ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

چوري ساڻ چسن

سلطان اوطاق ۾ گهڙيو تہ مان ٽپو ڏئي اٿي بيٺس. ساڻس اسان جا ٻيا ٽي ھاري بہ ھمراھي ھئا. سلطان لک اسان جو ھاري سھي، پر ابي ڏاڏي جي ڏينھن جو ساٿي ھو. مون سڪ مان وٺي ڪوچ تي ويھاريو مانس. سال ٻن کان پوءِ ڏٺو ھو مانس، ھمراھ بنھہ جهونو پئي لڳو، نہ اھا مينديءَ رتي سونھاري، نہ اڇو پڻئي جھڙو پٽڪو، نہ اکين ۾ سرمي جي سونھن، نہ وري مساڳ سان مليل جرڪندڙ ڏند. ڪپڙن ڏي ڏٺو مانس تہ اڄ گوڏ ٻڌل ھئس. رئيس جي اوطاق تي سلطان ڀلو وڳو اوڍي ايندو ھو. سندس منھن تي اڄ گهنج وڌي ويا ھئا، بنھہ ڏھاڳيل پئي لڳو.
”سلطان، خير تہ آھي، اجڙيو پيو آھين؟“
سلطان ماٺ ويٺو رھيو. سلطان اسان جو جهونڙو ھاري ھوندو ھو، منھنجي ننڍي ھوندي کان ساڻس دل ھوندي ھئي. جڏھن بہ ملندو ھو تہ مان وچڙي ويندو ھيو مانس. مان ڪچھري جو ڪوڏيو ۽ پاڻ گفتن جو بادشاھ. بس ساڻس ڪچھري ڪري اٿندو ھوس تہ سمجهندو ھوس ڪنھن مٽ مڌ جا پياري ڇڏيا آھن. سندس ڪچھري بس جي ڪونہ ھئي. ھو ڳالھائيندو ھو تہ محفل مست مگن ھوندي ھئي. اڄ محفل جو مور ماٺ ۾ ھو. مون سلطان جو لڙيل ڪنڌ مٿي کنيو، اکين ۾ ميگهہ ملھار ھو. بس وسڻ تي ھو. مون ڇڪي کيس ڇاتيءَ لاتو، بنھہ وسي پيو، اوڇنگارون ڏئي رنو، ڳوڙھا بس ئي نہ ڪن. مون ساڻس گڏ آيل پنھنجي ھاري صوف کان اشارن ۾ پڇيو. جيسين اھو ٻڌائي. سلطان ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي سڌو نھاريو.
”سائين صوف ڇا ٻڌائيندو، مان ٿو ٻڌايانءِ. شاھن مري ويو – سائين شاھن مري ويو.“ شاھن سلطان جو وڏو پٽ، اسان جو ھاري ھو. سلطان جيئن جهونو ٿيو تہ سندس ھارپ ھن جي ٻن پٽن شاھن ۽ گلڻ، سنڀالي ھئي. گلڻ ماٺو پر شاھن شھزور ھو. طاقت وارو، سھڻو جوان ڀلو ھاري، پر ڍڳن جي چوريءَ جو ماھر. شاھن ڪٿي ڀلا ڍڳا ڏٺا نہ آھن، ننڊ ڦٽي پوندس. بنھہ پويون ڏينھن ٿي لڳندن، جيسين ڍڳا ڪڍي واٽ نہ وڃائين تہ شاھن ڪونہ سڏائي. جهلبو بہ ڏکيو ھو، پوليس جي پڪڙ ۾ گهٽ اچي، تنھنڪري ويري بہ ويري ھيس.
”سلطان، مان توکي چوندو ھوس تہ شاھن کي جهل، ڪڏھن پاڻ اھڙو جهلبئي جو ڳوليو نہ ملندءِ.“
”نہ سائين ھيءُ چور چوريءَ وگهي نہ مئو آھي؛ ايڪسيڊنٽ ٿيس. توکي تہ خبر آھي تہ ھاڻ ڀرپاسي ۾ کنڊ وارو ڪارخانو لڳو آھي. ڀلا پڪو روڊ، ٽرڪ وارا نشو پي ھلائين ٽرڪ، بس ھمراھ جون پاسراٽيون ڪڍي وڌائون.“
سلطان ڳالھہ ٻڌائيندي سھڪي پيو. ھن بس ڪئي تہ صوف شروع ٿيو.
”سائين، ويو ھو بھاري وارن ڏي. ٻن ڏينھن کان اتي ٽڪيل ھو. بھاري وارن جو ڳوٺ تہ خبر اٿئي، شھر جي ڇيڙي تي پڪي روڊ سان آھي. بھارو ۽ ھيءُ ھوٽلن جا شوقين، بس شھر پيا اچن وڃن. بھارو تہ روڊ ٽپي ڳوٺ واري پاسي آيو، پر شاھن ٽپي نہ سگهيو. پريان ٽرڪ پئي آيو، جوان کي کنيو ويو. بنھہ ٽڪر ٿي ويو.“
مان ماٺ ۾ واقعو پئي ٻڌو. اعتبار ئي نہ پئي آيم. ڇھہ فٽ، ڀريل بت، ڪاٽڪو، ڦڙتيلو جوان. جنھن جي ٻرانگه ڪوھ لتاڙي، سو روڊ ٽپندي ٽرڪ لتاڙيو. بنھہ ويساھ نہ پئي آيم. سلطان جو ماٺ ۾ ھو، پرکي ويو.
”ابا سائين، ويساھ تہ مان کي بہ نہ ھو. پر سال ٿيو، جو قرآن ڏنو مانس تہ چوري کان پاسو ڪر. ڪاٽڪي ڇڏ. قسم تہ ابا کنيائين، پر ڇوڪر وسامي ويو. آھستي آھستي ڪم کان جواب. بس بھاري جي سنگت ۾ پيو رلندو ھو. گهڻو رھندو بہ ھو بھاري وارن جي ڳوٺ ھو. يار اٿس ڀلوڙ، پاڻ سان ڪم تي لڳائي ڇڏيو ھئائينس. اسان تہ پاڻ پلي ڇڏيو ھو. ڪنھن ويلي پور پيس تہ ڳوٺ ايندو ھو. زال کي پڇي ڪونہ. باقي ٻچڙن سان دل ھيس. بس انھن کي ڏسي ٽول وٺي ڏئي، ۽ پوءِ اھو ٿو وڃئي. گهڻو چئونس: ”ابا! ابا! گهڙي تہ ويھ چڱائيءَ لاءِ قرآن ڏنم. بس ھمراھ چوريءَ کان ويو، ڄڻ گهر کان ويو.“
سلطان پئي ڳالھايو مان اوطاق ۾ ھوندي بہ اوطاق ۾ نہ ھيس. اڄڪلھ نوڪري سانگي ٻاھر پيو رھڻو پئي، پر جڏھن ٻني ٻاري جي سنڀال ڪندو ھيس تہ شاھن مون وٽ گهڻو ايندو ھو. سھڻو جوان ھو، سندس نرڙ تي ڏينڀوڙي جو نشان ڏاڍو ٺھندو ھيس. پيءُ وانگر مساڳ ھڻندو ھو. ڏند پيا جرڪندا ھيس. مان جڏھن پڇندو ھيو مانس ”شاھن، ڏي خبر انھيءَ ڏينڀوڙيءَ جي؛ ڪنھن ڏينڀوڙيءَ تہ نہ ڏنگيو اٿئي.“ ھيڏو پھلوان مڙس، بنھہ ڇوڪرين وانگر شرمائجي ويندو ھو.
ھن راڄ جو زميندار ھوندي بہ منھنجي راڄ سان دوستي ھوندي ھئي. ھاڻ وڃڻ گهٽ ٿئي، ادو ننڍو پيو منھن ڏئي. پر جڏھن بہ ويندو آھيان تہ راڄ اچيو مڙي. بس اھا ڪچھري لڳندي آھي، جو اسين مست ٿي اٿندا آھيون. سلطان سان گهڻي لڳندي ھئي، پر سندس پٽ شاھن مون کي وڻندو ھو. سندس شخصيت ۾ ھڪ سحر ھوندو ھو. پٽ تي ھجي يا کٽ تي، سڀني ھارين ۾ پيو بکندو ھو. سندس شخصيت مون کي ڏاڍو متاثر ڪندي ھئي. مان سلطان کي چوندو ھيس:
”سلطان، ھن ڪاٽڪو کي سمجهاءِ، عمر نہ وڃائي. مون سان ھلي تہ شھر ۾ ڪنھن ڪم ڪار سان لايانس. سندس حياتي ٺھي پوندي.“
”تون مالڪ آن، ھلئي تہ ڀلي وٺي وڃينس.“ ڀلا شاھن کي ڍڳن جي چوريءَ جي چوس. ڇھين مھيني ڪري يا ٻارھين، پر ڪري ضرور ۽ جھڙي تھڙي ڍڳيءَ ۾ بہ ھٿ نہ وجهي. بس ڳولي کڻندو. مان ڪڏھن پڇندو ھو مانس تہ کلي پوندو ھو:
”ڀوتار، توھان سان ڪھڙا لڪ لڪاءُ. ڍڳو يا ڍڳي مون کي نہ ماري، سندس اک بس ماريو وجهي. اک ۾ ڏسندومانس، جي مڻيا ھوندس تہ بنھہ ڇڪي ڪڍندو مانس. پوءِ ڀل مون وٽ ڏينھنڪ ھجي. کڻندو مانس ضرور.“
ويٺي ويٺي شاھن جا ڏاڍا پور پيا. اھي ڏکيا ڏينھن بہ گهاريل ھئا، جڏھن زمين تي قبضا ٿيا. شاھن، ڪھاڙي کنيو اڀو پيو ورندو ھو. وڏو ڀر جهلائو ھو. ٻيءَ ٽيءَ پوليس سان ويڙھ تہ ھمراھ ڇڏيو، ڳالھہ ڏاڍو تنگ ڪندي ھئي. پر ماڻھو تہ مڻيا وارو ھو، پوءِ عيب بہ سوين ھجنس. مون ڏٺو سلطان ۽ سندس ساٿي اٿيا بيٺا ھئا.
”ابل سائين، ڳوٺ مھمان آھن. بھاري وارا آيل آھن. ڪجهہ سندن ماني ٽڪر جو بہ فڪر ڪريون. بس موڪل ڏي، وري ٻيءَ ساعت اينداسين. اڃان تہ اِتي آھيو نہ؟“
”ھا چاچا، پر مان ڳوٺ ايندس شاھن جو پير ڏيڻ. مڙس ويو پر يار کي تہ ياد ڪبو.“
ھو نڪتا ئي پي تہ مون کي خيال آيو:
”صوف، سڀاڻي شھر اچين تہ بھاري کي وٺيو اچجانءِ. مان يار جي يار سان ملڻ چاھيان ٿو.“
”حاضر منھنجا سائين!“
ھيءُ سڀ ويا تہ مان وري ٻئي خفي ۾ لڳي ويس. پنھنجي ڳوٺ اچون ڇٺي ڇماھي، ماڻھو ملڻ ۽ پير ڀرڻ ۾ پورو. ڏينھن گذريو رات وئي، صبح جوصوف، بھاري کي وٺي آيو تہ شاھن جو موت ياد آيو ماڻھو موت کي تہ پل لاءِ ياد ڪري ٿو ڇاڪاڻ تہ آھي بہ پل جو کيل.
مون سوچيو تہ بھارو بہ شاھن وانگي ڪو قدآور، ڪو سھڻو جوان ھوندو پر ھيءُ جوان قد جو ننڍو، رنگ جو سانورو پر ڦڙتيلو ھو. سندس اکيون ننڍيون ٻليءَ وانگر چمڪيون پئي. اڃان اسان ھڪٻئي سان کيڪر ئي ڪانہ ڪئي تہ تر جو وڏو صوبيدار فضل حسين اندر گهڙيو. پراڻو واقف ھو. سيلوٽ ھڻي اچي مليو.
”سائين جن جي خبر پئي، بس چيم تہ ٿيندو وڃان.“
سندس نظر بھاري تي پئي تہ پيشانيءَ تي گهنج اچي ويس.
”اڙي ڪاٽڪو، پنھنجي جوءِ ڇڏي ھتي ڪيئن آيو آن. چيو ھيومانءِ تہ ھيڏي نہ اچجانءِ، مارجي ويندين.“
”سائين! سائين! بابو آن. بس سائينءَ گهرايو ھو، اجهو وڃان پيو.“
بھارو پگهريو پيو ھو. ڏٺم تہ فضل حسين جي نرڙ تي گهنج وڌي ويا ھئا، ڪاوڙ مڙئي سرس ھيس.
مون کلي ڳالھہ کي لنوايو.
”چڱو، توھان ھلي مناھين ۾ ويھو، مان پوءِ ڳالھائيندس.“
”سائين، ھيءُ وڏو بدمعاش آھي. توھان اچو ٿا ڪڏھن ڪڏھن، ھن کي نہ ٿا سڃاڻو. خطرناڪ ماڻھو آھي. ھن کي ھتي نہ اچڻ کپي.“
”اِھا ئي تہ ڳالھہ آھي، ڪڏھن ڪڏھن ٿا اچون. ڀلي پيا اچن، اسان کي ڇا ڪندا.“
”سائين، ڪاٽڪو ھڪ دفعو اچي يا سؤ دفعا، وار ضرور ڪندو ۽ ڪنھن بہ ويلي. ھن کي جوءِ ڏيکارجي ئي نہ. توھان کي خبر آھي تہ ھن ۽ شاھن، تر ۾ باھ ٻاري ڇڏي ھئي. شاھن مئو ڄڻ ڪتو مئو، اسان جي جان ڇٽي پئي. ڪو وقت ڍڳن جي چوري ڪندا ھئا، پر پوءِ تہ جيڪي آين، ڀينگ ڪري ڇڏين. خير ڇڏيو انھيءَ ڳالھہ کي، ڏيو خبر اوھان ڪيئن آھيو.“
فضل حسين کي ڳالھہ مٽائيندي وقت لڳو. ويو تہ فڪر ڏئي ويو. ”سائين! بھاري کي ھڪدم ڪڍي ڇڏيو، جيئن مان اوھان کي چوان.“ مان ڪا ويل ماٺ رھيس، پوءِ جيڏي مھل بھارو ۽ صوف اندر گهڙيا تہ ڄمي بيھي رھيا. ھاڻ ھنن جي سامھون ھڪ سخت گير زميندار سامھون ھو. منھنجي ھٿ ۾ اباڻو نيٽ جو لڪڻ ھو. منھنجي پاسن کان منھنجو ڪمدار خانڻ ۽ منھنجو خاص نوڪر ڌڻي بخش بيٺا ھئا. ھنن يڪدم اوطاق جو در بند ڪيو، مون اشارو ڪيو. ھن صوف کي ٿيلھو ڏئي ٻاھر ڪڍيو ۽ پوءِ در ورائي ڇڏيائون.
جيسين بھاري کي ڪا ڳالھہ سمجه ۾ اچي، ٻنھي ھمراھن کڻي کيس دسيو، مان اٿندي ئي نيٽ جو لڪڻ کيس وھائي ڪڍيو.
”اڙي بھارا! سچي ڪر، شاھن ڪيئن مئو.“
”سائين – سڄي جڳ کي خبر آھي ايڪسيڊنٽ ۾ مئو. روڊ تي مئو سائين رڊ تي.“
”بھارا، مان آفيسر سان گڏ تر جو زميندار بہ آھيان. تو جهڙن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو.“
مون نيٽ جو ٻيو لڪڻ کيس وسايو، ٽيون، چوٿون . . .
”جهليو سائين جهليو – مان مارجي ويندم. اِھو صوبيدار فضل حسين ئي مارائي ڇڏيندم – بس سائين مون کي معافي ملي.“
”فضل حسين جو ذمو منھنجو آھي. بس تون ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو، ايڪسيڊنٽ ۾ مئو؟ مون سان چرچو؟ جلدي ڪر، ٻڌاءِ شاھن ڪيئن مئو؟“
مون نيٽ جو لڪڻ وري وسايو.
”سائين بس ڪريو. ٻڌايانو ٿو. پاڻي پياريو.“
ھمراھ پڪو ھو پر اوطاق ۾ آفيسري ڏسي دھلجي ويو ھو. يڪدم کڻي باسيائين.
”سائين، اوھان کي تہ خبر آھي، شاھن ڍڳن جي چوري ڪندو ھو. پڻس قرآن ڏنس، ڀڄي اچي مون وٽ رھيو. ھو ڏاڍو موڙھل ھو. مون کيس چيو تہ ڍڳن جي چوري لاءِ قرآن کنيو اٿئي ڪو ٻين چورين لاءِ تہ ناھي نہ. مون سان ھل گڏجي. اسين سائين چور آھيون، سنھي ٿلھي جيڪا چوري آئي سا بہ ڪار پر ھي مور نہ مڃي. نيٺ ھڪ وھڙي ڏٺائين. ھتان ٻہ ڪوھہ اندر چڱا سکر زميندار آھن، کاجاڻن جا زميندار ليکبا آھن. اصل قسم ٽوڙڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون کي خبر نہ ھئي تہ ھيءُ پيو وھڙي سانگي يا ڪنھن ٻئي مامري اتي لامارا ڏيندو ھو. الائي ڪيئن لڳس. ويو وھڙي ڪاھڻ ھو، آيو تہ زال ماڻھو ساڻ ھجيس. ڀلوڙ زال ھئي. مون ان رات ئي کيس چيو تہ ٻانھن موٽاءِ. اصل روئي پيو. ھن جي تہ ڪن ڏينھن کان ڪا پنھنجي پر ۾ ميخ لڳل ھئي. اسان کي خبر نہ ھئي. بس يار سان ھئي ياري نڀاھڻي، پوءِ نڀائي سون.“
ھن ساھي کڻي پاڻي گهريو. مون ڏٺو، ھو سڄو ڏڪيو پئي ۽ پگهريو پيو ھو. پاڻي پي وڏو ساھ کنيائين ۽ وري قصو شروع ڪيائين:
”سائين، ٻانھن اسان وڃي ڪچي ۾ دمي، لڪي بہ ڪيترو لڪون. ھونئن بہ شاھن ڍڳا ڪاھي تہ ڪي ڏينھن رکي پوءِ ڏيو ڇڏي، پر ھيءَ زال ماڻھو ھئي ۽ ھئي بہ سھڻي ڏاڍي. نيٺ تہ ھئي پرائي ٻانھن، ھمراھ ڪوشش ڏاڍي ڪئي تہ رکي ۽ نڀائي، پر ھمراھ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪو. تر ۾ باھ ٻري وئي. فضل حسين تڪڙو صوبيدار آھي. بنھہ اسان جي ڪڍ ڪاھجي پيو. نيٺ اسان جيئن رات جو کنئي ھئي، ڏھين ڏينھن در تي ڇڏي آياسين.“
”مائي پرڻيل ھئي يا ڪنواري.“
”ڪنواري، پر عمر جي چڱي وڏي ھئي. مالڪن جي ملڪيت ۾ وڏي وارث ھئي، وھاري ڇڏي ھئائون. پيسو، زيور جام آندو ھئائين. شاھن پيسي ۽ زيور سوڌي واپس ڪئي، پر ڀاڳين کي خبر پئجي وئي ھئي. فضل صوبيدار پاڻ بہ چورن جي ناني آھي. خبر کيس بہ ھئي پر خيال سان ھٿ وجهڻ ٿي چاھيائين. ٻانھن موٽي ناھي اِشارو ڪري ڇڏيائين. شاھن کي منھنجي سامھون ڌڪيائون، ڪٺائون، پوءِ روڊ تي پنھنجي ٽرڪ سان چٿيائون. مان پاڻ ھيم سائين. فضل حسين کي بہ خبر آھي، شاھن جي مائٽن کي بہ خبر آھي. سائين، ھو پوليس جي ڪري چپ آھن.“
بھارو چپ ٿي ويو. فضا ۾ سانت ڇانئجي وئي. مون اٿي بھاري کي فرش تان کنيو. بھارو ڏٺم ٿڙڪي پيو، ھراسيل ھو.
”سائين ڀاڳيا مون کي ماري ڇڏيندا، فضل حسين کي بہ لبي ڇڏيو اٿن. سڄي پوليس مليل آھي. مون کي حڪم ھو، ڪچي مان پڪي تي نہ اچجانءِ نہ تہ مارجي ويندين. آيو ھئس چاچي سلطان سان ملڻ. بس چاچي جو حڪم ٿيو، ٻيو اوھان جو نالو ٻڌو ھيم، ھلي آيس ھتي تہ . . . “
ھو ويٺو ڌڪ سيڪاٽڻ، مان مرڪي ويٺس. وڌي ڀاڪر پاتو مانس. کيسي مان ڪجهہ نوٽ ڪڍي ڏنامانس. دلداري ڏني مانس.
”خير آ، خير آ. مان ويٺو آھيان، ڪنھن مائيءَ جي لال کي طاقت آ. بس تون ھاڻ ڀلي وڃ، ڳالھہ ڇپر ۾ رھندي.“
مون صوف کي سڏ ڪيو، کيس بہ خرچي ڏنم ۽ چيومانس تہ بھاري کي خيال سان وٺي وڃي. بھاري ھٿ ٻڌي موڪلايو.
”بابل سائين، پارت اٿئي.“
مون بھاري کي ڪنڌ ھيٺ لڙڪائيندي ويندي ڏٺو. ھن جي چھري تي ھراس ھو. ھڪ ڪاٽڪو موت جي پل کان ڪيڏو نہ ڊنل ھو.
مان ٻئي صبح جو نوڪريءَ سانگي واپس حيدرآباد آيس پئي. اڃان موٽر ۾ پير رکيم تہ ڪمدار خانڻ آھستي آھستي اچي ڀڻڪو ڪيو:
”بھارو مري ويو سائين، ايڪسيڊنٽ ۾، ساڳئي روڊ تي.“
مان ڪا گهڙي ڄمي بيھي رھيس ۽ پوءِ ڊرائيور کي اشارو ڪيم. نيٺ موٽر اچي روڊ تي چڙھي. ڪجهہ پنڌ اڳيان ھلي مس تہ سامھون ڪا شيءِ چچريل روڊ تي پئي ھئي. مون يڪدم دانھن ڪئي ۽ ڊرائيور کي ٻانھن کان ڇڪي گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو. ڊرائيور زور سان بريڪ ھنئي.
”شمن ڏس ڪنھن جو لاش آھي.“
”سائين ھيءُ لاش نہ آھي ڪتو آھي. توھان ھروڀرو ڇرڪي ويا آھيو. ھيءُ ماڻھو جو لاش نہ آھي. ٽرڪ ھيٺان ڪتو چچرجي مئو آھي.“
پوءِ ھن گاڏي ھلائي، مون کيس اشارو ڪيو، پاسو ڪري گاڏي ڪڍيائين. مون ڪتي جي چچريل جسم کي ڏٺو، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيم.