ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 26
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

ڪڇان تہ ڪوڪ ٿئي

ھو منھنجي سامھون زور سان کنگهي رھيو ھو، ۽ ڪنھن گهڙيءَ پوتڙو منھن کي ڏئي پيو تہ ڪنھن مھل ساڻو ٿي پوتڙي جو پلئو پري پئي ڪيائين. مون کيس چتائي پئي ڏٺو. سندس جوڀن تہ ختم ھو، پر سندس منھن ۾ رت ڦڙو بہ نظر نہ پئي آيو. ھڏائين منھن ۽ جسم سان ھو ساڻو ٿيو پيو ھو. ڀرسان ويٺل سندس پٽڙي پرگهور پئي ڪئي. ڪنھن ڪنھن مھل ھو سامت ۾ پئي آيو. مان سندس اھڙو حال ڏسي پاڻ بي حال ٿي ويو ھوس. ھڪ تہ اسين ورھين ڪرھين ڳوٺ وڃون، سو بہ پنھنجي دلبرن ۽ پيارن جا ھھڙا ڏکوئيندڙ نظارا ڏسون، اصل دل ڦٽجي پئي. مون ڊاڪٽر کي تہ ماڻھو موڪليو ھو، پر ڪاوڙ ۾ ھر ھر کانئس پڇيم پئي، ”اڙي ھھڙا حال ڪيئن ٿيئي موسيٰ، اڙي چاڪ چڱو ڀلو تہ ڇڏي ويو ھومانءِ. سڀ ڪجهہ تہ ھيئہ، ھي سال کن ۾ ڇا ٿي ويئي؟“
ھو جواب تہ ڪونہ پيو ڏئي، پر کنگهندي ھڪ آڱر مٿي آسمان ڏي ڪري، رب جي مرضي ٿي ڄاڻايائين. کيس دوا درمل دارونءَ کان ڪنھن جهليو تہ ڪونہ ھو، يا ان کان بہ ويو ھو جو پاڻ کڻائي مون تائين پھچي ھا. ڪاوڙ پئي آيم، ائين ڪندي مون وارو سؤٽ ڊاڪٽر اندر اوطاق ۾ گهڙيو.
”ايتري دير!“
”دڪان تي رش ھئي.“
”ھا بابا، پيسن وارن کي ڏسندؤ، ھنن غريبن کي ڪاٿي ڏسندؤ.“
”ھن موسيٰ غريب کان پڇ تہ ڪيترن ڏينھن کان مون وٽ ايندو آھي، ڪڏھن پائي پئسو ورتو اٿمانس؟ توھان جو پراڻو نوڪر آھي تہ اسان جو بہ پراڻو يار آھي. سندس ھوٽل تي جام مال کاڌا اٿئون. ڪيئن موسيٰ؟“
موسو ڦڪي کل کليو ۽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ لڳو.
”ڪمال آ، موسو ھيترن ڏينھن کان بيمار آ، مون کي خبر نہ آھي، ۽ وري ڊاڪٽر اھڙو ٿيو آھين، جو کيس اڃان تائين ٺيڪ ڪري نہ سگهيو آھين.“
مون واري سؤٽ ڊاڪٽر کيس تپاسڻ ڇڏي، مون ڏي خار مان نھاريو. ”ھڪ تہ ٽي بي اٿس ٻيو ڪري ھوٽل تي باھ جو ڪم، وري دوا دارون کان آڱوٺو تہ ڏينھن نہ لڳندا تہ ڇا ٿيندو. ھونئن بہ ھاڻ ھن ۾ رھيو ڇاھي. توکي خبر آھي تہ سندس ھاڻ ڪھڙا حال آھن. اھو جهڳيءَ ڇاپ روڊ وارو ھوٽل جو تو کيس ڪڍرائي ڏنو ھو، سو بند پيو آھي. گذر سفر لاءِ پائي پئسو ڪونھي. ھنن غريبن کي اھي بيماريون لڳن ٿيون وڻ ويڙھيءَ وانگر، جڪڙي نپوڙيو نھوڙين.“
مون حيرانگيءَ مان موسيٰ ڏي ڏٺو. ھن ڪنڌ سان ھائو ڪئي ۽ وري بہ آڱر مٿي کڻي رب جي رضا ڄاڻايائين. مون يڪدم نظر ڦيرائي ڊاڪٽر کي ڏٺو. ھو نسخو لکڻ ۾ پورو ھو. پوءِ ڪنڌ کڻي ڏانھس نھاريو ۽ چيائينس: ”دوائون لکي ٿو ڏيانءِ، باقاعدي کائيندين تہ شفا بہ ٿيندءِ. ھا، جوڻھين وري ڪم تي نہ ٿي اچي. چئجائنس لالچ ۾ منھن نہ وجهي، ھي اسان واري ويڙھي وارا گهر ايترو ڏينس ٿا، پوءِ ڇو ٿي در در ڀٽڪندي وتي.“
پوءِ ڊاڪٽر کيس سئي ھنئي ۽ تڪڙو تڪڙو ائين چوندو نڪري ويو، ”يار ھاڻي سالن کان پوءِ آيو آھين تہ پنھنجي پياري موسيٰ کي سنڀال، ھٿن مان ويندءِ ھليو.“
مون ڏانھس نھاريو بہ نہ ۽ موسيٰ جي منھن ۾ نھاريو. ھو خاموش اوطاق جي گلم تي ليٽيو پيو ھو. سندس پٽ پئي پٺي مھٽي. مون پٽس ڏي ڏٺو، الائجي ڇو مون کي موسيٰ جي جواني ياد اچي وئي. پٽس جا مھانڊا بہ اھي ئي ھئا، جيڪي پڻس جا ھوندا ھئا. موسو ڇوڪراٽ ئي ھو جو منھنجي پيءُ وٽ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. اسين تنھن وقت ٻار ھوندا ھئاسين، پر ھو جنھن نموني سان اسان ٻنھي ڀائرن جي خدمت ڪندو ھو ۽ ساٿ ڏيندو ھو، ڄڻ اسان جو سن آھي ۽ ھڪ جيڏو سرتو آھي. اسان بہ کيس پنھنجن دوستن وانگر سمجهندا ھئاسين، توڙي کڻي جوان ٿي وياسين، نوڪرين وارا ٿي وياسين، پر موسيٰ کي ڪڏھن نوڪر نہ سمجهيوسين. ھو سنھڙي ھڏ ڪاٺ وارو پر سھڻو جوان نڪتو. اسين سندس فيشني گلن وارا وار ۽ چوٽا ڏسي، بابي کي دانھن ڏيندا ھئاسين. ھن بہ کيس پٽن وانگر پاليو ھو. مرڪي دڙڪو ڏيندو ھئس: ”موسيٰ، ماريندوسانءِ، ھڪ تہ پاڻ فيشني ٿيو آن، وري مون وارن پٽن کي بہ کارين ٿو.“
اسان يڪدم پنھنجن اڌوگابرين فيشني وارن کي ھٿ ھڻي گل ڊاھي سڌو ڪرڻ جي ڪندا ھئاسين. وقت کي پر ھئا يا نہ، پر وقت اسان کي ائين اورانگي ويو ھو جو موسيٰ جھڙو جوان پٽ تي پيو ھو ۽ سندس پوتڙو رت سان ڀريل ھو!
مون کي اھو وقت بہ ياد ھو جڏھن موسيٰ سان اسان جو ناتو دوستي ۽ ڀائپيءَ ورو وڃي رھيو ھو ۽ موسيٰ اسان جي نوڪري ڇڏي گهر وسايو ۽ ھڪ جهوپڙائين ھوٽل ۾ وڃي چانھ ٺاھڻ لڳو. اتي ئي مانيءَ جو ڌنڌو کوليائين. پوءِ تريل گوشت جون چانپون، سيخ ڪباب ۽ ٻيون شيون ٺاھڻ لڳو، جو شھر جا شوقين روڊ تي گهمڻ ويندا ھئا تہ موسيٰ جي ھوٽل تي ڪباب يا چانپون ضرور کائيندا ھئا. مان عيد براد تي جڏھن بہ ڳوٺ ويندو ھئس تہ ڪڏھن چانپون، ڪڏھن ڪڪڙ ڀڳل، ڪڏھن ڇا تہ ڪڏھن ڇا، ڍاڪئان ڀري گهر موڪلي ڏيندو ھو. ھڪ ڏينھن جيئن شام جو گهر پھتس تہ ڏسان موسيٰ وارا ڍاڪئان ٻوڙ پلاءُ ۽ چاشني سان ڀريل ھئا. مون امڙ ڏي نھاريو، مرڪي چيائين: ”موسيٰ جي اڄ شادي اٿئي. رات نڪاح اٿس، الائي ڪيترا دفعا پڇڻ آيو تہ مون وارو صاحب آيو يا نہ.“
مان تڙ ٻڙ ڪري، ڪپڙا مٽائي، اوطاق تي پھتس تہ موسو بيٺو ھو. اصل کنڀي ويو. اسان بہ کيس ڳائي وڄائي پرڻايو. سندس شادي اھڙي ٿي جو اتي جي راڄن بہ گهٽ ڏٺي ٻڌي ھوندي. موسي وارن جو ڳوٺڙو شھر کان پرڀرو اسٽيشن جي پاسي ۾ ھيو. سندن گهرن ڏي وڃڻ لاءِ ھمٿ کپندي ھئي، پر مان وٽس ايستائين ويندو رھيس، جيستائين وري ھو ڪم تي نہ چڙھيو ۽ مان واپس نوڪري سانگي ھليو ويس.
ھڪ ڏينھن مان ڳوٺ ئي ھيس جو ھو جيئن آيو تيئن مون کي ڇڪي گهر وٺي ھليو ۽ سڌو اندر کڻي ويو. اڱڻ ۾ ٻہ کٽون پيون ھيون، ھڪ کٽ تي ھڪ سھڻي سيبتي نينگر ويٺل ھئي. اصل ٽِڙي پيو. چي: ”ڏس، صاحب ھيءَ اٿئي منھنجي ڪنوار نوران آھي نہ سھڻي؟“
مان ڪا گهڙي کيس ڏسندو رھيس. نينگري واقعي سھڻي، جسم ۾ ڀريل ھئي. اٿي بيٺي ۽ ھٿ ڏيڻ لاءِ رئي جو پلئه جهليائين تہ منھنجي ڪلھي تائين ٿي آئي. ھلي ٿي تہ اصل ڊيل ھئي. رنگ جي ڀوري، منھن ۾ مشعالون پئي ٻريس. سندس ڪارا ڀنڀا وار، گوري منھن تي ٺھيا ۽ جرڪيا پئي، ۽ سندس وارن ۾ ھڪ عجيب سونھن ھئي. عجيب وڻاءُ ھو. ھلي پئي تہ سندس چوٽو ڪيل وار، لھرون کائيندا ور واسينگ جيان پئي وريا. مون کي ھو مڪمل سونھن جي جوڙيل پتليءَ جيان لڳي، جنھن ۾ ڪا بہ ڪمي ڪانہ ھئي. کلي پئي تہ ڏند جرڪيس پئي.
”واقعي، يار، ڪنوار ڀلي ملي اٿئي.“ مون کيس ور ور ڏسندي چيو. ويچاري نئين ڪنوار ھوندي بہ چڱي خدمت ڪئي. جيسين ماني پچائي نہ کارايائين، تيسين آرام نہ آيس. وري جو مون کي ڏورانھين نوڪري ملي تہ مان گهر ڏانھن لڙيس بہ ڪونھ، باقي جڏھن بہ ڳوٺ اچبو تہ موسي جي ھوٽل تي ضرور وڃبو ۽ ڪچھري ضرور ڪبي. موسي ٻہ ٽي دفعا صلاح ھنئي ۽ ماني جي دعوت ڏني، پر اسان جو پير پٽي تي بہ تہ ھجي. ڌار ھوٽل ڪڍڻ چاھيائين تہ بنھہ جهونپڙائين ڪچي پڪي مناھين ٺھرائي ڏني مانس ۽ سندس پنھنجو ھوٽل زور تي ھلڻ لڳو. پر ھاڻ ھو اصل اچي لالچ ۾ پيو. ٻارھوئي چلھہ تي چڙھيو ويٺو ھوندو ھيو. باھ ھڻي سٽي وڌس. ٻہ ٽي دفعا بيمار ٿيو تہ زوري شھر وٺي وڃي سندس علاج چڱي طرح ڪرايومانس ۽ ھمراھ وڃي ڪرت سان لڳو. ڊاڪٽرن اِھو تاڪيد ڪيو ھوس تہ باھ جو ڪم گهٽ ڪر. پر ھمراھ بہ تہ مڙي. ھمراھ اولادي ٿيو تہ پٽن جي طھرن جون خوشيون ڪيائين ۽ مٺايون وٺي اسان کي شھر پھچايائين.
سندس منھن تي مرڪ تہ ھوندي ئي ھوندي ھئي. ان وقت جي مرڪندو ھيو تہ اڄ ھھڙي ھيڻي حال ۾ بہ مرڪ ساڻ ھيس.
مون يادگيرين کي سندس مرڪندڙ منھن ۾ پئي پسيو. ھاڻ سندس کنگه بند ھئي، ھو اٿي ويٺو ھو ۽ وڃڻ جي موڪل گهريائين.
”چيم تہ حياتي الائي باقي گهڻا ڏينھن، سو وڃي پنھنجي صاحب کان موڪلائي اچان.“
”خير، خير آ. پر تون پاڻ ڇو آئين، نياپو ڪرين ھا.“
”مون پنھنجي صاحب جي پئي حاضري ڀري آ. وڏو صاحب اڄ دنيا ۾ ڪونھي پر اونھيءَ جي اولاد جي ھن دنيا ۾ مان ويندي بہ حاضري نہ ڀري وڃان تہ پوءِ لعنت آ.“ ھو سھڪيو پئي. مون کيس پاڻي پياريو. ھو پاڻي پي اٿي کڙو ٿيو. مون کيس ٻانھن کان وٺي اچي موٽر ۾ اڳيان ويھاريو. اصل وھلور پيو وڃي پر کيس ۽ پٽس کي کڻي آيس سندس ڳوٺڙي.
سندن گهر اسٽيشن پريان ھو، مون گاڏي اسٽيشن اوريان جهلي. کيس آھستي آھستي ريل جو بند ٽپائي اچي گهر ڀيڙو ڪيم. جڏھن کيس اچي اڱڻ ۾ ليٽايم تہ اھي ئي ٻہ کٽون پيون ھيون، جن تي ھڪ ٻار ۽ ٻارڙي ويٺا ھيا؛ ٻيو گهر ۾ ڪير بہ نہ ھيو. گهر ۾ ھڪ عجيب خاموشي ۽ ويراني ھئي. بنھہ ڳوڙھا ڳڙي پيم. ڀرسان ٿي ويٺومانس، ھو چپ چاپ پيو ھو. ڊاڪٽر جون ڏنل گوريون ڦڪايون مانس. آھستي آھستي کيس گهيرٽ اچي ويو ۽ ھو سمھي پيو. مان اٿي اڱڻ ۾ چڪر ھڻڻ لڳس. ٽي ٻارڙا ھيا. شاديءَ کي ست اٺ سال مس ٿيا ھوندس. مون سوچيو: ھي ننڍڙا ٻار ڪاڏي ويندا. موسي جي حالت واقعي صحيح نہ ھئي، مون ايندڙ گهڙين لاءِ سوچيو. منھنجي نظر ٻارڙن جي معصوميت ۽ ويچار پڻي تي کتل ھئي. ھو ويچارا بت بڻيا کٽ تي ٽنگون لڙڪائي ويٺا ھيا. سندس سڪل ھڙٻاٽيون – نڪتل چھرن تي ڪا بہ خوشي ڪانہ ھئي. اوچتو ننڍڙو ڪڪو ٽپ ڏئي کٽ تان لٿو ۽ ڊوڙندو دروازي ڏي ويو. اڇي برقعي سان ڪير اندر گهڙيو. ھن ننڍڙي کي کڻي ڀاڪر پاتو ۽ چمي ڏني. ٻيا ٻئي وڏڙا ويٺا رھيا. ھن اچي واري واري سان ٻنھي کي ڀاڪر پاتو.
”اوندھ ۾ ڇو ويٺا آھيو؟ نياز، تو بتي ڇو نہ ٻاري آھي؟“ ھن وڏي کي ڇڙٻيندي چيو. ھوءَ برقعو اڇلائيندي، رڌڻي واري پاسي تکي وئي ۽ گهڙيءَ ۾ لالٽين کنيو اڱڻ ۾ آئي. مون کي جھڙو اوندھ جو احساس نہ ٿيو ھو تھڙو روشنيءَ جو نہ ٿيو. اتي ڄميو بيٺو رھيس. اوچتو سندس نظر مون تي پيئي. ھوءَ پھريائين ڇرڪي وئي. پوءِ لالٽين اڀو ڪيائين. لالٽين جي روشني مون تي پئي يا نہ پر سندس نقش چٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. پھريائين اوپري پئي لڳي پوءِ لڳي تہ موسي جي اھا ئي گهر واري جا ڪي ورھيہ اڳ ھن اڱڻ ۾ ڪنوار بڻجي آئي ھئي. ھن گندي ۾ وار ويڙھي پويان ورائي ڇڏيا، سندس سونھن جهڪي ضرور ٿي ھئي پر سندس ڏيا ۾ ڪمي ڪانہ ھئي. سندس بُت اڄ سنھو ۽ سوس کاڌل پئي لڳو، پر سندس قد اھو ئي ور کائي ويل پئي لڳو. ھوءَ انھيءَ ڊيل چال سان مون ڏانھن وڌي آئي.
”سائين، توھان ڪيڏي مھل آيا؟“ ھوءَ مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ويئي.
”بابا صاحب ڏي ويو ھو امان. بابا کي ۽ مون کي صاحب ڪار ۾ وٺي آيو آھي. امان، بابا کي صاحب سئي ھڻائي ۽ دوائون وٺي ڏنيون. امان، بابا کي صاحب گوريون بہ ڦڪايون.“ سندن وڏو پٽ جو اوطاق ۾ بہ خاموش ھو ۽ ھت بہ، پر ھاڻ اصل کلي پيو. ھو ڳالھہ ڪندو وڃي ۽ سھڪندو پيو وڃي.
”چڱو، چڱو، سائين کي ويھار تہ سھين. تو تہ سائينءَ کي چانھ بہ ڪانہ پياري ھوندي.“ ھوءَ لالٽين اتي ئي ننڍڙي ٺھيل دڪي تي ڇڏي وئي. گهڙيءَ کان پوءِ رڌڻي ۾ بہ روشني ٿي وئي. ھن شايد ٻيو لالٽين ٻاريو ھو. ھوءَ جيسين چانھ کڻي آئي، مان سندس ويچار ۾ رھيم، سندس سونھن ڀريي ھڏ ڪاٺ ۽ وريل بت، انھن ساڳين جرڪندڙ ڏندن کي ڏسي ڪئين خيال آيم. مون موسي ڏي ڏٺو، ھو نشي جي گورين سبب غشي پيو ھو. مون سندس گهر ۾ غريبي جا مڪمل اھڃاڻ ڏٺا. مون ٻارن کي ڏٺو ۽ سندس مستقبل ڏٺو، بنھہ ڇرڪي ويس. مون ھڪدم نوران لاءِ واجهايو تہ انھي سھڻي سيبتيءَ جو ڇا ٿيندو. ھوءَ جيئن رڌڻي مان نڪتي تہ سندس چال ۾ ڪو بہ فرق نہ ھو. ھوءَ ڊيل مثل ھئي. ھوءَ ھٿ ۾ لوڏ سان ڪوپ کي بہ لوڏيندي آئي. گنديءَ سان پورھيت جيان وار ڍڪيل، مرڪندي ھن مون ڏانھن ڪوپ وڌايو. مون سندس ھٿن ڏي ڏٺو. سندس ھٿ ڪاراٽيل ۽ باھ جا سڙيل ھئا. سندس آڱريون بصر وڍي ۽ مانيون اٿلائي، ڦاٽي پيون ھيون. انھيءَ جهڪي روشنيءَ ۾ ھڪ اھڙي روشني بہ ھئي، جا آھستي آھستي مون آڏو مشعالون ٻاريندي پئي وئي.
”تون ڪٿي ڪٿي ڪم ڪندي آن؟
مون کي پنھنجي ڊاڪٽر سوٽ جا موسي کي چيل جملا ياد آيا. ڏٺم تہ سندس چھري تي ھڪ رنگ آيو. پوءِ مرڪي ڏنائين.
”ڪھڙا گهر ڳڻايانو. جت بہ پورھيو ملندو آھي، تت ويندي آھيان. پگهار تي بيھان ٿي تہ مالڪياڻيون ٽڪي پيسي تي بہ ڪر ڪر ڪن ٿيون. بس، پوءِ جيترو ڊوڙي سگهان ٿي ڊوڙان ٿي ۽ جيڪي روز سڀني ھنڌان مليم ٿو، گنج آھي. ڪٿي ماني پچايان، ڪٿي جنڊ مليم تہ ڪٿي ٿانو ٻھاري.“
مون ڏٺو اصل بنھہ کلي پئي: ”سائين، ڏسو سال کن ۾ ڇا ٿي ويو آھي. ھاڻ تہ روزگار بہ بند اٿس. چئي ٿو تہ چاڪ ٿيان تہ نياز کي ڪم سيکاريندومانس. ھاڻ سائين نياز ڏسو ۽ ھوٽل جو ڪم ڏسو. بس چيو اٿمانس تہ دل نہ لاھي. جيءُ جاءِ تي ھيس تہ کارايائين بہ تہ چوڙڻ لاءِ بہ سڀ ڪي ڏنائين. بس رب ڪو کيس تندرسي ڏي، باقي گهر جو خيال نہ ڪري، مان پورھيو ڪري بہ پاليندي مان. کيس حيدرآباد بہ کڻي ويندم. نياز کي پڙھائي وڏو ڪندم. وري نياز ھنن ٻن پلونگڙن کي سنڀاليندو. ھا نہ، نياز؟“
ھن ڳالھايو پئي، مان الائجي ڇو کڙو ٿيندو ويس. ھوءَ چوندي ھلي وئي.
”سائين، مڙئي خير آ. مان پورھيي سان پڄي پوندم. موسي جھڙي مڙس سان سر لڳي. ھيءُ سر بہ گهري تہ حاضر آ. شل ڌڻي ھٺ سڄو ڏئيس گهر کڻي وٺبو.“
پوءِ ھن جهڪي مڙس جي مٿي تي ھٿ ڦيريو ۽ ڪوپ کڻي رڌڻي ۾ ھلي وئي. مان کيس ڏسندو رھيس. مون کي ھاڻ ھن گهر ۾ ڪا بہ ڪمي يا غربت ۽ ويراني ڏسڻ ۾ ڪانہ پئي آئي. ھوءَ ٻئي لالٽين سان واپس اڱڻ ۾ آئي ڄڻ تہ ڏينھن ٿي ويو. سندس ھلڻ ۾ اھا ئي ڊيل چال ھئي. سندس ھٿ بہ پئي انھيءَ رفتار سان لڏيا. مان آھستگيءَ سان اٿيس ۽ پوءِ ٻارن ڏي ڏٺم، سمجهيم تہ سندن مستقبل بہ محفوظ آھي. مرڪي ٻارن جي مٿي تي ھٿ رکيم ۽ کيسي مان ڏھين جا ڪجهہ نوٽ ڪڍي کين ڏنم ۽ پوءِ کيس ڏٺم. اھو ئي ڏيل، اھا ئي ڏيا، اھا ئي سونھن ۽ ڪا بہ ڪمي ڪانھ. بي اختيار کيسي ۾ ھٿ وجهي، سون جا نوٽ ڪڍيم ۽ کيس ڏنم؛ بنھہ مرڪي پئي.
”سائين، ٻارن جي خرچي تائين تہ ٺيڪ آھي، پر مون لاءِ نہ، توھان رڳو دعا ڪيو.“
ھن مون کي نوٽ موٽائي ڏنا. الائجي ڇو مون کي ڏک ٿيو. پيسا کيسي ۾ وجهي، جيئن وريس پئي تہ نوران بي خياليءَ ۾ لھندڙ گنديءَ کي مٿي تائين کنيو ۽ ورائي ڍڪڻ لڳي. مون جيڪي پل ۾ ڏٺو، انھيءَ مون کي پگهرائي ڇڏيو. نوران جو سڄو مٿو اڇو ٿي ويو ھو ۽ اڇاڻ چانديءَ مثل جرڪي پئي. مان ڄمي بيھي رھيس. مون کي ھاڻ ڪنھن ڪميءَ جو احساس ٿيو ۽ پوءِ وڌي مون سندس مٿي تي ھٿ رکيو. ھن ويلي سندس ڳوڙھا ڳڙي پيا ۽ ھوءَ اوڇنگارون ڏئي رئڻ لڳي.