ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

مهاڳ

وري ايندس مان

هڪڙا هوندا آهن دنيا جا دستور!!!.
۽ هڪڙا هوندا آهن دل جا دستور.
دستور مڙوئي دستور پر دستور هوندا ضرور آهن.
جيئن دنيا پنهنجا دستور جوڙي وٺندي آهي ائين دل به پنهنجا دستور جوڙي ڇڏيندي آهي پر جيڪا دل ڪي دستور جوڙي نه سگهندي آهي، اها دل دنيا جي دستورن تي هلندي آهي ۽ دنيا جا دستور ئي قبول ڪري سفر گهاريندي آهي!!.
پر منهنجي دل.........
پر منهنجي دل........... دنيا جي دستورن کان الڳ ٿلڳ ڪي پنهنجا دستور جوڙي ڇڏيا ۽ مان هميشه پنهنجي دل جي انهن دستورن هٿان مجبور ئي رهيو آهيان ۽ پنهنجي دل جي دستورن تي ئي هميشه هلندو رهيو آهيان!!.
دل غفائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
دل ڏسائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
دل خلائن ۾ هلايو، هلي پيم مان.
خواب، رُڃ، صحرا، سُڃ، سمنڊ، جاڳ، چانڊوڪيون، اوڻٽيهون، رستا راهون، پيچرا، سفر........... ۽ ڀِٽ جو پڌر!!.
هيڏانهن هل.
هوڏانهن هل.
هل ته هل!!. جيڏانهن ڀي دل چيو مان هلي پيم.
مون دل جا دستور عزيز رکيا آهن. جا ڪچهريءَ دل کي نه آئڙي اها ڪچهريءَ مان اڌ ۾ ڇڏي هليو ويم، جت ترسي پوڻ، رڪجي وڃڻ تي دل ٿي اتي مان پهڻ ٿي پيم، ڏونگر ٿي پيم، ٽڪر ٿي پيم، ٽري نه سگهيم، ڪڪر ٿي پيم، وسي نه سگهيم!!.
الاءِ ڇو هر هر، هر هنڌ مون دل کي ئي ترجيح ڏني آهي ۽ پنهنجي دل جي دستورن تي مان خوش آهيان. ڪنڊا ڪيترا پيرن جي ترين ۾ آهن مون نه ڳڻيا آهن!!!.
منهنجي دل پنهنجا دستور ڪڏهن جوڙيا؟؟.
ڪهڙي پل؟؟.
ڪهڙي لمحي؟؟.
اها ڪهڙي گهڙي هئي جنهن مهل منهنجي دل، دنيا جا دستور ٺُڪرائي پنهنجا دستور ئي بڻايا؟؟.
مون کي ڪا سُرت ناهي!. مون کي ڪا ياد به نه آهي ته اها گهڙيءَ، اهو پل، اهو لمحو ڪهڙو هو جو مون غم ماضيءِ دل تي اڪريل هوندي ڀي، ياد هوندي ڀي، مرڪي مرڪي پئي سدائين ڀلايو آهي ۽ هميشه ائين ئي رهيو آهيان ڄڻ ڪجهه ياد نه اٿم ۽ مان اڳتي وڌيو آهيان پر اهو ڀلائڻ، منهنجو ڄڻ خود کان نٽائڻ ئي آهي بس........
جو ياد ته دل ۾ رهجي ئي ويندي آهي ۽ زخم دل تي اٻرندا رهندا آهن!!.
جڏهن ڀي جنهن پل ڀي مون پنهنجي اندر ۾ پهرين ڀڃ ڊاهه ٿيندي ڏٺي هئي ان لمحي مون دنيا جا دستور ٺُڪرائي ڇڏيا ها!!!.
مان دل جي دڳ تي لڳي پيو هئس.
موٽ ۾ دل ڇا ڏنو؟، ڇا ورتو؟، اهو ڪنهن کان ڳُجهو هئڻ نه گهرجي جو سڀڪو ڄاڻي ٿو دل ته سودائيءَ ئي هوندي آهي ۽ سودائيءَ کان سواءِ دل ڪجهه به نه هوندي آهي!!.
دل ئي اها هستيءَ آهي جيڪا کلندڙ وجود کي اٽڪائي، سٽڪائي، لٽڪائي ڇڏيندي آهي ۽ هستيءَ جي مستيءَ ڌُڌڙ ڌُوڙ ڪري ڇڏيندي آهي پر هستيءَ جي اها مستيءَ سانڍڻ دل جي دستورن جو ڪم آهي سو مان پنهنجي دل جي دستورن جو مُنڪر نه آهيان، مان پنهنجي اڳيان پاڻ ڪمزور رهيو آهيان، ائين چوان ته مان پنهنجي دل آڏو ئي بيوس رهيو آهيان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. دل جڏهن به ڪي نوعيتون نه مڃيون آهن ۽ دل جگر ڪنهن پيڙاءُ جو شڪار ٿيو آهي تڏهن ڪهاڻي منهنجي موٽ جو سبب بڻي آهي ۽ مان موٽي ڪهاڻي ڏي ئي وريو آهيان، مون جڏهن به دنيا جي ڪنهن دستور کان منهن موڙيو آهي تڏهن مون ڪا ڪهاڻي لکي آهي.
ڪهاڻي مون فقط دنيا جي دستور کي ٺڪرائڻ مهل لکي آهي.
ڪهاڻي مون فقط دل جي دستور کي مڃڻ مهل لکي آهي.
باقي هونئن مان تنها سفر جو هيراڪ رهيو آهيان، کيتر کيتر، وک وک مان اڪيلائي سان هليو آهيان ۽ هلندو اچان ٿو ۽ هلندو ايندس.......
مان ڪميٽڊ ليکڪ به نه آهيان ۽ ڪڏهن ڪميٽڊ ليکڪ ٿي به نه سگهندس جو هڪ ته دل جا دستور ئي اهڙا اٿم جيڪي ڪڏهن ائين ٿيڻ به نه ڏيندا ۽ ٻيو ته مان ونڊيو، ورڇيو، ورهايو پيو آهيان، جيون سمورو بي انت نموني وکريو پيو آ. ٿانيڪو ڪجهه به نه آهي، جو ڀي آهي سو سڀ اڻ ٿانيڪو ئي آهي!!.
جيون سمورو جيئن به آهي جهڙو به آهي پر پڪ اٿم جڏهن به دل اندر ذرو به ولوڙ وريو ۽ دنيا جي ڪنهن دستور ڪڏهن به پاسو واريو ته مان ڪا ڪهاڻي لکڻ کان رهي نه سگهندم.
هي سڀ ڪهاڻيون، هنن سڀني ڪهاڻين جا ڪردار ڪٿي نه ڪٿي سچا ضرور آهن، جن جي ڀڃ ڊاهه منهنجي اندر ۾ ٿي ڪاغذ تي لٿي آهي باقي هونئن ته مون ڪڏهن مهينن جا مهينا به نه لکيو آهي پر ڪنهن واقعي جي دل مٿان گُذرڻ مهل مان خود واقعي جو ڪردار ٿي پيو آهيان، مان مريم شاهه ٿي پيو آهيان، مان شانتي ٿي پيو آهيان، مان شميءَ، نقيءَ، عرفان، وڏي رئيسياڻي، ڪلارڪ، ڀوتار، ڊاڪٽر، مولوءَ......... سڀ جا سڀ مان ٿي پيو هان.
ڪردار ٿي پوڻ کان پوءِ انت ۾، مون سدائين هڪ مُختصر ويهڪ ۾ ئي ڪهاڻي لکي آهي ۽ ائين ئي مون هر ڪهاڻي هر واري لکي آهي!!.
ڪهاڻي لکندي مون محسوس ڪيو آهي ته اسان جي خوشنصيبيءَ آهي جو اسان سنڌ جي جنت ۾ ڄاوا آهيون.
۽ اسان جي بدنصيبيءَ آهي جو اسان اهڙي وقت ۾ ڄاوا آهيون جو بگهڙن کان وڌ اسان کي ڀئو چوڪيدارن مان آهي.
ڪوڙ کي سچ تي سرسيءَ ۽ سچ کي ڌوڙ ٿيندي اسان جابجا ڏٺو آهي.
اسان روح جي انيڪ المناڪ حادثن جا عيني گواهه آهيون!!.
اسان پيڙهيل طبقي جا نچوڙيل ۽ نهوڙيل وجود آهيون، اسان عشق جي الفيءَ وارا، من جي ماتمڪدي ۾، حسرتن جا لاشا گهلڻ وارا فقير منش دل جي دستورن جا مجاور ماڻهو آهيون جيڪي فقط اٻوجهه قوم جي بيوسي جا شاهد آهن!!!.
ڪاش اسان پنهنجي قوم جو آجپو پنهنجي اکين سان هن ئي جيون ۾ ڏسي سگهون............. پر پري پري تائين ڀاڳيا ۽ بگهڙ واڙي جي واٽ وٺيو ڳٺ جوڙ ۾ ٿا ڏسجن، سندن هنيل گهات قوم جي هر روح تي هنيل گهات آهي.
دل جا دستور گهلي ٿا وڃن وري وري ڪنهن ٻي ڏسا ۾...... پر اندر جو اٻڙڪو ڳِهيءَ نٿو سگهجي!!. موٽ کائبي ڪهاڻي ڪتاب ڏانهن جتي مان اوهان سان مخاطب آهيان، هن ڪتاب جو نانءُ مون ته رکيو هو وري ايندس مان.
پر انهي ئي دل جي دستور نهڪر تي سندرو ٻڌو ۽ مان منجهي بيهي رهيم پر دل سودائيءَ کي مان مڃائي نه سگهيم ۽ موٽ ۾ دل سودائيءَ مون کي ئي مڃائي ورتو.
سو هي ڪتاب وري ايندس مان منجهان مان هت جنم نه وٺندس ٿي پيو آهي جو المناڪ حادثا روح تي گهاؤ بنجي لهن ٿا، اهي حادثا روز بروز اسان سڀن جي آس پاس ڪٿي نه ڪٿي جنم وٺندا ٿا رهن ۽ اسان گناهگارن کي ڇڏي معصومن کي سنگسار ڪري ڇڏيون ٿا ۽ ناحق ٿيندي ڏسندا رهون ٿا.
ائين هي ڪتاب وري ايندس مان منجهان، مان هت جنم نه وٺندس بڻيو آهي ۽ هي ڪتاب مون انهن ئي ارواحن کي ارپيو آهي جن کي پنهنجي گُناهه جي خبر ڀي ناهي ۽ جيڪي ڪُن فيڪون کان تُرت ئي پوءِ تيغ ترار ٿي پيا آهن!!.
آخر ۾ مان پنهنجي سڀني پيارن جو احسانمند آهيان جن مون بي وڙي تي ور ور پئي انيڪ وڙ ڪيا آهن، مان احسانمند آهيان پياري زيب جو جنهن هن هوڏي ۽ بي رحم وقت جي مصروف گهڙين مان ڪو وقت ڪڍي هن اسڪرپٽ کي پنهنجي مطالعي ۾ آندو ۽ اصلاحي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي راءِ ڏني ۽ مان رکيو. مان ڪجهه سڄڻن لاءِ بنهه اجنبيءَ هيم جو محترم عزيزن سان ڪڏهن ڪا ملاقات ته نه رهي هئي پر ڪڏهن ڳالهه ٻولهه به نه رهي هئي، پهريون ڀيرو ئي تعارف ڪرائي مان دوستن جو دڳ جهلي بيهي رهيم، ڪشڪول خالي نه آيو، اهو سندن قرب آهي سو سڀنيءَ سڄڻن مون سان خوب نڀايو تنهن جا لک لائق.
مان پنهنجي ويجهن دوستن کي به نٿو وساري سگهان جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح مون لاءِ اتساهه ئي رهيا آهن.
نه ڪڪر، نه ڪڪري، نڪي ميگهه ملهار،
نه وس نه واسو، نڪي ڌڻ ڌنار،
ثابت هيا سيد چئي، ويڙهيچا منجهه ولهار،
آئون انهن جي آڌار، پئي مُرڪان ملير ۾.
هڪ هُوءُ هستي مُرڪي پئي هُن ملير ۾ ٻيو مان مُرڪان پيو هِن ملير ۾ ٻنهيءَ جي مُرڪ جو آڌار فقط ثابت هُيا سيد چئي جي سِٽ ۾ آ.
اها سِٽ ڀوئنري ۽ نرگس جو نباهه آهي، پوپٽ گل کان جدا ٿي نٿو سگهي ۽ گل پوپٽ کان سواءِ جيءُ نٿو سگهي، قرب قائم آهي ڀوئنري ۽ نرگس جو ۽ اهو ازل کان ابد تائين رهڻو آ، جڏهن ڀي نرگس ڀوئنري جي ديوانگيءَ ڏسي دل جا دستور نه سمجهي سگهيا آهن تڏهن نرگس هر هر ويچار ڪيو آهي ته ڀئونرو ديوانو آهي، مجنون آهي، سودائيءَ آهي، سائيڪو آهي شايد.........
پر نه ڀئونر کي دنيا جا دستور نه آئڙيا آهن ۽ نرگس دنيا جي دستورن کان ٻاهر نه نڪتي آ. تضاد فقط دستورن جو آ نه ته نه ئي ڀئونرو ڏوهي آ نه ئي نرگس قصور وار!!.
سو نرگس جو ڀئونر کي ائين ڪوٺڻ بجا به آهي ۽ بجا نه به آهي ته ڀئونر جو اِهو گُمان ته ڪو نرگس ڀئونر بِنان ڪومائجي پوندي، ٽِڙڻ وسري ويندس، ٽهڪڻ، چهڪڻ ڀُلجي پوندس جي ڀئونر پتنگ ٿي پيو ۽ سج جي روشن ڪرڻن سان چمڪندڙ شمع وانگر نرگس جي هستيءَ تائين پُڄندي جلي هلي پيو ته نرگس ڪومائجي سونهن وڃائي ويهندي جو نرگس جو تعلق ڀئونر سان گهٽ موسم سان وڌيڪ آهي، نرگس ته موسم جي محتاج آهي، موسم سان ٽِڙڻ ۽ وکرڻ نرگس جو منطق آهي باقي ڀئونري جو واس وٺڻ جيڪو رب کي منظور جي ٺلهي آٿت آهي سو بجا به آهي ۽ بجا نه به آهي!!.
موسم جي ٽين ڌُر نرگس ۽ ڀوئنري جي وچ ۾ حائل آهي پر ڪي سٻنڌ اٽوٽ هوندا آهن جن کي اکوڙي نه سگهبو آهي پر دنيا جا دستور جن لاءِ نرگس چيو جيڪو رب کي منظور.............
دنيا جا دستور ڪيڏا ڀي مظبوط ڇو نه هُجن پر دل جي دستورن اڳيان ضعيف آهن ۽ ڀئونر پتنگ ٿيڻ کان مُڙي نٿو سگهي توڙي جو نرگس..........
ڳالهه اڌوري جيون وانگر اڌوريءَ چڱي آ بس ڀئونر جڏهن نرگس کي آخري مِٺي ڏني ۽ ڪن ۾ چيائينس؛ “وري ايندس مان”، ائين ئي مان ڀي چوان ٿو هن ڪتاب کان پوءِ ڀي وري ايندس مان.
ثابت هيا سيد چئي..............
آئون انهن جي آڌار، مرڪان پئي ملير ۾.

امداد ڪانهيو
14 آگسٽ 2013

تجويزن ۽ راين لاءِ

امداد ڪانهيو
پوسٽ آفيس 12 ميل، جوڻيجو فارم، تعلقع سنڌڙي،
ضلع ميرپورخاص، سنڌ.
0300-2366746، 0334-2800911، 0345-1330711،
imdadkanhio@gmail.com