چڪ
”پرو! مال کڻي آ.“
پروءَ کلن جو ڍير مٿي تي کڻي اچي اوطاق جي اڱڻ ۾ اڇلايو. سيٺ ھاشم کلن جي ويڙھيل ھڙ جي ڳنڍ کولي ۽ ھڪ ھڪ کل ڪڍي ڇنڊيندو ٻاھر ڪندو ويو. ڪا کل اڇي ٻڪر جي ھئي تہ ڪا ڪاري جي تہ ڪا وري ناسڙي رنگ تي ھئي.
”پرو، ڪيئن ٿو ڀانيئن رنگيءَ جا رنگ، مال بہ ڀلو تہ رنگ بہ ڀلا.“
پروءَ پنھنجا پيلا ڏند ڪڍي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پوءِ وري مال واريءَ جاءِ ڏي ٻيو مال کڻڻ لاءِ گهڙي ويو.
سيٺ ھاشم ھڪ ھڪ کل کي ڪانٽي ۾ چاڙھيندو ويو. ڳري تور تي تہ ڪانٽو چريو پئي، باقي ھلڪي سلڪي کل تي تہ ڪانٽي جو اسپرنگ ئي نہ پئي چريو.
”مار! ڪي بنھہ ھلڪيون آھن.“ سيٺ ھاشم ڀڻڪيو. بندي کنيائين. تور لکيائين پئي تہ سندس نظر سامھون پئي. محمد پڃل بيٺو ھو.
”ھي وري ڪٿان آيو. ھڪ ڪم جي مھل، ٻيو وري خيرات.“ سيٺ ھاشم آھستي ڀڻڪيو.
محمد پڃل جو منھن لٿل ھو. ھڪ تہ سنگل ھڏي ماڻھو وري پيلو پڻ ٿيو پيو ھو. سيٺ ھاشم کي قياس اچي ويو.
”ڪر خبر محمد پڃل، سور تنگ ڪيو آھي يا پيٽ!“
”مزوريءَ تي تہ لڳو آھيان، پر چيلھ جي سور ماري ڇڏيو آھي. ٻن ڏينھن کان ڪم تي بہ نہ ويو آھيان. ھڪ ٻچا بک تي، ٻيو ھيءُ سور، اصل مري پيو آھيان. سيٺ، بس تو وٽان چڪ ڪڍائي وڃان ٿو، ڏينھن ئي ڪونہ ٿا گذرن تہ چيلھ وٺجيو وڃي. پٺي اصل ڪمان ٿيو پئي، ھاڻ ڪر ڪا سرداري.“
”محمد پڃل بابا! مون ڪڏھن انڪار ڪيو آھي. تون مون وٽ مزوريءَ تي ھئين تہ بہ بنان پائي پئسي چڪ ڪڍندو ھئس. بيروزگار ھئين تہ بہ چڪ ڪڍيمانءِ، ڪجهہ ڏنئه يا نہ، مون خيال نہ ڪيو، باقي ڪم جي وقت ڏکيو ٿيو پئي. ڏسين ٿو، مال پيو توريان. اڃان کلن کي ويڙھي وري تور ڪرڻي آھي. ھاڻ پروءَ کان بہ ڪم ڪونہ پڄي. ڇلي سو وٺي ٿو باقي ڪڏھن لوڻ بہ مان ڏيان ۽ صفائي تي بہ مان موڪليان. بُج لھيو اچن تہ سڪائي بہ مان موڪليان بس بنھہ ھڄي پيو آھيان.“
محمد پڃل جو منھن اھو ئي پِيلو ۽ سور بہ ڏاڍو پئي لکايائين. ڪا گهڙي محمد پڃل بيٺو رھيو. سيٺ ھاشم بس نہ ڪئي ۽ وري شروع ٿي ويو.
”تون بہ ڪم جي مھل اچين، اسان پيٽ جي ڪيون يا وتون ماڻھن جي چڪ ڪڍندا. ابي ڏاڏي جو اذن مليل آھي، ان جو مطلب اھو تہ نہ آھي تہ ابي ڏاڏي جو ڌنڌو بہ ڇڏي ڏيون. يار ھينئر تہ ڇڏ، ٻيءَ ويل اچجانءِ.“
سيٺ بنديءَ تي حساب لکڻ ۾ لڳي ويو. ڪنڌ مٿي کنيائين تہ محمد پڃل کيسي مان ڪجهہ ڪڍي تريءَ تي کڻي رکيس، ۽ پنھنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳو. کيس خبر ھئي تہ سيٺ مفت ۾ ٻرو بہ ڪونہ ڏئي.
”يار پڃل تون بہ زورآور آھين، مون تو کان ڏوڪڙ تہ نہ گهريا، بار پيو چاڙھين، زور ڪرين ٿو تہ پوءِ ٺيڪ آ، پرو! اچ تہ سھين، محمد پڃل جي چڪ ڪڍڻي آھي، ھٿ ڌوئيو اچ.“
ھن سوا رپيو سوگهو جهليندي چيو ۽ پوءِ ململ جي چولي جي ٻاھرين کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين.
حقيقت ۾ سوا رپئي اذن جي مٺائيءَ سندس چھري تي رونق آڻي ڇڏي. ھن يڪدم ڪونرو کنيو ۽ ويٺو ھٿ ملڻ. سيٺ ھاشم ابي ڏاڏي چمڙي جو واپاري ھو. ھاڻ وڏڙا ويچارا ويا گذاري ۽ پاڻ بہ جهونڙو ٿيو ھو، باقي ننڍن مان ڪنھن بہ اھو ڪم ھٿ ۾ نہ کنيو. ”ھي تہ ڪم ڍيڍن جو آھي،“ چئي ننڍن مان ڪي وڃي ڪھڙي ڪرت سان لڳا، ڪي ڪنھن سان، پر محمد ھاشم اڃا سيٺ ئي ھو ۽ اڪيلي سر چمڙي جي واپار سان دل لايو پئي آيو. ورھاڱي کان پوءِ چمڙي جي واپار ۾ جا موڙي آئي ھئي، تنھن ھڻي واپارين جا لاھہ ڪڍي ڇڏيا ھئا. اگه بنھہ پٽ پيا ھئا. جيئن سيٺ محمد ھاشم خانداني چمڙي جو واپاري ھو سو ھوشياري سان ڪم ھلائڻ لڳو. ڪوٺيءَ تي چار – ڇھہ نوڪر ھئس، اھي بہ ڪڍي ڇڏيائين. پاڻ ۽ پرو ٻئي سٺي وقت جي انتظار ۾ ڪجهہ مال سوڌي، گذر سفر لاءِ ڪم ٽپائيندا ھئا. ڪنھن مھل ڪو ھمراھ وٽس چڪ ڪڍائڻ ايندو ھو تہ سيٺڪي ڏيکاربي ضرور ھئي، پر اندران خوش ٿيندو ھو تہ ابي ڏاڏي جو ھدو جيڪو مليل ھوس، اھو بہ ڪمائي ڏيس پيو. سوا رپيو ماڻھوءَ تي ڏينھن ۾ ٻہ – چار ھمراھ شھر توڙي ٻھراڙيءَ جا ايندا ھئس تہ ٽڙي پوندو ھو. ھڪ ڌنڌي جي موڙي، ٻيو ڇوڪرا بہ ڇڏي ويس، گذر سفر لاءِ اھو چڪ ڪڍڻ وارو ڌنڌو منجهس روح ڦوڪي ڇڏيندو ھو. ھو جيئن مٽيءَ سان ھٿ ملي، ڌوئي صاف ڪري اٿيو تہ پرو بہ پوتڙي سان ھٿ اگهندو آيو.
سيٺ ھاشم اوطاق ۾ اندر ويو ۽ دري کولي، ڪٻٽڙيءَ مان انگوڇو ڪڍيائين ۽ ناسي رنگ جو مر چڙھيل شيشو ڪڍيائين. انگوڇو پروءَ کي ڏنائين، جيڪو بيٺو ان کي وٽڻ ۽ پوءِ وات ۾ ان جي پڇڙي جهلي ائين وٽيائين جھڙو نوڙ. انھيءَ وچ ۾ سيٺ ھاشم تيل جو چنبو ڀري پڃل جو پلو پري ڪري پٺي تي کڻي ھنيو ۽ بيٺي پير مالش وارو ھٿ ھڻي، ور ڪري وٽيل انگوڇو چيلھ کي سندرو ڪري ٻڌائينس ۽ ڇڪي آيس اوطاق کان ٻاھر. وٽيل پوتڙي جو ھڪ ڇيڙو پاڻ جهليائين ۽ ٻيو پروءَ ڇڪيو ويا ڇڪيندا ۽ پڃل ويو ڌرتيءَ ڏانھن جهڪبو. سيٺ ھاشم جڏھن ڇڪي بيٺو تہ رڙ ڪيائين،
”چڪ ڪڍانءِ“
محمد پڃيل ڪنجهيو ”ھا“
”چڪ ڪڍانءِ.“ پڃل ور ڪيو چوي، ”ھا“. ھو ٻيڻو ٿي ويو ھو. چيلھ جي سور کان بنھہ پگهرجي ويو ھو.
جيئن تہ سيٺ ھاشم ۽ پرو ڇڪي جهليو ھوس، ھو ڪنجهڻ لڳو ۽ پوءِ آھستي آھستي ھو واپس سڌو ٿيڻ لڳو ۽ سمجهيائين پئي تہ ھو ھاڻ آرام سان سڌو ٿي پئي سگهيو.
سيٺ ۽ پرو آھستي آھستي وٽيل پوتڙي کي ڍرو ڪندا ويا، تان تہ محمد پڃل سنئون سڌو بيھي رھيو ۽ پوءِ جيئن ھنن چيلھ مان پوتڙو ڪڍيو تہ محمد پڃل ائين ڀڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو ھجي. ھو ڊوڙندو وڃي ۽ نئڙي زمين تان ڪا ٺڪري يا پٿري کڻي وري سڌو ٿي پٺيان اڇليندو ويو. ائين ڊوڙندو ويو پئي ۽ ور ور نئڙي ٺڪريون کڻندو پٺيان اڇليندو رستي جي موڙ وٽان غائب ٿي ويو.
سيٺ ھاشم ٿڌو ساھ کنيو. ”پرو ھاڻ ھل ڪم کي وٺ ٻيا ويٽا کڻي آ. ڀيڻسان ھيل مال پشمي ڏاڍو آھي ڪئنرو بہ آھي تہ بَج بہ ڏاڍي اٿس. ڳائو مال اڃا نہ کڻي اچجانءِ. پھريائين ٻاڪرو توري وٺان. پڃل ڀلي ڊوڙ پڄائي موٽي اچي تہ احوال وٺونس ٿا.“
سيٺ ھاشم کليو؛ پروءَ ور ڪري پيلا ڏند ڪڍيا ۽ ھاشم ڪنڌ ڌوڻي اوطاق ۾ ويو، جت تور اڌو گابري پئي ھيس. ھن کلون ور ڪري ويڙھيون. ڳنڍ ڏئي ھڙ ڪري ٻڌائين، پوءِ ڪانٽي جي ھڪ ۾ ھڙ اٽڪايائين. ھڪ ڇڪجي ھيٺ ھليو ۽ ڳپل تور ڏيکاريائين. سيٺ ھاشم ٽڙي پيو. ھن ھڙ ڇڪي ڪانٽي جي ڪڙي مان ڪڍي ھيٺ اڇلي، ان سان گڏ پروءَ اچي ٻي ھڙ سامھون اڇلايس ۽ پاڻ تڪڙو وري کلن واري ڪوٺيءَ ڏانھن ھليو ويو. سيٺ ھاشم جيئن سٽ ڏئي نئڙيو ۽ نئين ھڙ کي کولڻ لڳو بنھہ ڄمي ويو. ھڪ سور جي ٽاٽ ھئي، جا ڪنڌ کان ھلي پٺيءَ جو ڪنڊو ٽپي چيلھ وٽ اچي بيھي رھي. ھو جيئن نوڙيو تہ سڌو نہ پئي ٿي سگهيو، ڪجهہ سڌو ٿيو تہ سڄو پگهرجي ويو. نراڙ تي پگهر جون بوندون چمڪڻ لڳيون ھيس، ائين پڃل سھڪندو اوطاق جي اڱڻ ۾ داخل ٿيو. آواز نہ پيو نڪريس، پر ٽڙيو پئي.
”سيٺ واھہ واھہ ٿي وئي، ڏس نوبنو پيو لڳان ۽ ھي ڏس. . . “
محمد پڃل، جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو ھو، سو آرام سان نئڙيو وري سڌو پئي ٿيو، وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو؛ ڄڻ چاٻي اچي وئي ھجيس. ائين سندس نظر سيٺ ھاشم جي بيھڪ تي پئي. ھو پاڻ بہ ڄمي بيھي رھيو. ھو انھيءَ پوز کي ڏسي رھيو ھو، جيڪو اڳ ڪڏھن نہ ڏٺو ھئائين. ھو ڇرڪندو اڳتي وڌيو، ھٿ لاتائينس، سيٺ ھاشم شيخ ٿيو بيٺو ھو. ھن ھھڙي زبردست بي رحم ماڻھوءَ کي بيوس ۽ لاچار ڏٺو تہ حيرت ٿيس. ھيءُ سيٺ تہ اھو سيٺ ھو، جو مزورن لاءِ موت ھو ۽ سندن مزوري ائين ڳھي ويندو ھو جو ھو ڪجهہ ڪڇي نہ سگهندا ھئا. اڄ ھو لاچار بيٺو ھو، نہ چري نہ پري. سندس ڌڪيل سنوان ڪونہ ٿيا ھيا. غريب غربي جو پويون ڏينھن ھو. اڄ ڪو قدرت وٺ ڪيو ھوس.
محمد پڃل کلڻ تي ھو پر نہ کليو. مزور ماڻھو، سيٺ ھاشم وٽ بہ ڪي سال ڪمائي ويو ھو. اڳيان موچڙا بہ پئي سجهيس. ھو ڪا گهڙي سوچيندو رھيو. پوءِ يڪدم رڙ ڪيائين، ”اڙي پرو! وارو ڪر سيٺ وٺجي ويو آھي، اڙي وارو ڪر.“
ائين چئي ڊوڙ پائي اندران انگوڇو کڻي آيو ۽ ائين وٽڻ لڳو، جيئن پرو وٽيندو ھو، ھڪ ڇيڙو وات ۾ جهلي، وٽي نوڙي وانگر تيار ڪيائين، ائين پرو مال واريءَ جاءِ مان جتي کلن واري ڪوٺي ھئي، ڊوڙندو نڪتو. جيئن سيٺ جو اسٽل پوز ڏٺائين تہ الائجي ڇو سندس پيلا ڏند نڪري آيا ۽ ٽھڪ ڏيڻ تي ھو جو پڃل اچي آھستي چيس: ”ڀيڻان نہ کلجانءِ، بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪونہ پيو ڪڍائي، چڪ پئي اٿس چڪ!“
پروءَ جا پيلا ڏند لڪي ويا. ھو وڌي ويجهو اچي بيٺو. سيٺ ڪڇي ڪونہ پيو سگهي. ھاڻ تہ زبان بيھي وئي ھيس. سڄو بت ڪمان مثل ڇڪجي ويو ھوس. نہ چري پيو، نہ ڳالھائي پيو. سندس اکيون ڦريون پئي. ھو ائين ڄميو بيٺو ھو، ڄڻ سياري جو سٽيل ھجي ۽ ڄمي پارو ٿي ويو ھجي.
پرو تہ ھراسجي ويو، پر پڃل حرڪت ۾ ھو. ھن مر چڙھيل شيشي مان تيل جي لپ ڀري سيٺ جي چيلھ تي ملي. پوءِ مالش جو ھٿ ھڻڻ لڳو. ھاڻ سيٺ ڪنڌ ڌوڻڻ لڳو. ھڪ ٻانھن چورڻ لڳو. اشاري سان منع ڪيائين. پر پڃل ھڪ ڪاريگر وانگر ٻہ ٽي اھڙا مھٽا چاڙھيس جو سيٺ جو ڪنجهڻ بہ بند ٿي ويو ۽ ٿڌو ٿيڻ لڳو. پڃل وٽ ڏئي وٽيل سٽيل انگوڇو چيلھ کي سندري وانگر ٻڌي، پروءَ کي اشارو ڪيو تہ اچي ٻئي پاسي کان وٺيس ۽ ڇڪيس، پر پرو پري بيھي رھيو. پوءِ ڪنڌ سان اشارو ڪيائين تہ ائين نہ ڪري.
”پرو، وارو ڪر نہ تہ سيٺ ويو پيو اٿئي، جلدي ڪر ھمراھي ڪراءِ.“
پرو ڪا گهڙي سوچيو، پوءِ وڌيو. سيٺ وري ڪنڌ ڌوڻيو. گهڻي ھون ھون ڪئي. پرو ڇرڪيو پر پڃل ٻانھن کان وٺي قابو ڪيس ۽ انگوڇي جي ھڪ ڪنڊ ڏنائينس ۽ پاڻ ٻئي پاسي ڇڪڻ لڳو. آھستي آھستي ڇڪڻ لڳا، پر سيٺ نہ ڪو جهڪي نہ ڪو ڇا. پڃل تڪڙ ۾ چوڻ شروع ڪيو:
”چڪ ڀڃانءِ سيٺ؟ چڪ ڀڃانءِ چئھ سيٺ چڪ ڀڃانءِ؟“
ھوڏانھن ڪو بہ ڦوٽ ٻوڏ جو اھڃاڻ بہ ڪونہ ھو. پڃل سٽ ۽ زور ڏئي کيس نئڙايو پر سيٺ انھي سٽ سان ٻوٿ ڀر وڃي کلن ۾ ڪريو. پڃل تہ انگوڇو ڇڏيو، پر پرو ٽپ ڏئي وڃي پري بيٺو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو.
”الاڙي بابا ڙي! سيٺ مري ويو – اڙي سيٺ مري ويو – اڌ رنگي ۾ مري ويو – پڃل! سيٺ اڌ رنگي ۾ مري ويو اٿئي اڌ رنگي ۾. چڪ ڪانھي اڙي! چڪ ڪانھي!“ پوءِ ھو رڙيون ڪندو اوطاق کان ٻاھر نڪتو ۽ گهل گهوڙا ڪندو سيٺ جي گهر ڏانھن ڀڳو.
پڃل ھاڻ ھراسجي ويو ھو. سڄي حڪمت ۽ چڪ ڪڍڻ وارو شوق ھوا ٿي ويو ھوس. ھو آھستي وڌيو ۽ سيٺ کي ڪنڌ کان وٺي مٿي کڻڻ جي ڪيائين.
ھو کيس سنئون ڪري نہ سگهيو. ھو ڪا دير کڻڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو ۽ انھيءَ ويڙھ سيڙھ ۾ سيٺ تہ کلن ۾ جھڙوڪر ويڙھبو ويو. ھن آخري ڪوشش ڪئي. ھو کيس فرش کان ڪا دير مٿي جهلي بيٺو. ھاڻ تہ سيٺ جي چھري تي زندگيءَ جو واقعي ڪو اھڃاڻ نہ ھو. ھن سيٺ کي جيئن واپس فرش تي ڇڏيو تہ سندس نظر ململ جي چولي ۾ پيل انھيءَ سوا رپئي تي پئي، جيڪو ھن صبح جو بکئي پيٽ ٻچن کي نہ کارائي بہ سيٺ جو ڏن ڀريو ھو.
سيٺ جيئن واپس ٻوٿ ڀر ڪريو تہ ھن بہ ھٿ وجهي ململ جي چولي مان سوا رپيو ڪڍي ورتو. ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. اڃا اوطاق ۾ ڪير نہ پھتو ھو. ھن جيئن سوا رپيو کيسي ۾ رکيو تہ سندس ھٿ ڏڪيا پئي ۽ سندس پيشاني ايستائين پگهرجي بہ وئي ھئي. ھو پوءِ تڪڙو اوطاق جي ٻاھرين در تائين پھتو ۽ ور ڪري پٺيان نھاريائين. سيٺ ائين کلن ۾ ويڙھيو پيو ھو. پڃل کي ان ويلي ھن ئي اوطاق تي ڳالھيرن جي کنيل انھيءَ بادشاھ جي ڳالھہ ياد آئي، جيڪو ظالم ۽ ڏوھاري ماڻھوءَ کي جيئري ئي کلن ۾ ويڙھائي ڇڏيندو ھو. ھاڻ ھو جيئن واپس وريو تہ سندس وک شاھاڻي ھئي.
*