مٺوءَ جي ڪھاڻي
”بابا، ھي ڇا آھن؟“
”پٽ، اھي ڍڳي گاڏيون آھن.“
”پر، بابا، اسان واري ڳوٺ تہ اھي ڪونہ ھيون،“
”پٽ، ھن پاسي ڍڳي گاڏيون ٿينديون آھن.“
”بابا، گهوڙي گاڏيون بہ تہ ٿينديون آھن؟“
”ھا پٽ، ٿينديون آھن، پر ھت نہ ٿينديون آھن.“
”ڇو؟“
”ھت ڪچا رستا ۽ وارياسو علائقو آھي، ڍڳو ئي ھن بار کي ڍوئي سگهي ٿو.“
”بابا، ماڻھوءَ گاڏي بہ ھوندي آھي؟“
”ھا پٽ، پر شھر ۾.“
ڪا گهڙي مٺو گاڏين جو قافلو ڏسندو رھيو ۽ پوءِ پڻس کيس ڪوٺي جي پلئوڙي وٽان ھيٺ لاٿو. ھو ٽپ ڏئي ھيٺ لٿو.
اڃا ھو بيٺو ئي مس تہ زور سان گهنڊ وڄڻ لڳو. ھو وائڙن وانگر چوڌاري نھارڻ لڳو. پوءِ ھو ڊوڙي ڪوٺي جي ٻي ڪنڊ تائين ويو ۽ پلئوڙي جي ڀت ۾ ٺھيل ٽونگن مان ٻاھر نھارڻ لڳو. کيس گهڻو ڪجهہ نظر نہ آيو. ھن پٺتي پيءُ ڏي نھاريو. پڻس کلي چيو، مٺو، اھو اسڪول جو گهنڊ آھي.“
”بابا، اھو اسڪول ڇا ٿيندو آھي؟“ ائين نوڪر اچي پاسي ۾ بيٺو.
”ڇا ھي، گلو!؟“
”سائين، استاد ڇاڱومل آيو آھي.“
” واھہ واھہ! سڏ ڪرينس. مٺو! تنھنجو ماستر اچي ويو آھي. ھاڻي اھو ئي سڀ ڪجهہ توکي سمجهائيندو تہ اسڪول ڇا ٿيندو آھي.“
”پر بابا، ماستر ڇا ٿيندو آ؟“
”ماستر اسڪول ۾ پڙھائيندو آھي.“
”پر بابا، اسڪول ڇا ٿيندو آ؟“
سائين استاد ڇاڱي مل منھن ڪڍيو ۽ ھو ھٿ ٻڌي بيھي رھيو.
”سائين نياز ٿئي.“
”استاد، ھاڻي ڳالھہ ٻڌ، ھيءُ ڇوڪرو منھنجو مٿو کائي ويو آھي. پاڻ سان وٺي وڃينس ۽ سڀ ڪجهہ سمجهائينس. توکي تہ خبر آھي تہ اسان جهنگ جا ويٺل آھيون. نوڪري سانگي ٻاھر نڪتو آھيان تہ اولاد کي بہ تعليم ڏيارڻ ضروري سمجهان ٿو...“
”سائين، توھان خيال نہ ڪيو. اوھان اڳ بہ ڳالھہ ڪڍي ھئي. نينگر آيو آھي تہ اکين تي. توھان ڀلي آفيس لاءِ تيار ٿيو. مان ڪڪي کي شنان پاڻي ڪرائي وٺي ٿو وڃان.“
”پر توھان کي اسڪول لاءِ دير ٿيندي ھوندي.“
”مان ديوان ھاسارام ھيڊ ماستر کي چئي آيو ھيس تہ مختيارڪار صاحب گهرايو آھي، سو فڪر جي ڳالھہ نہ آھي.“
خانصاحب محمد علي خان ويٺل تہ ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جو ھو، پر پڙھي پيو ۽ اچي ڪلارڪي مان چڙھي مختيارڪار ٿيو. ورھاڱو مس ٿيو تہ ھمراھ کي ڳڙھي خيري ۾ مختيارڪار رکيائون. سندس گهر ۾ پڙھيل ڳڙھيل زائفان تہ ھئي ڪانھ، نہ ڪي سندس ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول ھو. پاڻ بہ ڳوٺ کان پنج ميل پري اسڪول ۾ پڙھيو ھو. تڏھن تہ سندس پيءُ حيات ھو. ھاڻ سندس اولاد کي ڪير سنڀاري ۽ پڙھائي، سو پنھنجي پٽ کي وٺي اچي ڳڙھيءَ جي استاد ڇاڱي مل جي حوالي ڪيائين. استاد بڻيادي ديوان ھو. سندس وڏا واپاري ھيا، پر ھيءُ ھمراھ تعليم کاتي ۾ اچي گهڙيو. مشھور تہ اھو ھو تہ استاد ڇاڱي مل جو پڙھيل ھميشہ ڪڙھيل ئي نڪتو. سندس شاگرد وڏين ڪرسين تي ھيا. خان صاحب محمد علي خان پر ۾ پڇائون ڪري کيس نينگر حوالي ڪيو ھو.
استاد جيئن نينگر کي وٺي ھيٺ لٿو تہ نوڪر ڦري آيس. ”ديوان، مٺوءَ کي تيار ڪري وٺان؟“
”تون ڪير ٿيندو آھين؟ مٺو پٽ اڄ کان وٺي منھنجو پٽ آھي، کيس مان تيار ڪندس.“
مٺو اکيون ڇنڀيندو ٻنھي کي نھاريندو رھيو. پوءِ ديوان کيس ڇنڊيو ڦوڪيو، سنواريو، سرما تيل ڦليل ڪرائي، اڇا ڪپڙا اوڍائي، گهر کان ٻاھر وٺي آيو.
ڳڙھي جو شھر وڏو تہ ڪونہ ھو، پر ننڍڙي مٺوءَ لاءِ سڀ ڪجهہ ھو.
سامھون سارين ڇڙڻ جو ڪارخانو ھو. ڏاند گاڏيون بيٺيون ھيون. ماڻھن جا ميڙ ھيا. ھن حيرت وچان ڪن کي پلال ڍوئيندو، ڪن کي ڳوڻيون چاڙھيندو ڏٺو تہ پڇي ويٺو:
”سائين، ھيءُ ڪير آھن؟“
”ھي پورھيت آھن بابلا، پورھيت.“
”پورھيت ڇا ٿيندو آھي؟“
”پورھيت ھٿ جو پورھيو ڪندو آھي. ھي ھٿ جي پورھيي سان ان اپائين ٿا.“
”مامي غلام وانگي.“
”ھا پٽ، ڪي ڪڙمي، ڪي ڪاسبي. ھٿ جي پورھيي سان ٿانو ٺاھين تہ ڪنڀر، ڪپڙو اڻن تہ ڪوري، ڪاٺ جو ڪم ڪن تہ واڍا.“
”اسان وٽ ڳوٺ ۾ بہ ولو ڪنڀر ۽ علڻ واڍو آھي.“
”ھا من، ھر ڳوٺ، ھر شھر ۾ ڪڙمي بہ آھن تہ ڪاسبي بہ، سندن ھٿ جو پورھيو سون آھي. اسين جيڪي کائون ٿا، پھريون ٿا، ڌڻي ڏئي ٿو ۽ ان ئي ھن پورھيت کي بڻايو ۽ ھنر ڏنو آھي تہ ھو سڄي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري.“
مٺوءَ ڪجهہ سمجهيو، ڪجهہ نہ. ھو ھر شيءَ کي عجيب نظرن سان ڏسندو اسڪول پھتو. استاد ڇاڱو مل سڌو کيس ديوان ھاسارام ھيڊ ماستر وٽ وٺي ويو، جنھن کلي کيڪاريس تہ ھن استاد کان يڪدم پڇيو:
”سائين، ھي ڪير آھي؟“
”ھيءُ ھيڊ ماستر صاحب آھي.“
”اھو ڇا ٿيندو آھي؟“
”اھو وڏو ماستر ھوندو آھي.“
”اھو وري ڇا ھوندو آھي؟،
ھاسارام کلي ويٺو. ڇاڱو مل يڪدم کيس آفيس کان ٻاھر وٺي آيو. مٺو اسڪول جي عمارت ۽ ڪلاسن کي ڏسندو تڪيندو توريندو سوال پڇندو ڪلاس ۾ پھتو. استاد ڇاڱي مل ڪٻٽ مان پٽي، ڪلڪ ۽ مس ڪڍي، پوءِ پٽيءَ تي ليڪا ڪڍي اِنڊا ڀرڻ لاءِ ڏنا. مٺو تہ قلم جهلي نہ پيو سگهي. استاد ھٿ کان وٺي کيس لکڻ جي مشق ڪرائيندو رھيو تہ ٻين ٻارن جي سار سنڀال بہ ڪندو رھيو. مٺو بہ ڪوشش ڪندو رھيو. مس ھاريائين، ڪلڪ ڀڃي وڌائين، سو سوال پڇيائين. ڪپڙا پوءِ منھن، مس سان ڀريائين. استاد کيس ڏسندو رھيو ۽ مشڪندو رھيو. رسيس ۾ کيس بسڪوٽ ۽ کٽمٺڙا وٺي ڏنائين. ٻين ٻارن سان رانديون ڪرايائين. جڏھن موڪل مھل کيس وٺي گهر آيو ۽ آئينو ڏيکاريائين تہ مٺو کلي ويٺو.
استاد ڇاڱي مل شايد خانصاحب محمد علي جي مھربانين ڪري، يا الائجي کيس نينگر وڻيو ھو، يا وري فرض ڀانيئين جو وري ويٺس کيس ڳيٽيون ٺاھي ماني کارائڻ. خانصاحب محمد علي جيڏي مھل آفيس مان موٽيو تہ مٺوءَ کي ستل ۽ استاد کي ڪرسيءَ تي گهڏندي ڏٺائين. ھو مرڪي وڌي آيو ۽ استاد کي ھوشيار ڪيائين.
”سائين، مٺو ٺيڪ آھي. شام مان وري ايندو مانس ۽ گهمائڻ وٺي ويندومانس.“
”مھرباني، ديوان. تڪليف جي معافي.“
”خان صاحب، مٺو جھڙو اوھان جو ٻچو، تھڙو منھنجو.“
شام جو سج اڃان چڱو بيٺو ھو تہ استاد اچي نڪتو. مٺوءَ ويٺي ٿاڌل پيتي. الائجي ڇا خيال آيس.
”سائين، ٿاڌل پيئو.“
”ھن پنھنجو گلاس ڏانھس وڌايو:
”ھان ھان، جوٺو گلاس، ترس، استاد لاءِ ٻيو گلاس ٿا گهرايون.“
”نہ سائين، مان پيئندس تہ اِن گلاس ۾ ۽ مٺوءَ سان گڏ.“
پڻس ڏٺو تہ ٻنھي گلاس مان سرڪيون ڀريون. مٺو گد گد پئي ٿيو. اوچتو مٺو گلاس رکي پيءُ ڏانھن نھاريو:
”بابا، اسان اڄ پورھيت ڏٺو. بابا پورھيت سٺو ھوندو آھي نہ، مان وڏو ٿي پورھيت بڻبس، پنھنجي ھٿ سان ان اپائيندس، مامي غلام وانگر.“
”ھي وري ڪھڙيون ڳالھيون ٻڌايون اٿئيس. اباڻو پورھيو ڇڏي نوڪري ڪئي اٿئون. محنت ڪري تہ مختيارڪار ٿيو آھيان. وري ھن کي سمجهائين ٿو تہ ڪڙمي ٿئي.“
“نہ سائين، اوھان بہ تہ پورھيت آھيو. مٺو، تنھنجو بابا بہ پورھيت آھي. قلم جو پورھيو ڪندو آھي. ھاڻ ھل تہ قلم جو پورھيو ڪريون ۽ ڪتاب وٺي اچون.“
جيئن ھو بزار ۾ گهڙيا تہ مٺوءَ جا سوال شروع ٿي ويا.
”ھيءُ ڇا آھي؟“
”انگوڇو آھي.“
”انگوڇو ڇا ٿيندو آھي“
”پوتڙو“
”ائين چئہ.“
”ھي ڇا آھي؟“
”ھوٽل.“
”ھوٽل ڇا ٿيندو آھي“
استاد کيس سمجهائيندو اچي ڪتابن جي دوڪان تي پھتو.
ٻاراڻي جو ڪتاب، مس قلم ۽ ٻيون شيون چڪائي کيس وٺي ڏنائين. مٺوءَ جيئن ڪتاب کوليو تہ رڙ ڪيائين:
”سائين، ڍڳو، ڍڳي گاڏي.“
استاد ھاڻ کيس جواب نہ ڏنو. سڌو کيس پنھنجي گهر وٺي آيو.
جيئن گهر ۾ گهڙيا تہ ڏٺائون، ديوان جي گهر واري پئي ڀرت ڀريو ۽ پئي جهونگاريئين. مٺو وڌي وڃي مٿانئس بيٺو. ديوان جي گهر واري ڀرت ڀرڻ ۾ ايڏي ٻڏل ھئي جو کيس خبر نہ پئي تہ ڪير مٿان اچي ويٺو آھي. ھوءَ ڳوڙھا ڳاڙيندي وڃي ۽ چوندي وڃي:
الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرھا م ڪاھيو،
جانب، جڏي جيءَ جو آڳانڍو آھيو،
لاڳاپو لاھيو، متان منھنجا سپرين.
مٺو پوئتي ھٽي اچي استاد وٽ بيٺو، جنھن جي اکين ۾ بہ پاڻي ھو. ھو ٻنھي کي تڪيندي پڇي ويٺو:
”سائين، ھيءَ ڪير آھي؟ توھان رئو ڇو ٿا!“
”ھيءَ منھنجي گهر واري آھي، مٺو.“
”ڏس، ھٿ جو پورھيو اِھا بہ ڪري ٿي.“
”پوءِ ھيءَ بہ پورھيت آھي؟“
”ھا، من، ھر ماڻھو پورھيت آھي؛ مان؛ تون؛ اسين سڀ.“
”پوءِ ھيءَ روئي ڇو ٿي؟“
”ھر پورھيت رئندو بہ آھي، مٺو.“
”ڪڙمي ڪاسبي، واڍا، ڪنڀر، سڀ.“
”ھا، من، سڀ. جڏھن بہ ڪنھن کي جهوري لڳندي آھي تہ جهري پوندو آھي ۽ تنھنجي ڪلڪ وانگر ڀڄي پوندو آھي.“
”جهوري ڇا ٿيندي آھي؟“
استاد ڇاڱي مل جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو. ھو جواب ڏئي نہ سگهيو. سندس گهر واري کيس ۽ مٺوءَ کي ڪا گهڙي تڪيندي رھي.
”ھي مٺو آھي نہ، جنھن جي تو سوير ڳالھہ ڪئي ھئي؟“
”ھا،“ ڇاڱي مل وراڻيس.
سندس گهر واريءَ کٽ تان اٿي اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ مٺيون ڏنائينس، پوءِ کيس کٽ تي ويھاري، چيائينس:
”مٺو، مان ٻڌايانءِ تہ جهوري ڇا ٿيندي آھي؟“
”ھا.“
”مٺو. توکي ماءُ ياد ايندي آھي؟“
”ھا“، ”ھا“ مٺوءَ ورجايو ۽ ھاڻ مٺو روئڻھارڪو ٿي ويو.
”تون کائنس ڌار ٿيو آھين، ھوءَ توکان ڌار ٿي آھي. انھيءَ جدائيءَ تي توکي ڪجهہ ٿئي ٿو من؟“
مٺو روئي ويٺو. استاد ڇاڱو مل ٻہ ورانگهون تڪڙيون ڀري اچي مٺوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو. ”اھو ڇا ٿي ڪرين. ٻچڙي کي روئاري وڌءِ.“ نہ، مٺو، نہ، ڌڻي توکي جهوري نہ ڏئي. تنھنجي ڏاڏي چري ٿي آھي، آھي نہ چري؟“
مٺوءَ ڳوڙھا جهلي ورتا ھيا. ھو ماٺ ۾ ويٺو رھيو.
”ھاڻ اٿي ٻار کي ڪو ٽوال ٻوال ڏي. ڇڏ اِنھيءَ رودن کي.“
ڏاڏيءَ کي ڄڻ تہ چاٻي اچي وئي. ٽپ ڏئي صندل جي ڪاٺ مان ٺھيل سھڻي ڪٻٽ کي وڃي کوليائين. چرڙاٽ جي آواز تي مٺوءَ اوڏانھن ڏٺو. ڪاٺ تي اڇي عاج جھڙي چٽسالي پسي، ھو اٿي اوڏانھن ويو ۽ مٿس لس ئي لس ھٿ ڦيرڻ لڳو. ڏاڏيءَ کي ٽوال ڪڍڻ وسري ويا. ھوءَ ٻارڙي جو چاھہ ڏسي موھجي وئي.
”مٺو، ھيءُ ڪٻٽ توکي وڻي ٿو؟“
”ھا.“
”ڏس، ھن ۾ آئينو بہ لڳل اٿئي.“
مٺو ھن سھڻي چِٽيل وڏي ڪٻٽ کي ڏسندو رھيو ۽ ھٿڙا ڦيريندو رھيو. دادي ڪنڌ ورائي مڙس ڏانھن ڏٺو، جيڪو آرام ڪرسيءَ تي ويٺو کين تڪي رھيو ھو.
پڻس! ھيءُ ڪٻٽ سرلا جو ھو، ھاڻ مٺوءَ جو ٿيو. ھيءُ اڄ ئي کڻائي مٺوءَ جي گهر پھچراءِ؛ ھاڻ اسان جي ڪھڙي ڪم جو. ھونئن بہ سرلا بہ تہ منھنجو پٽ ئي ھئي.“ دادي وري روئڻھارڪي ٿي وئي.
مٺوءَ داديءَ ڏي ڏٺو، استاد کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳيت ڏئي آھستي چيائين:
”سرلا ڪير آھي، دادي؟“
چوڌاري چپ چپات ٿي وئي.
”دادا، سرلا ڪير آھي؟، مٺوءَ جو آواز وري گونجيو.
داديءَ يڪدم ڇرڪ ڀري ڪٻٽ مان شيون ڪڍيون. ھڪ نئين دٻڪي ڇنڊي ڪڍي. ان ۾ گانٺيا، ننڍڙا بسڪوٽ ۽ مٺا ڀڳڙا وڌائين، دٻڪي مٺوءَ آڏو جهليائين، ”مٺو، تون شيءِ کاءُ، جاني.“
مٺوءَ ھٿ ھڻي سندس دٻڪي کي لوڏي وڌو ۽ ھيٺ گانٺيا، بسڪوٽ ۽ کنڊ ڀڳڙا ڦھلجي ويا. مٺو اڳتي وڌي ڪٻٽ وٽ وڃي بيٺو. وچين تختي تي ڪيترا وڳا ويڙھيل رکيا ھئا. ھن آھستي ھڪ وڳو ڇڪيو ۽ اھو وڳو وڏڙي چولي وانگر ڦھلجي ويو. ھو حيران ان چولي کي نھاريندو رھيو، جنھن تي ٽڪ ۽ آر جو ڪم ٿيل ھو.
”ھيءُ سرلا جا آھن؟“
استاد کان ھاڻ رھيو نہ ٿيو.
”مٺو، ڏاھو ٿي. مون وٽ سڀني سوالن جا جواب آھن، پر ھن سوال جو جواب توکي ڇا ڏيان، ڇا ڏيان؟ ھا، اھي ويس وڳا سرلا جا آھن. سرلا کي ھاڻ ٻئي ملڪ موڪليو اٿئون.“
”سرلا کي ڇو موڪليو اٿو؟“
”سرلا وڏي ٿي وئي ھئي مٺو. سرلا وڏي ٿي وئي ھئي. ھت، ھت سندس لاءِ جاءِ نہ ھئي.“
مٺو انھيءَ ئي انداز سان سوال پڇيو، ”مان جي وڏو ٿي وڃان تہ توھان مون کي بہ ٻاھر اماڻي ڇڏيندو، ٻئي ملڪ اماڻي ڇڏيندو؟“
”استاد وٽ ڪو بہ جواب نہ ھو. دادي اوڇنگارون ڏئي پئي رني.
استاد ڇاڱو مل، مٺوءَ جو ھٿ وٺي ٻاھر ھليو. مٺوءَ ويندي، داديءَ ڏي نھاريو، ھن چٽو ٻڌو:
”الله ڪارڻ اوٺيا، ڪرھا م ڪاھيو،
جانبَ جڏي جيءَ جو آڳانڍو آھيو،
لاڳاپا لاھيو، متان منھنجا سپرين.
مٺوءَ کي گهر ڇڏڻ وقت استاد ڇاڱي مل نئڙي مٺي ڏني ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. ھو يڪدم ٻاھر ھليو ويو.
مٺو پيءُ وٽ آيو، پر پيءُ وٽ اڱڻ ۾ ماڻھن جا ميڙ ڏسي، ھو ڪوٺي تي چڙھي ويو. ھن کي خبر نہ پئي تہ صبح ڪيڏي مھل ٿيو. ھو کٽ تي پاسا ورائيندو رھيو. نيٺ ھو ھيٺ لھي آيو. استاد اڃا نہ آيو ھو. اوچتو سندس نظر ورانڊي ۾ پيل ڪٻٽ تي پئي. ھو انھيءَ ڪٻٽ کي ڪا گهڙي تڪيندو رھيو. پوءِ ھن ٻاھر ڊوڙ پاتي. نوڪر جو کيس ڊوڙندو ڏٺو سو بہ ڪڍ آيس ۽ ٻنھي استاد ڇاڱي مل جي گهر تي وڃي توڙ ڪيو.
مٺو ٽپڙي کڻي اندر ھليو ويو. اندر ڪير بہ نہ ھو. مٺوءَ آھستي پڪاريو:
”دادا، دادا.“
جواب نہ آيو.
”دادي، دادي.“
جواب نہ آيو. ھو پوءِ ڪوٺين، ورانڊي ۽ اڱڻ ۾ ڦيريون پائيندو رھيو. اتي ڪير بہ نہ ھو. پوءِ ھو روئڻ لڳو. لڙڪ لاڙي ڪجهہ چوڻ جي ڪيائين، کانئس ڪو بہ لفظ نہ نڪتو ھو. ھو آھستي آھستي پوئتي موٽيو ۽ نوڪر جي ھنج ۾ منھن وجهي رئڻ لڳو.
*