زوراور
انھيءَ دور ۾ عيال جا ڪپڙا لٽا سبڻ ۽ سبرائڻ وڏو مسئلو ھوندو ھو. اتي مامي محمد جو وجود ابي امان لاءِ وڏو ڏڍ ھوندو ھو. مامو اصل مقيم شڪارپور؛ حال مقيم ھر اھو گهر جتي ڪو ڪامورو پنھنجي وڏي اھل عيال سان رھندو ھجي ۽ رڳو کاڌي پيتي ۾ پورو ھجي. مامو محمد بنيادي طرح سان پراڻو، انگريزن جي دور جو ڪاريگر ھو، پر سندس سبڻي اھڙي ھوندي ھئي، جو ڪنھن جي پتلون ٺاھيندو ھو تہ چڍي ٺھي ويندي ھئي، جي چڍي ٺاھيندو ھو تہ ڪڇو ٺھي ويندو ھو. جيترو وقت گورا ھئا، اوترو وقت تہ مامي محمد جو درزڪو ڪينچي ڇاپ دڪان مشھور ھو، ڇاڪاڻ تہ گورن لاءِ چڍيون بہ ڪار ھيون.
مامي جي ڏھ سيري خوفناڪ ڪينچي مشھور ھوندي ھئي، جنھن سان نہ رڳو ڪپڙا ڪٽڻ وقت ماڻھن جي ٻيڙي ٻڏندي ھئي، پر جيستائين ڪپڙو مشين تائين پھچي يا ڪاريگر وٽ وڃي، اڳ ئي مامو اڌ ڪپڙو کڻي وٺندو ھو.
مامي جي اِنھن حالن ھوندي بہ سندس دڪان تي ميڙاڪو ھوندو ھو.
ڳالھين جو ڳھير، ڀوڳائي، پيو سنگت ساٿ کي وندرائيندو ھو. ڪم ڪار مليس تہ واھہ واھہ ، نہ تہ آئي وئي سان ڪچھري، ڪو سگريٽ ڇڪائيندس تہ ٽڙي پوندو.
”ير ڏاڍو ڪو زوراور آن.“
اِھو مامي جو خاص جملو ھوندو ھو. ڪم ويلي ڳائڻ جو شوق پراڻو ھيس، رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . “ ٿلھن ڊوڻن چپن سان ڳائيندو ھو تہ ويٺل اٿي ويندا ھئا.
جڏھن گهر ۾ ٽڀو اونڌو ھيس تہ پئسي ڏوڪڙ تي ٻڙڌڪ مچندو ھو. جوڻس اچي تپائيندي ھيس ۽ مامو، دڪان ڪنھن موالي ڪاريگر جي حوالي ڪري، ڏيندو ھو کڙيءَ تي زور. پوءِ ڪنھن نہ ڪنھن ڪاموري وٽ ڪڏھن سکر، ڪڏھن روھڙي، ڪڏھن دادو، ڪڏھن لاڙڪاڻي وڃي نڪرندو ھو. جنھن بہ ڪاموري وٽ ٽڪندو ھو، ان جي گهر جي ڀاتين کي بنھہ پنھنجو ڪري وٺندو ھو ۽ گهر ڌياڻي سندس ڀيڻ ھوندي ھئي ۽ ٻار ڀاڻيجا. جلد ھو ”مامو“ بڻجي راڄ ڪندو ھو. نہ رڳو ھو، صاحب جا ڪپڙا لٽا ڪٽي ٻارن لاءِ ٺاھيندو ھو، پر سڄي گهر تي بہ رعب ھلائيندو ھو. کيس ڏوڪڙ پئسي جي ڳڻتي نہ ھوندي ھئي. جڏھن اتان راڄ ڪري، حڪم ھلائي، سڄي گهر کي منجهائي بيزار ڪري نڪرندو ھو تہ جي ڪجهہ پئسا مالڪن ڏنا تہ واھہ واھہ ، نہ تہ ٻيو شھر ۽ ٻيو گهر. پر جلد مامي جو اھو گهڻو رلڻ گهٽبو ويو. شايد عمر سارو، پر ان جو ڪارڻ مان سمجهان ٿو تہ مامي جو اسان جي گهر سان لڳاءُ ھو. امڙ جي ھو خاص عزت ڪندو ھو. ھو جڏھن بہ گهر ڇڏيندو ھو يا بابي جو نياپو پھچندو ھئس تہ سڌو اسان وٽ ٽڪندو ھو.
ھاڻ ھن ٻيا گهر ڇڏي ڏنا. سندس لاءِ بنگلي ۾ ھڪ الڳ ڪمرو ھوندو ھو، جتي ڪپڙن جا ڍير ۽ مامو ھوندو ھو. پر اصل ۾ سڄي گهر جو حاڪم ٿيو ويٺو ھوندو ھو. صبح جو ٻوڙ ٻاڙي آڻڻ، نوڪر چاڪر کي دڙڪي ۾ رکڻ، صفائي وغيره ڪرائڻ بہ سندس ڪم ھو. امان آجي ٿي ويٺي ھوندي ھئي. نوڪر مامي جون دانھون بابي وٽ ڪندا ھئا تہ بابو کلي ڏيندو ھو ۽ دڙڪو ڏيندو ھئن؛ ”ڇورا، ڪٿي مامو مون کي نہ مار ڪڍي. ڪم ڪيو ۽ سڌا ٿي ھلو.“
مامو پنھنجو درزڪو ڪم گهٽ ڪندو ھو. ڏھ سيري ڪينچي جنھن ڏينھن ھلندي ھئي، اسان ڊڄندا ھئاسين، اِجهو ٿو پتلون کي نڪر ڪري ۽ نڪر کي ڪڇو. ان ڪري وڃي پاسو ڏيندا ھئاسين. بس پوءِ مامي جون ڪير ڳالھيون ٻڌي! امڙ نيٺ اچي چوندي ھيس: ”ادا، ڪجهہ ڪم کي بہ اڪلاءِ.“
يڪدم گوڙ ڪندو ھو، ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن. مان مان تنگ ٿي آن ڇا؟“
”نہ، ادا، ائين نہ چئہ.“ امڙ کلي ھلي ويندي ھئي ۽ اسان جي عيد ٿي ويندي ھئي. ويٺا کيس چوريندا ۽ چرچا ڪندا ھئاسين. مامو ھو تہ جهونو جهاز، پر کاڌي پيتي جو شوقين ھو. پر اصل وڏو شوق کيس فلم جو ھوندو ھو. مامو ايندو ھو تہ منھنجا تہ مزا ھوندا ھئا، ڇاڪاڻ تہ مون کي فلم ڏسڻ جو جنون ھوندو ھو.
ھونئن ئي مون لاءِ منجهند ھجي يا رات، موقعو مليو ناھي ۽ گولي ٿي ويندو ھوس. بابي جي وڏي آفيسر ھئڻ ڪري فلمون بہ ڀلا مفت، بنھہ جهل پل نہ ھوندي ھئي. سکر شھر ۾ سئنيمائون بہ گهڻيون ھيون، تنھنڪري ڪڏھن تہ مسئلو اھو ھوندو ھو تہ ڪھڙي فلم ڏسجي؟ مامي جي اچڻ ڪري ڪڏھن تہ قانوني طرح سان بابي کي ٻڌائي، ڪڏھن امڙ تي زور بار آڻي وڃيو فلم ڏسي ايندا ھئاسين. ڪڏھن منجهند جو وس نہ ھلندو ھو، تہ جڏھن سڀ سمھي پوندا ھئا، تہ بنگلي جي پويان جبل ۽ پٽ لتاڙيندا پير پٿون ڪندا، ڪاڙھي جو وڃي ڪنھن سئنيما ڀيڙو ٿيندا ھئاسين. مامو سئنيما تي پھچڻ تائين ساڻو ٿي پوندو ھو. جهونڙي کي مان بہ ڊوڙائيندو ايندس ھيس، ”ماما، جلدي ڪر، کيل شروع ٿي ويندو.“
”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، پر تون فڪر نہ ڪر، کيل تي مان پڄائيندو مانءِ.“ ائين لڳندو ھو، ڄڻ ھو سچ پچ مون کي ڪلھي تي کنيو کيل تي پڄائڻ پيو ھلي. سنھڙو سيپڪڙو مامو، لڏندو لمندو نيٺ اچي سئنيما تي پھچندو ۽ پھچڻ سان دانھن ڪندو، ”ير، ٻاٽلي تہ پيار.“
ڏوڪڙ پئسي جي ھوندي ھئي ڪڙڪائي. ٻہ آنا ملي خرچي، سو مامي لاءِ ٻاٽلي ڪٿان اچي؟ مان سڌو مئنيجر جي ڪمري ۾ وڃي کانئس پھريائين تہ ٻہ پاسون وٺندو ھئس. بابي جو لحاظ ڪري مئنيجر اٿي ملندو ھو، پر جڏھن چوندو ھو مانس، مئنيجر صاحب ”ٻاٽلي تہ پيار“ ، تہ سندس منھن ڦري ويندو ھو. ڇِپ ڪري پوندي ھيس، پر بابي جي ڊپ کان يڪدم ٻاٽليون گهرائي اندر ھال ۾ پھچرائي ڏيندو ھو. مامو ٻاٽلي پِي ايڏي وڏي اوڳرائي ڏيندو ھو، جو اوسي پاسي وارا اھڙيءَ طرح اسان کي ڏسندا ھئا، جو سندن اکيون اوندھ ھوندي بہ اسان کي ڦوٽاريل نظر اينديون ھيون.
جي وري مامي کي ڪو گانو وڻيو تہ بہ ڏاڍيان سر سر ۾ ملائي ڳائيندو. ڀلا مامو ڳائي تہ پوءِ بنھہ ڀينگ ٿي وئي! يڪدم ھال ۾ رڙيون ٿي وينديون ھيون، ”او ڀائي او ڀائي.“ پر ڀائي بہ بَس ڪري! تڏھن بس ڪندو ھو، جڏھن پٺيان ڪو ويٺل اچي ٻہ ٽي لوڏا ڏيندو ھئس. مامو ڳائڻ بند ڪري ٿلھن چپن سان ڊڻ ڊڻ جھڙو آواز ڪڍي مون کي چوندو ھو، ”ڏاڍا بدذوق آھن. اھڙا بدذوق آھن تہ ھتي ڇو ٿا اچن؟“
انٽرول ۾ پوسٽر ۽ فوٽو ڏسي ٽڙي پوندو ھو.
”ير، ڏس تہ سھين، فيشن ڪاٿي پھتو آھي. ڊيزائين تہ ڏسينس.“
”ماما، قميص جي ڊيزائين يا منھن جي؟“
”ير، بنھہ ڪو زوراور آن، مزو وڃائي ڇڏيئہ.“
اسان جي اِھا ياري پئي ھلندي ھئي. مامو جڏھن ايندو ھو تہ مان ڪتاب ڇڏيندو ھئس. ڪڏھن تہ اسڪول گسائي بہ وٺندو ھئس. مامي کي جيئن چوندو ھئس، ھو بہ رونشي ۾ خوش. امڙ کان خرچي کاٻاري لاءِ ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ مامو ڪافي ھو. بس ڏوڪڙ مليس، ٽِڙي پوندو. ”ادي ير، ڏاڍي ڪا زوراور آھين.“ پوءِ کڻي پيسا قابو ڪندو.
”ماما، حصو ڇڏاءِ.“
”ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن، اچي وٺ.“
بس پوءِ مامو ۽ مان شھر گهمي ڦري کائي پي سڌو کيل تي. ھڪ ڏينھن جيئن کيل ڏسي شام جو موٽياسين تہ گهر ۾ ٻڙڌڪ متو پيو ھو. ٿورن ڏينھن ۾ مئٽرڪ جا امتحان شروع ٿيڻ وارا ھئا. مون تہ ڄڻ امتحان کي کنگهيو ئي ڪونہ ٿي. اسان جي رفتار اھا ئي. الله سولي ڪري اسان جي ھڪ مائٽ جي، جيڪو ان ڏينھن ڳوٺان آيو ھو شھر ۾ امتحان ڏيڻ. ان سڄو ٽائيم ٽيبل بابي کي ٻڌائي ڇڏيو. بابي ليکي تہ اڃا امتحان ۾ ڏينھن اٿس. ويتر جو اچڻ ساڻ ھن ھمراھ کي پڙھندو ڏٺائين، بنھہ بِر ٿيو بيٺو ھجي. اسان کي جو ڏٺائين تہ ڳاڙھو ٿي ويو. پھرين الر مون تي ڪيائين. مون ڀڄي پاسو ڪيو. پوءِ مامي کي اچي کنيائين، ”ماما، ھن عمر ۾ توکي بہ فلم جو شوق. پاڻ ڀلي وڃ، پر ھن کي ڇو کاريو اٿئي. تو تہ ھن کي بنھہ کاري ڇڏيو آھي. تو اسان سان دشمني ڪئي آھي. تون ھيءَ مھرباني ٿو ڪرين.“
مامو ڪُڇي جھڙي ڀِت. امڙ کي نيٺ خيال آيو، وڌي ابي وٽ آئي. ”وڏي سڏي جو تہ خيال ڪر.“
”ھيءُ وڏو آ، ٻار جي آئيندي جو ڪو اٿس خيال؟“ بابو چوندو ھليو. امڙ مامي کي وٺي اچي ڪوٺيءَ ۾ ويھاريو. مامو بنھہ پگهرجي ويو ھو. امڙ شربت ٺاھي آڻي ڏنس. ڦڪي کل کلي چيائينس: ”ادي، ير، ڏاڍي زوراور آن.“
ان رات گهر ۾ ڏاڍي خاموشي ھئي، مون دل ئي دل ۾ ان مائٽ کي ڏاڍيون گاريون ڏنيون. مامي وٽ ٻہ دفعا ويس پر ھو پاسو ورايو بنگلي آڏو ٻاھر کليل ميدان تي کٽ تي ليٽيو پيو ھو. ماني کڻي ويو مانس.
”ير، ڏاڍو زوراور آن. ماني اڄ کڻي نہ ٿا کائون.“ ماني موٽايائين تہ امڙ سڏايس. اندر آيو تہ امڙ پوتي کڻي پيرن تي رکيس بنھہ جهڄِي پيو: ”ادي ير، ڪا ڏاڍي زوراور آن، ائين تہ نہ مار.“ رئو کڻي مٿي تي رکيائينس. پوءِ کٽ تي چڙھي ويٺو، ماني ڀور کاڌائين. نہ امڙ پئي ڳالھايو نہ ھن. رکيو رکيو امڙ ڳوڙھا پئي اگهيا. مامو چپ ھو.
صبح جو مامي جي اھا ئي گجگوڙ پي پئي. نوڪرن کي اٿاريائين. امڙ کان پيسا ورتائين. پنڊي کڻي بازار ويو. ڳنڌڻ وٺي ڏنائين. پوءِ اچي ڪم کي لڳو. سندس مشين ھلندي وڃي. ھيءُ ڳائيندو بہ وڃي! ”او رھي وڃ رات ڀنڀور ۾. . . . او رھي وڃ . . .“
ھن دفعي ڪپڙا ڏاڍا ڀلا ڪٽيائين. اسان سڀني کي پارايائين. کلي امان کي چيائين، ”ادي ير، ڏس ھي سڀ زوراور آھن نہ.“
امڙ ڏاڍي خوش ھئي. ھن سمجهيو، مامي من ۾ ڳالھہ نہ رکي آھي. رات جو دير تائين امڙ ۽ ٻين ٻارن سان ڪچھري ڪندو رھيو ۽ مون وٽ ھر ھر اچيو ڏاڍيان چئي. ”ير، پڙھہ. . . بس، ھاڻي رڳو پڙھہ. جڏھن وڏو ماڻھو ٿين تہ پنھنجي مامي کي ضرور گهرائجانءِ. تنھنجن ٻچڙن جا ڪپڙا بہ ڪٽي ڏيندس. پڙھہ، ير، پڙھہ. . . .“
صبح جو مامو ٻڌائڻ کان سواءِ ھليو ويو. بابي کي ڏاڍو ارمان ٿيو. کيس افسوس ڏاڍو ھو. دل ھيس تہ مامي کان معافي وٺي. جيسين دل ٻڌي، مامو وڃي شڪارپور نڪتو. بابو ٻہ ٽي ڏينھن گشت ۾ ھليو ويو. موٽيو تہ فڪرمند ھو. يڪدم اچي امان کي چيائين:
”تيار ٿي، مامو ڏاڍو بيمار آ، شڪارپور ھلنداسين.“ امڙ، بابو ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر اچي شڪارپور نڪتاسين. مامي جي گهر اوريان مامي جو دڪان ھو. اھو بند پيو ھو. ڪو ڪاريگر بہ ڪونہ ھو. گهر ۾ اندر گهڙياسين تہ مامو ڄڻ سنئون ٿي پيو.
”اڙي ير، زوراور آيا آھن ڇا؟“ اسان سان ڀاڪر پائيندي ڪنھن جي پتلون پيو ڇڪي، ڪنھن جي چڍي؛ ڪنھن جو فراڪ، ڪنھن جو چولو، ۽ ھر ھڪ کي چئي پيو: ”ڪيئن ٿا ڀانيو فٽنگ. ڪاريگر جا ھٿ آھن ير.“ بابي کي ڏٺائين. اٿڻ جي ڪيائين، ”اچو صاحب. ”بابي کي ھو ”صاحب“ چوندو ھو. بابي اچي پيرن تي ھٿ رکيس. بابي کي اکين ۾ ڳوڙھا ھئا. مامو بہ روئي پيو. ”صاحب ير، ڏاڍو ڪو زوراور آن. اِئين ڪبو آ ڇا؟“ امڙ جي مٿي تي ھٿ رکيائين. امڙ وڌي ڳراٽڙي پاتس. ”ادا، ھاڻ اسان کي بخش ڪر!“ ادي ير، ڪھڙيون ڳالھيون ٿي ڪرين؟ ڏاڍي ڪا زوراور آن.“ ھو ان ويلي اٿي ويٺو ھو. کلي خوش ٿيو. سڀني سان ور ور ڪيو پيو ڳالھائي. ٻار ٻچا ھيڏي ھوڏي ٿيا تہ مان بہ مامي سان گڏجي وڃي ويٺم. ھو ھڏائين پڃري جيان پيو ھو. ”ماما“، سڏيو مانس. يڪدم وراڻيائين: ”جي چوانءِ.“ ”ماما، کيل تي ھلون.“ کلي پيو. ”ماما، راڳ ڳايون.“
گهڙي لاءِ ھو چپ ٿي ويو. پوءِ سندس ٿلھڙا چپڙا ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳا. آواز چٽو ٿيندو ويو. اڄ مامو سر ۾ ڳائي پيو. ”رھي وڃ رات ڀنڀور ۾، الا رھي وڃ رات.“ مامي جي ڳلن تان ڳوڙھا ڳڙيا پئي. بابو جيئن پاسيرو ويٺو ھو، تيئن منھن سڌو نہ ڪيائين. شايد رنو پئي. مامي جو آواز جهڪو ٿيندو پئي ويو. مان اکين ۾ ڳوڙھا کڻي ٻاھر ھليو آيس. اسان سکر موٽياسين مس تہ خبر پئي تہ مامو گذاري ويو.
مان مامي جي حڪم تي ڏاڍو پڙھيو. پڙھي وڏو ماڻھو بہ ٿيس، پر اِھا حسرت رھي تہ منھنجا ٻار سندس ڪٽيل ڪپڙا پائين. مون ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي آھي تہ منھنجو اولاد ڪٽيل يا آلٽر ٿيل ڪپڙا پائي، نيٺ ھڪ ڏينھن مون واري پٽ مون کي چئي ڏنو: ”بابا، ڪھڙيون ڳالھيون ٿا ڪريو، ھن زماني ۾ ڪٽيل الٽرڊ ڪپڙا؟ ڏاڍا ڪي زوراور آھيو!“ مون کي ان ويلي مامو ڏاڍو ياد آيو. مان زماني جي زوراوري تي چپ آھيان.
*