ٻہ اکر
ٻري جن ٻاري، آئون نہ جيئندي ان ري.
(شاھ)
مان ڀانيان ٿو، ”سيمي“، ”اداس واديون“، ”ويريون“، ”راڻا جي رجپوت“ وارو سفر ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ تي اچي چٽو ٿي بيھي رھي ٿو. منھنجا ڪردار نوري آھن يا ناري، پر ھنن ٻري ٻاري آھي ۽ منھنجي جياپي جو سھارو آھن. منھنجا ڪردار انھن جوڳيئڙن ۽ ڪاپڙين مثل آھن، جن جو ڪردار شاھ صاحب چٽي ڇڏيو آھي. شاھ صاحب جي چائنٺ جي پراڻي پانڌيئڙي جي حيثيت سان مون کي پنھنجي حياتيءَ جي سفر ۾ جيڪي ھمسفر مليا، پسيم ۽ پروڙيم، کڻي اڳڀرو ڪيو مان. گوندرن جا ماريل سکن کان وانجهيل، وک وک واجهائيندا وتن.
ڪيم ڪاپڙين جي، پھرئين ڏينھن پروڙ،
سگها ساعت نہ ھيڪڙي، چارئي پھر چور،
سدائين سيد چئي، ھون سناسي ۾ سور،
جوڳي ساڻ ضرور، لڪا ڀڻن لوڪ ۾!
منھنجي ڪردارن پاڻ ڪجهہ نہ ڳالھايو آھي؛ سندن ماحول، ريت رواج ۽ صدين کان مسلط ٿيل سماج پئي ڳالھايو آھي. ’ٺوٺ ڌرتي‘ جو مينھاڻي مست پرو ھجي، ’راڻا جي رجپوت‘ جو ناچو نينگر گلاب ھجي، ’جت جر وھي ٿو جال‘ جو ھڪ غريب پاڻي ڀريندڙ ھجي يا ’دربان‘ جو چاچو علي محمد ھجي يا ’ويريون‘ جو صابرين شمس الدين ھجي يا ’ڇوري ڇڏ م ڇپرين‘ جي حور ھجي، جنھن جو پرسان حال ڪو بہ ناھي. ڏسو تہ سھي، ڪنھن بہ ٻڙڪ ٻاھر نہ ڪڍي، پر پنھنجي عمل دخل سان وارو وڄائي ويا.
ڪھاڻين جي ھن ڳٽڪي ۾ موجود ڪردارن کي ڏسو: ”ڪڇان تان ڪوڪ ٿئي“ جي سھڻي نوران آھي، ڪڇي جھڙي ڀت. اڇو مٿو سندس حسن کي پامال ڪيو پر اھو ئي سندس زبان آھي ۽ سندس ئي بيان آھي. ’زور آور‘ جو مامو مرندي مري وڃي ٿو، پر ڏک جو اظھار نٿو ڪري. ”اسان تي الزام“ جي پڦي زليخا جي ھٿ تي گرم کير وھيو ۽ اڄ بہ وھندو رھي ٿو؛ اھڙيون زليخائون ريتن رسمن جو کاڄ بڻجي ڪجهہ بہ نہ ٿيون ڪڇن. ”چور ڪير ساڌ ڪير“ جي مائي جنان اڄ بہ ڪنھن دڪي تي ويھي خاموش نگاھن سان پنھنجي پٽڙي جي واٽ تڪي ٿي، پر مان سمجهان ٿو تہ سڀ ڪردار سماج جي مقرر ڪيل دائري اندر ويٺا تہ آھن، پر پنھنجي چر پر سان بيٺا دانھين ٿا. آھي ڪو سندن ساڻي ٿئي.
”خانو چور ناھي“ جو خانو نيٺ سڄي سماج کي سڏي نشاندھي ڪري خاموش ٿي وڃي ٿو.
منھنجن ڪردارن ماٺ ميٺ ۾ سڀ ڪجهہ چوڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. انھن ڪردارن کي وڌيڪ کولي پڌرو ڪرڻ ۾ منھنجن دوستن ۽ ساٿين پڻ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آھي. محترم علي احمد بروھي، رشيد ڀٽي، سليم احمد، ماھتاب محبوب، عبدالقادر جوڻيجو، قاضي خادم، ابراھيم کرل ۽ ٻين دوستن منھنجين اڳين ڪھاڻين جي باري ۾ ڪافي لکيو آھي. ڪھاڻين جي ھن ڳٽڪي ۾ سليم احمد سان گڏ ناصر مورائي جا رايا بہ شامل آھن.
خاص طرح سان منھنجي پراڻي ساٿي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو مھاڳ منھنجي ڪھاڻين ۾ ڪردارن جو چٽو جائزو آھي. سندس ھيءُ مھاڳ منھنجي لاءِ وڏي وٿ آھي. مان تنوير سان گڏ ناصر ۽ سليم جو بہ ٿورائتو آھيان، جن تڪڙ ۾ ھيءُ رايا موڪليا آھن. محترم ڪھاڻيڪار انيس انصاري جو ھڪ خط ڇپڻ پئي چاھيم پر نہ لڌو، جنھن ۾ ھن خاص طرح سان ”اسان اڌارا آڻي آونگ چاڙھيا“ تي تبصرو ڪيو ھو. مان سڀني دوستن جو ٿورائتو آيان، جن مون کي پاڻ کان پري نہ سمجهيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ھو منھنجي معصوم گگدام ڪردارن سان گڏ گهاريندا اچن. ٿي سگهي ٿو تہ ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ منھنجي ڪھاڻين جو ”آخري“ مجموعو ھجي، جو ١٩٩٢ع کان پوءِ ڪا بہ ڪھاڻي نہ لکي سگهيو آھيان. اصل ۾ انھن ڪھاڻين لکرائڻ ۽ مھراڻ ۾ ڇپرائڻ جو وڏو محرڪ منھنجو پراڻو ساٿي ۽ ھمسفر نفيس احمد ناشاد آھي، جنھن مون کي ڪڏھن بہ سک سان سمھڻ نہ ڏنو. ھن ڪتاب جي مواد سھيڙڻ ۾ سندس ئي محنت ۽ پورھيو آھي. جيڪڏھن اھڙن دوستن، ساٿين ۽ پنھنجن مٺڙن پڙھندڙن وري بہ جاڳايو تہ شايد ڪجهہ ڪھاڻيون لکي وٺان. ڪھاڻين لکڻ وارو سفر ڪشالن وارو ضرور ھو، پر پڙھندڙن جي محبت ۽ سڪ ڪري محسوس نہ ٿيو. ٻيو تہ منھنجا ھمسفر منھنجا ڪردار مون کي وھڻ بہ تہ نہ پيا ڏين.
مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائيين.
ٿورائتو آھيان محترم حسين شاھ راشدي (مرحوم)، ڀاءُ غلام رباني آگري ۽ مراد علي مرزا جو، جن ھن ڪتاب ”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ جي مڙھہ ۾ روح ڦوڪي وري جياريو آھي.
”جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان“ ۾ ڪيتريون ئي ڪھاڻيون آھن، جن جي ڪردارن مون سان گڏ گهاريو آھي ۽ ڪن سان مان گڏ جيئرو رھيو آھيان. جيئن زندگي جمود جو نالو نہ آھي، اِھي ڪردار ھر ھنڌ اوھان کي ملندا رھندا، زمان ۽ مڪان جي فرق کان سواءِ. شال سماج ۽ معاشري ۾ کين سڃاڻپ ملي.
ڪنھن کان ڪين گهرن بک مرندي بکيا،
پيٽ نہ ھيريائون پانھنجا، چوري ساڻ چسن،
ڦڪي فقيرن، ماڳيان پني ماٺ جي.
اميد اٿم تہ منھنجي ھنن ڏکن سکن جي ساٿين، ھر گهڙي من ۾ پيھي گهارڻ وارن ڪردارن کي مان ڏئي، گڏ تہ محسوس ٿيندو تہ سنڌ اڃا پالھي نہ ٿي آھي.
سدا سور نہ ھون، گوندر وڃن گذريو،
اھکايون، عبداللطيف چئي، پرکا خاطر پون،
چڱا ائين چون، تہ در نہ مٽجي دوست جو.
(شاھ)
دعاگو
حميد سنڌي
١٢ – سنڌي مسلم ھائوسنگ سوسائٽي ايڪسٽينشن فيز – ٢
قاسم آباد، حيدرآباد
٣١-١٠-١٩٩٦ع