ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

وڏو ماڻھو

ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ڳولڻ جي ڪندي ھن کي شام ٿي ويئي. سندس پيءُ گذرئي ڪي گهڻا ڏينھن ڪونہ ٿيا ھئا. پھريائين تہ سندس گهر ماين جا ميڙ ۽ اوطاق تي ماڻھن جي اچ وڃ ھئي. آھستي آھستي ھرڪو ٽڙي پکڙي ويو. اِئين لڳو، ڄڻ ڪو ميلو ھو ۽ ھر ڪو ويکڻ آيو ھو ۽ ھاڻ تہ ميلي جي موٽ وارا ڏينھن بہ ماضيءَ جي دز بڻبا پئي ويا. ھو نہ نوڪريءَ تي وڃي پئي سگهيو، نہ وري ھن جي دل پي لڳي. ھو اٻاڻڪو اوطاق تي ويٺو ھوندو ھو ڪڏھن ڪڏھن اباڻي ٻنيءَ جو ڪو ھاري يا پري جا رھيل مٽ مائٽ، سڃاڻو يا دوست تعزيت لاءِ گهڙيءَ لاءِ ڦرڪو ڦيرائيندا ھيا، نہ تہ ھو واڻ جي وڏي کٽ تي پاسا ورائيندي بيحال ٿيو پيو ھوندو ھو. سندس ڀرسان پيل ڪتابن ۾ بہ سندس دل نہ لڳندي ھئي. ھو ھر ھر ائين چاھيندو ھو تہ ھو ھاڻ ھتان ھليو وڃي، پر سندس ماءُ، عزيزن جو حڪم ھيو تہ چاليھو ڪري پوءِ يڪو نڪري. ھن وچ ۾ ڪوشش ڪئي تہ ھو ڪجهہ ڏينھن لاءِ شھر وڃي نوڪريءَ ۽ ٻين گهرجن جي پورائي لاءِ ڪجهہ ڪري اچي، پر ڪڏھن جماڻو تہ ڪڏھن مائٽن جي اچ وڃ، سندس وڃڻ ھٽبو ويو. ھاڻ ذري گهٽ اچي مھينو پئي ٿيو.
ھو جيتوڻيڪ وساميل پيو ھو، پر ھميشہ وانگر ڪجهہ وقت ماضيءَ جي رستن تي ڀٽڪڻ لاءِ نڪري ويو. سندس ذھن انھيءَ رستي تي ھليو ويو، جت کيس پيءُ ھٿ کان وٺي ھلڻ سيکايو ھو. پيءُ کي ياد ڪرڻ جي بھاني ان ڳالھہ کي ضرور ياد ڪندو ھو تہ کيس وڏي ماڻھو ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻ سان گڏ ڪنھن بہ نموني سان وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي. ھو پيءُ جي وڏ ماڻھائپ ڏسي سڌون ڪندو ھو. پيءُ جي آفيسري جو دور ھجي يا سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ زمينداري جي دور ۾ جيڪي ڏسندو ھو، اھو کيس ناممڪن لڳندو ھو. ھو سمجهي نہ سگهندو ھو تہ ھو ھن گپا گيھہ ۽ مقابلي جي دور ۾ بي.اي جي ڊگريءَ سان ڇا ڪندو. پڻس جي اثر رسوخ سان ڇڪي تاڻي ھاءِ اسڪول جي ماستريءَ جي جيڪا نوڪري کيس ملي ھئي؛ ان جو پگهار ۽ الائونس کڻي جڏھن گهر ويندو ھو تہ ھڪ سٽ سان زال سڀ ڪجهہ کڻي ويندي ھيس. ھو ڪڏھن ٽيوشن ڪندو ھو، ڪڏھن پڻس ڪجهہ ڏئي ويندو ھوس مڙئي گذر ٿي ويندو ھون. پر ھن سک جو ساھ ڪڏھن بہ نہ کنيو. ايم.اي ۽ ايل. ايل. بي جي امتحان سان بہ وچڙندو آيو پر اڃا ڪاميابيءَ کان پري ھو. ھر ھر ويلي اِھا ڳالھہ سمجهڻ جي ڪندو ھو تہ ھو ڪند ذھن آھي يا نصيب جو ماريل. ھر ڪوشش موٽ کائي ٻہ وکون پوئتي ڪري ڇڏيندي ھيس، جيڪي سندس ڪلھي اچي لڳا ھئا، خاص ڪري وڏو پٽ انور.
سندس شھري زندگيءَ سان چاھہ ھاڻ ڳچيءَ ۾ پيو ھوس. ھو گهر جي ڪري يا ٻار پڙھائي يا پنھنجي بقا جي جڌ لڙي. پنھنجي پيءُ جي تڏي تي ويھي. ھن ڪجهہ ڏينھن وڏا ٿڌا ساھ کنيا. ھر ويلي، چڱو چوکو کائي، ماءُ کي آٿت ڏيندو ھو ۽ گهر واري ۽ ٻچن ڏي نھاريندو ھو، جن جي منھن تي بہ رونق آئي پئي. پر ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ جڏھن کيس خبر پئي تہ ھاڻ انھيءَ گهر کي بہ کيس ئي ھلائڻو آھي ۽ پڻس بئنڪ ۾ جھڙوڪ ڪجهہ بہ نہ، صرف پينشن ۽ ٻنيءَ جو ٽڪر ڇڏي ويو ھو، جنھن تي پڻ قرض ھو. ھو ڪيئن ٺٺ ٺانگر رکيو ويٺو ھو، ان جي کيس سمڪ ڪانہ ٿي پئي. ھو جيئن جيئن ڏينھن گهاريندو ويو، واڻ واري کٽ سندس اگهاڙن پٺن تي نشان ڪندي وئي. ھو گرمي ۾ پگهر ڳاڙيندي، ڪڏھن وڃڻو ھڻي ھيانءُ ٺاريندو ھو، يا وڃڻي سان پٺي کنھندو ھو.
ان ڏينھن ھو گهڻو وقت ماضيءَ جي رستي تي ڀٽڪيو، پر کيس ڪي بہ اھڃاڻ نہ مليا، جن سان سندس مسئلا حل ٿين. ھن مھل تائين تہ گهر جو خرچ جيڪي ڪجهہ ماءُ وٽ پاڇي ھو يا ماڻھن پھت ڪري ڏنو ھو. ان مان پئي ھليو، مٿان چاليھو ھو ۽ ختمي جي مانيءَ جو بندوبست جھڙي تھڙي ڳالھہ نہ ھئي. ماني بہ ڀري ڪرڻي ھئي، ڇو تہ پڻس تر جو چڱو مڙس ۽ وڏو ماڻھو ھو.
ھاڻ ھو جڏھن بہ اڪيلو ٿيندو ھو تہ اھو سوچيندو ھو تہ ھو ڪيئن وڏو ماڻھو بڻجي، پر پنھنجي پيءُ کان وڏو ماڻھو، جيڪو پئسي ۾ بنھہ وڏو نہ ھو. ھو ڪڏھن ناڪاميءَ جي انديشن ۾ ٻڏل، ڪڏھن اميد جي ڪرڻن سان روشن پل پيو گهاريندو ھو ۽ من ئي من ۾ واريءَ جا گهر ٺاھي ڊاھيندو ھو.
ھيءَ شام تہ کيس ڏاڍي ڌمڪيل ۽ اجهاميل لڳي. ھو جيئن تيئن ڪري اٿيو. پاڻيءَ لاءِ پيءُ جي جهونڙي نوڪر گلوءَ کي سڏ ڪيائين، پر کيس سڏ نہ مليو. ھو پاڻ اٿيو، پاڻي پيتائين، پوءِ سڌو گهر ڏي رخ ڪيائين. ماڻس فرش تي ليٽي پئي ھئي. سندس زال ۽ ٻار انھيءَ فرش تي ويٺا ھئا، سواءِ سندس وڏي پٽ انور جي.
گهر ۾ ڪو بہ مٽ مائٽ نظر نہ آيو. ھو ماءُ جي پيرن کان ويھي کيس زور ڏيڻ لڳو. ھوءَ اٿي ويٺي.
”اڃا مقام تي نہ ويو آھين. ٽپھري بہ اچي لڙي آھي. شام پئي ٿئي، پنڌ پري آھي. جي وڃڻو اٿئي تہ جلد ٿي اچ. منھنجي راڻل کي سلام چئجانءِ، جيڪو ھاڻ مڻين مٽيءَ ھيٺ ائين ڇڏي آيا آھيو.“ ماڻس روئي ويٺي.
ھو بہ اداس ٿي ويو. ھو اٿيو، زال کي سڏ ڪيائين، ۽ پاسي تي وٺي وڃي چيائينس:
”ڪجهہ پئسا اٿئي، سگريٽ بہ کپي ويا آھن.“
”مون وٽ تہ ڪجهہ بہ نہ آھي، چئين تہ امان کان وٺي ڏيانءِ.“
”نہ نہ، ڀلا انور ڪاٿي آھي سونجهڙو آھي، متان ڪجهہ پيسا ھجنس.“
ائين انور سندس وڏو پٽ اندر گهڙيو. مرڪي پيءُ ڏي ڏٺائين، پوءِ کيسي مان سگريٽ ڪڍي کيس ڏنائين.
”مان مامي جي دوڪان تان کنيو آيو ھيم. اوطاق تي ويم تہ ڪڙو ڏنو پيو ھيو“
”ڀلا مان بہ ھلانو مقام تي؟“
”نہ، بابا. ٿڪجي پوندين. مان بس اچان ٿو.“
ھن گهر کان ٻاھر نڪري سگريٽ دکايو. مرڪي ويٺو. انور سندس وڏو پٽ ھو. اڃا مئٽرڪ مس پاس ڪئي ھئائين ۽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ھئائين جو ھو ھيڏانھن قضيي تي ھليا آيا. پر الائجي ڇو ھو کيس تمام وڏو سمجهندو ھو. سياڻو، ڏاھو ۽ اميد ھيس تہ ھو وڏو ماڻھو بڻبو، ڏاڏي کان بہ وڏو. پاڻ تہ ڪجهہ بہ نہ ھو.
سوچيندو، ڳوٺ لتاڙيندو ڳوٺ جي ٻاھران وھندڙ وڏي واھہ وٽ جڏھن پھتو تہ کيس ٿڌڪار جو احساس ٿيو. ھن گرمي ۾ واھہ ۾ وھندڙ گجي ڪندڙ پاڻي جو ٿڌڪار ھٻڪار ڪندڙ ھو. ھو تيز تيز واھہ جي مٿان ٺھيل پل ۽ ريگيوليٽر تي پھتو تہ پاڻيءَ جي گوڙ واري آواز ۽ ڇولين کيس بيھاري ڇڏيو. ھو ڪا گهڙي تہ ڇولين جي مستي ۽ پاڻيءَ جي وھڪري کي ڏسندو رھيو، جيڪو اڳتي وڃي، ويندڙ واٽ وانگر ماٺو ٿي ڪنھن پنڌ پرانھين جو ڏس ڏيندو رھندو پئي ويو. ھو پاڻيءَ جي انھيءَ ٺھندڙ رستي کي ڏسي مرڪي ويٺو ۽ پوءِ اڳتي ويندڙ رستي ڏي ڏٺائين، جيڪو مقام تائين کيس نيندو ھيو. ھو ڪا گهڙي انھي رستي کي بہ ڏسندو رھيو ۽ پوءِ سامھون پري کان پيءَ جي تازي ٺھيل قبر ڏسي کيس ڪجهہ ياد آيو. ھو تڪڙو پل ٽپي واھہ سان ٿورو اڳتي لھوارو ھليو، جتي وڃي پاڻي ماٺار ڪري واٽ وٺيو پئي ويو. ھن کي ڪي ھمراھ ڳوٺائي مليا، جيڪي وضو ڪري مقام تي پئي ويا ۽ ڪي وري مقام تان پئي موٽيا. شفن وڏيري تہ رڙ ڪري چيس:
”ابا، دير ٿي ٿئي، جلدي اچ. نما شام جو مقام تي تہ نہ وڃبو.“
ھو تڪڙو تڪڙو وڃي واھہ جي ڪناري تي ويٺو ۽ جهڪي جلدي جلدي وضو ڪرڻ لڳو. ھو جيئن جيئن جلدي ڪندو ويو، تيئن کيس محسوس ٿيو تہ ھو انھيءَ گپ ۾ ويھندو پيو وڃي ۽ گهڙيءَ کان پوءِ ھو سڄو پاڻيءَ ۾ ھو. الائجي ڇو کانئس ڪا بہ دانھن نہ نڪتي، نہ ھن پريان ويندڙ ڳوٺائين يا شفن وڏيري کي سڏ ڪيو تہ مان پاڻيءَ ۾ ڪري پيو آھيان ۽ اچي مون کي ٻاھر ڪڍو. ھن سمجهيو تہ کاڌل ڪناري جي ڪرندڙ ڀڪ سان گڏ ھو ھيٺ ھليو ويو آھي. ھن کي ھيءُ ٿڌڪار وڻيو پئي. ھو ڪناري وٽ اڌ کان مٿي ٻڏل بيٺو ھو. ھن سامھون وھندڙ وھڪرو ويندڙ واٽ وانگر ڏٺو. ھو تارون ھو. ھو ھن وھڪري ڏانھن وڌيو. ھن کي خيال آيو تہ ڀِڳو ھو تہ سڄو ڀڄي ۽ گپ لاھي نڪري. ھو جيئن ان واٽ تي ويو تہ وھڪري پير ڪڍي وڌس. ھيءُ نہ حياتيءَ جو وھڪرو ھو، نہ وري خيالي وھڪرو ۽ نہ ڪو ماضي جو ٺڳيندڙ وھڪرو ھو. ھو انھيءَ وھڪري ۾ ئي ھڪ سٽ سان وھي ويو. ان ۾ ھن وھندي ھڪ جهلڪ ماڻھن، قبرستان ۽ آخر ۾ پيءُ جي قبر جي ڏٺي. ھو ھميشہ جيان ڪنھن کي بہ نہ سڏي سگهيو. ھو ائين وھي ويو جيئن ڄڻ تہ پاڻ بہ ھڪ پاڻي ھو، جو پاڻيءَ ۾ سمائجي ويو.
ھاڻ ھن جي لاءِ اھو ئي قبرستان ھو، اھو ئي واھہ جو ڪنارو ۽ اھو ئي ماضي ۽ ماضيءَ جا رستا، پر ھو ھاڻي مڻين مٽيءَ ھيٺ ھو، پنھنجي پيءُ جھڙي قبر اندر.
ھن جي قبر تي سندس پٽ انور صرف ٽي ڏينھن آيو ۽ ٽئين ڏينھن ھن قبر اندران بہ ڏٺو ۽ ٻڌو. ھو قبر وٽ ويھي ڏاڍي کڙائيءَ سان چئي رھيو ھو؛
”بابا، مون کي واقعي وڏو ماڻھو ٿيڻو آھي، ان ڪري مون وٽ وقت نہ آھي. مان وڃان پيو، نہ مان اوطاق تي واڻ واري کٽ تي پٺا اگهاڙا ڪري وھندس، نہ ڪنھن آسري يا اميد جا ويچار ڪندس، منھنجي منزل پري آھي. مان جڏھن وڏو ماڻھو ٿي ويندس تہ عيد براد تي تو وٽ ضرور ايندس. ھاڻ مون وٽ وقت نہ آھي، مان وڃان ٿو، منھنجي منزل پري آھي.“
ھو قبر مان کيس ڪو بہ جواب ڏئي نہ سگهيو ۽ پوءِ ھن ھميشہ لاءِ اکيون ٻوٽيون؛ دل جا دروازا بند ڪيا، ماضيءَ جي گم ٿيل رستن کي ھميشہ لاءِ وڃائي پاڻ ھڪ ماضيءَ جي رستي جي دز بڻجي ڌوڙ ۾ گڏجي ويو.