گُنهگار
غريب ۽ مسڪين ماڻهو فُٽ پاٿ تي لڳل جوتن واري رعايتي سيل جي اسٽالن ۽ ريڙهيءَ تي پيل اميرن جي پُراڻن جوتن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏسي رهيا ها ته ڪي وٺي رهيا ها، ڪي بي حال ويچارا واڪ تي وڪامندڙڪپڙي کي به حسرت جي نگاهه سان ڏسندا اڳتي وڌندا پئي ويا ۽ ڪنهن ڪنهن حال سارو ورتو به پئي.
هُو ريل مان لهي ، جيئن ئي اسٽيشن مان ٻاهر نڪتوته ماڻهن جي انبوهه ۾ پاڻ کي گُم ٿيندي محسوس ڪيائين،اڳتي هليو ته کيس ياد آيو ته گهر سندس پوڙهيءَ ماءُ، وڏي ڀيڻ پِرهه ۽ ننڍو ڀاءُ جونجهار سندس اوسيئڙي ۾ هوندا. ماءُ جي مُنهن ۾ آيل گُهنج سندس بي تابي ۾ اڃان ڀي گِهرا ٿي پيا هوندا،سندس ڀيڻ عيد جي رات ڀاءُ جي اچڻ جي آس ۾ پنهجيون اکيون اوسيئڙي جي دڳ لايو ويٺي هوندي ۽ ننڍڙو جونجهار ڳوٺ جي موڙ وٽ سندس انتظار ۾ هر هر ڦرندو هوندو.
سِڪ سندس من ۾ ڪر موڙڻ لڳي ۽ جلد کان جلد گهر پهچڻ لاءِ سندس روح ڦٿڪڻ لڳو. اڳيان مِٺائي جي دڪان تي نظر پيس ته سوچيائين ڀيڻ ۽ ننڍي ڀاءُ لاءِ مِٺائي به وٺيو وڃان، کيس ياد آيو جونجهار کي مٺائيءَ ڏاڍي وڻندي آهي ۽ هر ڀيري فرمائش به ڪندو آهي. مُرڪ سندس لبن کي ٽيڙي ڇڏيو،گهر پهچڻ جي تڪڙ ۾ هن جلد مِٺائيءَ وٺڻ ٿي چاهي، هوءَ مٺائيءَ جي دڪان ڏانهن وڌيو۽ ٻئي لمحي هڪ ڌِڪي سان پُٺ ڀر روڊ تي ڪري پيو، سندس ٿيلهو اڳتي هليو ويو، جنهن جو پٽو ٽُٽي پيو هو.
گڏهه گاڏيءَ واري جي هڪل تي هو ماڻهن جي هُجوم ۾ واپس اچي ويو، گڏهه گاڏي وارو رڙندو اڳتي هليو ويو، هي ڪپڙا ڇنڊي اُٿيو ۽ ٿيلهو گِهلي پٽي کي ٽُٽل سِري وٽان ڪُنڍي ۾ ڇڪي ڳنڍ ڏنائين ۽ ٿيلهو وري ڪُلهي ۾ لڙڪائي مٺائيءَ جي دُڪان ۾ گهڙي پيو، جتي گهڻي رش کيس پريشان ڪرڻ لڳي، ڪائونٽر تي ٽي ڄڻا ماڻهن ۾ پورا نه پئجي رهيا ها ۽ هن کي گهر پهچڻ جي جلدي هئي، ڪا دير هو ماڻهن جي قطار ۾ اڳتي پوئتي ٿيندو رهيو ۽ نيٺ مٺائيءَ جو دٻو هٿ ۾ ڪري ڌِڪجي ٻاهر نڪتو.
ٽانگن وارن جون هڪلون؛ “او ڀائي...... او صاحب....... او ادا ٿورو پاسي........!”، رڪشا وارن جي فٽ فٽ ۽ اوچتيون بريڪون، هر شيءَ کي ڄڻ سِر جي هجي، سُڀاڻي عيد نه هُئي ڄڻ ڪو طوفان ٿي آيو، سڀنيءَ کي ڀڄ ڀڄان.......!! هن محسوس ڪيو ڄڻ اڄ سارو جهان ليٽ آهي!!.
هن کي مِٺائيءَ جي ڪري دير ٿي وئي هئي، اها ليٽ ڪڍڻ لاءِ بس اسٽينڊ تائين هن رڪشا ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو، رڪشا واري کي اشارو ڏنائين اهو ٽِنڊڻ وانگي سندس ڀر ۾ کِسڪي آيو، هو ڪرايو طيءَ ڪري رڪشا ۾ ويهي رهيو ۽ رڪشا زرڙاٽ ڪري ڀڄڻ لڳو.
هن جي نظر مٺائيءَ جي دٻي تي پئي ۽ سندس چپن تي خوشي جي مُرڪ تري آئي ۽ ڪئي يادون سندس ذهن ۾ جاڳي پيون، رڪشا ته شهر جي روڊن ۽ گهٽين مان ڀڄندو رهيو پر هي رڪشا ۾ موجود نه هو ڄڻ ڳوٺ هو، رڪشا واري جي ڌونڌاڙ تي هن جي خيالن جا طلسم ٽُٽي پيا، هن هڪ نظر رڪشا واري تي وِڌي پوءِ پئسا ڪڍي رڪشا واري کي ڏنائين ۽ هيٺ لٿو.
“ڀاءُ هڪ ڳالهه ته ٻُڌاءَ؟” ، رڪشا واري چيس ۽ هي بيهي رهيو، رڪشا واري ٽوڪ واري انداز ۾ چيس؛“ڀاءُ ايترو گُم سُم لڳو پيو آهين، پوئتي دُبئي ڇڏي آيو آهين ڇا؟”
ٿڌو ساهه ڀري چيائين؛ “دوست منهنجي دُبئي ته منهنجو گهر آهي ، جتي وڃي رهيو آهيان.”
رڪشا وارو سندس مطلب نه سمجهي سگهيو ۽ پڇيائين؛ “گهڻو عرصو ٻاهر هُئين ڇا؟”
هن وري اُڪير مان چيو؛ “سِڪ واري لاءِ ٻه مهينا ئي ڄڻ ڪي صديون هونديون آهن!.”
رڪشا وارو ڳالهه نه سمجهندي مُنهن ڪوجهو ڪيو ۽ ٻِئي پل پئسا وٺي ڦرڙاٽ ڪندو اڳتي وڌي ويو ۽ هي اچي بس ۾ چڙهيو، ڪجهه دير کان پوءِ بس ٽانگن، رڪشائن، گڏهه گاڏن، موٽرسائيڪلن ۽ سائيڪل وارن کان پاڻ بچائيندي شهر مان نڪرڻ جا جتن ڪرڻ لڳي، عيد جو موقعو هو،سڄي بس کِچا کِچ ڀريل هئي، رش سبب ننڍن ٻارن جا رانڀاٽ ها، بس ۾ ماڻهوءَ ائين سٿيل هئا ڄڻ واپارين ٽرڪ ۾ ٻڪريون واڙي ڇڏيون هُجن!!.
هن کي پُٺئين دروازي اڳيان ٻن واري سيٽ تي هڪ واقفڪار وٽان جگهه ملي وئي هُئي سو هي ٿيلهو پيرن ۾ ڪري ويهي رهيو هو. بس جي ڦيٿن ڦرڻ سان هن جو ذهن به ڦرڻ لڳو هو، هو خلق کان بي نياز ٿي سوچڻ لڳو، کيس ياد آيو پوڙهيءَ ماءَ جو چهرو جنهن ۾ وقت جي دز لهي آئي هئي، زندگي ڏُکن جون ڪئي ريکائون سندس مُنهن تي عيان ڪري ڇڏيون هُيون، هن کي پنهنجي ماءُ جو مُنهن ڪنهن مسيحا جو چهرو لڳو، هن کي پنهنجي ماءُ جي مٿي جا اڇا وار ياد اچي ويا تڏهن هن ٿيلهي جي زنجير کولي اندر هٿ هنيو، مينڌيءَ کي هٿ لائي پڪ ڪيائين ته پئي آهي، زنجير بند ڪري پوئتي سيٽ کي ٽيڪ ڏئي هڪ وڏو ساهه کنيائين ته کيس آرام اچڻ لڳو ۽ هن من ئي من ۾ مُرڪي ڏنو. دل ۾ خيال ڪيائين ته پِرهه کي چيڙائيندو، پرهه کائنس ٻه سال وڏي هئي پر عادتون سڀ ٻارن جهڙيون اٿس، هڪڙي ئي ڀيڻ آهي هن کي سو هن به ڪڏهن هن جي مُنهن تي ڏُک کي اچڻ نه ڏنو آهي، سوچيائين پرهه کان مينڌيءَ لڪائيندو، کيس چوندو مون کان وِسري وئي آهي، پرهه چوندي، “سُڀاڻي عيد آهي، سڀ سهيليون هٿ مينڌيءَ رتا ڪنديون ۽ مان.................؟؟”، مان چوندس بابا وسري وئي، سڀاڻي وٺي ايندس ۽ هوءَ ڪاوڙجي سُڏڪي پوندي ۽ پوءِ مان کيس مينڌيءَ ڏئي پرچائيندس ۽ چوندس، “چري ڀائرن کان ڀي ڀيڻون ڪو وسرنديون آهن ڇا!!؟؟”
سچ پرهه جڏهن نوان ڪپڙا ۽ چوڙيون ڏسندي ته ٻهڪي پوندي ۽ واقعي منهنجي ڀيڻ پرهه جڏهن نوان ڪپڙا پهريندي ته اپسرا لڳندي، آهي به ته سڀاويڪ ۽ سٻاجهڙيءَ.............. منهنجي پرهه ته واقعي پرهه جو روپ آهي ۽ جونجهار.......!!، اهو ته ڏاڍو ارڏو ۽ هٺيل آهي، سڄو ڏينهن کيچل، ڪُڏ ڪُڏان، ڪنهن ڀي حرڪت کان مُڙي نٿو، تنهن کي به هي ڪپڙا سهڻا لڳندا ۽ هي جوگر ڏسندو ته خوش ٿي پوندو، موڙ وٽ ايندو ته ڳراٺڙي پائي کيس سيني سان لائيندس، يڪو گهر تائين هيٺ لهڻ نه ڏيندومانس، هڪ پل به ڇاتيءَ کان نه ڇنندس ۽ سُڀاڻي شهر گُهمائڻ به وٺي ويندومانس، گاڏيون موٽرون ڏسندو ته خوش ٿي پوندو، دل تي گُهمائيندس پنهنجي يار کي مان ۽ جونجهار کي رانديڪا ڀي وٺي ڏيندس، کيس بسڪيٽ، ٽافيون...............”
بس چنگهندي چنگهندي بيٺي ته هن جي خيالن جو سلسلو ٽُٽي پيو پر هي پروڙي نه سگهيو ته ننڍا ڀيڻ ۽ ڀاءُ سندس ابي امان ڄايا آهن يا سندس ئي اولاد!!.
هي حقيقت جي دنيا ۾ اچي ويو، جونجهار جي سِڪ سندس سينو ڦاڙڻ لڳي ۽ گهر جلدي پهچڻ لاءِ وري تڙپڻ لڳو، بس ۾ بيٺل ماڻهو هوريان هوريان لهڻ لڳا، هن ٻاهر ڏٺو ته واهه وهي پيو، هن کي پڪ پئجي وئي ته چونڪي وارا سپاهيءَ چيڪ ڪرڻ بهاني عيد اوڳاڙي ڪندا، هن ٿڌو ساهه ڀري اڳتي ڏٺو، بس ڊرائيور ڪنهن سان ڳالهائي رهيو هو ٻِئي پل هن جي نظر اڳئين دروازي مان چڙهندڙ هڪ سپاهيءَ تي پئي، جنهن جي وات ۾ پان ۽ اکين تي ڪارن شيشن واري عينڪ چڙهيل هئي ۽ ٽوپيءَ شايد هيٺ لاهي آيو هو، سندس پوليس واري ڪاري شرٽ به پينٽ کان ٻاهر نڪتل هئي، سپاهي مُسافرن کي اکيون ڦاڙي ڦاڙي ڏسندو پوئتي وڌي رهيو هو.
سپاهيءَ شڪاري نگاهن سان تڪيندو اچي پُٺين سيٽ تي بيٺو، ڪا گهڙي آخري لائين ۾ ويٺلن کي تڪيندو رهيو ۽ پوءِ ٽُٽل شيشي واري دريءُ مان پان ٻاهر ٿُڪي هڪ همراهه سان سخت لهجي ۾ مُخاطب ٿيو؛“نالو ڇا اٿئي؟”.
“سائين فقير مُحمد.” ، همراهه چيس.
“ڪارڊ ڏيکار”، سپاهيءَ چيس،
فقير محمد کيسي مان ٻٽونءَ ڪڍيو، جنهن جو ٻاهريون ڪور بلڪل سوني رنگ وانگر چِلڪڻوهو ڄڻ ڪنهن ڪار يا موٽرسائيڪل جا ڪاغذ هجن، فقير محمد پاڻ جهڙي پنهنجي سادڙي ٻٽونءَ کي کولي ان منجهان ڪارڊ ڪڍي سپاهيءَ کي ڏنو، جيڪو ڪارڊ کي اُٿلائڻ پُٿلائڻ لڳو.
هن جي نظر فقيرمحمد تي پئي، هن اندازو ڪيو ته فقيرمحمد پنجاهه پنجونجاهه جي لڳ ڀڳ هوندو، هن ڏٺو ته ان سپاهيءَ جي اڳيان فقير محمد جا هٿ ڏڪي رهيا ها، هوءَ بلڪل سادڙو لڳي رهيو هو ۽ سندس مٿي تي ٻڌل اڇي پٽڪي مان سندس لئونڻن جون اڇيون چُڳون ليئا پائي رهيون هُيون، سندس وڏي وکريل اڇي ۽ ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ سندس فقيراڻي طبيعت جو تاثر ڏئي رهي هئي، سندس هٿ ضرور ڏڪي رهيا هئا پر چهري تي اطمينان ۽ لبن تي مُسڪراهٽ ڦُٽل هئس، هن کي الاءِ ڇو فقيرمحمد جي سادڙائپ وڻڻ لڳي.
“نشو ڪندو آهين.........!!؟” ، سپاهيءَ فقيرمحمد کان پُڇيو.
فقيرمحمد کلي پيو ۽ چيائين؛ “سائين!، سادڙا ماڻهو آهيون ڪوڙ ڪونهي، مڙئي ڪڏهن ڪڏهن، جي ملي ٿو ته وزم هڻي ٿا وٺون.”
هن کي فقيرمحمد جي سچائيءَ جو انداز پسند آيو پر سپاهيءَ ڪانڊارجي پيو ڄڻ ڪا وڏي اسمگلنگ جهلي ورتي هئائين، سپاهيءَ ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو؛ “کيسي ۾ ڇا اٿئي؟؟”
“ٻيو سائين ڪجهه به ڪونهي، سواءِ هن جي................ رستي سان هڪ دوست مليو سو اُن ذري ڏئي ڇڏي بابا!” ، فقيرمحمد ڪُوئي جي ڦونگڙي جيتري هڪ ڪاري ڳوڙهي ٻٽونءَ جي پنيءَ مان ڪڍي سپاهيءَ کي ڏيندي چيو.
سپاهيءَ اها ڳوڙهي وٺي فقيرمحمد ڏانهن ڏٺو، جيڪو هڪ معصوم ٻار جيئان مُرڪي رهيو هو، اهڙي فرمانبردار ٻار جيئان جيڪو ڪُوڙ هڻڻ کان نٽائيندو هُجي ۽ غلطي تسليم ڪرڻ فرمانبرداري سمجهندو هجي.
ٻئي لمحي سپاهيءَ جي زوردار ٿڦڙ فقيرمحمد جي اڇي ڳاڙهيءَ ڏاڙهيءَ واري مُنهن ۾ ٺا ٿي وئي ۽ فقير محمد جو اڇو پٽڪو پيرن ۾ ڪري پيو، بس ۾ ويٺل سڀ ماڻهو سپاهيءَ کي اچرج منجهان تڪڻ لڳا، فقيرمحمد جو چهرو ڪاوڙ منجهان ڳاڙهو ٿي ويو، ڪنهن به ڪُجهه نه ڪُڇيو، سپاهيءَ گار ڏيندي کيس وري مُڪ هڻي ڪڍي ۽ فقيرمحمد کي بس مان هيٺ لاهڻ لڳو؛ “لهه هيٺ سوئر جا.................”
هن کان برداشت نه ٿيو، هي ٽپ ڏئي پنهنجي جڳهه تان اٿيو ۽ سپاهيءَ کي چيائين؛ “ڪجهه حياءُ ڪر!،توکان عمر ۾ وڏو آهي، توکان ڪجهه لڪايو ته نه اٿس ۽ ڪهڙو هي وڪڻڻ لاءِ وٺيو پيو وڃي، جيڪي سرعام وڪڻن ٿا، انهن جو ته نالو ئي ڪونه ٿا وٺو.”
“هان ته تون هن جو ساٿيءَ آهين.” ، سپاهيءَ هن جي ڳالهه ڪٽيندي هن کي چيو ۽ فقيرمحمد مان هٿ ڪڍي هن ڏانهن وڌيو ۽ ٻئي لمحي هڪ زوردار چماٽ هن جي ڳل تي کِنوڻ وانگر کِنوي وئي.
هن کي الائي ڇا ٿيو جوهن به نه ڪئي هم نه تم، ڀاڪر وجهي سپاهيءَ کي مٿان ڪري سيٽ تي سٽيائين ته سپاهيءَ کان دانهن نڪري وئي، هن ٻه ٽي ٿُڏا سپاهيءَ کي هڻي ڪڍيا، ايستائين ٻيا ڪجهه سپاهيءَ بس ۾ چڙهي آيا، تن هن کي وڪوڙي ورتو ۽ گِهلي کڻي هن کي هيٺ لاٿائون.
فقيرمحمد جي ڪڇ ۾ پٽڪو هو ۽ بس دانهون ڪندي وڃڻ لڳي، هن ۽ فقيرمحمد تي سڀ سپاهيءَ وري پيا، جيئن ڪتل تي مکيون!!، هن جو مٿيون چپ چيرجي پيو هو، چپ ۽ نڪ مان ڳڙندڙ رت هن جي ڦاٽل ڳلي کان هيٺ دامن تي ڳاڙها ڳاڙها نشان ٺاهي رهيو هو.
ٿاڻي جي وِرانڊي واري دريءَ جي گِرل ۾ سنگهر ٻڌل هئي ۽ سنگهر جو ٻيو سِرو هٿ ڪڙيءَ ۾ ۽ هٿ ڪڙيءَ ۾ هن جا هٿ سوگها هئا. وائرليس سيٽ ۾ مُبهم آوازڦٿڪڻ لڳو؛ “مرڪزي عيدگاهه ۾ نمازين جي حفاظت لاءِ پوليس جو جٿو موڪليو..........”
هڪ اي ايس آءِ ۽ ڪجهه سپاهيءَ ڦٽل موبائل ۾ چڙهي روانا ٿي ويا.
ٻاهر ڪُرسي تي وڏو مُنشي مٿي کي مينڌيءَ هڻي اُس ۾ ٺوڙهه سُڪائي رهيو هو، مينڌيءَ جو خالي پئڪيٽ مُنشي جي پيرن ۾ مروڙيو پيو هو ۽ مٺائيءَ جو خالي دٻو پريان ننڍڙا گُلر چٽي رهيا ها، ان مان مٺائي ته رات ئي سپاهين چٽي ڇڏي هئي.
۽ هن جي ذهن ۾ جونجهار جي ڳراٺڙيءَ، پِرهه جون يادون ۽ پوڙهي ماءُ جي اوسيئڙي واري پريشاني ڪنهن پُراڻي سي ڊي جيئان جهٽڪا ڏيڻ لڳي.
* * * * * * * * * * * *