ڪھاڻيون

جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

سنڌي ٻوليءَ جي افسانوي ادب ۾ حميد سنڌي ھڪ مٿانھون مقام رکي ٿو.  حميد سنڌيءَ جو مطالعو وسيع آھي، پر سندس لکڻين تي ڪنھن بہ ڏيھي توڙي پرڏيھي اديب جي ڇاپ نہ آھي. سندس موضوع ۽ ڪردار سنڌ جا عام موضوع ۽ ڪردار آھن ۽ ڪھاڻي لکڻ جو ڍنگ سادو، سلوڻو ۽ دل کي ڇھندڙ آھي. سندس ڪھاڻيءَ جي پڄاڻي پڙھندڙ کي ڇرڪ ڀرائي وجهي ٿي. حميد ڪھاڻي لکڻ لاءِ ڪنھن بہ تصوراتي دنيا جو سھارو نٿو وٺي. سندس ڪھاڻيءَ جي تاڃي پيٽي ۾ موضوع کان وٺي ڪردار نگاريءَ تائين، منظر نامي کان ويندي مڪالمن تائين، سنڌي ماڻھن جي زندگي جهلڪندي آھي. اھا حقيقت پسندي سندس ڪھاڻيءَ جو خاصو آھي. 

  • 4.5/5.0
  • 20
  • 0
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حميد سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ بہ تنھنجي جيءَ سان

خانو چور نہ آھي

خانوءَ آھستي آھستي ڪري ڪرسي ريڙھي ۽ ڪٻٽ سان لڳائي ڇڏي. ٽپ ڏئي ھو ڪرسيءَ تي چڙھيو. ڪٻٽ جو مٿيون تختو اڃا مٿي ھو پر ھن ھٿ سان ھٿوراڙيون ڏنيون. سندس ھٿ سڌو وڃي پيالي کي لڳو. ننڍڙين آڱرين سان ھن پيالي کي ريڙھيو. پيالو اتي ئي اونڌو ٿي پيو ۽ ڇڻ ڇڻ ڪري آنڪيون، ٻيانيون ۽ پائليون اچي ھيٺ پٽ تي پيون. ھو ڇڻڪي تي سڄو ڏڪي ويو ۽ ڪا گهڙي اتي ئي ڄمي بيٺو رھيو. پوءِ جڏھن ڪو ٻيو آواز نہ ٿيو تہ ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. کيس ڪو بہ نظر نہ آيو. ھو ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. ھن پٽ تي ٽڙيل پکڙيل ڏوڪڙن جو وڻندڙ لقاءُ ڏٺو. ڪٿي آنڪيون ھيون تہ ڪٿي ٻيانيون تہ ڪٿي پائليون. ھن ھڪ ھڪ ڪري سڀ ڏوڪڙ ميڙيا، ٻئي لپون ڀرجي ويس. ھو ڪرسيءَ جي تختي تي مٺيون کوڙي وري چڙھي ويو ۽ اڀو ٿي بيٺو پر بيوس ڀانئي وري لھي آيو. سڀ ڏوڪڙ پٽ تي رکيائين ۽ ٽپ ڏئي وري ڪرسيءَ تي چڙھي ويو. آڱريون تختي تي ڦيرائيندي ٻيا ڏوڪڙ بہ ھيٺ ڪيرايائين ۽ پوءِ پيالي کي ھڪ ھٿ سان ريڙھي ٻئي ھٿ ۾ کڻي جهپيائينس. ھاڻ پيالو سندس مٺ ۾ ھو. ھن ھيٺ لھي وري ڏوڪڙ ميڙيا ۽ ٻين ڏوڪڙن سان ملائي پيالي ۾ وڌائين. ھو ڌيان سان ڏوڪڙن کي ڏسندو رھيو. ھن ھڪ آنڪي کنئي وري واپس پيالي ۾ وڌائين وري پائلي کنيائين وري پائلي ڇڏي ٻياني کنيائين. ھو چمڪور ٻيانيءَ کي ڏسندو رھيو، جنھن تي انگلنڊ جي بادشاھ جي شڪل ڇاپيل ھئي. ھن پيالو اتي رکيو ۽ ڪمري کان ٻاھر نڪتو. وھنجڻ جي جاءِ مان ڪپڙن جي سٽڻ ڪٽڻ جو آواز آيو پئي. ھو بي اونو ٿي اڱڻ ۾ ڪجهہ ڳولڻ لڳو. پوءِ ھو رڌڻي ۾ گهڙيو ۽ ڪاٺ جي صندلي ۾ يڪدم ھٿ وڌائين ۽ اڇل ڏئي کنيائين. سندس صندليءَ جو پاسو ديڳڙيءَ ۾ پيل ڪيويءَ سان لڳو ۽ ديڳڙيءَ جي ڍڪ وڃي ھيٺ سٽڪو ڪيو. ھو پنڊ پھڻ ٿي ويو. ڪپڙڻ سٽڻ ڪٽڻ جو آواز بيھي ويو. ۽ ماڻس جو آواز آيو؟
”ڪير آ.“
ھن جواب نہ ڏنو ۽ آھستي سان ڍڪ کڻي ديڳڙيءَ مٿان رکيائين. پوءِ لوھ پائي صندليءَ سوڌو ڪمري ۾ گهڙي ويو. ھو ھاڻ سھڪي پيو. ھن وڌي دريءَ مان ٻاھر نھاريو. ماڻس وھنجڻ جاءِ جو در کولي رڌڻي ۾ نھارڻ لڳي. پوءِ ھوءَ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ڪنڌ کي لاڙي وري وھنجڻ جاءِ ۾ گهڙڻ لڳي. کيس وري خيال آيو ۽ ڪنڌ ڪڍي ٻاھرين در ڏانھن نھاريائين. اھو کيس بند نظر آيو ۽ پوءِ وھنجڻ جاءِ جو در وري بند ٿي ويو ۽ خانوءَ جڏھن ڪپڙن جي سٽڻ ۽ ڪٽڻ جو آواز جاري ٻڌو تہ کيس پيٽ ۾ ساھ پيو ۽ وڃي ساڳي ڪرت سان لڳو. صندلي ڪرسيءَ تي رکي پيالو ھٿ ۾ جهلي جيئن ھو مٿي چڙھيو تہ ڪٻٽ جي ڇت صاف پئي نظر آيس. ھن آرام سان پيالو اتي رکيو ۽ ٽپ ڏيئي ھيٺ لٿو. جيئن ھن صندلي ھٽائي تہ اوچتو سندس ڪن ٻرڻ لڳا:
”خانو چور آھي.“
”خانو چور آھي.“
”خانو چور آھي.“
ھو يڪدم ڀڻڪيو، ”خانو چور نہ آھي، خانو چور نہ آھي.“
ائين چرين وانگر ڀڻڪندي ھو وري ٽپ ڏئي مٿي چڙھيو. ٻياني کيسي مان ڪڍي واپس پيالي ۾ وڌائين. پوءِ ڪرسي پنھنجي جاءِ تي رکيائين. صندلي لوڏيندو رڌڻي ۾ آيو ۽ صندلي ڦٽي ڪري آرام سان اڱڻ لتاڙي در کولي ٻاھر نڪري آيو.
ھو جيئن اسڪول پھتو تہ رسيس ختم ٿي چڪي ھئي. ھو ڊڄندو ڪلاس ۾ گهڙيو. ماستر بورڊ تي حساب لکي رھيو ھو، تہ ھو ماٺ ميٺ ۾ اچي بينچ تي ويھي رھيو. ڇوڪرن جي ڀڻڪي تي ماستر پٺتي نھاريو.
”ڇا جي مستي آھي!“
ھڪ نينگر يڪدم چيو، ”سائين خانو . . . “
”خانوءَ کي ڇا ٿيو آ. ڇا ھي ڙي، خانو؟“
خانو اٿيو ۽ بي اختيار کانئس نڪتو “نہ، سائين خانو چور نہ آھي.“
ماستر وائڙو ٿي ويو. ”اڙي وري ڪا مستي سجهي اٿو؟“
يڪدم لڪڻ کڻي خانوءَ تي الاريائين.
خانوءَ يڪدم چيو، ”سچي سائين خانو چور نہ آھي.“
ڇوڪرن کلڻ ۽ کجڪڻ شروع ڪيو. ماستر لڪڻ سان ميز تي وڏو ٺڪاءُ ڪيو.
”خاموش! ھاڻي جنھن بہ مستي ڪئي تہ بخيا اڊيڙي ڇڏيندومانس.“
پوءِ ھو بورڊ تي حسابن جي جوڙ ڪٽ ۾ غرق ٿي ويو. خانو سڄو وقت ائين ويٺو رھيو، ڄڻ ھو ڪلاس ۾ ھوئي ڪونھ. ڪيڏي مھل گهنڊ وڳو ۽ موڪل ٿي، ڪيڏي مھل ڇوڪرا اٿيا ۽ ڪلاس مان نڪتا، کيس سمڪ ئي نہ رھي. ائين ڪو اچي ڀر ۾ بيٺس ۽ کيس ڌونڌاڙيائين.
”ھل ٻاھر. ھل ڙي، خانو چور!“
ھن ڪنڌ کڻي مٿي نھاريو. پيرو سندس پاسي ۾ بيٺو ھو. خانو کيس ڏسي چيو:
”پيرو! خانو چور نہ آھي. خانو چوري نہ ڪندو.“
”خانو چوري نہ ڪندو تہ ڇا ڪندو. ھلاءِ ٻياني. صبح وعدو ڪيو ھو. آنڪي مان اگه چڙھي ٻيانيءَ تي پھتو آھي.“
”پيرو، مان روز تنھنجي آنڪي ڀري آھي. ھاڻي ٻياني نہ ڀريندس.“
”پوءِ تيار ٿي وڃ پٽ!“
ھن ھڪدم ٻاھر بيٺل ٻن ڇوڪرن کي سڏ ڪيو، ”روشو، گلو، اچو ڀلا.“
خانوءَ ڏٺو تہ اسڪول خالي ٿي چڪو آھي ۽ ٽي شودا سندس دڳ جهلي بيٺا آھن، تنھن ھوندي بہ ھو نہ گهٻرايو.
”اڙي ڪڍ ٻياني.“
”ڪانھي ٻياني. داداگيري آھي ڇا؟“
”داداگيري ئي سمجه. جيئرو نہ بچندين.“ ائين چئي پيروءَ کيس ٺڪاءُ ٺونشو ڪرايو. ھو نٻل ڪمزور نينگر جو اڳي ئي پنھنجي ڪمزور ھجڻ ڪري پيداگيرن جي آنڪي ڀريندو ھو، سو سٽ ڪھڙي جهلي سگهيو پئي.
ھو بينچن مٿان بولاٽيون کائيندو وڃي ڪريو ۽ ھڪ بينچ ۾ لڳل لوھ جو بٽ لوندڙي چيري ويس. ھو آھستي سنئون ٿيو ۽ بينچن مان نڪري ٻاھر آيو ۽ ھاڻ رت ٺينڍيون ڪري پئي وھيس.
”ھاڻ مان ٻياني تہ ڇا آنڪي بہ نہ ڀريندس، پٽ. خانو چور نہ آھي.“
پيرو ۽ سندس شودا ساٿي ھئا تہ جانٺا ۽ متارا پر جو رت ڏٺئون ۽ نٻل نينگر جو ڀوائتو منھن پسي ھو وٺي ڀڳا.
خانو ٿڙندو ٿاٻڙندو رڙيون واڪا ڪندو ”خانو چور نہ آھي پٽ. خانو تہ ٻياني تہ ڇا پر آنڪي بہ نہ ڀريندو“ اسڪول جي ٻاھران نڪتو. سندس ڪلاس جا ڪجهہ نينگر اڃا گيٽ وٽ بيٺل ھيا.
”اڙي نورا، اڙي شمن، علڻ، رحيم، ٻڌو، ڪو بہ ھاڻي پيروءَ ۽ سندس شودن جي آنڪي نہ ڀريندو. ڪو بہ چوري نہ ڪندو. سمجهو ٿا، ڪو بہ شودن جي ٽولي جي آنڪي نہ ڀريندو. ٻڌو ٿا؟“ ھو ائين رڙيون ڪندو ٿڙيو ۽ ڪرڻ تي ھو تہ سڀني کيس سنڀالي ورتو. ھو اڃا وڦلي رھيو ھو.
”ھو ڏسو سامھون وڃي ٿو پيرو ۽ سندس شودن جو ٽولو. نہ ڇڏينداسون ھمٿ ڪيو، وڌو ھمٿ ڪيو.“ نينگرن ھڪٻئي ڏي نھاريو ۽ پوءِ سٽ ڏئي پيروءَ ۽ سندس ٽولي ڏانھن ڀڳا. ويجهو وڃي ھو ھٽڪي بيھي رھيا. ھاڻ شودن جي ٽوليءَ ۾ ٻيا بہ ٻہ ڄڻا ھئا. پيرو ۽ سندس ساٿي کين خونخوار نظرن سان ڏسي رھيا ھئا. پٺيان خانوءَ جو وري آواز آيو:
”آنڪي ڪير نہ ڀريندو وٺون، نہ ڇڏيون.“ ھنن پوئتي خانوءَ ڏي نھاريو جو رت ڳاڙيندو ٿڙندو انھن ڏانھن آيو پئي. کيس رت ڳاڙيندو ڏسي سندن اکين ۾ بہ رت ٽمي آيو. پوءِ ھو طوفان وانگر ڇانئجي ويا. نٻل ڪمزور آنڪي ڀريندڙ نينگر ھينئر شينھن ھيا ۽ ھڻي ٽنھي شودن کي ڊاھي وڌائون.
خانو رت ڳاڙيندو بہ ور ور ڪيو حملا پي ڪيا. سندس نعرن کين پئي ھمٿايو، اڄ ڏينھن پويان ڪمزورن جي سرسي ٿي ھئي. ھو ھاڻ نعرا ھڻي رھيا ھئا، ”ھاڻ ڪير بہ آنڪي نہ ڀريندو ڪير بہ چور ناھي. ڪير بہ چوري نہ ڪندو. ڪير ٻياني تہ ڇا آنڪي بہ نہ ڀريندو.“
شودن ڀڄڻ جي ڪئي پر ھنن اصل کڻي دسين. کين مرڻ جھڙو ڪري ڇڏيائون. ساٿين ساھي پٽي. ھاڻ چوڌاري خاموشي ھئي. ڪو بہ نعرو نہ ھڻي رھيو ھو. ھنن خاموشي ۾ سڃاتو تہ خانوءَ جو آواز بہ نہ ھو. ڏٺائون خانو خاموش اونڌو پيو ھو. ھو ھاڻ نعرو بہ نہ ھڻي رھيو ھو. پر سندس چپن تي مرڪ ھئي، چچريل ۽ رتائون منھن ٻھڪي رھيو ھو. ھنن جڏھن سندس ڪمزور، بي جان ۽ نٻل جسم کي کنيو تہ ھنن کي ائين لڳو تہ ڪنھن ڳري بت واري جوڌي جوان کي کڻي رھيا ھجن.