ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون
”ٻڌين ٿي، ٻڌندي ڌوڙ، ننڊ ندوري وٺيس تہ ھوءَ بنھہ پوري، سو دفعا چيو اٿم تہ ھيءُ کٽون مٽرائي ڇڏ، ھاڻي پراڻيون ٿيون آھن. پاوا سو مضبوط اٿن، پر اِيسن جو حال ڪونھي ڪنجهن ٿيون، ڪنجهن. ڄڻ ڪو مڻ بار ھجين...“
ھو بڙ بڙ ڪندو رھيو، پر سندس گهر واريءَ لؤڻو ئي نہ ھنيو. ھوءَ پاڻ زور سان کونگهرا ھڻندي رھي.
ڊاڪٽر شھباز علي پنھنجي ڳري پيٽ کي سنڀاليو ۽ ڪنجهندو اٿيو. ھو آھستي آھستي ڪوٺي تي پسار ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ کٽ تان ٽارچ کڻي پاسي ۾ پيل ڪاٺ جي ڏاڪڻ تي چڙھڻ لڳو. ھو آھستي آھستي ڏاڪا چڙھڻ لڳو. ڏاڪڻ سڄي چرڙاٽ ڪرڻ لڳي. ھو اڃا اڌ ۾ ئي ھو تہ جوڻس اتان ئي رڙ ڪيس:
”اڙي شھباز علي! اِيس وڃي تہ پر واھہ ناھي، اھا ڏاڪڻ ويئي تہ ڳاٽو ڀڄندءِ. ٻيو ڪجهہ نہ ٿيندءِ. ٽين ماڙ تي وڃي روز روز ملڪيت نہ تپاس. ھاڻ گهڻو ٿيو، لھہ ھيٺ. مٿي نہ وڃين تہ ننڊ نہ اچئي.“
ڊاڪٽر شھباز علي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري وڃي مٿي ٽئين ماڙ تي پھتو. ات بہ ھڪ ڇپر کٽ پئي ھئي. ھو سھڪندو وڃي ان تي ويٺو. چوڌاري چانڊوڪي بھاري لايو بيٺي ھئي. اڃا مٿي اچڻ ڪري ھوا جا وڌيڪ جهوٽا اچڻ لڳس. ھو جهٽ پل ۾ بھاري ۾ اچي ويو. گنجي لاھي کٽ تي اڇليائين. پيٽ ڇلڪائيندو ھو ڪوٺي جي ننڍڙي پلئڙي تي وڃي بيٺو. چوڌاري عجيب ڪائنات ڦھليل ھيس. ھڪ پاسي تہ سندس ڳوٺ جي جهرمر ھئي، جيڪو ھاڻ ڳوٺ نہ پر شھر ھو. بجلي آئي تہ واٽر سپلاءِ آئي. اسڪول ھاءِ اسڪول ٿيو تہ ڪاليج بہ آيو. ھاڻ جڏھن ٻڌو ھئائين تہ سندس ھيءُ اباڻو شھر ضلعو ٿو ٿئي تہ سندس من گد گد ٿيندو ھو. ھو روز ھن ماڙيءَ تي چڙھي شھر جو نظارو ڪندو ھو. ھو شھر کي وڌندو ڏسي، ٽڙندو ھو ۽ پوءِ آھستي آھستي ھن ماڙيءَ جي ڪوٺي جي ٻئي پلئڙي ڏانھن وڌي ويندو ھو. ان پاسي سندس جايون ۽ پٽ – پلاٽ ھئا.
پھريائين تہ ھو انھن پٽن پلاٽن کي ڏسي خوش ٿيندو ھو ۽ تصور ڪندو ھو تہ اھي ڪيتري ملڪيت ڪندا ۽ ھو اڃا وڌيڪ شاھوڪار ٿيندو.
ھو انھيءَ کي امڙ جو حصو چوندو ھو. ائين سندس نظر ھڪ پاسيري ڪچي جاءِ تي پوندي ھئي تہ شڪل ڪاراٽجي ويندي ھيس. بيھي ڏند ڪرٽيندو ھيو. يڪدم اتان سري ٽئين طرف ھليو ويندو ھو. ات بہ اھي ئي پٽ پلاٽ ھئا، جنھن کي ھو ابي جو حصو چوندو ھو. ھو ھاڻ گد گد ٿيندو، فخر محسوس ڪندو ھو تہ ڏس ھن پاسي جي ملڪيت بنا ڪنھن شرڪت جي سندس ملڪيت آھي ۽ ھو ڪيئن آھستي آھستي سڄي ملڪيت تي قبضا ڪندو، وارث بڻجي ويٺو ھو. ھو انھن مائٽن جي بي وسي ۽ لاچاري تي کلندو ھو، جن کي ھن ڏاڍي سياڻپ ۽ ھوشياريءَ سان بي دخل ڪيو ھو. ھن کي بيٺي بيٺي ان مائٽ جو خيال ايندو ھو، جنھن سندس ماءُ جي حصي ۾ دعويداري ڪئي ھئي تہ ھو اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙبو ھو ۽ چوٿين پاسي وڌي ويندو ھو. ھيءُ پاسو ھو پنھنجو پاسو ليکيندو ھو. ھيءَ ملڪيت ھن ڪجهہ ڦرلٽ ۽ ڪجهہ پنھنجي ڊاڪٽريءَ جي ذريعي حاصل ڪئي ھئي، ھو ڊاڪٽريءَ کي ياد ڪري مشڪي ڏيندو ھو. ھو اصلي ڊاڪٽر نہ ھوندي بہ ڪيئن ڊاڪٽر بڻيو، اھو سوچي ھو پنھنجين صلاحيتن تي فخر ڪرڻ لڳندو ھو. ھو ڊاڪٽريءَ جي پيشي کي ڪم ڪار ڪڍائڻ جو بھترين ھٿيار ليکيندو ھو. اتان ھٽي ھو ھڪ دفعو وري شھر واري پاسي ڦري ايندو ھو ۽ ھاڻي ڏاڍي حسرت سان جاين جڳھين ۽ پلاٽن کي ڏسندو ھيو، جيڪي سندس نہ ھئا. ھو انھن ماڻھن تي حيرت ڪندو ھو، جيڪي سندس ڦندي ۾ نہ ڦاسندا ھئا ۽ ملڪيتون کانئس بچائي رکندا ھئا.
ڊاڪٽر شھباز علي ڪيترو ئي بنا پائي پيسي وٺڻ وارو ڊاڪٽر ئي سھين، ماڻھن جي دلين ۾ گهر ڪرڻ وارو سھين، پر کيس ماڻھو ملڪيتن کي ھضم ڪرڻ واري ”سنھي ڄور“ قرار ڏيندا ھئا. پھريائين تہ ڪنھن کي خبر نہ پئي تہ ھيءُ رپئي ٻن وارو ڊاڪٽر يا خيراتي طور ھلڻ وارو ڊاڪٽر ڪھڙي ھوشياريءَ سان گهرن اندر گهڙي ھنن جي اندر مان گهمي، ضرورتمندن جون ضرورتون پوريون ڪندو، ملڪيتون ۽ پٽ پلاٽ ڦٻائيندو، رت پيئندڙ ڄور وانگر ويو ٿلھو ٿيندو. جڏھن ماڻھن ھن کي چڱي طرح سمجهيو تہ ھن جي پرئڪٽس بيھي ويئي. ھو ڪنھن گهر ڏانھن رخ ڪندو ھو تہ ماڻھو سمجهندا ھئا تہ اھا ڄور ھاڻ انھيءَ گهر جو رت پِي پوءِ نڪرندي. ماڻھو ھاڻ کيس ڊاڪٽر شھباز علي نہ پر ”ڊاڪٽر ڄور“ چوندا ھئا. پر ھو انھيءَ خطاب کان بي نياز ھوندو ھو. ملڪيتون ميڙيندو، ھن کي خبر ھئي تہ ڳوٺ، شھر ۾ تبديل ٿي ويو آھي. جلد ضلعو ٿيندو تہ ٺڳيءَ سان يتيمن، بيواھہن ۽ مسڪينن جي ڦٻايل پٽن پلاٽن جو ملھہ الائي ڪٿي وڃي پھچندو. ڊاڪٽر شھباز علي مريضن يا سندس وڪڙ ۾ آيل غريبن سريبن جي مال ڦٻائڻ ۾ ھوشيار ھو تہ ھو مٽن مائٽن، خاص طرح يتيم ۽ بي واھہ عورتن جي ملڪيتن ڦٻائڻ جو اسپيشلسٽ بہ ھو. يتيم مائٽن جي ملڪيت ڦٻائڻ جي واردات ھو اڪيلو نہ ڪندو ھو. انھيءَ ۾ سندس سھرو اسپيشل ائڊوائيزر ھو. ڊاڪٽر شھباز علي اِھو ڌنڌو پنھنجي ماسات دلبر علي، جنھن کي سندس ڪارنامن ڪري دخلباز بہ چوندا ھئا، سان گڏجي ڪندو ھو. جيتوڻيڪ اڄڪلھ دلبر علي دخلباز جهونو ٿي رٽائر ٿي چڪو ھو ۽ سندس جاءِ تي ان جو ٻيو ڀاءُ عاشق علي ھو. ھنن جي واردات جو طريقو ڏاڍو آسان ھو تہ ھو اول پنھنجن پڙ ڏاڏن، پڙ مامن ۽ پڙ چاچن سان گڏ گم ٿيل مائٽن جي حصن جا ڪليم وجهندا ھئا. خاص طرح نانين، پڦين، چاچين ۽ مامين جي حصن ڪليم ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ھين. ائين ھو عزيزن، قريبن جي ملڪيت ڪوڙن سچن نالن سان ڦٻائيندا ھئا. جي نہ ڦٻائي سگهندا ھئا تہ ان غريب جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندا ھئا. قبضا ڪرڻ سندن آرٽ ھو ۽ سندن خلاف ڪي بہ وڏا يا سندن جرگو نہ ويندو ھو، ڇاڪاڻ تہ ھيءُ ٽولو سڀني کي علاج معالج جي سھوليتن ۽ مرڻي پرڻي توڙي دفن ڪفن جي بندوبست جي معرفت چپ ڪرائي ڇڏيندا ھئا. جيڪو اڃا بچي ويندو ھو تہ کيس ڌمڪين سان عذاب ۽ ڏنڀ ڏيندڙ خط لکندا ھئا. سندن مٿان خاندان جي عورتن جا دٻاءَ وجهي نياڻين سياڻين جا واسطا ڏيئي، آھستي آھستي ويندا ھئا ملڪيت ڇڏرائيندا. انھيءَ سڄي ٽولي جو جيتوڻيڪ چيف دلبر علي دخلباز ھئو، پر سندس رٽائر ٿيڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ عاشق علي جي خوفناڪ حربن ھوندي بہ ڊاڪٽر شھباز علي کي سڀني کان مٿانھين حيثيت حاصل ھئي. جيتوڻيڪ ھو ڏسڻ ڪرڻ ۾ قد جو ننڍو ۽ بُت ۾ ڀريل، ڀريل نڪتل پيٽ سان سمھندو ھو تہ سندس ڳچي گم ٿي ويندي ھئي ۽ ڪئين دفعا اوطاق تي اچڻ ڪرڻ وارن وٺي رڙيون ڪيون تہ ڊاڪٽر شھباز عليءَ جي منڍي ڪير وڍي ويو آھي. عمر ۾ ننڍو پر ھڏ ڪاٺ جي ڳري ۽ مضبوط ھئڻ ڪري پڪو لڳندو ھو.
شھباز علي حقيقت ۾ دلبر علي برادران کان ملڪيت ڦٻائڻ ۾ گوءِ انھيءَ ڪري بہ کڻي ويو جو سندس سھرو گلباز سرڪاري نوڪريءَ ۾ ھو ۽ سندس واسطو ڪورٽن سان جام ھوندو ھو. ھٿ ۾ تسبيح ۽ پل پل ۾ ڪوڙا قسم کڻڻ سندس معمول ھو. جتي شھباز علي جي ڊاڪٽري يا ميسڻو پڻ ڪم نہ ايندو ھو، ات گلباز جي ڏاڍ ڏمر واري قانون جي لباس ۾ لڪل لٺ ڪم ايندي ھئي. ائين ڪيترن يتيمن، بيوھہ عورتن ۽ بيوس لاچار مٽن مائٽن جون ملڪيتون آرام سان ھو ڊاڪٽر شھباز علي جي معرفت ھٿرادو قانون يا ڪوڙن قسمن جي ذريعي ائين گم ڪري ڇڏيندو ھو جو اصل وارث وتندا ھئا رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندا. پر چوندا آھن تہ اوڻٽيھہ چور جون تہ ھڪ رات ساڌ جي بہ ھوندي آھي. شھباز علي ۽ گلباز جو ٽولو ھجي يا دلبر برادران، پر ھو سندن سوٽاڻي سوٽ معصوم علي جي ملڪيت ڦٻائي نہ سگهيا. ھو ھڪ ڪچي ڀونگيءَ جھڙي جاءِ اڏيو شھباز عليءَ جي ماءُ واري حصي ۾ چنڊ جھڙي ملڪيت ۾ گرھڻ مثل ويٺو ھو. ھيءُ چالاڪ ۽ ھوشيار ٽولو ڊاڪٽر شھباز علي جي مدد بہ ڪري نہ سگهيو. معصوم علي جي پلاٽ جي ٽڪري بنھہ سندس جاءِ سان لڳ ھئي. شھباز علي جڏھن بہ مٿي چڙھندو ھو تہ اِھا ڀونگي ڏسي سندس منھن ڪاراٽجي ويندو ھو. ھن ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر يا تہ وقت معصوم علي جو ساٿ ڏئي رھيو ھو يا شھباز علي جي قسمت خراب ھئي. نہ تہ ھو اِھو سڄو پلاٽ ڦٻائي ان مٿان ويو محل ماڙيون ٺھرائيندو. پر ھن ٽڪري ھڻي سندس پلاٽن جي سونھن ڦٽائي ڇڏي ھئي.
معصوم علي اصل ۾ شھباز علي جي سھري گلباز جو سڳو ڀائٽيو ھو. معصوم علي ڇاڪاڻ تہ ھڪ غريب ڀاءُ جو غريب پٽ ھو، تنھنڪري گلباز جو چنبو مضبوط ھو. گلباز اھو پلاٽ، پنھنجي حصي سوڌو، ٻين ڀائرن ۽ شھباز جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايو. پر معصوم علي حق ۽ انصاف جي نالي ۾ پنھنجي وڏي چاچي محمد علي جي پٽن جي مدد سان ڪجهہ حصي تي قبضو ڪري ورتو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھرو گلباز، معصوم علي کي تہ بي دخل ڪري سگهيا ٿي، پر مرحوم چاچي محمد علي جي اولاد سان اٽڪي نہ ٿي سگهيا، جو ھو بہ سرڪاري نوڪرين ۾ چڱن عھدن تي ھئا ۽ ھنن معصوم علي کي پنھنجو حصو بخش ڪري پلاٽ تي آڻي ويھاريو. ڊاڪٽر شھباز علي ۽ سندس سھري گلباز ھن غريب معصوم علي کي ڏاڍو سوڙھو ڪيو ھو. اھڙو سوڙھو جو چوڌاري قبضن جي ذريعي ھن جو لنگهہ بند ڪري نلڪن جي لائين ڀڃي ڇڏي ۽ سندس پاڻي جو نيڪال بہ بند ڪري ڇڏيو ھئائون. ھنن سندس لنگهہ واري گهٽي، جا معصوم علي جو بہ حق ھئي، تنھن مٿان جاءِ ٺھرائي، پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي. ھن کي مقرر وقت تي اچڻ وڃڻ جي اجازت ھوندي ھئي، نہ تہ ھو قيد ۾ اندر بند ھوندو ھو. جيتوڻيڪ ھو ڪورٽ مان پنھنجو حصو پنھنجي سھوليتي حقن سان کٽي آيو ھو پر رھڻو تہ کيس اِنھن ڏاڍن ۽ زورآورن سان ٻارن ٻچن سوڌو ھو.
ڊاڪٽر شھباز علي سندس جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ھو: سندس پاسي گند ڦٽو ڪرڻ، گندو پاڻي سندس پلاٽ جي ٽڪر تي جهڳي ۾ ڇڏڻ، آئي وئي کي گار گند ڪرڻ. سندس سھري گلباز جو معصوم علي ننڍو ڀائيٽيو ھو، سو ايندي ويندي ھو بہ گارين جا ڌوڙيا چاڙھيندو ھئس.
ڊاڪٽر شھباز علي، اڄ بہ جيئن ٽين ماڙ تي ملڪيت جي تپاس ڪري واپس اچي کٽ تي ويٺو ئي مس تہ کيس ڪوڏر ھڻڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ھو جيئن ئي وڏي پلئڙي تي آيو ۽ ھيٺ ڏٺائين تہ چوڌاري ماٺ ھئي. ھن ڪاوڙ مان معصوم علي جي جهڳي ڏانھن نھاريو، ات ڪا چرپر نہ ھئي. ھن چار ئي پاسا گهميءَ کٽ تي پير پساريا ئي مس تہ اھو ئي آواز. ڪير تڪڙي ڪوڏر ھلائي رھيو ھو. ھو ڪا گهڙي آواز کي ٻڌندو رھيو، پوءِ انھيءَ رخ ۾ ٽپو ڏيئي بيھي رھيو. پلئڙي وٽان ھيٺ ٽارچ ھنيائين تہ ڪو ماڻھو ھو جو کڏ کوٽي رھيو ھو. ھن يڪدم ھڪل ڏنس: ”اڙي ڪھڙو آھين.“
ھمراھ جيئن پٺيرو ھو تيئن سنئون ٿيو ۽ ٽارچ جي روشنيءَ ۾ پڌرو ٿي پيو.
”اڙي معصوم علي تون! مڙين نہ ٿو وري ڇا کي لڳو آھين.“
معصوم علي ڪا گهڙي چپ رھيو. پوءِ ڏاڍيان رڙ ڪري وراڻيائينس: ”تنھنجي قبر ٿو کوٽيان شھباز علي.“
شھباز ڪا گهڙي چپ رھيو. ٽارچ گهمايائين. کانئس رڙ نڪري وئي ٻہ وڏيون کڏون کوٽيل ھيون. سي بہ سندس قبضي واري پلاٽ ۾. معصوم علي حد اورانگهي ٻئي حصي ۾، جيڪو شھباز علي جي ماءُ جي نالي ۾ ڦٻايل ھيون، ان ۾ بيھي کوٽ کوٽان ڪري رھيو ھو. ھو ڇا ڪري رھيو ھو ۽ ڇو ڪري رھيو ھو، اھا معصوم علي کي ئي خبر ھئي. ڊاڪٽر شھباز علي بنھہ ڳاڙھو ٿي ويو: ”اڙي معصوم علي، موت کنيو اٿئي! تون پرائي پلاٽ ۾ بيھي کڏون ٿو کوٽين، گولي ھڪ ئي ھڻندومانءِ...“
”گولي ڀلي ھڻ. قبرن جي کوٽ ناھي شھباز علي! ٻي قبر تنھنجي سھري گلباز جي آھي – ٽين بہ ٺاھي وٺنداسين. لھي آ. . . موت تنھنجو انتظار ٿو ڪري. . . “ شھباز علي ڪاوڙ ۾ تمام ڪوڙي دانھن ڪئي، سڄو پاڙو اوڙو جاڳي پيو. ھو يڪدم بندوق کڻڻ ھيٺ ڊوڙيو. تڪڙ ڏاڍي ھيس پر اڳيان بہ پل صراط جھڙي ڏاڪڻ ھيس. ڀلا ڳرو مڙس سو جيئن جيئن اسپيڊ وڌائيندو ويو، ڏاڪڻ لڏندي لمندي ٺڪاءُ ڏنو ۽ شھباز علي ڪپيل وڻ وانگر ڳاٽي ڀر ھيٺ واري ماڙيءَ تي اچي ڪريو. سڄو ڪوٺو لرزجي ويو، جوڻس ٽپ ڏئي اٿي:
”اڙي گهوڙا مري ويس.“ مائي جميله پل ۾ پنھنجن لفظن جي ساڀيان پسي ڏڪي وئي. ائين رڙو رڙ مچي وئي. سندس سھرو گلباز رڙين تي مٿي چڙھي آيو. ھڪ دل جو مريض، ٻيو جو ڏٺائين جوان جماڻ نياڻو ڀڳل ڳاٽي سان ھيٺ پيو ھو. اصل ڄمي ويو. جيئن شھباز علي واري ڇپر کٽ تي سمھاريائونس تہ اوٻاسيون ئي ٻہ ڏنائين.
اصل ۾ معصوم علي کوٽيون تہ کڏون گند ڪچري دفن ڪرڻ لاءِ ھيون، پر کيس اھا خبر نہ ھئي تہ پاڻ ولي ٿي ويو آھي ۽ اھي واقعي شھباز علي ۽ گلباز علي جون قبرون بڻبيون. مٽن مائٽن کي ٻہ ڪوھ پري قبرستان لاش ڍوئڻ بہ ڪو ڏاڍو ڏکيو لڳو، جو گهلي ٻنھي ڄڻن کي انھيءَ ئي پلاٽ ۾ کڏن ۾ ائين ئي کڻي ھنيائون، ڄڻ تہ ڪي اڳيئي کوٽيل ۽ تيار ٿيل قبرون ھيون.
چون ٿا تہ معصوم عليءَ لاءِ سڀني سھوليتن جا دروازا کلي ويا آھن جو مٽ مائٽ ٻن قبرن جي ڪري گهٽي کلي رکن ٿا. معصوم علي کي ڊپ صرف ان ڏينھن جو آھي، جنھن ڏينھن شھباز علي جو پٽ وڏو ٿي ظلم ۽ دوکيبازيءَ جون واڳون سنڀاليندو ڇاڪاڻ تہ شھباز علي جي پٽ کي دلبر برادران ٽريننگ ڏئي رھيا آھي.
معصوم علي ھاڻ پنھنجي غريباڻي ڀونگي تي نالو ڪاڪ محل رکرايو آھي ۽ آئي وئي کي اِھي ٻہ قبرون ڏيکاري مشڪي چوندو آھي تہ ھو ڏسو ”ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون“.