ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

رهجي ويل اکيون

رهجي ويل اکيون

اُن ڏينهن شام جو جڏهن آفيس مان موٽيو هئس تڏهن ڏاڍو ٿڪل هئس، وچ ۾ ڪٿي پل به بيهڻ جو ارادو نه هئم، سڌو گهر پئي وڃڻ چاهيم پر پوءِ جڏهن مارڪيٽ وٽ پهتس ته روڊ ڪناري نظر پيم هڪ وڏيءَ رنگ برنگيءَ ڇٽيءَ تي!!.
ڪنهن فون ڪمپنيءَ جو نمائندو مارڪيٽ واري چئونڪ تي روڊ ڪناري پنهنجي ڪمپني جي ڇٽيءَ هنيو اسپيڪر تي پنهنجي ڪمپني جي مشهوري ڪري رهيو هو، ڪي هوڪا ڏئي رهيو هو، بي انت پيڪيج به ٻُڌائي رهيو هو ته ڪي وري فائدا به ڳڻائي رهيو هو. پنهنجي ڪمپني جي ڳاڙهيءَ ٽوپيءَ (CAP) پائي ۽ انهيءَ ڪمپني جي –T شرٽ پهريل اهو نوجوان ڪنهن مداريءَ وانگر هر ايندڙ ويندڙ ماڻهوءَ جو ڌيان ڇڪائڻ خاطر پنهنجو آرٽ آزمائي رهيو هو.
مان ٿڪل ته هئس پر هميشه وانگر ڪجهه مخصوص قسم جي انوکي نمبر جي ڪشش جي ڪري غيرارادي طور اتي بيهي رهيس ۽ پيل سِمون جانچڻ لڳس، مون کي ڪو نئون نمبر گهُربل ڪونه هو پر مان بس ائين ئي اُهي سِمن جا جئڪيٽ کڻي نمبر اُٿلائي پُٿلائي ڏسڻ بيهي رهيم.
مان مختلف نمبر ڏسي ئي رهيو هئس ته ڀر ۾ ڪنهن ٻئي جي اچي بيهڻ جو احساس ٿيو مون کي؛ “شايد ڪا زائفان آهي.........!!.”، خيال ڪيم ۽ کِسڪيءَ بيٺم، هُوءَ به ٽيبل/ڪائونٽر تي پيل سِم ڪارڊ جا جئڪيٽ کڻي نمبر جانچڻ لڳي، مون نه کيس ڌيان ڏنو ۽ نه ئي هڪ نظر ڏسڻ خاطر کيس جهاتي پاتم بس چُپ چاپ نمبرز اُٿلائي پُٿلائي ڏسندو رهيم.
هُوءَ به ڪائي دير ائين ئي نمبرز ڏسندي رهي ۽ پوءِ سِم سميت هڪ جئڪيٽ مون ڏانهن وڌائيندي چيائين؛ “هان هي وٺو، هي نمبر سُٺو اٿئو........ جيڪر وٺو ته!!.”.
کن پل لاءِ لڳم ته هُوءَ به ڄڻ ڪا ڪمپني جي نمائنده مائيءَ آهي، سِم وٺندي ڪنڌ مٿي کڻي کيس ڏٺم ته ڄڻ اکين تان اعتبار ئي وڃائي ويٺس!!. بي يقينيءَ جي عالم ۾ ڪجهه به زبان مان ادا نه ٿي سگهيو، هڪ ڳيت اُڀري جا اڌ ۾ رهجي وئي، ٿڪل ته اڳي ئي هئس پر وجود وڌيڪ ٽُٽي چُور ٿي پيو، شام جا پل جت هر منظر سرءُ جي لپيٽ ۾ ها اُت وجود سراپجي ويو ۽ ڀائنيم نِڙيءَ سُڪي ٺوٺ ٿي پئي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن پل ڀاري ٿي ويندا آهن ته وري ڪڏهن ڪڏهن صديون واريءَ مُٺ!!. ڪي ساعتون اسان تڙپيءَ تڙپيءَ گُذاريندا آهيون ته اُهي ساعتون صدين سمان ٿي پونديون آهن، وڇوڙن جا پل سالن تي محيط ٿي ويندا آهن ۽ ڪڏهن وري زندگيءَ جا گُذاري ڇڏيل ورهيه اسان کي منٽ پل ۾ طيءَ ڪيل ڀاسندا آهن.
ائين پل ۾، هڪ گهڙيءَ هڪ لمحي ۾ مان اٺ سال پوئتي هليو ويس؛ “هي سِم وٺو.............. ها هي نمبر سُهڻو اٿئو!.”
“آسيه تون............!!؟؟.”، انتها درجي جي بي يقينيءَ ۽ درد!!.
درد جنهن ۾ گُذريل اٺ ورهين جي پيڙاءُ ۽ پيڙاءُ کي پڪ ڪرڻ لاءِ سِوا ان جي ٻيو ڪجهه ڪُڇي ئي نه سگهيس.
“آسيه..............
“ها عليل مان..........!!.”.
اٺ سال پهرين به هُن مون کي منهنجي نانءُ جليل بجاءِ سدائين عليل ئي ٿي سڏيو ۽ اڄ به عليل ئي چئي يقين ڏياريائين ته هُوءَ آسيه ئي آهي!.
سندس ائين اوچتو روڊ رستي تي ملي وڃڻ ۽ اهو به مسلسل اٺ سالن پُڄاڻان يقينن مون لاءِ ڪنهن حيرت کان گهٽ نه هو!، مون کي سمجهه ۾ نه اچي رهيو هو ته کيس ڇا چوان!؟، مان غفائن ۾ وڃائجي ويس، مون کان وسري ويو ته اسان بيحد مصروف رهندڙ شهر جي مارڪيٽ واري چوڪ تي روڊ ڪناري بيٺا آهيون!!!.
مان ته ڏسي رهيو هئس مان هِن پنهنجي شهر ۾ نه هئس، هُن جي شهر ۾ هئس، هُن جو هٿ منهنجي هٿن ۾ آهي، اسان روڊ ڪناري هلندي يونيورسٽيءَ گيٽ ڏانهن وڌيا آهيون ۽ پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو مين گيٽ گذري اندر هٿ هٿ ۾ ڏئي روڊ ڪناري اڳتي وڃي رهيا آهيون، سامهون ايندڙ ويندڙ اسان کي تعجب مان ڏسندا لنگهندا پيا وڃن، پوءِ ڀي آسيه منهنجو هٿ نٿي ڇڏي، هٿ هٿن ۾ سوگهو آهي ڄڻ ڪُنڍو ڪڙي ۾ اڙيل آهي............... امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهه............... پر آسيه چئي ٿي فارم پوءِ ٿا جمع ڪرايون اچ او هُن شيلٽر جي هيٺان دِڪي تي ٿا هلي ڪا گهڙيءَ ويهون عليل!!.
منهنجو نالو مائٽن ته جليل رکيو هو پر هن لاءِ مان عليل هئس ۽ جڏهن به جتي به هُوءَ مون سان ملي ته مون کي سڏيائين ڀي عليل!.
سئو ڀيرا چيومانس جليل نٿو وڻنئي ته قليل چئو باقي عليل نه.
چئي؛ “عليل ڇو نه چوان؟.”، چيم؛ “مون کي نٿو وڻي!.”
“نٿو وڻي ته نه وڻي مان ته عليل ئي چوندم.”
“اڙي.............. منهنجو نالو ٿي ڦِٽائين..........
“مان ته عليل ئي چوندم.”
“اڙي عليل ته جام بيمار ۽ چريي کي چوندا آهن!.”
“ها.............. پر مان ته عليل ئي چوندم.”
“زبردستيءَ آ ڪا؟؟.”
“ها آهي ته!؟.”
“اوهه خُدايا................
“اوهه عليل.................
“پاڻ کي پهرين فُرصت ۾ فارم جمع ڪرائڻ گهُرجن آسيه نه ته پنهنجي بي ڪام اڌوري رهڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا!.”، چيومانس.
“ڀلي بي ڪام اڌوري رهجي وڃي...........”، چيائين؛ “پر پهرين پاڻ ڪا گهڙيءَ اڄ گڏ ويهنداسين.”
مون کي تعجب لڳو، سندس لفظ، سندس اهو ملڻ ڪجهه پُراسرار......... مان پاڻ کي واريءَ محسوس ڪرڻ لڳس، وهندو ويم، ڇڻندو ويم، ائين پئي لڳم پنهنجي مدار مان ڄڻ مان کِسڪيءَ رهيو هُجان ۽ هُوءَ مون کي سوگهو ڪندي پئي وڃي يا ڄڻ منهنجي کسڪيءَ گُم ٿي وڃڻ کان اڳ مون کي ڀرپور نموني پاڻ ۾ جذب ڪري ڇڏڻ پئي چاهي، مون کي لڳو ڄڻ سرءُ ويجهي آهي، رنگ سڀ ڦِڪا ٿيڻ وارا آهن توڙي جو امتحانن ۾ اڃان ڪافي وقت پيو آهي پر مان ۾ ڏنل آجياڻو شايد اڄ آهي!!.
نبض ۾ خون ڄڻ هوريان هوريان بي حرڪت ٿي رهيو هو، سڀ ڪجهه وساميو پئي ۽ اسان بئنڪ سامهون دِڪي تي اچي ويٺا آهيون، منهنجا ٻئي هٿ آسيه پڪڙي رکيا آهن ڄڻ اِجهو ٿا منهنجا هٿ پوپٽ جان گهُت هڻي اُڏامن!!.
“خوشبوءَ ڇو آندي اٿئي؟”، هُن منهنجي آندل ڪتاب ڏي ڏسي چيو.
“مون کي ڀي پروين شاڪر................
“مون کي ته وصي شاهه وڻندو آهي!.”
“ڦوٽو سُهڻو اٿس ڇا؟.”، چيم ته مُرڪي پئي.
“سڙين ٿو عليل!!.”.
“رقيب جو احساس ته ٿيندو نه.”، اک هڻندي چيومانس؛ “پٿر ته ناهيان جو احساس به نه پاليان!.”.
هن ڪافي دير ڪجهه به نه ڳالهايو نيٺ پل ڊگها ٿي وڃڻ کان پوءِ چيائين؛ “عليل................
“هُونئن..........
“هي تنهنجي خوشبوءَ................ عمر ڀر مون کي تنهنجي ياد ڏياريندي رهندي.”.
منهنجي من ۾ ريل جي وِسل وڳي، ڇڪتاڻ جو ڪو سائرن وڳو، ڪا رڙ ٿي، ڪا رِيهه ٿي، اوڇنگار نه نڪتي هڪ سُڏڪو ڳلي ۾ اٽڪي ويو.
“خوشبوءَ پروين جي آ.”، چيم؛ “اسان جون ته فقط يادون آهن!!.”، مون هٿ هٿن مان ڇڏائڻ چاهيا پر آسيه منهنجا هٿ قابوءَ ڪري ورتا ۽ ڪي پل هُوءَ مُنهنجي هٿن کي پڪڙي ڏسندي رهي، ائين لڳم ڄڻ آخري ڀيرو ٿي ڏٺائين ۽ پوءِ هُن منهنجي ساڄي هٿ جي پُٺيءَ چُمي هٿ ڇڏي ڏنا ۽ ساعتن لاءِ منهن پرتي ڪري خلا ۾ گهورڻ لڳي، مون آسمان ۾ ڏٺو ڏور غفا ۾ ڪا ڏور ڪٽجي وئي هُئي، لغڙ مختلف رُخن ۾ بنان سهاري جي گهُتن ۾ پئجي ويو هو ۽ مون کي لڳو مان ڄڻ زندگي منجهان ڪٽجي ويو آهيان. آسيه پنهنجي هٿ ۾ جهليل ٽِشو ٻه ٽُڪر ڪري ڇڏيو، هڪ اڌ مون کي ڏئي ٿڌو ساهه ڀريائين؛ “عليل هلون فارم جمع ڪرائڻ؟.”
مون سندس اکين ۾ ڏٺو، اکين ۾ سڀ ڪجهه هو مان نه هئس، هُن ڪنڌ جهُڪائي ڇڏيو، خوشبوءَ سندس شولڊر بئگ ۾ وجهندي چيم؛ “ها هلو فارم جمع ڪرايون...........!!.”.
بئنڪ جي اڳيان ٻه قطارون آهن، هڪ ڇوڪرين جي ته ٻي ڇوڪرن جي، هڪ ۾ هُوءَ آهي، هڪ ۾ مان آهيان!!. هُوءَ وياڪل آهي، مان وڍيل آهيان، گُم سُم آهيان، وڃائجي ويو آهيان، واريءَ مُٺ وانگر وهي ويو آهيان، آسيه هر هر ڇوڪرين جي قطار مان نڪري مون کي نهاري ٿي ته مان ڀڄي فرار ته نه ويو آهيان، وڃائجي ته نه ويو آهيان، گُم ته نه ٿي پيو آهيان ۽ پڪ ڪري ٿي ته مان اڃان موجود آهيان ته وري وڃي ساڳي قطار ۾ بيهي ٿي، کُٽڪي ۾ سندس اهو نهارڻ عجيب آهي!!.
مان ٽِشو جي ٽُڪر کي پنهنجي هٿ ۾ ڏسان ٿو ڄڻ آسيه جا هٿ منهنجي هٿن ۾ آهن!.
“عليل..................
“هونئن..............!؟.”، ڇرڪي پيس، اٺ سال ماضيءَ جا اُڪري حال ۾ اچي ڪريس.
“مان هت آهيان.”، چيائين.
“مان تنهنجي شهر آهيان.”، چيومانس.
“مان هتي آهيان هتي!.”، چيائين؛ “هتي تنهنجي شهر ۾!!”.
“پر تنهنجو شهر ته................
“مون هن شهر کي پنهنجو ڪيو آهي عليل، مان هتي آهيان.”.
“ها............. تون هتي ئي آهين!.”، کيس چيم پر هُن کي ڪهڙي خبر ته هُوءَ هت ناهي، هُن کي ته اٺ سال پهرين مان وڃائي چُڪو آهيان!!.
“جي مان هت آهيان ته پوءِ تون ڪٿي آهين؟؟”، هن مُرڪي چيو.
“عليل ته غفائن ۾ هوندا آهن آسيه!.”، چيومانس.
“معنيٰ اڃان ڀي جاڳ جا سپنا ڏسندو آهين؟.”
“سپنا ڪي اسمگلر ته ناهن جو هنن جي اچڻ تي ڪا پابنديءَ لڳائجي!.”، چيومانس.
“داخله ممنوع جو بورڊ پنهنجي ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏ.”، هن چيو؛ “ته جيئن جاڳ جا سپنا تنهنجي سوچ جي سرحد تي پرواز نه ڪن.”
“سپنا ته سپنا آهن آسيه!!.”، چيومانس؛ “ڪنهن مومن جي ڌيءُ نه آهن جو وچ راهه ۾ ڪنهن مُلحد ڪافر کان وِڇڙي وڃن!”، منهنجي طعني هن جو ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو. ڪجهه ساعتون چُپ رهڻ کان پوءِ هُن چيو؛ “غفائن ۾ رهي رهي عليل مان قليل ٿي ويو آهين!.”
“غفائن ۾ ئي ته آسيس آهي!.”، مُرڪي کيس چيم.
“ڀلا ڪيڏانهن هلندين به يا هت روڊ ڪناري ئي بيٺو هوندين؟؟.”
مون سان گڏ ته تو هلڻ ئي نه چاهيو جي هلين ها ته اڄ ساميءَ نه هجان ها اهو کيس چوڻو هُيم پر چئي نه سگهيم، گڏ هلڻ جا گس ته وڃائجي ويا ها پر کيس ڪهڙي پروڙ کيس ڪهڙي ڪل!!!.
“سِٽي هوٽل تي ڀلا هلون؟؟.”، هُن ئي چيو.
“ها هلو.”
هڪ عرصي کان پوءِ هن جو وري گڏ هلڻ، هر وِک هر قدم زندگي وئي ٿي پوئتي ٿِڙندي پر هن جي هر هر ڪنهن سوال ٿي سنڀاليو مون کي ۽ مان هن سان گڏ ڪنهن عجيب ڪيفيت ۾ سِٽي هوٽل پهتس، منهنجي حالت، منهنجي ڪيفيت ڏاڍي عجيب ٿي پئي هئي، اُن پل هوٽل جو ماحول ڀي مون کي پُراسرار پئي محسوس ٿيو.
هُوءَ سامهون ڪُرسيءَ تي خاموش ويٺي رهي، عجيب ماحول جُڙي پيو، هوٽل ۾ بيحد خاموشي هئي جا لُطف ڏيندڙ پئي لڳي، مون ڪُجهه هن سان ڳالهائڻ پئي چاهيو، ها ڪي پُڇڻ ۽ ڪجهه ڄاڻڻ پئي ٿي چاهيو آسيه کان مون!!.
ها آسيه جي اڪابر پيءُ جو احوال وٺڻ ٿي چاهيو مون جنهن جي ڪري آسيه.............
پر سمجهه ۾ نه پيو اچيم ته ڇا ڳالهايان!!.
هُوءَ به مُسلسل چُپ ٿي ڀِت بڻيو ويٺي رهي ڄڻ مون وانگر ٿي سوچيائين ته آخر منهنجي ڪافرپائين جو پتو ڪيئن لڳائي، مان مُحبت ۾ سرود دُکم دُکم ٿي پيو هئم پر هُوءَ ته فرقن جي تفرقي ۾ وچڙي پئي هئي!.
هڪ گهِري ماٺ کان پوءِ جڏهن بيرو چانهه جو آرڊر وٺي هليو ويو تڏهن چيومانس؛ “آسيه.....!”
هُوءَ خالي نظرن سان مون کي ڏسندي رهي، ڪي پل خاموشي ڄڻ لفظن جي ڳولا................ اڻ چئي ڳالهه جي ڳولا............
“ها چئو........”، مون کي چُپ ڏسي هُن چيو.
مان پنهنجو پاڻ کي ويڙهي ورتو ۽ چوڻ لڳس؛ “آسيه................”، هُن مون ڏي ڏٺو، چيومانس؛ “جنهن ڏينهن پاڻ بي.ڪام فائنل جا امتحاني فارم جمع ڪرايا ها................
“ها اُها آخري تاريخ هُئي فارم جمع ڪرائڻ جي.”
“ها اُها آخري تاريخ هئي پنهنجي!.”، چپن ۾ چيم؛ “فارمن جي آخري تاريخ اڄ ڀي ياد اٿئي پر انهيءَ ملاقات ۾ وڇڙي وڃڻ واري اُها آخري گهڙي ياد نه اٿئي!!!.”
“ڇا...........؟؟.”
“ڪجهه نه.”، مو ٿڌو ساهه ڀري ورتو.
“چئو نه عليل........
“ها پنهنجي اُن مُلاقات کي مون نه سمجهيو هو ته ڪا اُها آخري ملاقات هوندي!.”
“ها تو ٺيڪ ئي سمجهيو هو اِهو ته.”، آسيه چيو ۽ مون حيرانيءَ مان هن ڏي ڏٺو؛ “ها عليل..............”، هُوءَ چوڻ لڳي؛ “جي آخري ملاقات سمجهين ها ته اڄ ٿورئي پاڻ ملون ها!!.”
“نه پر.................
“نه پر ڇا عليل؟؟.”
“پر اڄوڪي ملاقات ته اتفاق آهي محِظ!.”، چيم؛ “اُها ملاقات جنهن ۾ تو منهنجا هٿ ڪافي دير پڪڙي رکيا ها اُها ته آخري ملاقات ئي ثابت ٿي!.”
“نه اُها آخري نه هئي.”، هن مُختصر چيو ته تعجب ۾ پئجي ويم.
“آخريءَ نه هُئي!!؟؟.”
“ها............. آخري نه هُئي عليل.”
“آخري نه هُئي ته ڀلا هي يڪا سارا اٺ سال آسيه؟؟.”، منهنجي سوال ڄڻ هُن جي هانءُ ۾ هٿ وڌو، هُوءَ خاموش ٿي وئي، ڪجهه به نه ڪُڇيائين، مون هُن جي اکين ۾ ٿي نهارڻ چاهيو پر سندس نظرون ٽيبل تي ڄميل هُيون، پٿر اکيون برف وانگر ڄميءَ ٽيبل تي ئي رهجي ويون!!.
مون سندس چهري کي تڪيندي پنهنجو پاڻ کي هُن ۾ وڃائي ڇڏيو، بيري ٽيبل تي چانهه رکي، ڪوپن جي کڙڪي اسان ٻنهيءَ کي ڇرڪائي وڌو ڄڻ اسان ٻئي ننڊ مان اٿيا هُجون!.
هُن چانهه ٺاهيندي پُڇي ورتو؛ “ڪا نوڪري مليئي يا نه؟؟.”
“نوڪري جو ڇاهي آسيه!!.”، چيم.
هُن پنهنجو هٿ روڪي ورتو، گهُنڊ وجهندي چيائين؛ “ڇا مطلب؟؟.”
“مطلب ته نوڪريون ملي ئي وينديون آهن.”
“يعني انيڪ نوڪريون ٿو ڪرين!؟.”، هُن چانهه ٺاهي ورتي.
“انيڪ ته نٿو ڪريان پر ڪجهه ڪري ڇڏي چُڪو آهيان!.”، چيم.
“۽ اڄ ڪلهه؟؟.”
“اڄ ڪلهه واندو نه آهيان!.”، کن رکي چيم؛ “ڪنهن فرم جي مٿي جو سور بڻيل آهيان مان.”
“۽ شاديءَ؟”، هُن پُڇيو ۽ مان چُپ ٿي ويم، تڏهن هُن پُڇيو؛“کنڊ هڪ چمچ؟”.
مون ڪنڌ لوڏي ها ڪئي ڳالهايم ڪجهه ڀي نه، هُن کنڊ ڪپ ۾ وجهندي چيو؛ “مون شاديءَ جو توکان پُڇيو؟؟.”
مان چُپ رهيم هُن ڪپ وڌائي ڇڏيو ۽ سواليه نگاهن سان مون کي ڏسڻ لڳي، مون هن جي اکين ۾ نهاريندي چيو؛ “تو ڪئي آ آسيه........... ڪافي آ.”
“پر تون ڪڏهن ڪندين؟؟.”
مان ڪجهه ڳالهائي نه سگهيس، هُوءَ ڪائي دير مون کي ڏسندي رهي ۽ پوءِ چيائين؛ “شاديءَ ڇو نٿو ڪرين؟”
“ڇو جو ڪو جواب نه هوندو آهي ڊيئر آسيه!!.”، چيم.
“پوءِ ڪنهن سان عشق هوندئي!”
“عشق ته سدائين رهيو آهي.”.
“پر منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان چڪر هوندئي.”
“چڪر!؟؟، چڪر باز آهن ڇوڪريون!.”، چيم؛ “ڪٿي ٿيون چڪر هلڻ ڏين اسان جو ڪو!”
“معنيٰ چڪر هلائڻ جي ڪوشش ۾ آهين؟؟.”.
“نه مان ته چڪر ۾ اچي چڪرائجي چُڪو آهيان ۽ هاڻ..............!”.
“۽ ڇا هاڻ؟؟”.
“۽ اُن چڪر ۾ ئي آهيان اڃان ته!!.”
“ڪا ته هوندي عليل؟.”
“ها ڪا ته آهي آسيه!.”
“ڪير آهي؟، ٻُڌا مون کي؟؟.”
“توکي ته اُن جي خبر آهي آسيه!.”، چيم؛ “وڌيڪ ڇا ٻُڌايان توکي؟؟.”
هُوءَ جڏهن سمجهي وئي تڏهن چيائين؛ “مان اُن جو نه پئي پُڇان، ٻي جو ٻُڌاءِ پليز؟.”
“ٻي ڪائي ڪونهي ان کان سواءِ آسيه.”
“ڪا ته هوندي عليل؟؟.”
“نه ڪائي ڪونهي مون لاءِ عليل............. سڀ ڀاءُ ٿيون چون مون کي!!.”
“توکي ڏُک ٿو ٿئي؟.”
“ڇا جو ڏُک؟.”
“ڇوڪريون توکي ڀاءُ ٿيون چون جو!.”
“نه ڀاءُ ٿيڻ ۾ ڏُک ڇا جو آهي ڀلا؟؟.”
“پوءِ ڀي..............؟؟.”
“نه................. ضروري ناهي ته هر ڇوڪري آسيه ئي هُجي!.”
“پر ڪا ته سُهڻيءَ صورت............
“سُهڻيءَ صورت وارا بي وفا هوندا آهن آسيه!.”، چيم.
“نه ائين ته ڪونهي عليل.”
“نه ائين ئي آهي.”، چيم؛ “سُهڻيءَ صورت واري کي پنهنجي سُهڻيءَ صورت جو ڀرمان جو هوندو آهي!.”
هُن ڪجهه ڀي نه ڳالهايو تڏهن کن رکي چيم؛ “سُهڻيءَ صورت واري لاءِ ته سئو عليل هوندا آهن، هڪ عليل ويو ته ٻيو عليل حاضر.............. تنهن ڪري عليل تي اک نه ٻُڏندي آ ڪڏهن!!.”
“مون کي ٿو چئين؟؟.”، هُوءَ ڄڻ وٺجي پئي.
“نه......... راءِ عامه جي ڳالهه ٿو ڪريان مان ته.”
“راءِ عامه غلط به ٿي سگهي ٿي.”
“چور کي clean shave هُجڻ کپي آسيه!!.”
“ها پر سڀني سُهڻي صورت وارن کي بيوفا چوڻ ته blame ڪرڻ آهي.”
“ها شايد.........!!.”
“چانهه ٺري چُڪي آهي!.”
“ها شايد ٺري چُڪي آهي...........!.”، هن سِپ سِپ چانهه ٿي پيتي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ مون کي به نهاري ٿي ورتائين!، من جو صحرا ڏاڍو تتل هُيو، مون ڀي ڪپ کڻي ورتو، ڪڏهن ڪڏهن الاءِ ڇو ڪجهه عجيب ٿي پوندو آهي، ڪي اتفاق الاءِ ڇو ٿي پوندا آهن، جن جي اسان کي ڪا توقع ئي نه هوندي آهي!!.
وڇوڙي جا ورهيه مون يادن کي سُمهارڻ ۾ طيءَ ڪيا، خود کي آٿتون ڏئي مون پل اُڪاريا، زخم جن کي مون لُڇي نِڀايو ۽ وري اوچتو هڪ ملاقات ۾ سڀ زخم اُڊڙي پيا، اُکڙي پيا!!.
ڪڏهن ڪڏهن اسان سان اهڙا اتفاق الاءِ ڇو ٿيندا آهن.
“تنهنجي فرم ۾ ڪا مائيءَ ملازم آهي عليل؟؟.”، هُن ڪپ ٽيبل تي رکندي پُڇيو ۽ مان ڇرڪي پيس، سندس سوال ڄڻ کوج هُجي، ڪي گهڙيون کيس ڏسندو رهيس ۽ پوءِ چيم؛ “مائيءَ................!؟؟.”
“ها عليل............. ڪا ملازم مائيءَ؟؟.”
“انيڪ آهن.”، چيم.
“نيڪ به آهن؟؟.”
“مون لاءِ ته سڀ نيڪ ئي آهن!.”
“ٺيڪ آ ڀلا ڪا مشهور..........”، چيائين؛ “منهنجو مطلب آهي ڪا توجه طلب؟.”
“اسان واري فرم اخبار جو توجه طلب وارو صفحو ته نه آهي آسيه!.”، چيم؛ “۽ نه ئي اسان جي اداري ۾ڪا فلمي اداڪارا ملازم آهي.”
“پر پوءِ به؟؟.”
“نه ميڊم مشڪري ڀي ڪانهي اتي!.”
“منهنجو مطلب آهي ڪائي اهڙيءَ جيڪا تنهنجي مرڪز نگاهه هجي عليل!.”.
“سڀ ميڪ اپ ڪري ئي اچن ٿيون، سڀ مرڪز نگاهه آهن!.”، چيومانس؛ “حليمه جا ڦِڏا پير به ڏسڻ جهڙا آهن ته شگفته جو ڦاٽل نڪ ڀي عجيب آهي ته گُلشن جون ٽيڏيون اکيون.................
“ڪنهن جي نالي گهٽ وڌ نه چئبو آهي عليل.”، آسيه چيو؛ “ڪنهن مان عيب نه ڪڍبا آهن.”
“تو ئي ته چيو آسيه ڪا مرڪز نگاهه..............”، چيم؛ “پر توکي خبر هئڻ گهُرجي اسان پارا ماڻهوءَ Re-take کان عاري هوندا آهن.”
“ها توهان مرد حضرات ته رهندا ئي مسجد شريف ۾ آهيو!.”، هن ٽوڪيندي چيو؛ “اهي من گهڙت فقرا ئي اوهان جي ڇسي فلسفي کي ظاهر ڪن ٿا عليل.”
“اسان جو فلسفو ڇسو آهي؟؟.”
“گهٽ ۾ گهٽ محبت جي باري ۾ ته اوهان ناٽڪيءَ آهيو.”
“مان زندهه مثال تنهنجي اکين جي اڳيان آهين پوءِ ڀي؟؟.”، چيومانس؛ “ٿي سگهي ٿو ائين هُجي ڀلا.“.
“ها پر تڏهن ڀي محبت جي معاملي ۾ اوهين ته ڍونگي ئي آهيو.”
“ها اسين سڀ پاڪ پويتر ته نه آهيون!.”، کن رکي چيومانس؛ “ضرور اسان ۾ ڪي واپاري ڀي ته هوندا اوهان سڀن وانگر.”
هُن گهور ڪري مون کي ڏٺو ۽ چيائين؛ “اسان سڀن مان تنهنجي مُراد؟؟.”
“اوهان سڀ.................!”، چيم؛ “اوهان سڀ عورتون................. بلڪه............. مظلوم عورتون!!.”
“نه وضوءَ ۾ ته هر وقت تون ئي رهندو آهين ها نه؟؟.”، آسيه چِڙندي چيو.
“تسبيح ٽُٽي پئي آهي آسيه!.”، چيم؛ “داڻا سڀ وکري ويا آهن.”
“پوءِ ٻُڌاءِ نه!؟.”، هن ضِد ڪندي پُڇيو؛ “ڪنهن ٻي مظلوم عورت کي تڪيندو آهين يا نه؟؟.”
مان هن جي مُک کي تڪيندو رهيس تڏهن هُن ٻيهر پُڇيو؛ “عليل........؟؟.”
“ڇا ٻُڌايان؟.”
“اِهو ئي ته اڄ ڪلهه ڪنهن سان................
“ڪوئي ڀي ناهي.”
“نٽائين پيو مون کان يا ڳالهه کُٽائين پيو؟.”
“نه نٽايان ٿو ۽ نه ئي ڳالهه کُٽايان پيو.”، چيومانس؛ “پر الاءِ ڇو يڪو اٺ ورهين کان عليل ئي آهيان.............. جليل ٿي نه سگهيو آهيان!!.”
“۽ اٺ ورهيه پهرين؟؟.”، هن ائين پُڇيو ڄڻ ڪجهه به نه ڄاڻندي هُجي.
هُن کي چڱيءَ طرح خبر هُئي ته اٺ ورهيه پهرين اسان ٻنهيءَ ڪو وقت گڏ گُذاريو هو، انيڪ راتيون گڏ جاڳندي وهاميون هُيون، ڪئي سج اُڀري لٿا ها ۽ شامون هٿ هٿن ۾ سنجها ٿي ويون هيون ۽ اڄ...............؟؟.
“هُن سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو؟؟.”
“نه نه جيڪر سڀ ڪجهه وساري ها ته پوءِ اڄ مون کي ڪيئن سُڃاڻي ها!!. ضرور هن کي ياد آهي پهرين ملاقات، ٻين ملاقات، ٽين ملاقات ۽ پوءِ پل پل، پهر پهر، گهڙيءَ گهڙيءَ ۽ سڀ ڪجهه!!.”
“پر آسيه جو ائين پُڇڻ؟؟.”، پنهنجي پاڻ کان انيڪ سوال جن جا جواب نه آيا ڏيڻ مون کي.
“عليل..............
“هونئن..............
“ڇا پيو سوچين؟.”
“ڪجهه به نه!.”
“اداس آهين؟.”
“نه ته........!.”
“ڪو ڏُک اٿئي؟؟.”
“جي نه ته.”
“تعجب آهه!!.”
“ڇو..................؟؟.”
“ڪاوڙ ڀي نه اٿئي؟.”
“بلڪل نه پر ڇو؟؟.”
“اٺ سال پهرين............. ”، هُوءَ چوندي رُڪجي وئي، مون کيس ڏٺو ۽ سندس نگاهون هيٺ ٿي پيون، ڪنهن پل هيٺ پيرن کي ٿي تڪيائين ته ڪنهن پل هٿ جي خالي ترين کي، ڄڻ ترين جي لڪيرن ۾ وڃائجي ويل لڪيرون ٿي ڳوليائين!!.
“ڇا اٺ سال پهرين آسيه؟.”، پُڇيومانس ته هُن ڪنڌ مٿي کنيو، هڪ نگاهه وري مون کي ڏسي وري نگاهه جهُڪائي ڇڏيائين، ڪو بند هو جيڪو ساڻس نٿي ڀڳو، جنهن جي جُستجو ۾ هُوءَ نظر پئي آئي!!.
ان کان اڳ جو مان کائنس ڪجهه پُڇان هُن چيو؛ “جليل............ سچ ته مان توکان ڏاڍي شرمنده آهيان.”
“ائين نه چئبو آهي چريءَ.”
“ها سچ...................
“پر ڇو ته ڀلا؟.”، چيومانس؛ “آخر ڇو شرمنده آهين؟.”
هُن جي نماڻي نهار مون ڏانهن اُٿي ۽ ڌيرج سان چيائين؛ “جليل توکي خبر آهي منهنجو بابا ڪڏهن ڀي...............
“ان ۾ شرمنده نه ٿيڻ گهُرجي.”، چيومانس؛ “ضروري ناهي ته..............
“پر مان توسان وفا ته ڪانه ڪري سگهيس جليل!!.”
آسيه ٻيو ڀيرو منهنجو نالو ورتو............... مون کي سُٺو لڳو، چيومانس؛ “اها بي وفائي ڪانهي آسيه!.”، هن تعجب مان مون کي ڏٺو تڏهن چيومانس؛ “اها مجبوري آهي بي وفائي نه..
“پر جليل...............
“ها آسيه جي عبادتگاهن کي ٻُهاري ڏيندڙ هُجان ها ته توکي ائين ٿورئي پل پل ياد ڪندو رهان ها!!.”
“ڇا مطلب جليل؟.”
“مطلب......... تنهنجو پيءُ مون کي پرهيزگار سمجهي توکي منهنجو ڪري ڇڏي ها!.”
“اهو توکان پُڳو ڪونه!!.”
“سجدا دل سان ڪجن آسيه ڪنڌ وارا ڪهڙا سجدا!!.”
“پر جي ڪنڌ جهُڪائي وٺين ها ته.............
“ڪنڌ جهُڪائڻ اهم ته نه آهي آسيه!.”، چيومانس؛ “پر پنهنجي پاڻ سان فريب ڪيئن ڪجي؟؟.”
منهنجي ڳالهه جو هن ڪو به جواب نه ڏنو بس هُوءَ چُپ رهي، مان ڀي چُپ ٿي ويس، مان ڇسو هئس، منهنجو ڳالهائڻ ڀي ڇسو ٿي پيو، لفظ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺا، هُوءَ ڏُکاري ٿي پئي، مون ڏُک ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، مان گُذري آيو هئس، مون گُذري وڃڻ ٿي چاهيو، هُن جي من ۾ ڇيت هُئي، ڇيت ته منهنجي من ۾ به هُئي پر مون ڇيت کي دفن ڪري ڇڏيو هو دل ۾.
“ڪجهه ڪرڻ لاءِ ضروري ناهي ته هر ڀيري ڪو سبب هُجي، ڪڏهن ڪڏهن بنان سبب جي ڀي ڪجهه ڪري ڇڏبو آهي!!!.”
“جليل................!!.”،
هوءَ اُداس ٿي پئي، هن عليل چوڻ ڇڏي ڏنو، مان ڄڻ اهو عليل رهيو نه هئس!!.
ڪافي وقت ٻُڏڻ کان پوءِ هُن وري آواز ڏنو؛ “جليل...............!!.”، مان ڀي ڪنهن لهر ۾ لُڙهندي بچي ويس.
“او جليل..............
“ها چئو....”
“بائيڪ نه اٿئي نه؟.”
“نه.............!!.”
“اڃان پنڌ هلين ٿو؟؟.”
“ها ڊبل ون اٿم............. اڃان پنڌ هلان ٿو.”
“مون کي وڃڻو آهي جليل!.”
“وڃڻ وارن جا رستا موڙي نه سگهبا آهن آسيه!!.”، هُن خالي نظرن سان ڏٺو ته چيومانس؛ “رڪشه ڪري ٿا وٺون؟”
“تو وٽ ڀاڙو نه هوندو!.”، پل رکي مُرڪندي چيائين؛ “عليل جو آهين اڃان!!.”
“ها ڀاڙو ته نه اٿم!!”، چيم؛ “پر تون ته آهين!!.”
“تون جهٽ جليل ٿي پئو ته............
“ته ڇا؟؟.”
“ته هاڻ پوءِ ئي توسان ملڻ ايندس مان.”
مان مُرڪي پيم تڏهن هن چيو؛ “منهنجي Husband سان ملندين تون؟”.
“ها ملي ته وٺندس پر................
“پر ڇا؟؟.”
“پر هُوءَ پُڇندئي ڪونه ته ڪير آهي عليل؟؟.”
“هُوءَ منهنجي پڪي ڌاڳي ۾ آهي!.”، مُرڪي پئي.
“خبر پئجي ويس نه ته مان ڪنهن جو عليل آهيان ته.............
“ڌاڳي جي اثر مان نڪرندو ته خبر پوندس نه!!.”
مان هن کي ڏسندو رهيم ۽ هُوءَ ڪائي دير ائين ڀوڳ ڪندي رهي پر ڀوڳن درد نه سُمهاريا تڏهن هُن وري چيو؛ “مون کي وڃڻو آهي عليل............
مون کي خبر هئي مان ڪڏهن به جليل ٿي نه سگهندس تڏهن ته هن مون کي وري ٿي عليل سڏيو؛ “مون کي وڃڻو آهي عليل!.”
“قدم جي ٻڌي سگهجن ها ته وڇوڙن جا وجود ئي نه هُجن ها!.”، چيم.
آسيه چُپ ٿي وئي، ڪافي دير ماٺ ڪجهه ڀي نه ڪُڇائين، ٽُٻيءَ ۾ پئجي وئي، جڏهن واپس موٽي تڏهن نه ڄاڻ الاءِ ڪيترا غوطا کائي موٽي!!.
“هل رڪشه ڪيون ٿا.”، چيومانس.
ٿڌو ساهه ڀري چيائين؛ “هُوءَ تو وانگر عليل ته نه آهي!.”
“هُن وٽ بائيڪ ته هوندي!”، اکيون اکين ۾ وجهندي چيومانس.
خالي مُرڪ مُرڪندي چيائين؛ “هُن وٽ ڪرولا آهي عليل!.”، هُوءَ اُٿي بيٺي، مان هٿ جون تريون مهٽي ساڻس اُٿي پيس، هُن مون کي ڏسندي چيو؛ “مان هلان ٿي عليل................
“ها توکي وڃڻ گهُرجي آسيه!!.”، چيومانس.
هُن پنهنجو پرس سنڀاليو ۽ هڪ نظر مون کي ڏسندي چيائين؛ “چانهه جو بِل................؟؟.”
مان هُن جي اکين مان اکيون ڪڍي نه سگهيم پر هُن نظرون چورائي ورتيون؛ “محبت کي ڪيئن نه هِن دنيا جي مول ماپن جي ٽِڪساٽ تي ٽنگي ڇڏيو اٿئي!!!.”، چيومانس؛ “بل ڏئي وٺندس مان.”
هُن اجهاڻل اکين سان مون کي ڏٺو؛ “ها آسيه تنهنجي Husband وٽ Corrolla ڀي هوندي ته ڪاروهنوار ڀي هوندو پر تنهنجي عليل جهڙيءَ علالت نه هوندس، چريائپ نه هوندس............. چنڊ هوندس پر چڪور نه هوندس............. چاهت نه هوندس!!!”، اهو مان چئي نه سگهيم.
مان هُن کي ڏسندو رهيم، هُن وچ ۾ وري چور نظرن سان مون کي ڏٺو؛ “منهنجو Husband منهنجو انتظار پيو ڪري!!.”، هُن پنهنجو فون ڏسندي مون کي چيو؛ “مان هلان ٿي عليل!!!.”
هُوءَ در ڏانهن مُڙي وئي................ مون هُن کي پُٺيرو ويندي ڏٺو ۽ ڏٺم ٽيبل.............. جنهن جي شيشي تي ڪي نظرون ڪِريل هُيون، ڪِريل نظرون شيشي تي پٿر ٿي ويل، برف وانگر ڄميءَ سرد ٿي ويل.

* * * * * * * * * * * *