ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

ھو اڃا در تي اڱڻ ۾ داخل مس ٿيو تہ اڱڻ ۾ بيٺل نينگر ھڪدم دانھن ڪئي: ”ھان! ھان! ڪير آن؟ ڪير آن؟ ائين گهڙي اچبو آھي – ھل ھل ٻاھر.“
سليم جون وکون وڪوڙجي ويون ۽ ڄمي بيھي رھيو. وڄ وراڪو ڏنو ۽ پوءِ نينگر کڻي رئي سان منھن ڍڪيو. سليم ھوش ۾ ھو يا بي ھوش، پوئين پير وريو ۽ در ٻاھران دڪيءَ تي اچي بيھي رھيو. ھو ڪا گهڙي سوچيندو رھيو، پوءِ ھن گهٽيءَ جو جائزو ورتو. گهر ۽ در کي ورائي ڏٺائين. گهٽي بہ ساڳي، گهر ۽ گهر جو در بہ ساڳيو. ھن کي گهٽي ۽ گهر ڏانھن لڙندي ورھيہ ضرور ٿيا ھئا، پر ايڏو بہ ھو بي ھوش ڪونہ ھو، جو ھو ماسيءَ جو گهر نہ سڃاڻي. جنھن گهر ڏانھن ماءُ سان گڏ ايندي سندس جتيون گسي ويون ھيون، جنھن گهر جي اڱڻ ۾ ھو ماسات قادن سان گڏ کيڏي وڏو ٿيو ھو؛ جنھن گهٽيءَ ۾ بيھي ھن ھوڪرون ڏنيون ھيون، اڄ ھن کي اھا گهٽي ۽ گهر اوپرو لڳو. ھن سوچيو تہ ڪنھن راھگير کان پڇي. ائين ٽپڙيءَ پويان آواز آيو:
”ابو سلڻ آھين؟“
ھن جو ساھ ساھ ۾ آيو. اھو ماسي قادن – ماءُ جو آواز ھو. ماسي قادن – ماءُ سندس سڳي ماسي نہ ھئي، پر سندس ماءُ جي سوٽاڻي لڇ ۾ سوٽ ھئي. ھن لاءِ سڳن کان بہ وڌ ھئي. ننڍي لاڪر سندس پر گهور لھڻ واري اھا ماسي تہ ھئي، جنھن کيس سانڍيو ۽ لاڏ کنيا ماءُ جي گذرڻ کان پوءِ ھن ڳوٺ اچڻ ڇڏي ڏنو. ورھين لاڪئون ماسيءَ جي چٺي مليس تہ دل سٽ ڏنس. ھو ڪنھن کان پڇڻ بنا ھليو آيو. ڇڙٻ تہ کاڌائين، پر پوءِ ماسيءَ جو مٺو آواز ٻڌائين تہ اندر ۾ ٽڙي پيو. يڪدم اندر ڪاھي پيو. ھو ماسيءَ سان حجائتو ھو، يڪدم ماسيءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري کڻي مٿي کنيائين.
”ھا ماسي، مان سلڻ آھيان، پر ڪلاڪ کان ويل ۾ آھيان. ھيئن پنھنجن جو آڌر ڀاءُ ڪبو آھي؟ اھڙا چوڪيدار وھاري ڇڏيا اٿئي جو. . .“
سليم محسوس ڪيو تہ ماسيءَ جو بنھہ آواز نہ پئي نڪتو. صرف وڏن ساھن جو آواز ھو. سليم محسوس ڪيو تہ تمام ھلڪو جسم، ڄڻ ھڏائون پڃرو سندس ھنج ۾ آھي. ھن يڪدم ماسيءَ کي ڏٺو. ھڪ ڪمزور ۽ نٻل جسم سندس ڀاڪر ۾ اڀا ساھ کڻي رھيو ھو. ھن يڪدم ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ماسيءَ کي اڱڻ ۾ پيل کٽ تي ليٽايو. مڙھو جسم، سليم جي سٽ ۽ ڦيريون، ماسي قادن – ماءُ اصل اڌ مئي ٿي پئي ھئي. اندران اھا نينگر، جنھن سليم کي ڇڙٻ ڏني ھئي، ڊوڙندي آئي. يڪدم اچي ماسيءَ جون تريون مھٽيائين ۽ پوءِ ڊوڙندي پاڻي کڻي آئي. ڪجهہ ترين جي گرمائش، ڪجهہ پاڻيءَ جا ڇنڊا، ماسي ھوش ۾ اچي وئي.
انھيءَ وچ ۾ سليم ڦڪو ڦڪو بيٺو رھيو. ھو انھيءَ نينگر کي ڏسندو رھيو، جنھن جا نيڻ نماڻا ھا. وار کليل، جهل ھنيو، ھيٺ لھرون پئي ھنيائون. رنگ اڇڙو، منھن اھڙو اڇو اجرو ۽ ڌوتل پوتل جھڙو فرشتو. ھيءَ قدآور نينگر اڇلون ڏئي اڱڻ ۾ ھلي پئي ۽ سليم جي اک منجهس ھئي. ماسي کنگهيو کڙڪيو تہ سليم بہ نينگر مان اک ڪڍي. ھو حيران ھو، ھن کي ھيڏي سونھن ۽ اوجر ڪڏھن نظر ڪانہ آئي ھئي. جوان ئي ھو تہ زال ٻہ ٻچا ڄڻي مولا جي ملڪ ھلي. ھيءُ اڪيلي نوڪري ڪري ٻچا نپائي اصل ھڄي پيو. بيوه ڀيڻ کي اچي پاڻ سان رھايائين. اڄ ننڍي نوڪري، سڀان وڏي. وڏو آفيسر ٿيو تہ لوڻو نہ ھنيائين. اڄ ننڍي نيٽي نينگر ڏسي، بنھہ ھرکي پيو. ماسيءَ سان ڳالھہ ٻولھہ ۾ ويٺو تہ کلي پيو.
”ماسي! توکي تہ خبر آھي اسان جي زندگيءَ جي. جيڏا اٺ تيڏا لوڏا، نوڪري ۾ ئي پورا آھيون.“
”پر ابا، جوڻھين ھيءُ جهان ڇڏيو تہ توکي جهلي تہ ڪانہ وئي ھئي. ٻچا ڀيڻ پالي وڏا ڪيا. ائين جواني جهوٽو ڪري ڇڏيئي، عجب ماڻھو آھين.“
”ھا ماسي، ھونئن بہ جواني جهوٽو آھي. پر ماسي ھاڻي فيصلو ڪيو اٿم تہ ڪو سڱ ملي، ڪيستائين اڪيلو رھبو؟“
ھن ان نينگر ڏانھن نھاريو، جيڪا ھاڻ مٿي تي پلئه وجهيو چانھ کڻي آئي ھئي. ماسيءَ پراڻي عينڪ مان کيس ڏسي ورتو.
”تو شايد ھن کي نہ سڃاتو.“ سليم ڪنڌ ڌوڻي نھڪر ڪئي.
”شاھ بانو اٿئي، منھنجي ڏوھٽي شانان جي ڌيءُ. شانان بہ ھن کي ۽ اڪبر کي ننڍو ئي ڇڏي گذاري وئي. توکي تہ خبر آھي، ھيءُ ٻچا مون ڪيئن نپائي وڏا ڪيا آھن؟“
ماسي سڏڪي پئي. سليم حيران ھو تہ ھن ان ڇوڪر کي ڪنھن زماني ۾ شانان جي ھنج تي ئي ڏٺو ھو. اڄ ھوءَ ائين وڌي وڻ ٿي وئي ھئي، جو سليم کي ان قدآور ڇوڪري کي ڏسڻ لاءِ ڪنڌ مٿي ڪري ڳچي اڀي ڪرڻي پئي پيئي. ھاڻ ماسيءَ ساھ کڻي ڳوڙھا اگهيا.
”سلڻ! قادن جي روزگار جي تہ خبر اٿئي. ريزڪي دڪان، سو ڪڏھن موڙي آھي، ڪڏھن مندي آھي. ڪڏھن ائين نہ چيائين تہ ھان امان وٺ ھيل جهجهو ڪمايو اٿم. نہ ٻار نہ ٻچو، بس جيئن جوڻس ڇڏي ويس تہ نہ پاڻ لوڻو ھنيائين نہ وري جوڻس موٽ کاڌي. اِھو مون پورھيا ڪري شانان جي ٻنھي جگر جي ٽڪرن کي تاتي نپائي وڏو ڪيو آھي. اڪبر تہ اڃا پڙھي پيو پر شاھ بانو ٻئي وڏا امتحان پاس ڪري ورتا آھن. توکي چٺي بہ ان لاءِ لکي ھيم تہ ھاڻ مون ۾ طاقت نہ آھي.“
ماسي وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي، پر سليم جي اکين ۾ ڄڻ تہ چمڪ اچي ويئي. ھن جون نگاھون شاھ بانوءَ کي ڳولڻ لڳيون. شاھ بانو پريان بيٺي ھئي ۽ پئي رسيءَ تان ڌوتل ڪپڙا لاٿائين. ھن جنھن چستيءَ سان ڪپڙا لاٿا ۽ وري کٽ تي رکي سنوان ڪندي ھڙ ٺاھي ورانڊي ڏانھن نڪتي، سليم کي بنھہ خيال کنيو ويا. ھيءَ سنئين سيبتي سھڻي ڇوڪري ملي وڃي تہ ٻيو ڇا کپي. ماسيءَ شايد ان لاءِ گهرايو آھي.
ماسيءَ جي کنگه کڙڪي کيس ور موٽايو.
”توکي تہ خبر آھي، ھن زماني ۾ گذر سفر ڪيڏو نہ ڏکيو آھي. چوان ٿي تہ ڪا نوڪرڙي ابا ملي وڃيس تہ ڏاڍو چڱو. تون ھاڻي چڱو وڏو آفيسر آھين. ھٿ ڊگها اٿئي، وس ۾ بہ اٿئي، بس شاھ بانو کي ڪا نوڪري وٺي ڏي. ھت ھاڻي وڏا اسڪول بہ کليا آھن، بس ابو ٿي، ڪا مدد ڪر. دعائون ڪندي سانءِ.“ ماسيءَ منٿون ڪندي چيس.
سليم ڪجهہ وسامي ويو، پر پوءِ ھمٿ نہ ھاريندي چيائين:
”ماسي اِھا ڪھڙي ڳالھہ آھي، شاھ بانو لاءِ نوڪريون کوڙ، پر – “
ھو چپ ٿي ويو ۽ سوچيائين تہ ٺھيو ڳالھہ ٻئي ويلي ڪبي، پر ماسيءَ يڪدم ڳالھہ کي ڇڪيو:
”پر ڇا ابا!“
“نہ ماسي اھا ڳالھہ تنھنجي سوچڻ جي نہ آھي. شاھ بانو ڪاڏي وئي. سڏ ڪيو، ڪجهہ مان بہ تہ انٽرويو وٺانس.“ سليم کلندي چيو.
شاھ بانو ڪو پريان بيٺي ٻڌو، تکي ڊوڙندي آئي. جيئن شاھ بانو ويجهو پھتي تہ سليم جي اک وڪوڙي ويس. ڇوڪر سندس اک جي چمڪ پسي ھٻڪي. پير وچڙيس، پر اچي پھتي ۽ ڏاڍي ادب ۽ احترام سان چيائين:
”جيءُ چاچا! اوھان سڏيو“.
سليم جي اک مان چمڪ گم ٿي وئي. سندس منھن ون ون ڪرڻ لڳو. گهڙيءَ ۾ نراڙ پگهرجي ويس. ڪنڌ کڻي ھيٺ ڪيائين ۽ چيائين:
”ٺيڪ آ شاھ بانو، توکي ماستري ملي ويندي.“
ائين چئي اٿيو ۽ ماسيءَ جي پيرن تي ھٿ رک ڏانھنس نئڙيو.
”چڱو ماسي، آءٌ موڪلايان ٿو. ڪم بہ اٿم، صبح جو ھليو ويندس. تون دلجاءِ ڪر. شاھ بانو جي ماستريءَ جو آرڊر توکي گهر ويٺي ملي ويندو.“
ماسي في الحال تہ ماٺ ۾ اچي وئي، ۽ پوءِ سمڪ آيس تہ سليم چانئٺ کان ٻاھر ھو.
ھن ٻاھر گهٽيءَ ۾ اچي وڏو اڀو ساھ کنيو ۽ پوءِ ساھ کڻندو ھليو. کيس ائين محسوس ٿيو تہ ھو وڏي پورھيي کان آجو ٿيو آھي.
پر ھو جيئن پنھنجي اباڻي گهر پھتو تہ سندس ھنيانءُ ڀري آيو. ھيءُ گهر گهڻو ڪري سندس امڙ جي وفات کان پوءِ بند رھندو ھو. امڙ جيسين جيئري ھئي تہ ھيءُ بہ پنڌ ڪندو ھو. اڄ ورھين ڪرھين آيو تہ اڱڻ ۾ بيھي رھيو. ڪمرا کليل ھئا. اندران سندس پراڻي جهور نوڪرياڻي، جنھن کيس بہ پاليو ھو، لڏندي ٻاھر نڪتي.
”ابا اچي وئين. مان ڇنڊ ڦوڪ ڪري ڇڏي اٿمانءِ. تون ڀلي ھاڻ اندر ويھ آرام ڪر. مان گهڙيءَ ۾ چانھ ٺاھي ٿي وٺان.“
”ٺيڪ آ ڏاڏي.“
ھو اڱڻ ڇڏي ڪمري ۾ آيو. ڪمري ۾ ٻوسٽ ھو. ھن کي پھريائين ٻوسٽ محسوس ٿيو. پوءِ ھو ڄڻ تہ ٻوسٽ جو ھيراڪ ٿي ويو. ھو ات پيل امڙ واريءَ کٽ تي پيرانديءَ کان ويھي رھيو.
ھن ڪڏھن ائين نہ سوچيو ھو، نہ محسوس ڪيو ھو. اڄ ھو ھڪ ننڍي ٻار وانگي ڪو رانديڪو ڏسي ھرکي پيو ۽ پوءِ ھن جا ھئا ٿڌا ساھہ. سچي جهوٽي واري جواني صدين وارا پل ٿي لڳس. ھن ڪڏھن اڪيلائيءَ لاءِ سوچيو بہ نہ ھو. اڄ ھو پاڻ کي ايڏو اڪيلو سمجهي رھيو ھو، جو احساس وچان ڳوڙھا ڳڙي آيس. ھو ڪا مھل ائين ويٺو رھيو. کڙڪي تي ھو سجاڳ ٿيو. ڳوڙھا اگهي پٺڀرو ٿي چيائين، ”ڏاڏي چانھ رکي وڃ. مان پاڻھي پيان ٿو.“
ڪمري ۾ اوندھڙي ھئي. پر ھن ڏٺو تہ ڪنھن وڌي اچي بتي ٻاري ۽ ھن جيئن روشني پسي مٿي ڪنڌ کنيو تہ ھن جي سامھون شاھ بانو پاڻي ۽ چانھ کنيو بيٺي ھئي.
”سائين! چانھ پيو.“ ھن جون اکيون تيئن ڀرجي آيون. ھن اٿڻ چاھيو. شاھ بانو پاسي ۾ پيل ٽيبل تي پاڻي ۽ ڪوپ رکيو ۽ کيس وھاري ڇڏيو. پوءِ ٽپ ڏيئي ڀر ۾ ويھي رھيس. ھن ڳوڙھا ڳڙندا ڏٺا ۽ پوءِ رئي سان سندس ڳوڙھا اگهڻ لڳي. ھو تيئن جهڄي پيو.
“نہ منھنجا سائين! ائين روئبو آھي ڇا. توھان تہ منھنجا سائين آھيو.“
شاھ بانو اھڙي پيار ۽ پاٻوھ سان چيس جو ھو فدا ٿي پيو. ھن کڻي ڀاڪر ۾ ڀريس.
”شاھ بانو تون مون سان ھلندينءَ، منھنجي ٿيندينءَ.“
”ھا سائين. ناني چئي ٿي اوھان منھنجا چاچا ٿورائي آھيو. اوھان سائين آھيو ۽ جيئن سائين چئي تيئن ڪر. توھان جيئن چئو سائين.“
ھو اٿي بيٺو ۽ کانئس ٿورو پرڀرو وڃي بيٺو. شاھ بانو بہ اٿي بيھي رھي. ھو کيس گهوريندو رھيو. ھو ٻڏتر ۾ ھو. ڇوڪر صفا بدليل ھئي. ھن جو انداز ۽ رخ ئي ٻيو ھو. ھو سندس موھيندڙ انداز پسي، ويو ويچارن ۾ ويڙھبو.
پاڻ پنجاھ جي ويجهو ھو ۽ ڇوڪر ويھن پنجويھن کان مٿي کيس نہ لڳي. ھن کي ڪا گهڙي لوڪ لڄا جو خيال آيو ۽ جوان ٻارن جو. ھو ائين سوچيندو رھيو. ايئن شاھ بانو اڇل ڏئي ويجهو ھلي آيس. ھن ڇرڪ ڀريو پر ڇوڪر منجهيل نہ ھئي.
”ڇا ٿا سوچيو. ناني چئي پئي تہ سائينءَ کي پريشان ٿيڻ نہ ڏجانءِ. ڏاڍو خيال ڪجائينس.“
پوءِ ھن چانھ جو ڪوپ کنيو.
”ڀلا چانھ پيو. چانھ ٿي ٺري. اڙي چانھ تہ ٺري ويئي. بيھ گرم ڪري اچان. ناني ڪاوڙجي ويندي.“ سليم وڌي وڃي کانئس ڪوپ ورتو ۽ رکي ڇڏيو. ھن فيصلو ڪري ورتو. پوءِ کيس پاڻ ڏانھن ڇڪيو. ويجهو ڪندي چيائينس:
”پنھنجي نانيءَ جي ڳالھہ ڇڏ شاھ بانو، تون بہ تہ ڳالھہ ڪر. تنھنجي مرضي ڇا آھي؟“
شاھ بانو ڪا گهڙي چپ ٿي وئي ۽ پوءِ چيائين:
”ناني چئي ٿي تہ جيئن سائين جي مرضي ۽ تون ھاڻ ھن جي ٻانھي آھين. توھان ڪاوڙجي ويؤ تہ نانيءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ان ويل برقعو پارائي وٺي آئي اٿم.“
”ماسي ڪٿي آ.“ سليم کانئس پڇيو.
”ناني ٻاھر ڏاڏيءَ سان ويٺي آھي. مون کي نانيءَ چيو آھي تہ جيئن سائين چئي. جي وٺي ھلي تہ بہ حاضر، جي ھٿ ٻانھي ڪري ويھاري تہ بہ جيئن سندس مرضي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. شاديءَ جو چوڻ سولو، پر ان سان گڏ ڪئين مسئلا، ڪئين مرحلا خيال ۾ آيس. جيئن شاھ بانو وڌيڪ ويجهو ٿيس ۽ ڳچيءَ ۾ ٻانھون پيس تہ سليم بنھہ پاڻي ٿي پيو. يڪدم سٽ ڏئي ٻاھر نڪتو. ماسي اڱڻ ۾ بيٺي، ڏاڏيءَ سان ٻولاچاري ڪئي. بنھہ اور گهور ٿيو ڊوڙندي آئي.
”مان صدقو وڃانءِ. ائين ڪاوڙجي وڃبو آھي. شاھ بانو ڪھڙي شيءِ آھي، تون حڪم ڪر، شاھ بانو جڏھن کپئي کڻي وڃ. اڄ کان تنھنجي ملڪيت ٿي.“
”پر ماسي – “
”پر ٻر ناھي. توکي وڻي ٿي ۽ مان سلڻ کان اھا شيءِ رکان؟ مان پاڻھي شاھ بانوءَ جي پيءُ قادن سان منھن ڏينديس. جڏھن وڻئي تڏھن نڪاح ڪرينس، شيءِ تنھنجي ٿي.“
سليم وري سوچ ۾ پئجي ويو. يڪدم پٺتي موٽ کاڌائين. ھن ٻڌو ڏاڏي وڏي واڪ چئي رھي ھئي: ”ادي قادن ماءُ! شاھ بانو ڪا وڏن ڀاڳن واري آھي، جو ھھڙو ماڻھو مليو اٿس. ھيڏو وڏو آفيسر، لکن جي ملڪيت، عمرن جي فرق کي ڇا ڪبو. پاڻ بہ تہ لکن جو مٽ آھي. اسان جو ابو، بس تنھنجي ڇوڪري راڄ ڪندي راڄ.“
ھو اندر گهڙيو تہ حيران ٿي ويو. شاھ بانو بي خبر ٿيو ويٺي ھئي. ھن پئي ھٿ مھٽيا، سندس ھٿ ڏڪيا پئي. ھو جيئن ويجهو ويس تہ کيس ھوءَ اڇي نظر آئي، ڄڻ بنھہ رت ئي نہ ھجيس. ھو ويجهو ويس تہ ڏٺائين سڄو ڏڪي ۽ سھڪي پئي. ھن سڏ ڪيس، ”شاھہ بانو، شاھ بانو“ ھو ڇرڪ ڀري ائين اٿي ڄڻ ڪنھن ڊپائتي خواب مان سجاڳ ٿي ھجي. شاھ بانو کيس ڏٺو، ڪا گهڙي ھوءَ ڏڪندي رھي، ھٿ مھٽيندي رھي، پوءِ ڏڪندڙ ھٿن سان ھن سندس ھٿ پڪڙيا.
”سائين او سائين – ناني، سائين – ناني.“ ھن ٻہ چار لاڳيتيون ڳيتون ڏنيون ۽ سھڪڻ لڳي. سليم ڏٺو تہ شاھ بانو وڦلي پئي. ھو سندس ھٿ پير مھٽڻ لڳو. پر زوريءَ ھٿ ڇڏايا ۽ سخت مھٽڻ لڳي – سندس وڦل جاري ھئي، آواز ڳرو ٿي ويس: ”منھنجي ڳالھہ ٻڌو سائين – منھنجي ڳالھہ ٻڌو پوءِ فيصلو ڪيو، تڪڙ نہ ڪيو. ھن دفعي تہ منھنجي ڳالھہ ٻڌو، توھان ضرور ٻڌندؤ، ڀلي ٻيو نہ ٻڌي، او سائين.“
نينگر ليلايو پئي، ھو ڏڪي ويو. ھو حيران ھو تہ ھي ڇا ٿي ويو. ھن کيس ڀاڪر ۾ ڀريو تہ ڇوڪر رئڻ لڳي، بنھہ جهڄي پئي.
”ڳالھ ڪر من! تون کلي ڳالھہ ڪر دل.“
سليم ھن کي پرچائڻ ۽ پرڀائڻ لڳو. ائين شاھ بانو ٽپ ڏئي نئين سنئين ٿي ويھي رھي. سندس جسم ۾ اھا ئي ڏڪڻي ھئي، پر ھوءَ پاڻ کي روڪي ڳالھائڻ لڳي.
”منھنجي ڳالھہ ٻڌو، مان ھوش حواس ۾ آھيان. خدا جي واسطي منھنجي ٻڌو. منھنجي پيءُ تي اعتبار نہ ڪجو. نانيءَ جو ڏوھہ ناھي، پر ھو بيوس آھي. منھنجو پيءُ نشئي ۽ جواري آھي. ھن کي پئسا کپن. ھن ٻہ مڱڻا ٽوڙيا آھن. ھاڻ منھنجو ٽيون مڱڻو ٿيل آھي. ھو ھڪ کان پئسا وٺي وري ٻئي کان وڌائي وٺندو آھي، ۽ پيو آسرن تي ھلائيندو آھي، ھاڻ ٽيون مڱڻو ڪيو اٿس. توھان کان پئسا وٺي وري اھو ڇڏائيندا. پوءِ وري اھو ئي عذاب منھنجي لاءِ ڏنڀ، گلا ۽ خواري. توھان بہ ھليا ويندؤ، وري ڪو چوٿون ايندو. منھنجي لاءِ ائين ڇو آھي سائين؟ ماڻھو چون ٿا تہ نڀاڳي آھي.“
شاھ بانو وري ھڪ نفسياتي مريض وانگر ھٿ مھٽيا ۽ سڄي ڏڪڻ لڳي.
”مون کي ڇڏي ڏيو سائين مان سڀني جي ٻانھي آھيان، سڀني جي، ابي جي، نانيءَ جي، سڀني جي سائين، منھنجو ڇا آھي.“
ڇوڪر وري وڦلڻ لڳي ۽ ڏڪندي سڏڪندي ھلي پئي. ھاڻ سندس ڳوڙھا نہ ٿي بيٺا.
سليم جي اکين ۾ بہ پاڻي ڀرجي آيو. ھو ڏکويل جيءَ کي ڏسي ڏکوئجي ويو.
ھن وري ھن جا ھٿ مھٽيا، پاڻي پياريو. شاھ بانو کي ھوش ۾ آندو. ھوش ۾ اچي شاھ بانو ھن کي چنبڙي پئي. ھو ھن جي وجود کي ھاڻ محسوس ڪرڻ لڳو ھو. ھن جي ڇھاءُ ۾ ھن کي نئين زندگيءَ جو احساس ٿيو. ھو شاھ بانوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀري ٻاھر وٺي آيو. شاھ بانو ھن جي جيءَ سان لڳي ڪمري کان ٻاھر آئي. اڱڻ ۾ شاھ بانو جي ناني ۽ سليم جي پراڻي نوڪرياڻي ڏاڏي تہ ويٺيون ھيون، پر چپ ھيون، ۽ فضا ڪجهہ ڳري لڳي پئي.
جيئن ئي سليم ۽ شاھ بانو ورانڊي کان ٻاھر نڪتا تہ ٻئي پڻ ڪجهہ ھٽيا. شاھ بانو تہ بنھہ پاڻ کي الڳ ڪرڻ چاھيو، پر سليم کيس ڇڪي پنھنجي ڇاتيءَ سان لڳائي بيھاري ڇڏيو. فضا اوپري ان لاءِ ھئي جو سامھون شاھ بانوءَ جو پيءُ قادن ٽوپي نراڙ تي رکيو بيٺو ھو. ڪا گهڙي سانت رھي، پوءِ سليم ڳالھايو: ”ڏاڏي! اندران منھنجو بريف ڪيس کڻي آ.“ ڏاڏي ڊوڙندي وئي، ڊوڙندي وري، ”ابا اچي!“
سليم، شاھ بانوءَ کي ڏاڏيءَ جي حوالي ڪيو، ”ھن جو خيال ڪر، ڪٿي ڪري نہ پوي.“
شاھ بانو ۾ وري ڏڪڻي پيدا ٿي چڪي ھئي. پوءِ سليم بريف ڪيس کوليو ۽ ان ۾ پيل نوٽن جا ٿھا ڪڍي ٻاھر ڪيا، جيڪي اڄ کيس اباڻي ملڪيت جي اپراسي طور ڪمدار ڏنا ھئا. ھن بريف ڪيس مان چيڪ بڪ ڪڍيو، پوءِ نوٽن جا ٿھا قادن جي آڏو اڇلايا، جيڪي قادن جي سامھون پيل کٽ تي ڪريا. پوءِ سليم چيڪ صحيح ڪيو ۽ اھو بہ وڌي نوٽن سان گڏ رکيو.
”ماسات قادن سائين! مڱڻي ڇڏائڻ لاءِ رقم ۽ تنھنجي گذاري لاءِ بلينڪ چيڪ. ڳوٺ جي بينڪ ۾ جيڪا ميڙي چونڊي آھي سا تنھنجي ٿي. ڇوڪريءَ جي پچر ڇڏ.“ ھو اڃا ڳالھائي پيو تہ ڏاڏيءَ دانھن ڪئي: ”ابا شاھ بانو.“
ماسي بہ ڊوڙي. شاھ بانو بيھوش ٿي وئي ھئي. ھنن شاھ بانو کي، نوٽ سيري پري ڪري، کٽ تي ليٽايو. ھو ھٿ پير مھٽڻ لڳس. شاھ بانو ڪنجهڻ لڳي. ڪجهہ ھوش ۾ آئي تہ ھٿ مھٽڻ لڳي، ڏڪڻ لڳي، گهڙيءَ ۾ وڦلڻ شروع ڪيائين. ھاڻ ڪجهہ سمجه ۾ آيو پئي ۽ ڪجهہ نہ. سليم قادن ڏي رخ ڪيو: ”قادن سائين، ڏسي ڇڏ، تو پنھنجي ڌيءَ جا ڪھڙا حال ڪيا آھن. ھيءَ ھيري ڪڻي تو خاڪ سر ڪري ڇڏي. ڪڏھن ڪنھن در وڪاڻي، ڪڏھن ڪنھن در. ھاڻ تون ھن کي وساري ڇڏ مان وٺيو ٿو وڃانس ۽ ياد رکجانءِ جي تو ڪا مستي ڪئي آھي ۽ ھن کي تنگ ڪيو آھي تہ فرياد ڪرائيندوسانءِ. اڙي نياڻين جا سورنھن مڱڻا ڪرائبا آھن؟ در در وڪڻبو آھي؟ پيسي جي پيٽ کي تہ باھ لڳئي ٿي، پر ڄائيءَ جي ڄر بہ ڪڏھن آئي اٿئي؟“
سليم ڳالھائيندي سھڪيو پئي. قادن ڪنڌ لاڙيو ڪا گهڙي بيٺو رھيو ۽ پوءِ وڌي نياڻيءَ وٽ آيو. ھن کي حالون بي حال ڏٺائين،تھ لڙڪ لڙي پيس. مٿي تي ھٿ رکيائينس ۽ پوءِ سليم ڏي نھاريائين. ان نگاھہ ۾ سڀ ڪجهہ ھو. سليم ڪنڌ سان ھا ڪيس، قادن پوئين پير موٽيو ۽ اڱڻ ٽپي ٻاھر نڪري ويو.
ماحول ۾ چوڌاري ڪا گهڙي خاموشي رھي. ڪنھن ڪنھن مھل شاھ بانو جي ڪنجهڻ جو آواز آيو پئي. ڏاڏيءَ جو آواز تہ ”امان، امان منھنجي ھوش ۾ اچ.“ نہ تہ چوڌاري عجيب سانت ھئي. شاھ بانو جي ناني، سليم جي ماسي چپ ھئي ۽ پئي شاھ بانو کي مٿي تي زور ڏنا. اوچتو سليم ڳالھايو، ”ماسي، ھاڻ تون گهر وڃ، شاھ بانو جا ٻہ وڳا ٿيلھي ۾ وجهي آ، مان ھن کي رات پھر ۾ کڻي ويندس. شاھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آ.“
ماسيءَ ڏانھس نھاري اوڇنگارن ۾ اچي پئي. سليم ويجهو وڃي ڀاڪر پاتس ۽ پرچائڻ جي ڪيائينس. ”ھن نياڻيءَ جي ڏوھاري مان آھيان. ابا! مون ھن لاءِ ڪجهہ نہ ڪيو آ. ڪجهہ بہ نہ. مان ھن جي خدمت ڪندس. ھن کي ريجهائيندس. مون کي ڪھڙي خبر تہ ڇوڪر اندر ئي ڇڄي پئي آھي. باھ ڏيان اھڙن مڱڻن کي. مان صدقو وڃان ٻچڙيءَ تي، منھنجا مولا ھٺ سڄو ڏينس، بخشي بچائي ڏي.“
ماسيءَ پئي رني ۽ ڳالھايو. سليم آھستي کيس اٿاريو ۽ چيو: ”دير نہ ڪر ماسي، شاھ بانوءَ کي ڊاڪٽر جي ضرورت آھي، مان ھاڻ ئي کيس شھر کڻي ويندس.“
”مان اجها آيس ابا، مان بہ ساڻس گڏ ھلنديس.“
سليم ھڪدم وراڻيس، “نہ ماسي، شاھ بانوءَ جي ماضيءَ جي ڪا شيءَ ھن سان نہ ھجي. بس دعا ڪرينس. ٺيڪ ٿي پئي. گد گد ھوندي، راضي خوشي ايندي، وٺي ايندومانس. تون فڪر نہ ڪر مٺي جيجل ماءُ، جلدي ڪر.“
ماسيءَ جو منھن لھي ويو، پر ھن شاھ بانوءَ تي نظر وڌي تہ کيس جهٻي آئي. يڪدم جتي سيري پير ۾ ڪيائين ۽ سڌو گهر نڪري وئي. ھوڏانھن سليم اندران ڪمري مان ڪورامن کنيو آيو ۽ شيشيءَ مان ڦڙا پاڻيءَ ۾ وجهي شاھ بانوءَ کي پياريا. شاھ بانو آھستي آھستي ھوش ۾ اچڻ لڳي.
سليم جڏھن کيس ھنج ۾ کڻي ڪار تائين آيو تہ شاھ بانو ڪجهہ ھوش ۾ ھئي. ھن لھڻ جي ڪئي، پر ھو کنيو ويس. شاھ بانوءَ سھاري لاءِ ڳچيءَ ۾ ٻانھون وجهي ڇڏيس.
سليم ائين سمجهيو ڄڻ ھو ڪا ملڪيت سانڍيو پيو وڃي. ماسي ۽ ڏاڏي در تائين موڪلائڻ آيون. گهٽيءَ ۾ ڪير نہ ھو. رات چڱو پنڌ ٽپي ھلي ھئي. جڏھن سليم اتان نڪتو، ھو تکي گاڏي ڪڍي آيو. کيس ائين پئي لڳو ڪٿي کانئس ھيءُ سرمايو ڪير کسي نہ وٺي. سڄي زندگي پالھو رھيو. ھيءَ مليس تہ ڄڻ کيس پاڻ مليو. ھو ھر ھر شاھ بانوءَ کي تڪي رھيو ھو، جيڪا سندس ڀرسان ھليل ھئي. ھو سندس سونھن ۽ پرڀائيندڙ وجود کي پسي گد گد پئي ٿيو. کيس خبر نہ ھئي، تہ ڪڏھن موتي لال ھٿن ۾ ھوندي بہ ھٿن مان پاڻيءَ وانگر وھي نڪري بہ ويندا آھن. ھو آھستي آھستي شاھ بانوءَ جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندو رھيو.
”شاھ بانو، مون کي خبر آھي تہ مان ڇا آھيان. تو مون تي وڏو وڙ ڪيو آھي. تون ڪٿي رنج تہ ناھين.“
شاھ بانو آھستي آھستي مشڪندي رھي ۽ پوءِ ٿڪل آواز ۾ چيائين:
”توھان سان رنج! توھان تہ منھنجا محسن آھيو – منھنجا سائين آھيو – ڀلا ڪاڏي ھلون پيا، منھنجا ڪپڙا لٽا کنيا اٿو.“
”شاھ بانو، ھيءُ ٻنھي جو نئون سفر آھي. منزل جي مون کي بہ خبر نہ آھي. تون ساڻ آھين تہ سڀ سولي ٿي پوندي. تنھنجي بيگ ڊگي ۾ آھي ۽ سنھي سامان وارو ٿيلھو سيٽ تي اٿئي.“
شاھ بانو پويان ڏٺو ۽ ھٿ وڌائي ٿيلھو کنيو ۽ ھنج ۾ ڪري کوليائين ٿيلھو انھن ئي نوٽن سان ڀريل ھو ۽ سليم وارو چيڪ بہ مٿان رکيل ھو.
”سائين، ھيءُ ڏسو نانيءَ جا ڪم.“
سليم ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ ڪا گهڙي چپ رھيو ۽ پوءِ کلي شاھ بانو ڏي نھاريائين، ”ھي نانھن طرفان ڏاج اٿئي.“
شاھ بانو شرمائجي وئي ۽ ھن دفعي ڏاڍي پيار سان ڏانھس ڏٺائين، ۽ جيئن سليم سندس نگاھون محسوس ڪيون تہ ھن بہ ڏاڍي پيار سان ڏٺس ۽ سرٻاٽ ڪندي ۽ ڏانھس جهڪندي چيائين، ”شاھ بانو پنھنجي منزل پري نہ آھي.“
ائين اوچتو شاھ بانو دانھن ڪئي، ”سامھون ڏسو – سنڀالجو!“
سليم گاڏي کي سامھون ٽرڪ کان بچايو، پر گاڏي ڪئين پنڌ پيچرا سٽيندي، ٽپندي ھڪ کامي ۾ ٺڪاءُ سان وڃي دنگ ڪيو.
سليم ھوش ۾ آيو تہ ڏٺائين شاھ بانو سندس ڀرسان ئي ھئي. ھن دفعي خاموش ۽ چپ. سليم ڏڪي ويو. ھن رڙيون ڪيون، ”شاھ بانو – شاھ بانو – شاھ بانو.“
شاھ بانو وٽس ئي ھئي، پر ان ۾ ٻوليندڙ پکي نہ ھو. ھو بہ آھستي آھستي خاموش ٿي ويو. ھو ڪار مان ٻاھر نڪتو تہ ھن محسوس ڪيو تہ ھو وري اڪيلو آھي – ھن کامي کان مٿي نھاريو، ھڪ وھندڙ روشني ھئي. ھڪٻئي جي پٺيان روشني. ھن جي اکين کي روشني نہ وڻڻ لڳي. ھن کي کامي ۾ پوندڙ روشنيءَ جا پاڇا بہ نہ وڻيا. ھو ڪار جو در کولي شاھ بانوءَ جي پاسي ۾ ويھي رھيو. ھن کي ائين لڳو تہ ڄڻ ھو اڪيلو نہ آھي. ھن جون اکيون ٿڪجڻ لڳيون ھيون. ھن بہ شاھ بانو وانگر سمھڻ چاھيو. جڏھن شاھ بانو ستل آھي تہ ھو جاڳي ڇا ڪندو. ھو اکيون ٻوٽي آھلي پيو. نئين سفر جي کيس خبر نہ ھئي.