گُذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾
11مئي جو سج سويرڪو لهي ويو آهي ۽ اڌ ڏينهن سان گڏ هن رات جو ڳچ حصو به سوچن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي پر اڃان تاريخ ساڳي آهي 11 مئي 2013.
تاريخ جي مٽجڻ ۾ اڃان ڪجهه دير آهي، 11 مئي کي 12 مئي ٿيڻ ۾ اڃان ڪجهه منٽ گُهرجن ٿا پر وڏي رئيسياڻي جام ٿڪي پئي آهي، سڄي ڏينهن جي منظرن تي سوچي سوچي ذهن ڄڻ ساڻو ٿي پيو اٿس، ٽي. وي تي مغرب کان ئي چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ من جي مونجهه مِٽائڻ لاءِ هُن دالان ۾ پيل ٽي. وي تي مختلف چينل لڳائي ڏٺا آهن پر هر چينل تي اليڪشن، اليڪشن ۽ اليڪشن!!!.
ڀِت تي ٽنگيل گهڙيال ڏٺائين، 11 مئي گُذري ڪونهي اڃان باقي آهي!!.
وڏي رئيسياڻي جيڪا رئيس جي وڏي ڌيءُ فرحت کان پورا ساڍا ست سال ننڍي آهي ۽ رئيس جي گهر واريءَ جي رضا الاهي کان پوءِ رئيس جي نڪاح ۾ آئي آهي، سا ڄمار ۾ ته اوڻيهه سالن جي آهي پر رئيس جي ٻيءَ ڪنهن گهرواريءَ جي نه هُجڻ ڪري وڏي رئيسياڻي آهي!!!.
وڏي رئيسياڻي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀِت کي چنبڙيل گهڙيال ڏٺو آهي، ائين لڳيس ٿو جيئن گهڙيال ديوار کي چنبڙيءَ پيو آهي تيئن ئي ڄڻ گهڙيال جا ٽئي ڪانٽا شيشي جي اندر گهڙيءَ ۾ چنبڙِيءَ پيا آهن!!!.
هُوءَ بي دِلي مان اُٿي ٿي، رموٽ کي صوفا تي اُڇلي، ٿڪل وِکون کڻندي پنهنجي بيڊ روم ۾ هلي اچي ٿي ۽ پُٺيان ٽي. وي کُليل ٿي رهجي وڃي، جنهن ۾ ميزبان مُلڪ جي مختلف تڪن جا چونڊ نتيجا ٻُڌائيندو ٿو رهي.
رات جا ٻارنهن ٿيڻ ۾ اڃان پنج منٽ باقي آهن، وڏي رئيسياڻي پنهنجي بيڊ تي اچي ليٽي نٿي پر پُٺيان وهاڻو ٽيڪ ڏئي، ٽنگون ڊگهيري ويهي ٿي رهي، اکين مان نِنڊ ڪوهين ڏور اٿس، ننڊ جو ڪو ڇيڙو، ڪو انت ڪو سِرو هٿ وس نه اٿس، سندس دل، دماغ ڄڻ سُن ٿي پيا هُجن، هُوءَ شام ٽِپهريءَ کان انيڪ ويچارن ۾ پڄرندي رهي آهي، ٽِپهريءَ کان رات جي هن پهر تائين آنڌ مانڌ کي هُوءَ پنهنجي من مان ڪڍي نه سگهي آهي، بي سڪوني، بي چيني هُن جي حواسن تي واسو ڪري چُڪي آهي.
ٽِپهريءَ کان وٺي وڏي رئيسياڻي انيڪ ڀيرا پاڻي پيتو هو پر روح هُيس جيڪو ڄڻ ٿر جي ڪا ڀِٽ هو ۽ اڃان تتل هو، هُن وري بيڊ روم ۾ لڳل گهڙيءَ کي نهاريو، 11 مئي گُذري چُڪي هُئي ۽ 12 مئي جا ٻارنهن لڳي ٻاويهه منٽ ٿيا ها، هن اڃان تائين ڪجهه نه کاڌو هو، سندس اکين ۾ ننڊ نه هُئي، سندس پيٽ ۾ بُک نه هُئي، پيٽ ۾ ڄڻ آڳ هُيس ۽ سندس اکين ۾ ڪِروڌ هو......... ڪِروڌ جيڪو هُن پنهنجي رڳ رڳ ۾ ٿي محسوس ڪيو.
هُوءَ رئيس جي انتظار ۾ نه هُئي، کيس خبر آ اڄ ته اليڪشن هُئي پر رئيس ته اڪثر سڄيءَ رات گُذرڻ کان پوءِ ئي گهر ايندو آهي، اڄ دير ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي ۽ اهو ته امڪان ۾ آهي.
هُوءَ پنهنجي بيڊ تي بي جان بُت بڻي ويٺي رهي، سندس جسم بي حرڪت پيو رهيو، بُت ۾ ڄڻ ڪو ساهه نه هُيس، بس حواس جيڪي حرڪت ۾ هُيا تِن آڌار هُوءَ اندر ۾ ڪڙهندي رهي، وڙهندي رهي، لڙندي جهڳڙندي رهي پاڻ سان ۽ ڀُرندي رهي.
ڏينهن وارا واقعا سندس ذهن تي هر هر تري ٿي آيا، هُن جيڪي نٿي ڏسڻ چاهيو سو هر هر ٿي ڏٺائين، ذهن جو رموٽ سندس هٿ وس نه هو، نه ته جيڪر اهي منظر هُوءَ هڪ بٽڻ دٻائڻ سان ڪنٽرول ڪري وٺي ها پر اهي منظر نه چاهيندي به هُوءَ ڏسندي رهي ۽ پڄرندي رهي، اندر ئي اندر وڍجي هُوءَ ڪڙهندي رهي، ڪروڌ سندس وجود ۾ گهوماٽيون کائيندو رهيو ۽ هُوءَ مُٺيون ڀيڪوڙي سوچيندي رهي!!!
بي خيالي ۾ وڏي رئيسياڻي جون نگاهون وري گهڙيال ڏي کڄي ويون، 12 لڳي ستونجاهه منٽ!!!.
رات گُذرندي وڃي ٿي، وڏي رئيسياڻي پنهنجي بيڊ تي ننڊ کان ڪوهين ڏور هيڪلي ويٺي آهي، سوچون جيڪي ڏينهن کان ڪڍ لڳل اٿس تنهن جو رموٽ سندس وس ۾ ڪونهي!!!.
بُڇان اچيس ٿي مرد تي، مرد ڪيئن نه ڪنهن بيوس تي ڪاهه ڪري ٿو!!. پاڻ کان هيڻي کي هيسائڻ ئي پنهنجي بهادري سمجهي ٿو نه ته اندر ۾ ڪيڏو بُزدل ۽ ڀاڙيو آهي اصلي....... سوچون سندس دڳ نٿيون ڇڏين، ٻُڏندي ٿي وڃي لهرن ۾........ هارين نارين، غريبن ۾ نانءَ ۽ ناماچار، رُعب، دٻدٻو، ٺٺ ٺانگر ۽ ڌارين اڳيان گيدي، ڪائنر، ڀاڄوڪڙ.........
ڀاڄوڪڙ.....................!!!
هُوءَ وڌيڪ سوچي نٿي سگهي. ڀاڄوڪڙ تي بيهي پوي ٿي، بيهي ڇا اٽڪي پوي ٿي.
ڪمري ۾ نه ٿڌ آهي، نه گُهٽ آهي نه ٻوسٽ آهي، رات جي ويلي خاموشي ۾ هُن کي ڪابه خبر نٿي پوي، هُوءَ سوچيندي سوچيندي رات مان مُڙي ڏينهن ڏي هلي وڃي ٿي، ٽِپهريءَ جي وقت اڱڻ تي ويٺي آهي هُوءَ ۽ پنهنجي انهن خوابن جو سوچي رهي آهي جيڪي خواب ڏسڻ جي آس هُن پنهنجي دل ۾ شادي کان اڳ رکي هُئي!!!.
اڻ ڏٺل خوابن جو هُن سوچيو ٿي ته اچانڪ ٻاهر گوڙ گهمسان ٿي پيو ۽ وڏي رئيسياڻي ڇرڪي پئي، ٻِئي پل ويڙهي جا ڪجهه ٻار ڊوڙندا آيا، جن جي واتان هُن ٻُڌو جهيڙو ٿي پيو، جهيڙو ٿي پيو!!.
ٻار ته ڀڄي ويا اڳتي پر وڏي رئيسياڻي ائين بي خيالي ۾ اُٿي ماڙيءَ تي چڙهي آئي ۽ ڀِت جي وِٿي مان ٻاهر ڏسڻ لڳي، اوڀر جي ڪُنڊ ۾ اسڪول جي اڱڻ تي ڪجهه ماڻهو وڙهيا پيا آهن. ڪي ڪنهن کي لتون پيا هڻن، ڪي ڪنهن کي مُڪون پيا هڻن، ڪوئي ڪنهن کي گهِلي پيو، ڪِن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا آهن ۽ ڪِن جا مٿا ڳاڙها ته ڪِن جي ٺونٺين مان رت وهي پيو!!.
پڌر تي پٽڪا، ٽوپيون ۽ جُتين جا پادر ايڪڙ ٻيڪڙ وکريل ڪريل ۽ مُڪون، لتون ۽ گهِل گهِلان اڃان تائين هلي پئي، پوليس جا ٻه چار سپاهيءَ کيس ماڻهن جي انهيءَ مارا ماريءَ ۾ بيوس بيٺل نظر اچن ٿا، جيڪي اِهي ٻه چار پوليس وارا هن ڏٺا سي اسڪول جي ديوار کي ٽيڪ لڳايو خاموش بيٺا ها، اُنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي.
ماڙيءَ تان تماشو ڏسندي اوچتو الاءِ ڇو کيس رئيس ياد آيو، رئيس سان پُٺين نو مهينن ۾ هُن ڪڏهن به پيار جو اظهار نه ڪيو هو پر هن ويڙهه کي ڏسي سندس نظرن نه چاهيندي به رئيس کي ٿي ڳوليو، هن کي ياد آيو رئيس ته ڪنهن به پارٽي سان گڏ نه آهي، سڀن سان ياريءَ باشي اٿس پر ڪٿي هن جهيڙي ۾ رئيس کي...........
سندس اندر جي روايتي عورت جاڳي پئي ۽ هُوءَ بيچيني مان رئيس کي ڳولڻ لڳي، جڏهن کيس رئيس نظر نه آيو ته فڪر وڌي ويس ۽ هُوءَ ماڙيءَ تان ماڻهن ۾ رئيس جي چهري کي ڏسڻ لاءِ اتاولي ٿيڻ لڳي!!.
اُمالڪ سندس نظر اسڪول جي پڌر کان هٽي ڏکڻ طرف ميدان تي پئي جتي ماڻهن جو هڪ وڏو انبوهه موجود هو، جيڪو پُڻ اسڪول جي پڌر ۾ وڙهندڙن کي پري کان ڏسي رهيو هو، هِن انبوهه ۾ بيٺل ماڻهن کي جانچي جانچي نهارڻ شروع ڪيو ۽ پل ۾ ئي کيس رئيس نظر اچي ويو، جيڪو ميدان ۾ موجود ماڻهن جي پهرين قطار ۾ بيٺو اسڪول جي پڌر ۾ وڙهندڙن کي ڏسي رهيو هو، هن هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ اُتي ئي ڇت تي ديوار کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي!!!.
ڪئي پل لنگهي ويا هُوءَ اتي ديوار جي اوٽ ۾ ويٺي رهي، هن جي دل نه چاهيو اتان اٿي، ٿوري دير ۾ اسڪول جي پڌر مان ايندڙ گوڙ گهمسان ۾ ٺاپُر اچي وئي، هن جو خيال گوڙ گهمسان مان هٽي ويو، سوچڻ لڳي رئيس کي ائين نه هُجڻ گهُرجي، نعرا هڪ جا ووٽ ٻِئي کي.........
“اِها منافقت آهي، مُنافقت نه ڪرڻ گهُرجي، ساڄي ڌُر سان نه ته کاٻي ڌُر سان پر چِٽو هلڻ گهرجي، دوکو ۽ مُنافقت نه..... قبلو دُرست رکجي، ٻِن ٻيڙين ۾ ته پير ڀي.......
وڏي رئيسياڻي جي ڪنن تي ڪو آواز پيو ۽ ڇرڪي پئي، ٻِئي پل سڀ خيال ڇُٽي پيس ۽ ڇت تي اُٿي بيٺي، پيرن جي پٻن تي زور ڏئي وري ٻاهر نهارڻ لڳي ۽ اک پيس فوجي ٽرڪن تي جيڪي ڳوٺ جي موڙ مان نڪرنديون اسڪول ڏي ويندڙ روڊ تي تکيون تکيون اچي رهيون هيون، هڪ، ٻه، ٽي، چار...........
وڏي رئيسياڻي فوجي ٽرڪون ٿي ڳڻيون، ڪجهه ٽرڪون اڳتي اسڪول جي پڌر ڏي هليون ويون، ٻه ٽرڪون ڏکڻ واري ميدان ۾ لهي پيون ۽ ٽرڪن جي بيهندي ئي ٽرڪن ۾ موجود چار ئي فوجي جيئن ئي هيٺ لٿا ته ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، هن ماڻهن کي ڀڄندي ڏٺو، سوچڻ لڳي فقط چار فوجي سپاهين کي ڏسي ڳوٺ جا ماڻهوءَ ڀڄن ڇو ٿا!؟؟.
فوجي ته ڪنهن کي به ڪجهه نه پيا چون پر هي ماڻهوءَ هنن کي ڏسي وائڙا ۽ بدحواس ٿي گهرن ڏانهن ائين ڇو پيا ڀڄن ٿا؟ هنن جو ته ڪو ڏوهه نه آهي پوءِ هي ڇو آخر.......
هي ڪجهه به سمجهي نه سگهي، ماڻهن کي فوجين کان ائين خوف ڇو؟، جڏهن ته جهيڙو ته اسڪول جي پڌر جي ماڻهن......... هي ته ميدان......... اوچتو هن جي نظر رئيس تي پئي جنهن جي لُوهه اوطاق ڏانهن هُئي.
وڏي رئيسياڻي رئيس کي ڀڄندي ڏٺو، چار فوجين جي خوف کان رئيس کي بدحواس اوطاق ڏانهن ڊوڙندو ڏٺو، هن وائڙائپ ۾ ڊوڙندڙ رئيس جي ٽوپي ميدان ۾ ڪرندي ڏٺي، هن کي ڄڻ چڪر اچي ويو، رئيسياڻي گوڏن تي هٿ رکي ماڙيءَ جي ڇت تي ويهي رهي، ديوار کي ٽيڪ ڏنل هئس پر کيس لڳو هُوءَ بنان ڪنهن سهاري، بنان ڪنهن ٽيڪ جي آهي، مٿي ۾ ڀنواٽي محسوس ڪندي هُن بُت کي ڍرو ڇڏي ڏنو ڄڻ وکري وئي هُجي!!!.
در جي کڙڪي تي هن جي نگاهه در ڏي کڄي وئي، جتي رئيس کي موجود ڏٺائين ۽ ٻئي پل ديوار تي ٽنگيل گهڙي ڏٺائين 3 لڳي چوونجاهه منٽ!!!.
هُوءَ ڏينهن وارن خيالن مان موٽي آئي، وڏي رئيسياڻي سوچيو عام راتين ۾ ته رئيس 5 بجي کان اڳ گهر نه ايندو آهي، اڄ الاءِ ڇو جلدي......
رئيس ٿاٻڙجي بيڊ روم جو در لاڪ ڪيو ۽ ٿيڙ کائي بيڊ جي پيرانديءَ کان اچي ويٺو، هن ڪو ڌيان نه ڏنو، ڄاتائين ٿي اڄ ڀي شراب پيتل هوندس سو هيءَ بُت بڻيو ويٺي رهي اکيون ڄڻ پٿرائجي ويون هئس، هن جي اکين ۾ ڏينهن وارا منظر ٿي ڦٿڪيا، ڪِروڌ ٿي من ۾ گُهميس، فوجي ٽرڪ، چار فوجي، هيڏي ساري خلق ۽ رئيس......... ڪارندا چار........ ها چار فقط......... تن کي ڏسندي ئي سڀن جي ڀاڄ....... ڪهڙو خوف هو سڀن کي؟، ڪهڙو خوف هو رئيس کي؟، رئيس جي ٽوپي...........
هُوءَ سوچي رهي هُئي پر ڀاڄوڪڙ کا وڌيڪ سوچي نه سگهي ۽ رئيس پيرانديءَ کان اُٿي وڏي رئيسياڻي جي پيرن کان اچي ويٺو، سندس ڳاڙهيون اکيون جيڪي پل پهرين اڌ ٻوٽيل لڳي رهيون هيون سي ڄڻ سڄيون کُلي پيون هينئر، رئيس کي جام پيار اچڻ لڳو پنهنجي نوخيز ونيءَ تي، رئيس پنهنجو مُنهن ويجهو ڪري وڏي رئيسياڻي جو چهرو چُمڻ چاهيو پر رئيسياڻي پنهنجو مُنهن پرتي ڪري ورتو، شراب جي بُوءَ سندس ساهه ساڙڻ لڳي!!.
رئيس هٿ وڌائي سندس چهرو پنهنجي طرف ڪيو، رئيس جو هٿ نه هو ٿوهر جو ٿُڙ هو، هن کي لڳو سندس مُنهن ڇِلجي پيو آهي، رئيس جي هٿ ۾ انيڪ ڏِينڀوءَ چنبڙيل ها جيڪي سندس چهري کي ڄڻ چُهٽي پيا!!.
هِن رئيس جو هٿ پٽي پرتي ڪيو.
“مِٺي ايڏي بيزاريءَ ڇو؟.”
اندر ۾ بڙڇي لڳي وئي هُن جي، لفظ مِٺيءَ هن جي هانءُ ۾ ڪنهن ڪات ڪُهاڙي وانگر ٽُنبجي پيو، ڪروڌ ۽ بُڇان هُن جي رڳن مان ولوڙجي اکين ۾ لٿو ۽ ٻئي پل چهري جا تاثرات هن جي نفرت جو آئينو ٿي پيا، هُوءَ وري لفظ ڀاڄوڪڙ تي اچي بيهي رهي پر ڪُڇي ڪجهه به نه.
رئيس ڄاتو ٿي وڏي رئيسياڻي ڪجهه به نه ڳالهائيندي، هُن ڪڏهن ڪجهه ڳالهايو به ته نه هو!، سدائين چُپ چُپات ۾ هُن پنهنجو ڪنڌ هميشه هيٺ نِوائي ڇڏيو هو، هُوءَ خاموشي مان بيڊ تان سندس ڀر مان اُٿيو ۽ پنهنجي قميض لاهي ٽنگڻي ۾ ٽنگيائين ۽ وري بيڊ جي پيرانديءَ ڏانهن لڙيو.
بيڊ جي پيرن وٽ بيهي هُوءَ آهليل وڏي رئيسياڻي کي ڪي پل ائين ڏسندو رهيو ۽ هُوءَ جيڪا ڪنهن متوقع حادثي جي منتظر، ڄڻ پٿر اکين سان حملي آور کي ڏسندي هجي، پرکيندي هُجي سا حيران، وياڪل ۽ ششدر هئي!!.
کن رکي رئيس اڳتي وڌي رئيسياڻي جو پير جهليو پر رئيسياڻي سٽ ڏئي پنهنجو پير ڇڏائي ورتس، کيس لڳو رئيس ساڻس ڪو حق نه بلڪه سندس ڄڻ لڄ لُٽڻ پيو چاهي!!!.
رئيسياڻي پنهنجا ڊگهيريل ٻئي پير سوري ورتا ۽ پلٿي ماري بيڊ تي ويهي رهي، هُن نٿي چاهيو رئيس سندس روح سان گڏ اڄ سندس جسم ڀي زخمي ڪري پر رئيس جو اڄ سرس پيتل هو ۽ رئيس چاهيو ٿي گذري ويل رات جي رهجي ويل لمحي ۾ شراب جي خمار مٿان آڳ جي تپش کي رئيسياڻي جي جوڀن ڀريي وجود سان ٺاري، ٿڌو ڪري سُمهجي!!
هُوءَ هڪ وار وري اڳتي وڌيو، بيڊ تي ٺونٺين ڀر چڙهي هن رئيسياڻي جو پلٿي ماري هيٺ دٻايل پير وري پڪڙيو، ان کان اڳ جو هوءَ وڏي رئيسياڻي کي سٽ ڏئي بيڊ تي نستو ڪري ڪيرائي، رئيسياڻي امالڪ هڪ زورائتي لت کيس ڇاتي ۾ وهائي ڪڍي!.
جائيتي لت لڳڻ سان رئيس جي پروڻ ڇاتي وڄي وئي، ٿيڙ کائي بيڊ تان هيٺ ڪريو ۽ سُن ٿي ويو. وهيءَ اڳي ئي موٽيل هئس، مٿان شراب جي سختيءَ ۾ به سوگهو هو پر رئيسياڻي ننڍي نيٽي هُئي جنهن جي زورائتي لت سهي ڪانه سگهيو ۽ هيٺ ڪارپيٽ تي ئي ڪِري خُمار ۾ هليو ويو.
رئيسياڻي کي ڪوبه تعجب نه لڳو ڄڻ سندس هانءُ تان ڪو وڏو بار لهي پيو. “هي ڪو حق نه پر مون سان زوري زنا ڪندو رهيو آهي. اهو حق نه آهي لڄ لُٽڻ آهي!!”.
هُوءَ بيڊ تان لهي آئي، هڪ نظر ڪارپيٽ تي ڍير پيل رئيس تي وڌائين، دل چاهيس هڪ ٻي لت سندس وڏي اوجهري واري پيٽ ۾ وهائي ڪڍي پر بي ست سان ست آزمائڻ هُن کي مناسب نه لڳو، وڏي رئيسياڻي چپن ۾ ڀُڻ ڀُڻ ڪئي؛ “هن ڀاڄوڪڙ ماڻهوءَ کي ڪو حق ڪونهي مون تي!، هيءَ جيڪو ٻِن وڏيرن وٽ قيد آ ۽ چار وردي وارن کان بنان ڪنهن ڏوهه جي خوف کائيندو آ ۽ ڳوٺ جي اٻوجهن کي سدائين هيسائي تپائي ٿو سو ڏاڍي جي اڳيان گيدي آ. گهر ۾ شينهن ۽ ڌارين لاءِ گدڙ آ......”
“ها هِن ماڻهوءَ کي مون تي ڪو حق ناهي، جيڪو ڌارين اڳيان بُزدل ۽ ڀاڙيو آ ۽ پنهنجن لاءِ رئيس آ، ڀوتار آ.....!!!”، هُن نگاهه کڻي گهڙيال ۾ ڏٺو چار لڳي 59 منٽ!!!.
هُوءَ رئيس کي اورانگهي دالان ۾ نڪري آئي، فرج کولي ٿڌي پاڻي جي بوتل ڪڍيائين، بنان ساهيءَ اڌ بوتل پاڻي پي هُن پنهنجي پوتيءَ سان پنهنجو چهرو اُگهيو ۽ چاڙهيءَ چڙهي ماڙيءَ تي هلي آئي، اوڀر واري ديوار وٽ اچي ديوار تي ئي پنهنجون ٻانهون رکي ڇڏيائين ۽ کُليل ٻانهن تي پنهنجو چهرو ڇڏي ڏنو هُن.
ماڙيءَ تان پريان اوڀر طرف هُن ڏٺو اسڪول............... ۽ اسڪول جي پريان ساوڪ ئي ساوڪ ۽ ساوڪ ۾ صُبح جي سُهائي پکڙندي ٿي وئي.
* * * * * * * * *