٽا، 1984ع ص34، 35
(39) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي. ص. 263
(40) راءِ بھادر هيتو رام، حوالو ڏنل آهي، ص 782
(41) غلام رسول مھر، حوالو ڏنل آهي، ص 204 کان 214 تائين
(42) ايضاّ، = ص 213، 214
(43) گهڻن بختيار خان جي قتل جو جوابدار معزالدين ڄاڻايو آهي. مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص 263
(44) ايڇ جي راورٽي: حوالو ڏنل آهي، ص 884
(45) ايضاّ، ص844
(46) A.AZIZ- LUNI, OP.CIT.p.195
(47) H.FAIZ DASTI, OP. CIT.P.175.
(48) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص 264
(49) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 214، 215
(50) اعجازالحق قدوسي: ”تاريخ سنڌ“ (جلد ٻيو، اردو)، مرڪزي اردو بورِ لاهور، 1985ع، ص 408
(51) مير قانع جي ان بيان کي گهڻن نقل ڪيو آهي. ان لاءِ ڏسو غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، ص 115
(52) خانبھادر خداداد خان، حوالو ڏنل آهي، ص 123
غلام محمد لاکي پنھنجي هڪ مقالي ۾ ”سيوهڻ“ کي ٺٽي صوبي جي جاگرافيائي حدن ۾ ٻڌايو آهي، ڏسو: ٽه ماهي مھراڻ، نمبر 1-2، 2001ع، ص 62
(53) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص 263، 264
(54) ايضاّ، = ص. = =
(55) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 215، 214، 217
(56) غلام محمد لاکو: حوالو ڏنل آهي، ص 115
(57) گهڻن مورخن بروهي، ڪلھوڙا چپقلشن جو ذڪر ڪيو آهي. ان لاءِ ڏسو: مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ڪلھوڙا دور. غلام محمد لاکو، حوالو ڏنل آهي، مختلف صفحا.
(58) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص175، 176
(59) آغا نصير احمد خان احمد زئي، ”تاريخ بلوچ و بلوچستان“ (جلد پنجون، اردو)، بلوچي اڪيڊمي ڪوئيٽا، 1994ع، ص49، 50
(60) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 220، 221
(61) ايضاّ، = ص 222
(62) ايضاّ، = ص 229، 230
(63) آخوند محمد صديق: حوالو ڏنل آهي، ص39
(64) غلام رسول مھر: حوالو ڏ نل آهي، ص 230
(65)آخوند محمد صديق: حوالو ڏنل آهي، ص 37
غلام رسول لاکو مقالو: ٽه ماهي ”مھراڻ“، جلد 49، نمبر 4، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1999ع، ص 74
(66) آخوند محمد صديق جي ان بيان کي بعد جا سڀئي بلوچ مورخ نقل ڪندا رهيا آهن. ان لاءِ ڏسو: مير گل خان نصير، حوالو ڏنل آهي، ص 23، آغا نصير احمد زئي، حوالو ڏنل آهي، ص53
MIR.AHMED YAR KHAN. OP.CIT.P.80
(67) سيٺ نائونمل هوتچند: ”يادگيريون“ سنڌي ترجمو: محمد حنيف صديقي، سڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1978ع ص53، 54 ۽ غلام لاکو مقالو، ٽه ماهي ”مھراڻ“، جلد 49، نمبر4، 1999ع، ص72
(68)غلام رسول لاکو: مقالو، ٽه ماهي ”مھراڻ“، جلد 49، نمبر4، 1999ع، ص73
(69) مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص262
(70) غلام محمد لاکو: (مقالو) ٽه ماهي ”مھراڻ“، جلد 49، نمبر 4، 1999، ص75
(71) ايضاّ، = ص 75، 76
(72) مولائي شيدائي: ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1985ع، ص 65، 466
(73) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص 264
(74) ايضاّ، = ص 264
(75) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص 313
(76) ايضاّ، = ص314
(77) ايڇ. جي راورٽي، حوالو ڏنل آهي، ص866، 884
(78) HUMIRA FAIZ DASTI, OP.CIT.P.176
(79) IBID = P.177
(80) IBID = ,PP.179,126, 129.
(81) غلام رسول لاکو: حوالو ڏنل آهي
(82) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص319
(83) ايضاّ، = ص317، 318
(84) ايضاّ، = ص317
(85) ايضاّ، = ص318 ۽ پڻ ڏسو عبدالرسول قادري بلوچ: ”ڪلھڙا دؤر جي ڊائري“ (مقالو)، ٽه ماهي ”مھراڻ“ نمبر 4، جلد 34، 1987ع، ص117
(86) A.AZIZ LUNI, OP.CIT.P.133.
(87) مير علي شير ”قانع“: حوالو ڏنل آهي، ص264
(88) ايضاّ، = ص264
(89) ايضاّ، = ص
(90) J.POLLEN, “MEMOIRS OF HERDITARY JAGIRDARS, KHARATDARS, PATTADARS AND H.SSADARS IN SINDH.” 1888, P.270.
(91) عارف نوشاهي: ”بلگرام جي هڪ علمي گهراڻي جي سند ۾ وقائع نگاري“ (مقالو)، ٽه ماهي ”مھراڻ“ نمبر 3، 4، جلد 47، 1998ع، ص 117، 118، 119
(92) ايضاّ، = ص 118
(93) سبط حسن: ”نويد فڪر“ (اردو)، مڪتبہ دانيال لاهور، 1988ع، ص180 کان 219
(94) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص271
(95) مير علي شير قانع: حوالو ڏنل آهي، ص427، 250
(96) غلام رسول مھر: حوالو ڏنل آهي، ص279.
(97) مير علي شير قانع: حوالو ڏنل آهي، ص 250
(98) ايضاّ، = ص
(99) ايضاّ، =، ص204
(100) ايضا ّ=، ص. 249
(101) ايضاّ، = ، ص. 250
غلام رسول مھر، حوالو ڏنل آهي، ص 280، 283
(102) مير علي شير قانع، حوالو ڏنل آهي، ص 428، 250
غلام رسول مھر، حوالو ڏنل آهي، ص 281، 282