تنھنجو سفر – منھنجو سفر
ٻہ ھمراھ وچينءَ سيٽ تي ويٺا ۽ عورت درين واري بينچ تي ويٺي. ھن جو ڪنڌ ھيٺ ٿي لڳو، پر سندس ڪپڙن مان تيز ايندڙ خوشبو ۽ جرڪندڙ ڪپڙن مان ائين پئي لڳو تہ ڪا نئين پرڻيل آھي. پر جيئن گاڏيءَ اسٽيشن ۽ شھر ڇڏيو، گاڏيءَ ۾ اھا ئي اوندھ ڇانئجي وئي. انھن پاڻ ۾ بنھہ نہ پئي ڳالھايو. آواز جيڪڏھن آيو پئي تہ اھو چوڙين جي وڄت ھئي، جيڪي جڏھن جڏھن وڄيون پئي تہ گاڏي ۾ گاڏيءَ ۽ انجڻ جي بي سري آواز کي ٻاھر ڌڪي ڇڏيو ٿي انھن جي چڻڪڻ تي ٻنھي مڙدن پوئتي نھاريو ٿي ۽ وري ھو سڌا ٿي ٿي ويٺا، پر سندن ڪنڌ بہ ھيٺ ھئا. لڳو پئي تہ ھنن مون کي بنھہ نہ ڏٺو ھو. مان آھستي آھستي اچرج ۾ ويڙھبو پئي ويس. ھورا کورا پئي ٿيم تہ الاھي، ھيءَ ماجرا ڪھڙي آھي؟ گاڏي ٻہ – ٽي اسٽيشنون ٽپي آئي آھي، پر ھتي خاموشي ئي خاموشي آھي ۽ ڳالھائين ڇو نٿا. ھاڻي تہ شيشن مان اچي صبح جي اڇاڻ جرڪي پئي ۽ گاڏي جي اوندھ غائب ٿيندي ٿي وئي، پر ات اھائي چپ چچات ھئي منھنجي ننڊ غائب ٿي چڪي ھئي. مون کي ھاڻ چٽائي پئي نظر آئي. مون عورت کي ڏٺو، اڇي رنگ واري ننڍي عمر جي نينگر ھئي. سندس منھن ڪجهہ ڍڪيل ھو. ھمراھن ۾ ھڪ ننڍيءَ عمر جو نينگر ھو، ۽ ٻيو پڪي عمر جو اڌڙوٽ پئي لڳو. سندس گنج مان ائين لڳو تہ پنجاھ ٽپيل آھي. مان وڌيڪ جائزو وٺان ھا پر گاڏي جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيھڻ واري ٿي تہ وڏي عمر واري ھمراھ دروازي وٽ اچي دروازو کوليو، ائين ڄڻ کيس خبر ھئي تہ ھاڻ ڪھڙي اسٽيشن ايندي. جيئن گاڏي بيٺي تہ دھل شرناين جا آواز اچڻ لڳا. ھن ھمراھ وڌي ان عورت کي اٿاريو. ھاڻ چٽو پٽو ڏٺم تہ ھيءَ تہ بنھہ ننڍي نيٽي نينگر ھئي. ھن ھمراھ کيس برقعو پارايو. کيس چڱيءَ طرح ڍڪي ڀاڪر ۾ ڀري ھو دروازي تي وٺي آيو ۽ دروازو کوليائين. ماڻھن جو وڏو گوڙ ھو. ھاڻ تہ گاڏو بہ روشن ھو. مون ھاڻ چٽو ڏٺو تہ ھو تہ بنھہ ننڍو جوانڙو ھو ۽ اڃا ائين ٻڏل ويٺو ھو. مون کي مڇن واري آيل ساوڪ بہ پئي نظر آئي. جڏھن ڪن ھمراھن اچي سامان لاٿو تہ ھيءُ نينگر بہ اٿيو. ھو جيئن لٿو تہ مان بہ ٽپ ڏئي ھيٺ لٿس. شيشي واري دريءَ مان ٻاھر ڏسڻ لڳس. ننڍي اسٽيشن ھئي، پر وڏو ميلو ھو. وڏي ڄڃ پئي لڳي. ٻين گاڏن مان بہ ماڻھو، عورتون ۽ ٻار لٿا. ات بہ ماڻھو، ٻار موجود ھئا. جيئن گاڏي اڳتي ھلي تہ ان جوان ڪنڌ کڻي گاڏيءَ ڏي حسرت سان ڏٺو. ھن جون منھنجون نظرون ٽڪريون. مون سندس اکين ۾ اداسيءَ جا پل ۾ پاڇولا ڏٺا، گاڏي اسٽيشن کان نڪري آئي. مان ماٺ ۾ اچي ويو ھئس، ھاڻ ھيٺ ٿي ويھي رھيس. ھوا ۽ مٽي احساس ڏياريو ۽ مان دروازي جي ٺڙڪن کي بند ڪرڻ لاءِ اٿيس. دروازي وٽ آيس، ھاڻ ڏينھن ھو، مان ڪا گهڙي ان ھوا ۽ مٽيءَ جي تيز جهوٽن کي سھندو رھيس. مون کي ھاڻ سيءَ جو بنھہ احساس نہ پئي ٿيو. گاڏي جيئن ڪنھن اسٽيشن تي پھتي تہ مان ھوش ۾ آيس. سامھون ٿڌ ۽ ڪوھيڙي ۾ ويڙھيل سھڻو ننڍو شھر ھو. مون اسٽيشن جو نالو پڙھي پڪ ڪئي، پوءِ يڪدم ٿيلھو سنڀالي لھي پيس.
انھيءَ شام ئي منھنجي واپسي ٿي ھئي. ڪم ڪار لاھي سانجهيءَ ٽاڻي اچي اسٽيشن ڀيڙو ٿيو ھوس. اسٽيشن جي ٻاھران ھڪ ننڍي ھوٽلڙي ھئي. گهرٻٽ چانھ ڪجهہ بت ۾ گرمي آندي. ٿڌ لھندي پئي وئي. مان چپ چاپ اسٽيشن جي ٻاھران ٺاھيل اونداھي مسافر خاني ۾ ھڪ بينچ تي ھلي پيس. اتي ويٺي سڄي ڏينھن جي ڪم ڪار تي سوچيم ئي پئي تہ اسٽيشن تي گهنڊ وڳو. مان اوورڪوٽ اوڙھي، لوئيءَ جو ٻڪل ھڻي اچي پليٽ فارم تي پھتس.
ھيءَ اسٽيشن ننڍي ھئي. ان جو پليٽ فارم ڪچو ۽ ڊسڙ وارو ھو. ھڪ ٻن ھنڌن تي لالٽين ٽمڪيا پئي. ھڪ ٿڌ، ٻيو رات واري گاڏي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻھو اسٽيشن تي ھئا. گاڏي گسڪندي گسڪندي اچي بيٺي. اھي ئي گاڏا، اھا ئي انجڻ ھئي. ٽپ ڏئي انھيءَ صبح واري گاڏي ۾ وڃي ويٺس. گاڏي ۾ گهڙڻ شرط ھڪ ھڳاءُ آيم. يڪدم صبح وارو نظارو ياد آيم. ڪا گهڙي ھيٺينءَ سيٽ تي ويھي ويچاريم. ڪجهہ ڳالھيون سمجهيم، ڪجهہ بنھہ ڪونھ. ٽپ ڏئي ٿيلھو مٿي کان ڏئي مٿيئنءَ سيٽ تي وڃي اھليس. گاڏي لوڏا لما کائيندي ھلي ۽ جيئن ھڪ اسٽيشن تي بيٺي تہ دھل شرناين جا ڌڌڪا ۽ ماڻھن جو گوڙ ٻڌم. اندازو نہ لڳائي سگهيس تہ ڪھڙي اسٽيشن آھي، پر دل ۾ خوش ٿيس تہ اڄوڪو ڏينھن سدورو آھي، جو ايندي بہ ڄڃ مليم ۽ ھاڻ ويندي بہ دھل ۽ شرنايون. ائين دروازو زور سان کليو. ڪي ماڻھو اندر آيا. سامان رکيائون. ٽي پاڇا ھئا. ھڪ عورت ھئي، جيڪا انھيءَ ئي سيٽ تي ويھاريائون، جنھن تي صبح جو ڪنوار ويٺي ھئي. پاڻ ٻئي وچينءَ سيٽ تي ويٺا. جيئن ويجها ڏٺم تہ سڃاتم. ھمراھ ٻئي ساڳيا ھئا. ھن دفعي بہ سانت ھئي، صرف چوڙين جي وڄت ٻڌم.
گاڏي ھن دفعي ڪجهہ دير بيٺي، شايد ڄڃ پئي چڙھي. گارڊ سيٽي ڏني ۽ گاڏيءَ ڪوڪ ڪئي تہ اڌڙوٽ ھمراھ اٿي کڙو ٿيو ۽ سٽ پائي ھن عورت جي مٿي تي ھٿ رکيائين ۽ ان ننڍڙي ھمراھ کي ڀڻڪو ڪري چيائين: ”گل، اديءَ جي پارت اٿئي. منھنجي پياري ۾ پياري ڀيڻ آھي. خيال ڪجانئس.“ پوءِ ھو در کولي لھڻ تي ھو تہ ننڍي نينگر بہ ھن دفعي ڀڻڪو ڪيو، پر اھو ڀڻڪو صبح کان ڪو روڪيل ھو، يڪدم وڏو واڪو ٿي ويو.
”ادا، او ادا، منھنجي ننڍڙي ڀيڻ سڪيلڌي مومل جو خيال ڪجان.“
ائين چئي ھن دروازو بند ڪيو ۽ اندر اچي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. گاڏي ھلي تہ بہ ھو سڏڪندو رھيو. برقعي واري عورت، جيڪا ھاڻ سمجهيم تہ سندس ڪنوار آھي، اٿي اچي ھن جي پاسي ۾ ويٺي. ھن برقعي جو مٿيون حصو لاھي ڇڏيو ۽ پوءِ ھن نينگر کي آھستي وٺي ھنج ۾ ليٽائي ڇڏيو. اھو نينگر ننڍي ٻار جيان، جيڪو ماءُ جي ھنج ۾ ھڏڪندو ۽ سڏڪندو آھي، ان وانگر پئي رنو ۽ ھنجون ھاريائين. گاڏي اچي وڏي اسٽيشن جي ويجهو ٿي ۽ روشنيءَ جا پاڇولا ٺھڻ لڳا. گاڏيءَ ۾ روشني اچڻ لڳي. مون ٿورڙو نئڙي ڏٺو، مائي ويچار ۾ ھئي. ھن جيئن منھن ھن پاسي ڪيو تہ مان ڇرڪي ويس.
ھيءَ عورت وڏي عمر جي پڪي مائي ھئي. سندس وار مينديءَ ۾ ڳاڙھا ٿيل ھئا ۽ سندس ھنج ۾ اھو نينگر ائين پئي لڳو، ڄڻ واقعي ھڪ ٻارڙو روئي پنھنجيءَ ماءُ جي ھنج ۾ ستو آھي. گاڏي جيئن بيٺي تہ اھي ئي دھل شرنايون ۽ ماڻھن جو گوڙ ھو. جوانڙو اٿيو، آرس ڀڳائين، زال کي برقعو پارايائين، پوءِ پليٽ فارم تي لاٿائين.
ھن دفعي گاڏي وڏي پليٽ فارم تي آئي ھئي. روشني ئي روشني ھئي. گهڙي ترسي مان ٽپ ڏئي مٿان ھيٺ لٿس ۽ در وٽ وڃي بيٺس. ڀانيم تہ ڄڃ ھلي وئي ھوندي، پر ڄڃ اتي ئي بيٺي ھئي ۽ سامھون مون کي اھو ئي نينگر نظر آيو، جنھن جي مڇن تي ساوڪ مس آئي ھئي ۽ ھو گهوٽ بڻيو بيٺو ھو. قدرت وري اھڙي جو يڪدم اسان ٻنھي جون نظرون مليون. سندس اکين ۾ اھائي حسرت ۽ اداسي ھئي. پر ھن ويلي ٿورو ترسي ھو مرڪيو، پر سندس مرڪ ڦڪي ھئي.
مون سامان سھيڙيو، ھيٺ لٿس ۽ وٽس ويجهو ويس پر ڪڇي نہ سگهيس. ڇاڪاڻ تہ ھو ھن جو سفر ھو، ھيءُ منھنجو سفر ھو. ٿيلھو لوڏي تڪڙو اچي ويٽنگ روم ڀيڙو ٿيس. ھن ويلي نہ ولھہ کنيم، نہ ڏڪڻي ورتم. يڪدم ٿيلھو کولي نوٽ بڪ ڪڍيم. لکندي محسوس ڪيم تہ ھن نوجوان کان منھنجو سفر مختلف نہ ھو. پوءِ مون لکيو:
”محترم سائين، اڄ اوھان ڏي جنھن ڪم سانگي آيس، ڏک اٿم تہ اھو واعدو نڀائي نہ سگهندس. اوھان جي مجبوري نياڻي آھي، پر منھنجي مجبوري اھا آھي تہ اوھان جي نياڻي مون کان ٽيھ ورھيہ ننڍي آھي، ۽ ھي سڱ مون پنجاھ جي پيٽي ۾ آيل جهوني کي نٿو سونھين. وڏو ڏک اھو اٿم تہ بدلي ۾ بہ تہ مون وٽ ڪو سڱ ڪونھي نہ تہ شايد ايڏو بار نہ ٿئيم ھا. اوھان کي ڏنل رقم ان جو بدل نٿو سمجهان. جيڪا رقم ۽ سامان اوھان کي ڏنو اٿم، اھو پنھنجي نياڻيءَ کي ڏاج ۾ ڏيندا. اميد تہ مون کي معاف ڪندؤ.“
نيازمند
چٺي لکي لفافي ۾ وجهي بيري کي سڏ ڪيم. ھو ڊوڙندو آيو، ”صاحب! گاڏي تيار آ،“ ھن دفعي مون تڪڙ نہ ڪئي. مان کيس لفافو ٽپال جي دٻي ۾ وجهڻ لاءِ چئي، آرام ڪرسيءَ تي ٽنگون پساري ليٽي پيس. ڇاڪاڻ تہ ھيءُ منھنجو نئون سفر ھو.