ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

اسان تي الزام آندا جڳ جيئڻ جا

زليخا پنھنجن خوابن جي شھزاديءَ سان ڳالھيون پي ڪيون، ھوءَ ھن دنيا کان پري پرين جي ديس ۾ ويٺي ھئي، سندس شھزادو کانئس پري نہ ھو. سندس ڳالھين ھن جي ڪنن ۾ سرٻاٽ پي ڪيا. ھوءَ ھميشہ جيان انھيءَ خواب ۾ الوٽ ھئي، جو ماڻس کيس جاڳائي وڌو. ھوءَ اڀا ساھ کڻندي اٿي ويٺي. زليخا آھستي اٿي کٽ ھيٺان پيل جتي سوري ويجهي ڪئي، پوءِ جتي گهليندي ٻاھر نڪتي. ٻاھر نڪتي تہ ولھہ وڪوڙي ويس. ھن دري وٽ پيل بتي کي کنيو ۽ وٽ سوري مٿي ڪئي.
ھوءَ حويليءَ جو اڱڻ لتاڙي، رنڌڻي تائين پھتي تہ سڄي ڏڪي پي. ولھ بہ ولھ ھئي. کيس ننڊ اھڙي آئي ھئي، جو رات چڱو پھر ٽپي ھلي ھئي ۽ ھن کان ماءُ کي کير ڏيڻ بہ وسري ويو ھو. سڄي حويلي جي ڪمرن جا در بند ھئا، ورانڊن جون چکون ڏنل ھيون. ھوءَ اڪيلي اڱڻ ۾ ھئي. رنڌڻي جا ٻئي در ٻيڪڙيل ھئا. ھن جيئن ھڪ در کي ڌڪو ڏنو، در چيچراٽ ڪندو کلي پيو. اندر اوندھ ھئي. ھوءَ جيئن لالٽين کڻي اندر داخل ٿي تہ ھن پاڻ کي ماڻھن ۾ گهريل ڀانيو. ھن انھن ڪنڊن ڏانھن نھاريو. ڪارن ڪپڙن، ڪارن کٿن ۽ ڪارن پٽڪن سان ٻہ جوان سندس سامھون بيٺا ھئا. ائين اوچتو ھڪ ھمراھ جنھن جو رنگ صفا ڪارو ھو، شڪليون ٺاھيندو منھن مان گڦ ڪڍندو نچندو ٽپا ڏيندو اڳتي وڌيو. زليخا اتي ئي ڄمي بيھي رھي، سندس ٽنگن ۾ اڳئي ساھ ڪونہ ھو، ويتر ھي ڀوائتي شڪل ڏٺائين، تہ ڦھڪو کائي ڪري. ائين ٻئي جوان ڀاڪر ۾ ڀري کيس بيھارڻ جي ڪئي.
ھوءَ سڄي ڏڪي پي. انھيءَ جوان جنھن جو وري رنگ ڀورو ۽ شڪل سھڻي ھئس ۽ ڪنن ۾ ڪيوٽيون ھئس. زليخا کي ڏڪندو ڏٺائين تہ مٿان کڻي کٿي ورايائينس. ھوءَ سڄي ويڙھجي سيڙھجي انھيءَ جوان جي ڀاڪر ۾ ھلي ويئي. ھوءَ آھستي آھستي ھوش ۾ ايندي پئي وئي. ھن ڳيتون ڏئي، رڙ ڪرڻ چاھي ”جن – جن“ پر کانئس صرف ڀڻڪو نڪتو، جيڪو ھن ٻڌو. ڀوري جوان سندس منھن تي ھٿ ڏنو.
”ھا اسين جن آھيون. ڪوھ سليمان کان آيا آھيون. مان جنات جي بادشاھ جو پٽ آھيان. ھيءُ منھنجو وزير آھي – اسين پرين جھڙي شھزادي کي نقصان نہ پھچائينداسين.“
زليخا ھن کي ماٺ ميٺ ۾ تڪيندي رھي. جنات جي شھزادي جو ٻڌي ھوءَ انھن خوابن واري شھزادي ڏي ھلي وئي. جنھن کي اڃان ھاڻ خواب ۾ ڇڏي آئي ھئي. ھوءَ آھستي پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيھي رھي.
سندس اکيون حيرت ۾ ڀريل ھيون. ھيءُ تہ ساڳيو شھزادو آھي، سھڻين نيرين اکين، ڀوري رنگ وارو شھزادو. ھوءَ ھاڻ ڪنڌ جهڪائي بيھي رھي، ھو وٽس وري وڌي آيو. ھن سندس اڇڙو ھٿ ورتو، پوءِ ھڪ آڱر ۾ ڇلڙو پارايائينس. پيار مان کيس ويجهو ڪيائين ۽ ھٿڙو کڻي چپن تائين آندائين.
ھوءَ ان ڇھاءُ ۾ ٻڏي وئي ۽ اکيون بند ٿي ويس. ھن کي سمڪ ئي نہ رھي، اِئين اوچتو، ھن محسوس ڪيو تہ اتي ڪير بہ نہ ھو. ھن يڪدم اکيون کوليون. ھيڏانھن نھاري ھوڏي نھاري، يڪدم ٻاھر نڪتي. ماڻس ورانڊي جي ڇپري وٽ بيٺي ھئي، ”چور – چور“ ماڻس اوچتو رڙيون ڪيون. ھوءَ وٽس ڊوڙي آئي، “نہ امان چور نہ ھئا. جن ھئا جن.“
”تو ڏٺا ڇا؟“
ماڻس تيئن رڙيون ڪيون، ”چور – چور – جن – جن – چور – چور – جن – جن . . . . “
زليخا سندس وات تي ھٿ ڏنو، پر ماڻس حالون بي حال ھئي. سڄي حويلي جاڳي پئي، زليخا جو پيءُ وڏو خان، آدم خان، بندوق سوڌو ٻاھر نڪتو. ھو سڌو حويلي جا ڪڙا ڪنڊا لاھيندو، ٻين پٽن سان گڏ ٻاھر نڪري ويو.
زليخا گم سم ورانڊي جي ٿنڀي کي جهليو بيٺي ھئي. اوچتو ھن بندوقن جا ٺڪاءَ ٻڌا. ھوءَ سڄي ڏڪي وئي.
”اڙي ھنن کي نہ ماريو. ھو جنات آھن. جنن جو شھزادو ۽ ساڻس وزير آھي. امان ھنن کي چئھ تہ بندوقون نہ ھڻن. ھو شھزادا آھن.“
ھوءَ ائين چوندي ساڻي ٿي ڪري پئي.
مون پڦي زليخا کي تڏھن ڏٺو، جڏھن پل ھيٺان گهڻو پاڻي وھي ويو ھو. پڦي زليخا جا وار چانديءَ جو روپ وٺي چڪا ھئا. پڦي زليخا لاءِ اھو مشھور ھو تہ ھن تي جنن جو اثر آھي. حقيقت ۾ پڦي زليخا جا وارث سندس ڀائر ھئا. جن ڪنھن بھاني سندس سڄي ڄمار وڃائي ڇڏي. متان ملڪيت ٻئي گهرن ۾ نہ وڃي. پڦي زليخا اسان جي ابي جي سوٽاڻي لڇ ۾ سؤٽ ھئي. مان جڏھن بہ پڦي زليخا جي گهر ويندو ھئس، ۽ ساڻس ملندو ھئس تہ سندس ٻھڪندڙ منھن جي ڏيا مون کي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي ھئي. مان ويجهو بہ ھئو سانس ۽ لاڏلو پڻ. پر پڇڻ جي ھمت مون ۾ نہ ھئي. پر ھڪ ڏينھن ھمٿ ڪري کائنس پڇي ويٺس. ھوءَ ان ويلي چلھ تي ويٺي ھئي ۽ کير پئي گرم ڪيائين.
”پڦي اڄ تہ ان جنن جي شھزادي واري ڳالھہ ٿي وڃي. ڀلا اھو شھزادو ڪيئن ھو؟“
ھوءَ مرڪي ويٺي، سندس اکين ۾ جوت اچي وئي.
”شيطان، توکي بہ ماڻھين ۽ ماسين ڀريو آھي. اھو شھزادو تو جھڙو ھو، بس.“
”نہ پڦي، ڳالھہ تہ ڳالھہ آھي. پر مون کي تو کان ڳالھہ ٻڌڻي ضرور آھي. پڦي ڏس مان تنھنجو لاڏلو بہ آھيان نہ. توکي اصل ڳالھہ ٻڌائڻي پوندي پڦي!“
ھاڻ پڦي زليخا روئي ويٺي.
”مون کي سڀني ڏاڍو بدنام ۽ ڪوڙو ڪيو. مٺو اِنھيءَ ڪھاڻيءَ تہ منھنجي سڄي حياتي ويران ڪري ڇڏي. ڀائرن بنھہ ويھاري ڇڏيو، ڄڻ اھو شھزادو موٽندو ۽ مون کي وٺي ويندو. ڳالھہ ٿي سا ٿي. ان جي ڪھڙي پچار ڪجي. مون ڪھڙو گناھہ ڪيو آھي.“ ھوءَ ماٺ ٿي وئي.
مون کيس وڌيڪ ڏکوئڻ نہ پي چاھيو، پر ورھين کان اندر ۾ دٻيل ھڪ سوال ھيئين تي ھري آيو. بي اختيار پڇيومانس، ”پڦي چون ٿا تہ ھو جن نہ ھئا، ٻہ مشھور چور ھئا. جيڪي پوءِ وڏي خان، آدم خان ڳولي ڦولي ھٿ ڪيا ۽ مارائي ڇڏيا ھئا.“
پڦي جو منھن ڪاوڙ ۾ ڳاڙھو ٿي ويو. ھن لوئيءَ مان ھٿ ڪڍيو، ”بي گناھ مارائين تہ ڀلي مارائين، پر پوءِ ھيءُ ڇا آھي.“ مون ڏٺو تہ سندس ھٿ تي سڙڻ جو نشان ھو، ڄڻ تہ ٻن چپن جا نشان ھئا. ھوءَ فخر سان اٿي بيٺي ڏانگاڻي تان ھڪ داٻلو کنيائين ۽ پوءِ ان کي کولي ھڪ ڇلو ڪڍيائين. ھن جيئن مون کي ڇلو ڏنو، تہ مون ۾ عجيب ڪرنٽ ڊوڙي ويو. مون ڇلي کي ڏٺو ان تي ھڪ عجيب مھر اڪريل ھئي. مون ڇلي کي جيئن اٿلايو پئي تہ ڊپ پئي ٿيم ۽ مھر تان نگاھہ ئي نہ پي ھٽي. مون يڪدم پڦيءَ ڏي نھاريو.
پڦي ان ويلي کير جي ھنڊي ڏانھن جهڪي، کير اڀامي ويو ھو ۽ وھيو پي. ھن آرام سان اڀامندڙ کير جي ھنڊي پنھنجي ھٿن سان لاٿي، بنا ڪنھن ڪپڙي جي ۽ کير سندس ان سڄي ھٿ تي وھي ويو، جت چپن جھڙا نشان ھئا. ھن سوسٽ بہ نہ ڀريو. نہ وري سندس ڪو ھٿ سڙيو، ھوءَ جيئن سنئين ٿي تہ مون سندس چھري تي ايتري ڏيا، روشني ۽ پختائي ڏٺي، جو مان ڊڄي ويس. پوءِ مان آھستي آھستي اتان کسڪي آيس.
پڦي زليخا وٽ اڄ بہ ويندو آھيان، پر ساڻس وري ان جنن جي شھزادي جي باري ۾ ڳالھہ نہ ڪئي اٿم، ڇاڪاڻ تہ مان ھاڻ پڦي زليخا کان ڊڄندو آھيان.
*