ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

وري ايندس مان

وري ايندس مان

مسلسل انتظار ۽ ڳولا جي پيڙاءُ مون کي نِستو ڪري وِڌو هو، وقت ڏٺم منجهند جا ٻه ٿي رهيا ها، ڪراچي جي صدر ۾ ماڻهن جي ڏاڍي پِيهه لڳي پئي هئي ۽ گهڻي شور دماغ جون رڳون ٿي ڦاڙيون.......... من ملول ۽ دل اداس هئم!!!.
مون جلد ڪراچي ڇڏڻ ٿي چاهي، تاج ڪامپليڪس بس جو اڏو ڪجهه وکن تي هيو ۽ مون اُت جلد پهچڻ پئي چاهيو، ها مان بيحد بيزار ٿي ويو هئس، نوڪريءَ لاءِ ڏنل اڻ ڳڻين انٽرويوئن مون کي ٿڪائي وڌو هو ۽ مٿان گاڏين جي شور اڄ ويتر بيزار ڪري وڌو هو!!.
مان وڏيون ٻرانگهون ڀرڻ لڳس ته جيئن جلد شور مان نڪري بس تي پُڄان پر اُن پل جنت ياد آيم جنهن چيو هو ته “ڳوٺ وڃڻ کان پهرين مون کي ضرور ٻُڌائجان.”
مون ڄاتو ٿي هُوءَ ملڻ لاءِ زور ڀريندي ۽ خالي هٿين مون ساڻس ملڻ نٿي چاهيو، قدمن کي ڏانوڻ لڳي ويم، دل نٿي چاهيو ته جنت کي ٻُڌايان ته ڳوٺ وڃي رهيو آهيان بس چُپ چاپ نڪري وڃان ڳوٺ!!.
مُنهنجا هٿ خالي ها، مُنهنجو جهول به خالي هو، مان مُقدر جو ماريل هئس، مان هڪ هاريل سپاهيءَ هئس، مون وٽ ڪجهه به نه هو، ها اُن ويل دل ڏاڍو چاهيو ته گُم ٿي وڃان، منهنجي سگهه ختم ٿي چڪي هئي، ڄاتم پئي ناڪامين جي پيڙاءُ ۽ جنت جو ساڳيو سوال؛ “انٽرويو ڪيئن ٿيو!؟؟”، اڄ سهي نه سگهندس.
“انٽرويو ڪيئن ٿيو؟”، انهيءَ سوال کان مون کي بيحد چِڙ ٿي پئي هئي، زندگيءَ ۾ سوين ڀيرا مون کان پُڇيو ويل اِهو سوال مون لاءِ، طنز ۽ طعني جو ڄڻ مُتبادل ٿي پيو هو.
“ڪيئن ٿيو انٽرويو......!!؟؟.”
“ڇا چوندس جنت کي؟؟.”
“اِهو ئي چوندس جيئن اڳي ٿيندو آهي ٻيو وري ڇا............!!.”
“هتي ته انٽرويو ٿيندو ئي ناهي.”، دل ۾ چيم؛ “جُٺ ئي ٿيندي آهي!!.”
“مون کي جلد هِتان نڪري وڃڻ گهرجي!!.”، اندر ۾ سوچ جي اُٿل؛ “نه پهريان مون کي جنت کي ٻُڌائڻ گُهرجي ته مان ڳوٺ وڃي رهيو آهيان.”
“نه ٻُڌائيندس ته ڇا ٿيندو؟؟.”
“ڪجهه به نه ٿيندو بس هُوءَ ڪي ڏينهن خفا رهندي!.”
“پرچائي وٺندوسانس.......................
“ٿي سگهي ٿو ڳالهه دل ۾ رکي.......؟.”
“پر هُوءَ انٽرويو جو پُڇندي!!.”
“انٽرويو جو ته امان به پُڇندي جڏهن ڳوٺ پُڄندس........!!”
پنهنجي پاڻ کان سوال ۽ پنهنجي پاڻ کي جواب!!، بيزاريءَ وڌي ويم.................... هاڻ ته ڳوٺ وڃڻ تي به دل نٿي چوي، اندر اڌ ٿي پيو، ڇڄيءَ پيس، من مروڙجي ويم، پل ۾ جُهري پيس ڄڻ مري رهيو هُجان ڪجهه به نٿي وڻيو اُن پل!!.
“ڪنهن ڏور ڏسا اڻ ڏٺل ماڳ ڏي نڪري وڃجي، جوڳي ٿي پئجي، اوڏانهن هليو وڃجي جت ڪوئي سُڃاڻڻ وارو نه هجي، جت ڪي به مجبوريون، ڪي به بي وسيون، ڪي به لاچاريون نه هجن!!.”
پر ائين به ته ڪري نٿو سگهجي، دنيا جهان کان ته فرار ٿي سگهجي ٿو پر پهنجي پاڻ کان فرار حاصل ڪيئن ڪجي؟؟.
“ها پنهنجي پاڻ کان فرار نٿو ٿي سگهجي، پاڻ کان ڪٿي به لِڪي نٿو سگهجي، سڀ سهڻو آهي، زندگي ڏُک سُکن جي سونهن جو نالو آهي!!.”
“سُک..............!!”
“سُک ڪهڙي بلا جو نانءُ آهي؟؟، هڪ نوڪريءَ جي ضرورت ئي گذريل يارنهن سالن ۾ انيڪ پيڙائون ۽ ڀوڳنائون ارپيون آهن!!، ڪيترن اڻ ڳڻيل انٽرويوئن ۾ اهي ماڻهوءَ......................”
“دماغ جون رڳون ڦاٽي پونديون، مون کي وڌيڪ ڪجهه به نه سوچڻ گهرجي....... پر مان ته ڏينهون ڏينهن مجبورين ۽ قرضن جي ور چڙهندو وڃان!!.”
“بس.............. بس................. وڌيڪ ڪُجهه به نه..............
۽ مُنهنجا قدم هوريان هوريان ڳوٺ جي لاري اڏي ڏي وڌندا ويا پر من ۾ موجود ڪِروڌ، اندر جي اداسائي ۽ نراسائيءُ کي ناڪام ڪري نه سگهيس ۽ هلندي هلندي مان فُٽ پاٿ تي بيهي رهيس، هٿ ۾ جهليل فائل ۾ موجود پنهنجن سڀني سرٽيفيڪيٽن جون فوٽو ڪاپيون چار اڌ ڪري روڊ تي هنيل وڏي ڊسٽ بِن ۾ ڦِٽيون ڪري ڇڏيم؛ “رُلي ويوعرفان ڪراچي ۾!!.”، چپن ۾ چيم ۽ اڳتي وڌي پيس تڏهن ئي ڪجهه بار من تان هلڪو ٿيندي ڀائنيم، پهنجو موبائل ڪڍي جنت کي نياپو ڪيم؛
“Maan waapis wanji rahyo Ahiyaan Jannat!!”
ميسيج Sent ٿي ويو ۽ مان قدم گهليندو رهيم، ٿوري ويرم ئي گُذري ته منهنجي من وانگر منهنجي موبائل ڦٿڪڻ شروع ڪيو، ڏٺم جنت جي Call هُئي، رسيو ڪيم ته پُڇيائين؛ “ڪِٿي آهين؟.”
“صدر.............. تاج ڪامپليڪس وٽ!!.”، اداس دل جو نراس جواب چيم؛ “ڳوٺ وڃان پيو واپس.”
“بيهه مان اچان ٿي.”
“پر..................”،
هڪ حُڪم جنهن جي اڳيان عرض نه اگهيو؛ “چيم نه ته بيهه.......... مان اچان پئي............. وڃجان نه.” ۽ Call ختم.
من جي پيڙاءَ وڌي وئي، ٻريءَ پيس اندر ئي اندر ۾، جنت جي سوالن جا جواب.............!!.
وڍجي پيس پر وڌي نه سگهيس، بيهي رهيس، مون نٿي چاهيو ته جنت بار بار منهنجي ناڪامين جا داستان ٻُڌي، فون ڪڍي ميسيج ٽائيپ ڪيم؛ “ڊيئر جنت.......!!، مان هن ڀيري به انٽرويو ۾ فيل ٿي پيو هان............ منهنجي فيل ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ نه آهي، انيڪ ڪارڻ آهن جن کي مان Short massage ۾ نٿو لکي سگهان ۽ بس مان ڳوٺ وڃان پيو، ايندڙ هفتي وري ايندس مان ۽ پوءِ ملنداسين.”
جنت مون کان خفا هئي، ڳالهه ڳالهه تي چِڙي پوندي هئي، کيس منهنجي مُستقبل جو اونو هو ۽ ڪنهن نوڪري نه هئڻ جي ڪري سندس ناراضگي وڌڻ لڳي هئي، ڄاتم پئي انٽرويو ۾ فيل ٿيڻ جو ٻُڌي شايد ڳوٺ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڪو ضِد نه ڪري، موت جي سزا آيل ڪنهن قيديءَ سمان ڦٿڪندو رهيس، انهيءَ دوران هر هر شدت سان من ٿي چاهيو ته ڪا نوڪري ڦُري وٺان، نوڪري کي اغوا ڪري وٺان پر نوڪري ڪا شيءَ ته نه هئي جنهن کي ڦُري سگهجي، اغوا ڪري پنهنجو ڪجي ۽ اهو به مون جهڙو ڪمزور شخص!!.
نوڪري ته لياقتن، تجربن ۽ صلاحيتن جي وڏن ٿنڀن ۽ ٿوڻين تي بيٺل هئي، پر مون وٽ لياقتن جون بيساکيون ته هُيون پر صلاحيتون هڪ عرصي کان ڀڄ ڀڄان جي دز ۾ دزجي پيون هُيون ته تجربن ۾ ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ جي ته زندگي ڀري پئي هُئي باقي ڪنهن نوڪري جي تجربي جي ڪائي ٽيڪ جيون ۾ نه هُئي، اهي ٿنڀا ۽ ٿوڻيون منهنجي پُهچ کان پري ها ۽ مان شايد بي صلاحيت هئس ۽ نوڪريون ته وکر آهن جيڪي وڪجي ته رهيون آهن پر وٺڻ منهنجي وس ڪونهن!!.
من چاهيو ته الوپ ٿي پوان، ڀڄي وڃان، ڪيڏانهن مُنهن ڪري نڪري وڃان پر مان جنت جي انتظار ۾ بيٺو رهيس ۽ نه ڄاڻ ڪيتري دير کان پوءِ انهيءَ عذابناڪ انتظار دوران فون رڙ ڪئي، ڇرڪي پيس، سوچون هوا ٿي ويون، ڏٺم جنت جي ئي ڪال هئي، رسيو ڪيم؛ “السلام عليڪم.”
“وعليڪم سلام................. ڳوٺ پيو وڃين؟؟.”
“ها............!!.”، لفظ بس اٽڪي نڪتو.
“اڄ جيڪر نه وڃين ته!؟”، پاتال مان ڄڻ آواز آيو.
“منهنجي رهي پوڻ سان ڪو فرق نه پوندو جنت!.”، خاموشي ڄڻ انت تي پُڄڻ جي جستجو!!.
“وري ايندس مان................. ته پوءِ ايندڙ هفتي................
“ٺيڪ آ.”، ۽ ڳالهه جو انت.
“ناراض آهين؟”، پُڇيم.
“نه ته.............. انهيءَ ۾ ناراض ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ.............. تون ڳوٺان ٿي اچ ڀلي.”
بنان مزاحمت جي راضپو، خوشي سان موڪل، مون لاءِ حيرت ۽ پريشانيءَ، بي چئي خاموشي، اڻ ڄاتل خوف جو خدشو ۽ مان بس ايترو چئي سگهيس؛ “مهرباني.”
“Its Ok………!!”
لفظ اوپرا ڄڻ وڇوٽيون............ وڇوٽين جو خوف، وڇوٽين جي پيڙاءُ، پهرين وِک ڀاري، ٻي وِک ان کان وڌ ڀاري، وِک وِک وزني، ڄڻ پهرين وِک جُداين ڏانهن ۽ ڄڻ هاڻ هر وِک جُداين ڏانهن!!.
ٿوري چُپ کان پوءِ چيائين؛ “هونئن ٺيڪ ته آهين نه تون؟.”
“ها بس هلان پيو.”
“هلان پيو.............. ڇا مطلب؟؟.”
“ٺيڪ آهيان بس.”
“۽ طبيعت ڪيئن آهي؟؟.”
“اُها به ساهه کڻي پئي اڃان....!”
“ايڏو ملول ڇو آهين؟.”
“تون جو گڏ نه آهين!!.”
“مان جُدا به ته ناهيان.............!.”
“ها...............”، هڪ ٿڌو ساهه ۽ چيم؛ “بس ٿڪل آهيان.”
خاموشي ڪجهه گهڙين جي ۽ منهنجا اڳتي وڌندڙ قدم، جنت چيو؛ “لڳي ٿو تنهنجو مُنهن لٿل آهي عرفان.”
“منهنجو مُنهن........!!”، چيم؛ “منهنجو مُنهن آهي ئي اهڙو جنت، بس وقت جي دز ٿورو وڌيڪ ڌوڙ ڪري ڇڏيو آ.”
عرفان نه ڄڻ سنڌ هُجان مان.... کيس ڪهڙي خبر ته صدين کان دور دور ۾ جابر قوتون هِن وجود کي اٿلائي پُٿلائي لٿوڙي لُٽينديون رهيون آهن ۽ بگهڙ ماس پٽيندا ۽ آس ماريندا رهيا آهن!!.
“۽ تنهنجو انٽرويو ڪيئن ٿيو؟”، ٺلهي آٿت جا دل پرکي!، چيم؛ “ڳالهه نه مٽاءِ............... لڳي ٿو ڪجهه لڪائين پئي مون کان اڄ.”، کن رکي چيم؛ “ٻُڌاءِ ڇا ڳالهه آهي جنت؟؟.”
ڪجهه به نه پئي لڪايان مان تون انٽرويو جو ٻُڌاءِ نه.”، سندس لهجي ۾ اوپرائپ ۽ بيزاريءَ هئي جيڪا مون کان لڪي نه سگهي.
“نه ڪجهه ته ضرور آهي جو تون بار بار............... مون کي کُٽڪو ٿي پيو آهي.”
“ڪو کُٽڪو نه ڪر بس..................
“ڇا بس؟؟”
“بس تون خوش رهه.”
“ڇا مطلب خوش رهان؟، تون ڪا مون کان ڏور ٿي وڃين؟ هان ٻُڌا جو نصيحتون پئي ٿي ڪرين اڄ؟؟.”
“ڇڏ يار............... بحث ڇو ٿو ڪرين............... انٽرويو جو ٻُڌا نه پليز...!”
دل وسامي ويم اڻ ڄاتل خوف ۾ ۽ چيم؛ “انٽرويو ته ائين ئي ٿيو جيئن گذريل يارنهن سالن ۾ ٿيندو رهيو آهي.”
“ڇا مطلب؟؟.”
“مطلب صاف ۽ ساڳيو............ انٽرويو ته ورجايو ويندڙ عمل آهي، جيڪو وري وري ورجائي مون پارن سان جُٺ ڪئي وڃي ٿي!!.”
“معنيٰ انٽرويو اجايو آهي؟.”
“انٽرويو ته اجايو نه آهي............”، چيم؛ “اجايا ته اسان آهيون!.”
“پر پوءِ به...............
“پر پوءِ به............... ڪجهه به نه.....!.”
“معنيٰ هن انٽرويو ۾ به نوڪري جي ڪا اُميد ڪونهي!!؟.”
“مان اُميد جي به هاڻي ڪا پڪ نٿو ڏئي سگهان.”
“ڇو..............؟؟.”
“بس مان درخواست ۽ انٽرويو جي مذاق ۽ ڍونگ ۾ وڌيڪ پاڻ سان ڪي جُٺيون برداشت نٿو ڪري سگهان، منهنجا سڀ سرٽيفيڪيٽ بي معنيٰ آهن، مان هاڻ وڌيڪ ذليل ٿيڻ نٿو چاهيان، مان ڌرتيءَ کيڙڻ چاهيان ٿو، مان خواب پوکڻ ڇڏي هاڻ گُلاب پوکڻ چاهيان ٿو، مون کي ڪانه ٿي گُهرجي هاڻ ڪا نوڪري....... گُلاب پوکي واپس بهار ۾ وري ايندس مان”
“ايڏو مايوس ته نه ٿِبو آهي عرفان!.”
“مان گُذريل يارنهن سالن جي ڀڄ ڀڄان ۽ انتظار مان ٿڪجي پيو آهيان جنت ۽ نصيحتون هاڻ مون کي چيڙائيءَ ڇِتو ڪري ٿيون وجهن.”
“ها پر توکي ڌيرج رکڻ گُهرجي.”، کن رکي هُن چيو؛ “عرفان...... توکي ڪجهه چوڻو هُيم....”
“ها چئو”، مون ڄاتو ٿي ڪا ڇيت سندس هانءُ ۾ آهي.
“عرفان...................”، لفظن ۾ وچڙي پئي، منهنجي نانءُ کان اڳتي وڌي نه سگهي ته چيومانس؛ “ها ها جنت چئو........... مان ٻُڌان پيو، جيڪو ڀي چوڻو آ بي کُٽڪو چئو تون.”
“تون ڄاڻين ٿو عرفان بابا ايستائين توکي قبول نه ڪندو جيستائين تون ڪا......
“مان هاڻ............... تنهنجي پيءَ جي خوابن ۾ نه ايندس جنت.”، چيومانس.
“۽ منهنجي خوابن ۾؟؟”
“اِهو تنهنجي وس ۾ آهي پر تون اهو نه وسارجان ته مون وٽ ڪا به نوڪري نه آهي في الحال......... ۽ مان................... مان ڌرتيءَ کيڙڻ وارو آهيان!.”
“تون مون کي پائڻ لاءِ ڪا نوڪري حاصل نٿو ڪري سگهين؟؟.”
“مان توکي پائڻ لاءِ هن ئي دور ۾ کير جي نديءَ ته وهائي سگهان ٿو ۽ جي چوين ته آسمان تان تارا به لاهي سگهان ٿو پر هڪ نوڪري حاصل نٿو ڪري سگهان جنت!!!.”
“ڇو...............!؟؟.”
“ڇو جي مون کي خبر ڪونهي........... بس مان ڊهي پيو هان”، چيم؛ “مان بيوس ٿي پيو هان....... مان وڌيڪ..............
“مان سمجهان ٿي ته هاڻ..............”، هُن ايترو چئي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ڏني، مان سمجهي ويم، جيون ته خِزان هُيو ئي پر سرءُ جي واءُ جو پهريون جهوٽو چهرو به چُمي ويم.
“ها ها چئو ته ڇا هاڻ؟؟.”
“ته هاڻ عرفان................
“مان ٻُڌڻ لاءِ تيار آهيان جنت چئو تون.”
کن رکي هُن چئي ورتو؛ “عرفان پاڻ گڏ نٿا هلي سگهون هاڻ.”، هن پل ترسي چيو؛” “بابا منهنجو رشتو طئي ڪرڻ ٿو گُهري!.”
“طيءَ ڪرڻ گُهري ٿو يا ڪري ورتو آهي!.”، پُڇيم.
“ائين ئي سمجهه بس..........”، چيائين.
لفظ جن جو مون کي انتظار هو................ هر لفظ هڪ گهاءَ.
“عرفان ڇوڪرو انڪم ٽيڪس ۾.................!!.”، وڌيڪ ڪجهه ٻُڌي نه سگهيس، چيم؛ “ڏانوڻ قدم ٻڌي سگهن ٿا، وجود ٻڌي سگهن ٿا پر ساهه ۽ پل نه!!.”
“ڇا مطلب.............؟؟.”، هُن تعجب مان پُڇيو ته چيم؛ “ڪُجهه نه جنت!.”، مان ڀُري پيو هئس.
“چوڻ ڇا ٿو چاهين؟.”
“تون ڪرڻ ڇا ٿي گُهرين؟؟.”
“وڌيڪ انتظار منهنجي وس ۾ ناهي، بابا آخر ڪيستائين...............
“مون توکي بيوفا ته نه چيو آهي!.”
“پر جيڪر تون ڪا نوڪري.......................
“مان اهڙا صرف خواب ئي ڏسي سگهان ٿو بس.”
“مان گهر وارن آڏو مجبور آهيان عرفان....... مان توسان وڌيڪ ڪيئن نِڀايان....؟؟”
“پاڳل انهيءَ ۾ تنهنجو ڪهڙو قصور؟؟، اِهو ته سڀ منهنجو اڀاڳ آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي، تون ڀي ناهين!!!.”
هڪ سُڏڪو منهنجي دل جو ۽ ڪال ڊسڪنيڪٽ!، ڄڻ فون به آخري هڏڪي کئني هجي.
منهنجون نظرون فون اسڪرين سان ٽڪرائجي ڀور ڀور ٿي ويون ۽ منهنجو من مون کي ڪراچي مان لوڌڻ لڳو، مون زندگي ۾ فقط هارايو، اڄ ته پنهنجي پاڻ کي به هارائي ڇڏيم!!.
مان اڻ کُٽ دُکن سان لڙندو ويس، وڙهندو ويس، هلندو ويس، نه ڄاڻ ڪنهن پل بس اڏو آيو، ٽڪيٽ وٺي بس ۾ چڙهي پيس ۽ ڊرائيور جي پوئين سيٽ تي ويهي ڇا ڄڻ ڪري ئي پيس!.
بس جڏهن رواني ٿي تڏهن الائي ڇو خيال آيم ته؛ “ڪاش هي آخري سفر ئي هجي!!.”، پر ٻئي پل امان جو پر اميد چهرو اکين اڳيان اڀري آيو، دل ڀرجي آئي ۽ مون پنهنجي پاڻ ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي پر لڳم ڀُرندو ٿو وڃان، ڊهندو ٿو وڃان، ڪراچي جا روڊ رستا ڄڻ مون سان گڏ ڀُرن پيا، ڊهن پيا، مان الوپ ٿيندو پيو وڃان، نيست و نابود ٿيندو پيو وڃان ۽ هانءُ سوڙهو ٿيندو ويو بس مون جلد گهر پهچڻ پئي چاهيو............!!.
ها گهر جت انيڪ مجبوريون ۽ بيوسيون منهنجيون مُنتطر هيون ۽ ڪجهه مُحبتون به!!، ۽ انهن اڪيچار مسئلن ۽ مُحبتن سان گڏ امان جون ٻه اکيون به ته منهنجون مُنتظر هيون!!.
توڙي جو انهن اکين ۾ آس جا ديپ ٻرندا رهن ٿا ۽ توڪل جي تُرهي انهن اجهاڻل اکين کي ساڀيائن ماڻڻ جي جُستجو ۾ گذريل ڪئي ايامن کان ننڍڙا ننڍڙا خواب سانڍي رکڻ جي توفيق بخشي آهي!!.
ها اهي ٻه اکيون منهنجي آغوش.............، منهنجي آخري پناهگاهه!!.
مون جلد گهر پهچڻ ٿي چاهيو بنان ڪنهن هڪ به پل وڃائڻ جي پر لڳو ته ڄڻ وقت هڪ هنڌ ڄميءَ بيهي رهيو آهي، وقت کي ڏانوڻ پئجي ويا آهن، پل ٻڌجي پيا آهن.
ننڍڙا ماڻهوءَ، ننڍڙا خواب.............!!، ننڍڙا خواب جن جي ساڀياءَ منهنجي جُستجو.......!!.
مان خيالن ۾ گُم هئس، بس جڏهن هڪ ٻه لوڏا کاڌا تڏهن مان صرف خيالن مان ئي نه نڪري آيس پر ڄڻ جنت جي دُنيا مان ڀي نڪري آيس!!.
بس ٽول پلازه کي پوئتي ڇڏيندي سپر هائي وي تي ڊوڙي رهي هئي، ڪراچي ڀي پوئتي رهجي ويو هو ۽ مان پنهنجي آغوش ڏي پل پل وڌي رهيو هئس.
مان ڳوٺ واپس وري رهيو هئس، امان کي چئي آيو هئم وري ايندس مان!!، اڄ جنت کي چئي پئي ويم وري ايندس مان ۽ هڪ ڀيرو اڳ به چئي آيو هئم وري ايندس مان، جڏهن پيدا ڪندڙ مون کي خلقي نيڪي ۽ بديءَ جو وچن وٺي چيو هو حساب ڪتاب واپسي ۾ وٺندس توکان، تڏهن ڌرتيءَ تي اچڻ کان اڳ مان چئي آيو هئس وري ايندس مان!!!.
ڪو هندستاني فلمي گيت بس ۾ سڀن جا ڪن کائي رهيو هو ۽ ڊرائيور بس کي ڏاڍي چُستي سان ڊوڙائيندو رهيو پر جڏهن بس اڃان ڪجهه تِکي ڊوڙڻ لڳي تڏهن ڪو اطلاع من کي ورائڻ لڳو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سو شايد طيءَ ٿيل آهي، شايد مان واپس وري رهيو آهيان، ڳوٺ ڏي، امان ڏي، ازل ڏي، ازل کان پوءِ جنت ڏي!!.
اڻ چئي ڳالهه دل ۾ ڪنهن اطلاع وانگي گهر ڪندي وئي ۽ بس جي رفتار وڌندي وئي، مون کي لڳو شايد مان جنت ۽ ڪراچي سان گڏ پنهنجي گهر، پنهنجي آغوش کي ڀي پل پل ويجهو ٿيندو پيو وڃان، انهن ٻن اکين کي به انتهائي ويجهو ٿيندو پيو وڃان جن ۾ منهنجي لاءِ اُجرا سپنا جرڪندا ٿا رهن.
هڪ لمحي دل چاهيو بس روڪي لهي پوان پر نه مان واعدو ڪري آيو هئم وري اچڻ جو، وري ايندس مان سو لهي پوڻ وارو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيم، ڪجهه ڀي نه ڪيم، ماٺ ڪري ويهي رهيم.
ڪا آس من ۾ ڪر موڙي جاڳي ته روح بي چين ٿي پيو منهنجو ۽ شدت سان امان جو ڀاڪر ياد آيم، دنيا جي مڙني محبتن کان امان جي محبت مِٺي لڳم، ها امان جي مُحبت هر فريب ۽ لوڀ کان بالاتر هئي ۽ اُڻ تُڻ جيئن پوءِ تيئن وڌندي وئي................ بس مون جلد گهر پهچڻ پئي چاهيو..............
جڏهن تِکي هارن ڇرڪ ڪڍائي ڇڏيو، تڏهن ياد آيم ڪراچي مان نڪرڻ مهل واري اها دعا جيڪا بي خيالي منجهان گُهري هئم ته؛ “ڪاش هي آخري سفر هجي!!.”
سڀ خيال گُم ٿي ويا، اڳيان حقيقت عيان هئي، بس جي وِنڊ اسڪرين مان ٻاهر نهاريم، بس جي اڳيان کاٻي پاسي کان ڊمپر ويو پئي، جنهن کي ڪراس ڪرڻ کان پهرين بس ڊرائيور هارن ڏنو هو.
جڏهن بس ڊمپر جي ساڄي پاسي وٽان ڊمپر کان ڪراس ڪرڻ واري هئي ته عين ان وقت ڊمپر جي ڊرائيور سواءِ پويان نهارڻ جي تيز رفتار ڊمپر کي ساڄي پاسي ئي اسان جي بس ڏانهن ئي موڙي ڇڏيو، شايد اُن کي انهيءَ طرف وڃڻو هو پر کيس خبر نه هُئي ته ڪو سندس پويان هڪ تيز رفتار بس به آهي جيڪا کيس ڪراس ڪرڻ واري آهي!!.
اِهو منظر دل ڏڪائيندڙ هو، مان کُليل اکين سان ٻن تيز تر گاڏين جو تيز ٿيڻ وارو ٽڪر ڏسي رهيو هئم، منهنجي ڀر ۾ ويٺل مُسافر جو ڄڻ ساهه ئي سُڪي ويو، هُن زوردار رڙ ڪئي، ٻئي پل زوردار بريڪ سان مون سميت سڀنيءَ مُسافرن کان پنهنجيون پنهنجيون سيٽون ڇڏائجي ويون، چرڙاٽ سان گڏ بس گِهلجي وئي ۽ جهٽ هڪ خوفائتي ڌماڪي سڀنيءَ جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، اسان ڦِرندڙ بس ۾ هيٺ مٿي ڪرندا سٿبا وياسين، جڏهن بس بولاٽيون کائي هڪ هنڌ بيهي رهي ۽ شيشن ٽُٽڻ جا آواز بند ٿيا ۽ مِٽيءَ جو طوفان اُٿيو، تڏهن سڄيءَ بس ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون، شور، غُل، دونهون، ڌُوڙ، مِٽيءَ جو طوفان ۽ منهنجي من وانگر بس جو اندر سڄو اُجڙيل.............!!.
مون پنهنجي مٿان وريل سيٽون هٽائي پري ڪيون، اُٿڻ جي ڪيم پر ڪو منهنجي مٿان چڙهندو اڳتي نڪري ويو ۽ مان اڌ اُٿيل وري ڪري پيس، پاڻ سنڀالي وري اُٿيس، محسوس ٿيم لوندڙيءَ ۾ ڪا شيءَ لڳي اٿم، مان وڌيڪ اُڀو ٿي نه سگهيم ۽ ڪريل بس ۾ گوڏن ڀر ويهي رهيس، لوهي ڏنڊي کي پڪڙيم، هلڪي ڀنواٽيءَ آئي پاڻ سنڀاليم پر ڇاتيءَ ۾ سور جي سٽ اُڀري جا سڄي وجود کي وڪوڙي وئي، اکيون ڍرڪڻ لڳيون پر زوري اکيون پٽي نهاريم، گهڻا ماڻهوءَ رت ۾ ڳاڙها ڏسڻ ۾ آيا ڪي ڦٿڪيا ٿي ته ڪي بي ست پيا ها هيٺ مٿي!!.
بس شايد سُپر هائي وي جي کاهيءَ ۾ پئي هُئي، گهڻا مُسافر سيٽن جي هيٺيان دٻيا پيا ها، جن جو بچاءُ ٿيو هو سي بِنان ڪنهن سانگي جي نڪرندا ويا ڪريل بس مان، مون به نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، چڪر آيم ۽ ڪري پيس، اکين اڳيان انڌڪار اچي ويم، سِر ڄڻ جڳهه تي نه هئم، اکيون کولڻ باوجود بند ٿينديون ويون، زوريءَ اکيون کولي هٿ جي تريءَ نهاريم جيڪا رت ۾ ٻُڏل هئي ۽ ٻيو زوردار چڪر آيو، مان جيڪو اُٿڻ جي ڪوشش ۾، ڪريل بس اندر ڪُرسي ۾ لوهي ڏنڊي جي سهاري تي وري گوڏن ڀر ٿي بيٺو هئس سو وري وڃي هيٺ ڪريس، اکيون بند ٿي ويم، دل مان آهه نڪتي؛ “امان جون مُنهنجي نوڪري لاءِ ڪيل دُعائون خُدا ٻُڌڻ ۾ ڪيڏي دير ڪئي پر واپس ورڻ جي منهنجي دُعا ڪيڏو نه جلد خُدا...............!!.”
مون کي پڪ ٿي وئي مان واپس وري رهيو آهيان ۽ منهنجو سوچڻ بند ٿيڻ لڳو آهي، بس ڄڻ پنهنجي آغوش ۾ وڃان پيو مان ۽ پوءِ ڪائي خبر نه پئي بس بي سُڌ ٿيڻ کان اڳ ايترو ئي چئي سگهيم وري ايندس مان.
* * * * * * * * * * * *