ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

مان هِت جنم نه وٺندس

مان هِت جنم نه وٺندس

مان ڪجهه مهينن کان پريشان هئس پر اِها پريشانيءَ گُذريل ڪجهه ڏهاڙن کان وڌي وئي هئم......... مان هر گهڙيءَ ٻُڏتر ۾ رهڻ لڳس!!.
ڪيترين سوچن ۽ وِسوسن منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو، مُنهنجي اِهڙيءَ پريشانيءَ کي جيجيءَ به پروڙي ورتو، تڏهن ئي ته پُڇيائين؛ “مريم.............!!، خير ته آهي ڪجهه ڏينهن کان توکي پريشان پئي ڏِسان!؟.”
دل ۾ آيو ته روئي پوان ۽ اهو سڀ ڪجهه کيس ٻُڌائي من جو بار هلڪو ڪري ڇڏيان پر هڪ دٻيل سُڏڪي کان سواءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيس ۽ جيجيءَ حيرت منجهان مون کي ڏسندي ئي رهي!.
ماءُ ته آخر ماءُ ٿيدي آ، ڀلا ڌيءُ جو درد ڪيئن نه ڄاڻي ها!!، شايد امان سڀ ڪجهه سمجهي وئي هُئي پر پوءِ به ڪُڇي ڪجهه به ڪين، هُن کي مون تي پورو ڀروسو جو هو ۽ مان جو هئس سندس ڌيءُ مريم.
جيجيءَ ڄاتو ٿي مون ڪڏهن به ڏيڍيءَ کان ٻاهر پير نه رکيو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ڪوئي غير اسان جي ڏيڍيءَ اندر ٽِپيو آهي پر هي اڻ ٿيڻيءَ آخر ڪيئن ٿي؟؟.
ان جي جواب لاءِ امان به پريشان هئي ته مان به خوف ۾ ورتل هئس.
امان ته ڄاتو ٿي ته مهيني ۾ سواءِ چند ڏهاڙن جي مون ته ڪڏهن ڪا نماز به قضا نه ڪئي هئي ۽ مُڪمل روزا، صوم و صلوات، تلاوت ۽ وِرد منهنجي ڪِرت آهن ۽ ڪڏهن ٻاهر جي هوا مون کي ڇُهيو به ناهي ته پوءِ آخر هي؟؟
امان حيرت ۽ پريشانيءَ باوجود مون کان ڪوبه سوال نه ڪيو پر هُوءَ انيڪ وِسوسن ۾ وٺجي وئي جن ۾ مون پڻ پئي ڀوڳيو ته آخر هي ڇا آهي ۽ ڇا ۽ ڇو ٿي ويو؟ ۽ ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!!؟.
بيبيءَ مريم جو ته ٻُڌو هئم پر مان بيبيءَ مريم ته نه هئس!!، مان ته مريم بنت منصور، خُدا جي ادنيٰ ٻانهيءَ هئس.
دل ۾ سوين وِسوسا گهر ڪري ويا ۽ ڏينهن گُذرڻ سان مون گهر جي اڱڻ تي به اچڻ ڇڏي ڏنو، پنهنجي ڪمري تائين ئي محدود ٿي رهجي ويس ۽ هر وقت هڪ گُمنام سوال جي جواب کي ڳولڻ لاءِ پئي ٿي سوچيم پر جواب نٿي مليو ۽ اذيت وارا ڏينهن ويا ٿي وڌندا.
جڏهن منهنجي حالت مون کي گهر ڀاتين ۾ به ويهڻ جهڙو نه ڇڏيو، تڏهن روئي روئي هر وقت رب کي پئي ٻاڏايم ته؛ “اي الله.....هيءُ ڪهڙو اسرار؟؟”
ڄاتم پئي ته جيجيءَ به گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويل اويلي پالڻهار کي پئي ستائيندي هوندي پر مان محدود ٿيندي ويس ڄڻ پنهنجي ڪمري ۾ ئي قيد ٿي رهجي ويس.
انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ڀائنيم ته اهو منهنجو وهم آهي، بيبيءَ مريم جو سوچي سوچي پاڳل ٿي پئي آهيان، ائين ٿي ئي نٿو سگهي، مان ڪو بيبيءَ مريم ته نه آهيان، مان ته مريم شاهه آهيان، مريم بنت منصور شاهه............!!.
ها مان ته مريم بنت منصور آهيان پر جڏهن ٻيو ڀيرو اوپرو آواز آيو تڏهن پڪ ٿي ويم ته اهو منهجو پاڳلپڻو نه هو، اها حقيقت هئي، اهو اونهو اسرار سچ هُيو، ڪن لاتم پنهنجي پيٽ مان آواز آيو؛ “تون پريشان ڇو آهين مريم بنت منصور؟.”
ششدر ٿي پيس، ڪا به وائي نه وريم، ڪُجهه به ڪُڇي نه سگهيس، آواز بند ٿي ويم، مان بيحد پريشان ٿي پيم، دل چاهيو جيجيءَ کي ٻُڌايان پر همت ڪانه ٿيم.
ڪجهه ڏينهن گُذريا ته وري هڪ ڏينهن منجهند ڌاري ساڳيو آواز ڪنن ۾ گونجيو؛ “تون پريشان ڇو آهين مريم بنت منصور!.”
مون چئوطرف نهاريو، ڪمري ۾ ڪوبه نه هو، مُنجهي پيس، ٻيهر آواز گونجيو؛ “مان تنهنجي اندر ۾ آهيان مريم بنت منصور!.”
مون پنهنجي پيٽ تي هٿ ڦيريو؛ “نه.......نه........ ائين نٿو ٿي سگهي!”، مون سرٻاٽ ڪيو؛ “اهو نامُمڪن آهي!.”
“پريشان نه ٿي مريم.............”، وري آواز آيو؛ “ڪجهه ڀي ناممڪن ناهي!.”
“پر..................
“مان سڀ ڄاڻان ٿو..........!”، هن وري چيو؛ “مان تو مان جنم وٺندس.”
مان حيران ۽ پريشان ٿي پيس!!.
مان ڪمري جون ديوارون تڪڻ لڳس تڏهن وري آواز آيم؛ “مان تو مان جنم وٺندس مريم شاهه.”
“پر مان توکي جنم ڏيڻ نٿي چاهيان.”
“ڇو تون مون کي جنم ڏيڻ نٿي چاهين؟؟.”، آواز آيو؛ “ڇو تون ايڏو ملول آهين؟، پريشان آهين!”
“ماڻهوءَ منهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏين ٿا......... اهي ڇا سوچيندا!.”
“پوءِ ڇا تون مون کي جنم نه ڏيندينءَ؟؟.”
“نه..... هرگز نه......... مان بيبيءَ مريم ناهيان جو.....!.”، مون احتجاج ڪيو؛ “مان دنيا جا انيڪ وات بند نه ڪري سگهندم.........”
“مان ته جنم وٺندم.”
“نه............. قطعي نه.”
“ته پوءِ ڇا تون منهنجي جنم وٺڻ کان تُرت ئي پوءِ مون کي ماري ڇڏيندين؟.”
“مان توکي جنم ئي نه ڏيندس.”
“مان ته جنم وٺندس!!.”، هن چيو ۽ مان ويتر پريشان ٿي پيس، ڪو به لفظ نِڙيءَ مان نه نڪتو، ڪُجهه به ڪُڇي نه سگهيس، بُت مان سيسراٽ نڪري ويم.
هن وري ڳالهايو؛ “مان ڄاڻان ٿو منهنجي جنم کان پوءِ تون مون کي ماري ڇڏيندين، تون منهنجو ڳلو گُهٽي ڇڏيندين يا پاڻي جي بالٽيءَ ۾ تون مون کي غوطا ڏئي منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندين پر پوءِ به مان جنم وٺندس!!.”
“مان ڪجهه به نه ڪنديس!.”، مون چيو؛ “بس مان توکي جنم نه ڏيندس.”
“ته ڇا تون مون کي مُنهنجي جنم وٺڻ کان اڳ مارڻ ٿي چاهين؟؟.”، سندس سوال نه هو هٿوڙو هو جيڪو منهنجي مٿي ۾ لڳو، چيم؛ “تون ڄاڻين ٿو ته مان گُناهگار ناهيان......... مون ته ڪڏهن...................
“خبر آ مون کي تڏهن ئي ته مان تو وٽ جنم وٺڻ چاهيان پيو!.”
“مون کي داغدار ڪرڻ لاءِ؟؟؟”.
“نه تنهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيڻ لاءِ.”
“مون کي ڪنهن گواهيءَ جي ضرورت نه آهي.”، چيم؛ “بس تون جنم نه وٺ.”
“جنم ته مان وٺندس.”، هُن چيو.
“ڇو..............؟؟”، چيم؛ “آخر ڇو؟؟؟”، مون هن کان پُڇيو پر هُوءَ ماٺ ٿي ويو، گهڻي دير نه ڳالهاڻو تڏهن وري پڇيومانس؛ “ٻُڌاءَ مون کي، ڇو ٿو جنم وٺڻ چاهين آخر؟؟”
“تنهنجا داغ ڌوئڻ لاءِ.”، هُن ڌيرج سان چيو.
“منهنجا داغ ڌوئڻ لاءِ يا مون کي داغ لڳائڻ لاءِ؟؟.”، چيم.
“نه داغ ئي ڌوئڻ لاءِ.”.
“مون کي ڪو داغ نه آهي، مان بي داغ آهيان!.”، چيم.
“مريم................!”، هُن چيو؛ “توکي نظر نٿا اچن داغ پر مان ڏسان پيو!.”
“ڪٿي آهن داغ؟”، مون حيرانيءَ مان هُن کان پُڇيو.
“ظاهري اک سان اهي داغ نه ڏسبا آهن مريم بنت منصور.”
“توکي غيب جو علم آ؟؟.”، پُڇيم.
“غيب جو علم علام الغيوب وٽ آ.”، هُن چيو؛ “پر اهي داغ مان ڄاڻان ٿو، ڏسان ٿو!.”
“ڪهڙا داغ؟؟.”، چيم؛ “مان مريم شاهه بنت منصور شاهه آهيان، مان پاڪ دامن آهيان.”
“مان پاڪ دامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندم.”
“منهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندين!؟؟.”
“ها تنهنجي پاڪدامنيءَ جي گواهيءَ ڏيندس مان پر.........
“پر ڇا؟؟.”
“پر نه ڏيندس!!.”، کن رکي هُن چيو؛ “دنيا مون تي تُهمت هڻي ڇڏيندي!.”، ايترو چئي هُوءَ ماٺ ڪري ويو ۽ ڪي ڏينهن نه ڳالهاڻو، منهنجو هر پل اذيت ۾ گذرڻ لڳو، ڪيترين ئي سوچن مون کي مرڻ جهڙو ڪري ڇڏيو پر ساهه جي تند نه ٽُٽي، تڏهن اوچتو وري هڪ ڏينهن هن جو آواز آيو؛ “مريم بِنت منصور............!.”، مان ڇرڪي پيس، هن چيو؛ “مون ڪافي سوچيو آهي مريم.....
“ها مون به ڪافي سوچيو آهي.”، چيم.
“مريم منهنجي ڪا به گواهيءَ هي دنيا نه مڃينديءَ!!.”
“مان توکي جنم ڏيندم!.”، چيومانس؛ “تون منهنجي گواهيءَ ڏجان، دنيا کي مان مڃائيندم........!”
“دنيا توکي لفظن ۽ روين سان سنگسار ڪري ڇڏينديءَ مريم!.”
“تون منهنجي گواهيءَ ڏجان.”
“مون کي معلوم ٿيو آ.”، هُن چيو؛ “مان هِن دنيا جي اڳيان بيوس آهيان!!.”
“ته پوءِ!!؟؟”، مون پريشانيءَ منجهان کائنس پُڇيو.
“ته پوءِ جيڪر مان جنم وٺندس ته توکي گند جي ڍير تي ڦِٽو ڪرڻو پوندو مون کي!!.”، مان ڪنبيءَ ويس ۽ هُوءَ ڳالهائيندو رهيو؛ “۽ رولو ڪُتا منهنجو ماس پٽي کائيندا...............!!.”
“نه نه .......................”، مون رڙ ڪئي.
“ها............. نه ته توکي پاڻي جي بالٽيءِ ۾ مون کي ٻوڙي مارڻو پوندو!.”.
“نه نه............ مان ڪُجهه به نه ڪندس!!!.”.
“ڪُجهه نه ڪُجهه ته توکي ڪرڻو ئي پوندو مريم!.”، هُن چيو؛ “پاڻي جي بالٽيءَ ۾ نه ته گند جي ڍير تي ته توکي ڦِٽو ڪرڻو ئي پوندو مون کي!!.”.
مون پنهنجي ڪنن ۾ آڱريون وجهي ڇڏيون پر هُن جو آواز مان روڪي نه سگهيس، هُن چيو؛ “مان هِت جنم وٺڻ نٿو چاهيان مريم شاهه!.”.
مان بُت بڻجي ويس، پٿر ٿي پيس، ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيم.
“ها............ ها............. مان هِت جنم نه وٺندس.”، مان بيحد پريشان ٿي پيس، هُوءُ چوندو رهيو؛ “تون پريشان نه ٿي مريم شاهه.....!!، تنهنجي پاڪدامنيءَ تي ڪو اکر نه ايندو......... هِت سڀ ظُلم لاچارن سٺا آهن!.”
مون ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو ۽ هُن آخري سُڏڪو ڀري چيو؛ “مان هِت جنم نه وٺندس!!.”.
۽ مون تڪڙو پنهنجي مُنهن تي پاڻي جو ڇنڊو هنيو اِهو ڏسڻ لاءِ ته خواب ۾ آهيان يا الاءِ جاڳ ۾ پر هُوءَ ائين گُم ٿي ويو ڄڻ منهجي پيٽ ۾ ڪڏهن هُيو ئي ڪونه.

* * * * * * * * * * * *