ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

هُوءَ مري وئي

هُوءَ مري وئي

“هُوءَ مري وئي آهي!!.”.
انتهائيءَ ڏُٻري ۽ ڪمزور شخص، جنهن جو بُت ڪنهن هڏائين پنڃري کان گهٽ نه هُيو، اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس ۽ مُنهن سُڪل چُوپي جهڙو هئس، اڌ اڇي مٿي واري اُن شخص چيو؛ “هُوءَ مري وئي آهي!!.”
ساڻس ويٺل پنج ست ڄڻن سندس آواز کي ڪنايو، هڪ ٻه ڄڻا گهُنڊ وِجهي کيس ڏسڻ لڳا، سندن ڀِرون ڳُتجي ويا ۽ باقي پنهنجين کاڏين ۽ لوندڙين کي هٿ جي ٽيڪ ڏئي سوچ ۾ ٻُڏي ويا.
“توهان کي يقين نٿو اچي!؟؟.”، هُن ڏُٻري وري چيو؛ “مان چوان پيو نه ته هُوءَ مري وئي آهي.”.
“نه........ مُئي ناهي اڃان!!.”، ٿُلهي گينڊي جهڙي همراهه، جنهن جي ٽِڪڻ تي هڪ وار ڀي نه هو، صرف ڪياڙيءَ جي آخريءَ ڇيڙي تي، ڪنڌ کان ٿورو مٿي ڪجهه وار بچيل هئس، تنهن بندري شخص چيو؛ “توهان کيس آخري پساهن ۾ چئي سگهو ٿا!!.”.
“آخري پساهن ۾!!؟؟.”، پينٽ شرٽ پاتل همراهه پُڇيو.
“ها آخري پساهن ۾!.”، بِندري جواب ڏنو.
“پر مان چوان ٿو ته هُوءَ مري چُڪي آهي.”، ڏُٻري ڄڻ رنڀ ڪئي.
“نه هُوءَ سڪرات ۾ آهي.”، بِندرو ضِد ٻڌي بيهي رهيو ۽ پينٽ شرٽ وارو ٻِنهي کي حيرانيءَ منجهان ڏسڻ لڳو.
“چئبو ته بيمار آهي!!.”، ننڍڙن شيشن واري عينڪ پاتل ڀائيءَ جو گهڻي دير کان چُپ ويٺو هو تنهن چيو.
“بيمار................!!.”، بِندري چيو؛ “بيمار نه بيماري جي آخريءَ اسٽيج تي آهي.”
“توهان آخر منهنجي ڳالهه ته اعتبار ڇو نٿا ڪريو؟؟.”، هُن نِٻل انسان ڄڻ احتجاج ڪيو؛ “مان چوان پيو نه ته هُوءَ مري چُڪي آهي.”
سڀ چُپ ٿي ويا تڏهن هُن ساهه کڻي چيو؛ “هُن جو وجود به هاڻي باقي نه آهي.”، کن رکي هُن ڄڻ فيصلو ڏيندي چيو؛ “سندس ساهه جي آس رکڻ چريائپ آهي، کيس وري جيئرو ڏسڻ خواب آهي!!!.”
ٻيا سڀئي حيرت مان کيس ڏسڻ لڳا، سندن اکيون کُليل ئي رهيون، گهڻي دير تائين ڪنهن به اک نه ڇِنڀيءَ، لڳاتار سوچ جي ٻوڏ ۾ سڀئي ٻُڏندا ترندا رهيا، هُنن جي ڪچهريءَ تي خاموشي جو تهه چڙهي ويو، هرڪو سوچن ۾ دفن ٿي ويو، ڄڻ ڪنهن ۾ همت نه هُجي ته ڪوئي ڳالهائي!!.
ڪوئي ڳالهائي به ته هاڻ ڇا ڳالهائي؟؟.
هُوءَ ته مري وئي!!!.
اڇي مٿي واري اڌڙوٽ، جنهن جي سِر جا سفيد وار گهاٽا ۽ گهُنڊيدار ها تنهن سگريٽ ڪڍي دُکايو ۽ هڪ اونهو ڪش هڻي دونهين کي ڇڏيائين ته سگريٽ جو دونهون سندس نڪ ۽ وات مان نڪري مٿي اُڏاڻو ۽ سندس سِر جي آکيري نُما وچڙيل وارن ۾ تحليل ٿي گُم ٿي ويو، هُن جڏهن ٻيو ڪش هنيو تڏهن سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه ڳالهاڻو؛ “تعجب آهي..... اڃان ڪالهه ئي ته مون کيس ڏٺو هو!!.”
هُن نگاهه کڻي سڀن کي ڏٺو پر ورندي ڪنهن به نه ڏني تڏهن وري پاڻ ئي چوڻ لڳو؛ “يقين نٿو اچي هُوءَ ايترو جلد مري به سگهي ٿي!.”
“ساهه تي ڪهڙو ڀروسو؟.”، ڏُٻري چيو.
“ڇا ته سندس جوانيءَ هُئي!.”، آکيري نُما وارن واري شخص چيو؛ “سندس دؤر ته غضب جو دؤر هو، مون ته کيس اُن وقت عروج ڏي ويندي ڏٺو هو پر........
“ها....... هُن انهيءَ وقت ڪاميابي جا مرحلا طيءَ پئي ڪيا.”، بِندري به وارو ورتو ۽ چوڻ لڳو؛ “کيس ته اڃان اڳتي وڌڻو هو جام پر........
“پر موت کيس ماري وڌو.”، ڏُٻري، بِندري جي ڳالهه ڪٽي ورتي.
“پر هُن جو ائين مرڻ ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي!!.”، اڇي مٿي واري چيو.
“ائين مرڻ؟؟.”، بِندري حيرت مان پُڇيو؛ “ڇا مطلب ائين مرڻ؟؟.”
“ها ائين اوچتو مري وڃڻ.”
“ادا هُوءَ بيمار جو ٿي پئي هُئي.”، ڏُٻري وضاحت ڪئي؛ “لڳي ته ڪڏهن هُن کي گولي به هئي تڏهن به هُوءَ مُئي نه هُئي بچي وئي هُئي.”
“سندس بيماري جو علاج نه ٿيو ڇا؟؟.”
“علاج ته ٿيو پر.........”، ڏُٻرو ايترو چئي ماٺ ٿي ويو تڏهن گنجو شخص جو گهڻي دير کان ماٺ هو تنهن پُڇيو؛ “پر ڇا؟؟.”
“پر سندس ٺيڪ طرح پرگهور لهڻ وارو به ڪوئي ڪونه هو!!.”
“معنيٰ سندس تيمارداريءَ به نه ٿي سگهي؟.”
“ها هُوءَ بي قدرن جي رحم و ڪرم جي نظر ٿي وئي!.”
“سندس ڪو اوهي واهيءَ نه هو ڇا؟؟.”، سوٽيڊ بوٽيڊ پُڇيو.
“نه نه.............”، ڏُٻري ڄڻ ريهه ڪئي؛ “اوهي واهيءَ ته انيڪ ها پر مٿس ڪنهن ڌيان ئي نه ڏنو!.”
“نه اصل ۾ سندس پنهنجا معالج مري ويا ها ۽ هُوءَ نون معالجن جي ور چڙهي وئي........... سيکڙاٽ طبيبن سندس درد نه سُڃاتو ۽...........!!.”، گنجي چئي ساهه پٽيو ۽ ڏُٻرو کيس اکيون ٽِمڪائي ڏسڻ لڳو، پينٽ شرٽ واري پُڇيو؛“۽ ڇا؟”
هڪ ٿڌو ساهه کڻي گنجي ٿُلهي همراهه چيو؛ “۽ هُوءَ سڀ هُن جو ڪو دارون نه ڪري سگهيا.”
“ائين به هو پر اصل ۾ هُوءَ لاپرواهيءَ جي ور چڙهي وئي.”، ڏُٻري راءِ ڏني.
“ها نِيم حڪيمن به تجربا ڪري کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ پُڄائي ڇڏيو!.”، ٿُلهي شخص چيو، جنهن جو نڪ ڀي ٿُلهو ۽ بي ڊولو هو.
“پر مان سمجهان ٿو ته هُن کي اڃان اڳتي وڌڻو هو پر.................
“خير ڪجهه به هو پر هاڻ هُوءَ پاڻ ۾ نه رهي آهي!.”، ڏُٻري پينٽ شرٽ واري جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
“پر مون کي اڃان يقين نٿو اچي ته ڪو هُوءَ...................”
“يقين به اچي ويندئي........!!.”، ڏُٻري سُڪل شخص چيو؛ “وقت سان گڏ توکي ڀي پتو پئجي ويندو ته هُوءَ نه رهي آ”.
“ها ادا وقت وڏو ظالم آ”.، ڪنهن چيو.
“اڙي وقت وڏو ظالم نه وقت وڏو مرهم آ”.
“وقت بي رحم آ، هر شيءَ ڳڙڪائي ويندو ۽ هُن جو به نام نشان هاڻ ختم ٿي ويندو مُستقبل قريب ۾!!”.
“پر حيرت آ يار!.”، سوٽيڊ همراهه تشويش ۾ هو تنهن چيو؛ “يار اڃان چند ڏينهن پهرين ئي ته مان هُن سان مليو هئس”.
“هُوءَ اُن مهل توکي بيمار نه لڳي هُئي؟”
“بيمار.........!!.”، هُن چيو؛ “نه بيمار ته نه هُئي هُوءَ ها باقي ڪجهه ٿڪل ته ضرور هُئي”.
“هُوءَ ٿڪل نه هُئي.”، سُڪل چيو؛ “هُوءَ بيمار هُئي”.
“پر خير........... مون کي الاءِ ڇو يقين نٿو اچي”.
“توکي يقين ڪرڻو ئي پوندو ته هُوءَ....................
“هُوءَ جوانيءَ ۾ ڪيئن ٿي مري سگهي!!؟؟.”
“موت ته ٻاروتڻ، پيريءَ ۽ جوانيءَ نه ڏسندو آهي مُحترم سائين!”.
“ها اُهو ته آهي پر پوءِ ڀي.............
“پر پوءِ ڀي ڇا؟؟.”، سُڪل شخص پينٽ واري همراهه کي مڃائڻ لاءِ تيار هو، سوٽيڊ چيو؛ “پر پوءِ ڀي اِهو مُمڪن ته نه آهي”.
“ڪجهه ڀي نامُمڪن ناهي!!.”، سُڪل ڄڻ فيصلو ڏنو.
“پر.........!!.”، هڪ احتجاج جو اڌ ۾ رهيو ۽ سُڪل ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “پر هُوءَ مري چُڪي آهي ۽ اسان کي هُن جو سوڳ ملهائڻ گهُرجي”.
“ها هُن جي ياد ۾ پاڻ کي ڪو ڏِهاڙو ملهائڻ گهرجي!.”، ڪنهن چيو.
“نه ڪا شام هُن جي نانءُ ڪرڻ گهُرجي.”، ٻيو آواز آيو.
“جي ڀلا ڪا رات جي رهاڻ هُن جي نانءُ سان رچايون ته؟؟.”، ٽِئين پُڇيو.
“مان ته چوان ٿو هُن جي نالي سان ڪا يادگار ڪاميٽي جوڙيون!.”، اِن چوٿين آواز سان بحث ئي ڇِڙي پيو.
هُوءَ سڀئي سوچي سوچي ڇِتا ٿي پيا، بحث ۾ جهڳيءَ هڻي هڻي مرڻ جهڙا ٿي پيا پر ڪنهن به هڪ ڳالهه تي هُوءَ سڀئي مُتفق ٿي نه سگهيا ۽ هڪٻئي کي صلاحون ڏيندا رهيا ۽ هڪٻئي جي صلاحن ۽ مشورن مان چُڪون ۽ رولا ڪڍندا رهيا پر سوٽيڊ بوٽيڊ همراهه پنهنجي کاڏيءَ کي هٿ ڏئي سڀن کان بي نياز ٿي گهِري سوچ ۾ ٻُڏو ئي رهيو پر هُوءَ لڳاتار پاڻ ۾ جهڳڙندا رهيا تان جو ڪافي وقت سندس انهيءَ پٽ کوهه ۾ گُذري ويو.
ڪافي دير جي ڪشمڪش کان پوءِ جڏهن هُوءَ سڀ نِساها ٿي پيا ۽ واري واري سان ٿڌا شوڪارا هڻي چُپ ٿي ويا سڀئي، تڏهن ائين لڳو ڄڻ هُوءَ سڀ ڪنهن مُئي جي تڏي تي اداس ۽ افسرده ويٺا هُجن!!.
سڀن جا مُنهن لهي ڍرڪي پيا، اکيون چنجهيون ٿي سُڪڙجي اندر پيهي ويون، نِرڙ جا گهُنڊ ۽ گهُنج وري گهِرا ٿي پين پر سوٽيڊ همراهه اڃان ڀي کاڏيءَ کي هٿ ڏئي ڪجهه سوچيو ٿي ته ڪنهن سرگوشيءَ ۾ چيو؛
“ٻُڌو.............!!.”
ڪنهن به ڪنڌ نه چوريو، سڀن جون صرف آواز ڏانهن اکيون ڦِريون، هُوءَ سڀئي آواز ڏانهن متوجه ٿي پيا، هُوءَ ڄڻ هُئا مُئل پر سندن دوڏا ٽِمڪيا ٿي!!.
جنهن چيو ٻُڌو، تنهن کن رکي چيو؛ “ڪنهن جي مرڻ سان ڪوئي مري ته نه ويندو آهي!.”
“ڇا..........؟؟.”، پينٽ واري همراهه رڙ ڪئي ۽ پوءِ آخر ۾ چپن ۾ ڀُڻڪو ڪيائين؛ “Foolish……!!”
ٻيا سڀ ان کي اچرج منجهان ڏسڻ لڳا، ڳالهاڻو ڪوئي ڀي نه، ڪافي دير هُوءَ ائين گُم سُم ويٺا رهيا، مايوسيءَ سندس من ۾ گهر ڪري وئي، هي سڀئي هُن کي بچائي نه سگهيا، هنن جي اڳيان هُوءَ مري وئي، اِهو ڏُک ۽ ارمان سڀن کي کائڻ لڳو، سندس مُنهن تي سوڳواريءَ جون ريکائون اُڀري آيون، هُوءَ روئڻهارڪا چهرا کڻي ويٺا رهيا، سوچيندا رهيا، لوچيندا رهيا ته کين هاڻ ته ڪُجهه ڪرڻ کپي، هُوءَ سڀئي هُن جي مرڻ پُڄاڻان ڪجهه ڪرڻ پيا چاهين، جيڪو هُوءَ هُن جي حياتي ۾ ڪري نه سگهيا، هُوءَ پنهنجا پنهنجا ڄڻ پاپ ڌوئڻ پيا چاهين پر هُوءَ سڀئي ڪنهن به نتيجي تي پُڄي نه سگهيا، هُوءَ ڌڙن ۾ ورهائجي ويا، هُنن ۾ گروپ بنديءَ ٿي پئي، هڪڙا چون ته هيئن ڪريون ته ٻيا چون هُونئن ڪريون، ڪجهه ڪرڻ لاءِ هُوءَ آمهون سامهون ٿي پيا ۽ مايوس چهرن سان مُئل وجود ۾، بيمار ساهه کڻندي هُوءَ مسلسل هڪٻئي کي تڪيندا رهيا، تڏهن هڪ خوبصورت نوجوان عين اُن گهڙي سڀن کي سلام ڪري اچي سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺو، نوجوان جو چهرو خوشي مان ٻهڪيو پئي ۽ مُسڪراهٽ سندس چپن جي سِرن تان گُم نه پئي ٿي. هُوءَ هر هر مُسڪرائي پيو ته سندس چمڪندڙ موتي جهڙا ڏند تجلا ڏيڻ ٿي لڳا، نوجوان جو تر وتازه چهرو ۽ سراپا خوشي ڏسي هُوءَ سڀئي ڄڻ چِڙي پيا!!.
نوجوان سندن غمگين چهرا ڏسي ذر ذر کانئن پُڇڻ لڳو؛ “ڳالهه ڇا آهي؟، ڇو اوهان سڀن مُنهن لاٿو آهي؟.”
پر ڪنهن به ڪا ورندي نه ڏني، اندر ئي اندر هُوءَ سڀ اُن نوجوان تي خار کائيندا رهيا ڄڻ ڪڙهندا رهيا، جيڪي ڪجهه وڌيڪ پوڙها ها اُهي ته بند وات ۾ ڏند ڀي ڪرٽيندا رهيا پر نوجوان نه مُڙيو ۽ پُڇندو رهيو ۽ هنن سانجهيءَ چهرن کي کلائڻ جا کيڳر ڪندو رهيو پر هُوءَ سڀئي مڪ ماريو ويٺا رهيا، ڪجهه ڀي نه ڪُڇيا، جڏهن نوجوان جو اسرار حد کان وڌي ويو، تڏهن گنجي بي ڊولي ڄڻ دانهن ڪئي؛
“هُوءَ مري وئي آهي!!!.”
“اوهه........ اوهان سڀ تڏي تي ويٺا آهيو!؟.”، نوجوان يڪدم ڄڻ پنهنجي غلطي محسوس ڪري ورتي؛ “آءِ.ايم.ساري............ مون کي خبر نه هُئي!.”، نوجوان معافي گهُرندي چيو ۽ هُوءَ سڀ اکيون ڦاڙي نوجوان کي ڏسڻ لڳا، نوجوان پل لاءِ ٻُڏتر ۾ پئجي ويو ۽ جلد پاڻ سنڀالي ورتائين پوءِ ڪجهه سوچيندي چيائين؛ “پر اوهان سڀ ڪرسين تي ڇو ويٺا آهيو؟؟، مُئي جي تڏي تي ته.....
“اوهان اُٻهرا نوجوان آهيو نه!!.”، سُڪل ڳالهه ڪٽيندي چيو؛“اوهان کي زماني جي خبر ڪهڙيءَ؟”
نوجوان جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي وئي، هُوءَ سڀ وري سوچڻ لڳا پر نوجوان سِرڪي سوٽيڊ همراهه جي ڪن تي پنهنجا چپ آندا ۽ کائنس ڪجهه پُڇيائين.
پينٽ شرٽ واري همراهه نوجوان کي سرٻاٽن ۾ ڪو جواب ڏنو ته نوجوان رڙ ڪئي؛ “What foolish……!!”
هُوءَ سڀ ڇرڪي پيا ڄڻ ڪچيءَ ننڊ مان جاڳي پيا هُجن ۽ حيرت مان سڀئي نوجوان کي تڪڻ لڳا، تڏهن نوجوان وري پُڇيو؛ “ڪير ٿو چئي ته هُوءَ مري وئي آ؟؟.”
ڪوڀي نه ڳالهاڻو، سڀ نوجوان کي تڪڻ لڳا، نوجوان اٿي بيهي رهيو، پينٽ وارو ڀائيءَ ششدر ٿي پيو، تڏهن نوجوان وري سڀني کي مخاطب ٿيو؛ “ڪير ٿو چئي هُوءَ مري وئي آ؟.”
“مان ٿو چوان ته هُوءَ مري وئي آ.”، ننڍڙين شيشن واري عينڪ پاتل اڌڙوٽ چيو.
“نه هُوءَ ڪانه مُئي آ.”، نوجوان ڌيرج سان چيو.
“نه هُوءَ مري وئي آ.............!”، بِندري ڄڻ فتويٰ ڏيندي چيو؛ “مان پاڻ هُن کي اسپتال ۾ مرندي ڏسي آيو آهيان.”
“مُحترم دوست...........!!.”، نوجوان انتهائي پُرسڪون ٿيندي چيو؛ “يقينن اوهان کي ڪوئي ڀولو ٿيو آهي.”
“نه...... مون کي ڪوئي ڀولو نٿو ٿي سگهي!”، بِندري احتجاج ڪيو؛ “مڃان ٿو ته مان پوڙهو ٿي چُڪو آهيان پر اڃان نظر واري عينڪ استعمال ڪرڻ شروع نه ڪئي اٿم.”
“مُحترم سائين........!.”، نوجوان وري چيو؛ “اوهان کي ضرور ڪو وهم جاڳيو آهي باقي هُوءَ نه مُئي آهي........ هُوءَ ته اڃان زنده آهي بلڪه........
“نه هُوءَ مري وئي آهي!”، پوڙهي ضد ڪيو؛ “مون ڪو سپنو نه ڏٺو آهي”.
“سپنن ڏسڻ جي مُند گُذري وئي!.”، نوجوان سرٻاٽ ڪندي مُرڪي پيو، سندس سُهڻا ڏند چپن جي وِٿين مان ظاهر ٿي تڏهن جرڪڻ لڳا جڏهن هُن چيو؛ “نه ائين ڪونهي هُوءَ ناهي مُئي”.
بِندري اکيون مهٽيون، سوٽ واري همراهه جي نِرڙ جا گهُنڊ ڍِرا ٿي ڊهي ويا، نوجوان چيو؛ “نه هُوءَ نه مُئي آهي...... مان ان ڳالهه جو گواهه آهيان ته هُوءَ زندهه آهي”.
“تون گواهه آهين!؟”، ڪنهن پُڇيو؛ “اُهو ڪيئن؟؟.”
“ڇو ته مان زندهه آهيان!!!.”، نوجوان چيو.
سڀ حيران ٿي پيا، ٻئي ڪنهن پُڇيو؛ “معنيٰ؟؟.”
“معنيٰ هُوءَ زندهه آهي.”
“ڇا مطلب؟.”، گنجي شخص ڏند ڪرٽيندي نوجوان کان پُڇيو.
“مطلب مان ۽ هُوءَ هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهيون، مان زندهه آهيان ته هُوءَ ڪيئن ٿي مري سگهي!!”.
“نه هُوءَ مري وئي آهي!”، گنجي احتجاج ڪيو.
نوجوان چيو؛ “نه سائين نه...........!، جيسين مان زندهه آهيان، ايسين هُوءَ مرڻي ناهي ۽....... ۽..........”، نوجوان ايترو چئي ماٺ ٿيو ته بِندري پُڇي ورتو؛ “۽ ڇا؟؟.”
“۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ ڀي هُوءَ ته مرڻي ڪانهي!!.”
نوجوان چيو؛ “جيسين ڌرتيءَ رهڻي آ، جيسين ٻوليءَ رهڻي آ، هُوءَ مرڻي ڪونهي ايسين هُوءَ مرڻي ڪونهي!!.”
سڀ کُليل اکين سان حيرانيءَ مان نوجوان کي ڏسڻ لڳا، پينٽ پاتل همراهه سگريٽ ڪڍي دُکايو، بِندرو چُپ ٿي ويو، گنجي مٿي کي هٿ سان ٽيڪ ڏني ۽ نوجوان ڪي ڪارڊ کڻي اڳتي وڌايا ۽ هڪ هڪ ڪارڊ سڀن کي ڏيندي چيائين؛ “نه سائين هُوءَ نه مُئي آ، مان هُن جو مينڌرو زندهه آهيان ته منهنجي مومل ڪيئن ٿي مري سگهي!!”.
“پر.......................
“پر ٻر ڪجهه به نه.”، نوجوان جهوني جي ڳالهه ڪٽيندي چيو؛ “سر........ ايندڙ چنڊ جي چوڏهين رات مان هُن سان لائون لهندس”.
“پر........................
“پر هُوءَ مُئي ناهي زندهه آهي!.”، نوجوان ٻيهر ڳالهه ڪٽي ورتي؛ “مون وانگر تر و تازه، هشاش بشاش ۽ نوجوان آهي هُوءَ..............!!، مُنهنجو ۽ سندس وهانءُ آهي، اسين اوهان جو انتظار ڪنداسين، ايندڙ چوڏهين رات چانڊوڪي ۾ اوهين ضرور ڀٽ نگريءَ اچجو اسان کي لائون ڏيڻ”.
“پر اسين تنهنجي ڪُنوار جي ڳالهه نه پيا ڪريون اسان ته...............
“ڇا اسان ته؟؟.”، نوجوان دهمان سان پُڇي ورتو.
اسان ته چئي ڄڻ ڪو مڇيءَ جو ڪنڊو پوڙهي جي نِڙيءَ ۾ اٽڪي پيو هجي ۽ هُوءَ ششدر اکين سان نوجوان کي تڪيندو رهجي ويو، نوجوان جي اکين جي جوت ڏسي کائنس سڀ لفظ وسري ويا، نوجوان هُن کي غور سان تڪيندو رهيو، تڏهن هُن پنهنجا گُم ٿي ويل ساهه جائيتا ڪندي ڄڻ ڦٿڪي چيو؛ “اسان ته سنڌيءَ ڪهاڻي جي ڳالهه پيا ڪريون!!!”.
“مان ڀي ان جي ئي ڳالهه پيو ڪريان!!.”، نوجوان ڌيرج سان چيو؛ “هُوءَ ئي منهنجي مومل آهي ۽ مان ئي هُن مينڌرو آهيان، هُوءَ مُنهنجي سسئي آهي، مان هُن جو پُنهون آهيان، مان زندهه آهيان، هُوءَ ڪيئن ٿي مري سگهي؟؟. هُوءَ ۽ مان لائون لهنداسين، هُوءَ مُنهنجي ڪهاڻي آ ۽ مان هُن جو ڪهاڻيڪار آهيان.”
ايترو چئي نوجوان مُرڪي وريو پوئتي ۽ هڪ خُماريل لوڏ سان ويو اڳتي وڌندو، پُٺيان هُوءَ سڀ اڳتي وڌندڙ نوجوان کي پنهنجين ٽمڪندڙ اکين سان ويندي ڏسندا رهيا.

* * * * * * * * * * * *