ريب فريب – زندگيءَ جا!
اڄ نہ عيد براد ھئي نہ قضيو ٿيو ھو. اڄ ھو سالن کان پوءِ ھت ھڪ مسافر جيان آيو ھو، ڇو تہ جڏھن کان سندن ڳوٺ پڪي رستي سان ڳنڍيو ھو تہ ھرڪو ھن ڌڌڙ اڏائيندڙ ۽ گهل ڪندڙ گاڏيءَ کان لنوائيندو ھو. پر اڄ ھن انھن ضرورتمندن جيان ھن گاڏيءَ جو سھارو ورتو ھو جيڪي مجبوري سبب انھيءَ گاڏيءَ ۾ چڙھندا ھيا. ھو واقعي مجبور پي لڳو ڇو تہ سندس وکن ۾ ھاڻ اھا تکائي ۽ تيزائي نہ ھئي جيڪا اسٽيشن ڏي ايندي ويل ھئي. ھو ھاڻ اسٽيشن جو ڪچو پليٽ فارم لتاڙيندي ٿڪو ھو. ھو ھاڻ ھڪ وڻ ھيٺان پيل پراڻي ڪاٺ جي پٽين سان جڙيل بينچ تي ويھي رھيو. ھن ويھڻ سان وڏو ساھ کنيو ۽ پوءِ آھستي آھستي ماحول سان ھو جيءُ پرڀائڻ لڳو.
کيس خبر ھئي تہ گاڏي سج لٿي مھل ايندي ھئي. ھن وقت شام جا پاڇولا چوڌاري ڏٺا پي. ھن آھستي آھستي محسوس پي ڪيو تہ جيئن سج لڙيو پي تہ ٿڌ وڌندي پي وئي. ھن جلدي ۾ ڪو سويٽر يا ڪوٽ بہ نہ کنيو ھو. ھو نڪتو بہ تہ ائين ھو ڄڻ جلاوطن ٿيو ھجي. ”ڪو ائين بيعزتو ٿي بہ نڪرندو آھي؟“ ھن کي جيئن جيئن ڳالھيون ياد پي آيون تہ سندس منھن ڳاڙھو پي ٿي ويو ۽ اکين ۾ پاڻي پي ڀرجي آيو. ھن ڏک سور لڪائڻ لاءِ چپ پي ڀڪوڙيا. سندس ڳاڙھا چپ وڌيڪ ڳاڙھا ٿي ويا.
ھو ھيو بہ تہ ڳڀرو سھڻو ننڍو نيٽو جوان. سندس اڃا شادي بہ نہ ٿي ھئي. ھو شاديءَ جي ڳالھہ کي ياد ڪري تيئن ئي دکي ٿي ويو. يڪدم ھن اسٽيشن جي ماحول تي نظر وڌي. اڃا ڪو ٻيو پليٽ فارم اندر داخل نہ ٿيو ھو. ھن ”ڪون ڪون“ جي آواز تي نھاريو. کيس ٻہ ٽي ننڍڙا گلر نظر آيا، جيڪي پاڻ ۾ راند ڪڏي رھيا ھئا. ھو آواز ڪڍي خوشيءَ جو اظھار ڪري ھيڏانھن ھوڏانھن ھلي چلي رھيا ھيا. ٿورو پريان سندن ماءُ ويٺي ھئي، جنھن جي نظر پنھنجي ٻچڙن ۾ ھئي. ھو ڪا گهڙي انھيءَ نظاري کي ڏسندو رھيو. ھن کي ائين محسوس ٿيو تہ ھي گلر کانئس وڌيڪ خوش آھن ۽ بھتر زندگي پيا گذارين. گهٽ ۾ گهٽ آزاد ھوا ۾ تہ ساھ کڻن ٿا. کيس پنھنجو ٻوسٽ وارو ماحول ياد آيو.
ھو ننڍپڻ کان پيءُ جي ڏنڊي ھيٺ رھيو ھو. ننڍو ھو تہ پڻس جي رڙ پئي پوندي ھيس تہ ”ڇورا پڙھ.“ ھو اڃا گهٽيءَ ۾ ڪنھن سان کيڏڻ ويندو ھو تہ ماڻس جي ڊوھ ھوندي ھيس، ”ڇورا ايڏو نہ رل اچ اچي گهر جو ڪم ڪر.“ يا وري چوندس، ”وڃ وڃي پيءُ کي دڪان تي ھٿ ونڊاءِ.“
ھو دڪان تي ويندو ھيو تہ پڻس جو ٿڪ بُجو پيو پوندس، ”ڇورا، ھي چانور ٿو تورين – ھي بقال ٿو ٻڌين – پڙي بہ نٿي اچئي ٻڌڻ.“ ھو ائين مار موچڙي ۽ ٿڪ بُجي ۾ وڏو ٿيو، پر پڙھڻ تان ارواح کڻي ڇڏيائين. ڇڪي تاڻي انٽر ڪيائين، پوءِ اچي پيءُ سان ڌنڌي ۾ لڳو. پڻس جو ھاڻ چڱو چوکو واپار ھو. بقاليءَ مان ھاڻ ھو سيٺ ھو. شھر جو واپار وڌيو تہ پڻس کي ٻہ ٽي ايجنسيون مليون تہ سندن گهر جون حالتون بہ بدليون، پڪو گهر ٺھيو، پکا، فرج ۽ ٽي وي آيا. پر جي حالتون نہ بدلي نہ بدليون تہ سندس ڇاڪاڻ تہ اڄ تائين پڻس ۽ ماڻس کيس ھڪ سدوري ۽ شريف ٻار وانگر سمجهي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ھئي، پر ھو جيئن وڏو ٿيو منجهس بغاوت جا آثار ظاھر ٿيڻ لڳا. ھاڻ ھو ڪڏھن ڪڏھن پيءُ جي سامھون بہ ٿيندو ھو. ماءُ کي تہ ليکيندو بہ نہ ھو. ھو پاڻ کي اڪيلو ۽ ويڳاڻو سمجهڻ لڳو. سندس جيڪي دوست ھيا تہ بہ سندس چڙ ڪاوڙ واري طبيعت ڪري گهڻو جٽاءُ نہ ڪندا ھيا. ھن جي جيڪڏھن لڳندي ھئي تہ ماسڙ ۽ ان جي گهر وارن سان، جن سان وري پڻس جي ڪڏھن ڪانہ پئي، ھو پيءُ کان پنج ڇڏائيندو ھو تہ ماسڙ جي ھشي ھوندي ھيس تہ ڏھ وٺينس. جي پيءُ خرچ ۾ سوڙھو ڪندو ھيس تہ ماسڙ پنج ڏھ ڏئي کاريندو ھوس. ھيءُ بہ ڏوڪڙ مليو ناھي ۽ سگريٽ وچين آڱر ۾ جهلي، سوٽا ھڻي وڃ سينيما جا پوسٽر ڏسندو. پوءِ گهڙي ويندو پوئين شو ۾. ٻارھين کان پوءِ گهڙندو ھو گهر ۾ جتي موچڙا پسيا پيا ھوندا ھيس.
ائين ھو وڏڙو ٿي اوڙي پاڙي لوڻا ھڻڻ لڳو. پڻس جهاڙي ورتس تہ نينگر جي اک خراب آھي ۽ ٺوڪيائينس پادر. ھيءُ بہ نہ مڙيو ۽ ھڪ رات پاڙي ۾ وڃي ڀت ٽپيو. پاڙو جاڳي پيو. ھن ماسڙ جي گهر ٽپي جان بچائي.) ماسڙ جي بہ ھڪ نياڻي ھئي ۽ ماسڙ موقعي جو فائدو وٺي پڻس کي سوگهو جهليو، ان سان گڏ کيس بہ قابو ڪيائين. ھاڻ ھو نينھن ناتي قابو ٿي ويو، جيسين پڻس ڪو شاديءَ تي راضي ٿئي. ھو ماسڙ جي گهران عشق ۾ ڳاڙھو ٿي نڪرندو ھيو ۽ پنھنجي گهر اچي شاديءَ لاءِ رنڀندو ھيو. ماڻس، پڻس جي ڊپ کان کيس دم دلاسو بہ نہ ڏيندي ھئي. پڻس جي ماسڙ سان ورھين جي دشمني ھئي، سو ڪاٿي ٿو سولو ھائو ڪري. کيس ڳالھہ تان ھٽائڻ لاءِ خرچ بہ بند ڪيائين ۽ پري جي مائٽن ۾ قابو ڪرڻ جا بہ جتن ڪيائين. نيٺ انھيءَ رنجه ڪنجه ۽ گوڙ بگوڙ وارو بم کلي طرح ڦاٽو ۽ ھو پڻس جي سامھون ٿيو، ساڻس وڙھيو، ماءُ کي ٿيلھا ڏنائين، گهر جا ٽپڙ ڀڳائين، پوءِ خودڪشيءَ جون ڌمڪيون ڏيندو اچي ٽيشڻ نڪتو، جت گاڏيءَ اچڻ ۾ اڃا دير ڪئي ھئي.
ھو ڳالھين کي ياد ڪري دکي ٿي ويو ۽ اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس. ھاڻ تہ پاڇا بہ لڙي ويا ھيا، سج جو ڪرڻو بہ نہ ھو. ولھہ لھي آئي ھئي. ھو ٿڌ ۾ ڏڪڻ لڳو. ھن نم جي وڻ ڏانھن نھاريو جو مٿس ڇانو ڪيو بيٺو ھو، ۽ ھوا جي جهوٽن تي کيس وڌيڪ ھوا ڏئي رھيو ھو. ھن کي ياد آيو تہ جهيڙي ۾ ھن اڄ منجهند جي ماني بہ نہ کاڌي ھئي. ھن بک جي خيال کان ھيڏانھن ھوڏانھن لوڻا ھنيا. کيس ڪو گهورڙيو بہ نظر نہ آيو جو ڪا شيءِ وٺي. پوءِ ھن خيال ڪيو تہ ھو اسٽيشن ٻاھران وڃي ڪا شيءَ وٺي اچي. کيسي ۾ ھٿ ھنيائين تہ کيس اھو بہ ياد پيو تہ ڪيترن ڏينھن کان پڻس جي سختيءَ ڪري سندس خرچي بہ بند ھئي، تہ سندس پيارو سگريٽ پيئڻ وارو شوق بہ پورو ٿيو پيو ھو. ھو ماسڙ کان ٿيڻ واري سھري ناتي جي ڪري بہ پائي پئسو نہ وٺندو ھيو. اڄ تہ ھن ماسڙ جي گهر ۽ گهٽيءَ جا چڪر ھنيا، نہ وري ڪو ديدار ئي ڪيو. سندس اڄوڪو ڏينھن قيامت جي ڏينھن جھڙو ڏينھن ھو. ھو ھاڻ ٿڌ بہ برداشت نہ پيو ڪري سگهي. ھو الائجي ڪھڙي جذبي ھيٺ سٽ پائي اسٽيشن جي چوڌاري لڳل سيخائين ڪٽھڙي ۾ منھن وجهي ٻاھر ڏسڻ لڳو. سندس نظرن شھر ڏانھن ويندڙ رستي جو وڃي توڙ ڪيو، کيس اھو رستو ائين ئي ويران نظر آيو جيئن ھيءُ اسٽيشن. ھو ور ور ٻاھر تڪيندو رھيو پر کيس ڪا اھڙي پھر يا روشني نظر نہ آئي جا سندس ڏکن ۽ غم جي زخمن جي چيٺ ڪري يا ڏڍ ڏئي.
ائين ھن ڀڻڪو ٻڌو. ھن پٺيان نھاريو تہ کيس ٻہ ماڻھو نظر آيا، ھن سندن ڀڻڪو چٽيءَ طرح ٻڌو.
”ھيءُ سيٺ محمد جو ڇوڪرو آھي. ھن مھل ھت الائجي ڇو بيٺو آھي.“
ھو ڀڻڪو ٻڌي اڳتي وڌي ويو. سامھون اسٽيشن جي ھڪ ماڻھوءَ لالٽين پئي ٻاريا. ھو ڪا گهڙي سندس ڀر ۾ بيٺو رھيو ۽ بتين جي ٻرڻ ۽ وسامڻ جو تماشو ڏسندو رھيو. الائجي ڇو ھو بتين جو ڀڙڪو ڏئي روشن ٿيڻ ۽ وري ڀڙڪڻ کي ڏسي دکي ٿيڻ لڳو. ھو بتين جي ور ور ڀڙڪڻ تي ھڪدم ٻاھر ڏسڻ جي ڪرڻ لڳو. ھاڻ اوندھ رستي کي وڪوڙيندي پي وئي. ات کيس ڪو بہ ماڻھو يا روشني ڏسڻ ۾ نہ آئي، جيڪا کيس پنھنجي ارادي ۾ ڪمزور ٿيڻ ۾ مدد ڏئي.
ھو ولھ ۾ بکارو، منجهند کان ائين بي حال ھو. ھاڻ کيس وڌيڪ روئڻ پي آيو. ھو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لاءِ پليٽ فارم جي ڇيڙي ڏانھن ڊوڙيو. ھن جون وکون ات ڄمي ويون ۽ ھنيانءُ ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳو، جڏھن ھن گاڏيءَ جي سيٽي ٻڌي ۽ پوءِ پريان کيس روشني نظر آئي.
ھو آھستي پگهرجڻ لڳو، کيس فيصلو ھن ويلي ڪرڻو ھو. ھن کي پيءُ کي ٻڌايل پنھنجي خودڪشيءَ جي فيصلي تي عمل ڪرڻو ھيو. ھو سامھون روشني ڏسي رھيو ھو، جنھن جا پري کان ايندڙ ڪرڻا ھن کي سج جا ڪرڻا پي لڳا. ھن جي جسم ۾ گرمي اچي وئي ھئي. ھو ھاڻ ولھہ محسوس نہ ڪري رھيو ھو. ھن پوئتي نھاريو، ھاڻ بتيون سڀ ٻري چڪيون ھيون، پر ھڪ بتيءَ اڃان پي ڀڙڪا کاڌا. ھو تيئن ھراسجي ويو. آھستي وڌي اسٽيشن جي نالي واري بورڊ کي ٽيڪ ڏنائين. ھن ھڪ دفعو وري ٻاھر ڏٺو، کيس ڪي بہ سڃاتل پاڇا نظر نہ آيا. ھو مايوس ٿي ويو.
ھاڻي تہ ھن کي ڏاڍي خار بہ آئي، ”ڏس تہ سھين مان خودڪشي پيو ڪيان ۽ ڪير مون کي روڪڻ بہ نہ آيو آھي! مان رسي آيو آھيان ڪير مون کي پرچائڻ بہ نہ آيو آھي؟ ھنن کي منھنجي پر واھہ نہ آھي تہ مون کي بہ پر واھہ نہ ھجڻ گهرجي. ھو منھنجي لاءِ نہ ٿا مرن تہ مان ڇو ھنن لاءِ مران.“ ھو سوچيندو رھيو ۽ سندس نئون فيصلو اڀرندو نسرندو نڪرندو آيو ۽ ھن سک جو وڏو ساھ کنيو. ھن جي پيشانيءَ تي آيل پگهر خشڪ ٿيڻ لڳو، سندس ٽنگن ۾ آيل ڏڪڻي بيھجي وئي. ھن پر ڀرو رکيل بتين ڏاھن ڏٺو، اتي ھاڻ ڀڙڪا کائيندڙ بتيءَ ڀڙڪا نہ پئي کاڌا. ھن کي وڌيڪ اطمينان ٿيو، ھاڻ ھو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳو. پوءِ ھو ڏاڍي اطمينان سان گاڏيءَ جي رڙھندڙ روشنيءَ کي ڏسڻ لڳو جا ھاڻ کيس اچي ويجهو پئي ھئي ۽ ھو بي ڊپو ٿيو ريل جي پٽي لڳ وڌي گاڏيءَ کي ايندو ڏسڻ لڳو.
ھن کي ريل جي ڏانھس ايندڙ روشني ڏاڍي وڻي پي، ان جا جيڪي ڪرڻا ريل جي چمڪندڙ پٽي کي چمڪائي رھيا ھئا، انھيءَ روشنيءَ جو عڪس ھو پنھنجي چھري تي محسوس ڪري رھيو ھو. ھو ھاڻ خوش ھو. ھن نئون فيصلو بہ ڪري ورتو تہ ھو ھن ٽرين ۾ چڙھي زندگيءَ جي نئين سفر جي شروعات ڪندو، نوڪري ڪندو، محنت ڪندو، مزوري ڪندو، ھڪ گهر ٺاھيندو ۽ ان گهر ۾ ھڪ ڪنوار آڻيندو ۽ سندس آڏو ھڪ وڻندڙ مک اچي ويو.
ھو گاڏيءَ جي ڌڌڪي ۽ ويجهي آيل روشنيءَ تي سجاڳ ٿي ويو. گاڏي آھستي آھستي وڌي رھي ھئي. اوچتو ھن جي نظر پٽ تي پئي تہ ات ڪا شيءَ چرندي نظر آيس. ھن سڃاتو، ھڪ ننڍڙو گلر ھو جيڪو چرندو کيڏندو ساٿين ۽ ماءُ کان وڇڙجي ھيڏي اچي نڪتو ھو. ھو ڪڏھن پٽي تي پي ٽپيو ۽ ڪڏھن پٽن جي اندر حصي ۾ پي چريو. ھن کي ڏاڍيو قياس آيو. ھن ڏاڍي ”ھش ھش“ ڪيس پر گلر پنھنجي نموني سان پئي چريو ۽ وڌيو. ھن گاڏيءَ کي ايندو ڏٺو. گاڏي ڪجهہ پرڀرو ھئي، پوءِ ھو تکائي ۽ جلدائيءَ سان گلر ڏانھن ڊوڙيو، جيڪو کانئس اڳڀرو نڪري ويو ھو.
ھن ڊوڙندي گلر کي کنيو ۽ جيئن ئي ريل جو پٽو ٽپڻ جي ڪئي تہ سندس پير تارن ۾ وچڙيو. . . ۽ ان کان پوءِ کيس پيڙا ۽ درد محسوس ٿيو. ھن کي محسوس ٿيو تہ ھو فضائن ۾ اڏامي وري ڪنھن اوڙاھ ۾ ڪريو آھي، جنھن کان پوءِ ھن کي ھوش نہ رھيو.
ھن کي جڏھن ھوش آيو تہ ھو انھيءَ ڪاٺ جي پٽائين بينچ تي پيو ھو. نم جو وڻ مٿس واءُ ڪري رھيو ھو. ھن اکين کي گهڻو کولي ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. ھو عجب ۾ پئجي ويو، سندس پيءُ ھو، سندس ماءُ ھئي، سندس عزيز ھئا، دوست ھئا، سندس ماسڙ ھو ۽ اھو روشن ٻھڪندڙ چھرو بہ ھو جنھن سان ھن پيار ڪيو ھيو ۽ جنھن ڪري ھو جهيڙو ڪري گهران نڪتو ھو. ھن کيس پيار سان ڏٺو ۽ پوءِ ماءُ پيءُ ڏانھن ڏٺائين، سندس اکين ۾ ھڪ سوال ھو، ”توھان دير ڇو ڪئي؟“ ھنن ڪجهہ نہ ڪڇيو. ھو روئندا رھيا، شايد انھن وٽ جواب تہ ھو تہ ھنن سڀني کي گڏ پي ڪيو، پر ھو ڪجهہ نہ ڪڇيا ۽ روئندا رھيا. ھن آھستي ڀڻڪيو،
”گلر بچيو؟“
پڻس ڳوڙھا ڳاڙيندي ڪنڌ سان ھا ڪئي ۽ اشارو ڪيائين. گلر سندس ڀر ۾ بينچ وٽ ”ڪون ڪون“ ڪئي پئي ۽ چريو پي. ھن ھڪ دفعو انھيءَ روشن مک ڏي نھاريو ۽ پوءِ ھن اکين ٻوٽڻ جي ڪئي، ھو گهڻي دير اکيون کولي نہ پي سگهيو ۽ جڏھن سندس چچريل جسم کي بينچ تان کڻي کٽ تي سمھاريائون ۽ اسپتال پي نيئون تہ ھن تڪليف کان ھڪ دفعو وري اکيون کوليون ۽ سندس نگاھہ وري انھيءَ بتيءَ تي پئي، جا اڃا انھيءَ مٿاھين ھنڌ تي رکيل ھئي. بتي بہ روشن ھئي ۽ ڪو بہ ڀڙڪو نہ پي کاڌائين، سندس جوت ٽم ٽم لاتيون بيٺي ھئي. ھو مرڪي پيو ۽ ڀڻڪيو ”ٺڳ – فريبي – دوکي باز!“
پوءِ ھن جون اکيون ھميشہ لاءِ ٻوٽجي ويون.