ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

شڪار

شڪار

بيسڪ هيلٿ يونٽ جي ڪوارٽرن تي قبضو ڪري بڻايل ٿاڻي جي آڳر تي بيٺل سفيدي جي اڪيلي وڻ جا لڳ ڀڳ سمورا پن هوا ۾ ڇڻيءَ چُڪا ها، هوائون گُذريل هفتي کان ڇُڙواڳ گهُلي رهيون هيون!!.
هوائن طوفان پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ فِضا ۾ مِٽيءَ اڏاميءَ رهي هئي پر تنهن هوندي به گرميءَ پنهنجي پوري زور تي ئي هُئي. پوليس جمعدار صاحب ملوڪ، پنهنجي وڏي پيٽ تان سرڪاري پٽو ڍِلو ڪيو ۽ جهُونگارڻ لڳو؛ “جـــوڳــــي هـڻـي ڏي تــون ڍارو
ڪڏهـن ايـنـدو ڪـو قُـرب وارو..............!!”
سپاهيءَ صفا چٽ، جمعدار کي جهونگاريندي ڏٺو ته سمجهي ويو سائين صاحب ملوڪ اڄ مڙئي ڪجهه ملول آهي!!.
دادلو سپاهيءَ صاحب جي ڀر ۾ سِرڪي آيو ۽ همدرديءَ مان پُڇيائين؛ “صاحب ڏي خبر ڀلا خير ته آهي!؟.”
سپاهيءَ صفا چٽ، ڄاتو ٿي جمعدار صاحب اِهي ٻول تڏهن ئي جهونگاريندو آهي، جڏهن ڪا پريشاني کيس وڪوڙي ويندي آهي، جمعدار هڪ ٿڌي آهه ڀري ائين ڄڻ جيئن مواليءَ ڀريل سگريٽ منجهان ڊگهو ڪش هنيو هُجي!!.
آهه سان گڏ جمعدار پنهنجي اندر جي نراسائيءَ پي ويو پر سپاهيءَ نه مُڙيو، ٻيهر پُڇيائين؛ “وڏا ڪر خبر ڇو ملول آهين؟.”
جمعدار جهونگارڻ بند ڪيو ۽ چيائين؛ “يار صفا چٽ..........!، تون به ڪو صفا چٽ آهين!.”
سپاهيءَ صاحب جو بي وڙو جواب ٻُڌي وائڙو ٿي ويو؛ “ڇو سائين؟، ڇا ٿيو وري!؟.”، تعجب مان پُڇيائين جمعدار کان، ڄڻ کائنس ڪا غلطي ٿي هُجي.
“اڙي بابا..... ڏسين نٿو طوفان پيو ٿو لڳي........ واريءَ پئي ٿي اُڏامي!!.”
“ها سائين جهڪ ته کڙڪائي ماريو آهي!.”، سپاهيءَ پنهنجي نقلي ڏندن کي ننڍڙي آرسي ۾ جاچيندي چيو؛ “پر پوءِ به سائين ڪجهه ته ٻُڌايو؟.”
“اڙي بابا رُڃ ئي رُڃ آهي!، اڄ چوڏهون چنڊ آ، کيسيءَ ۾ ٽڪو به ڪونهي، پگهار ۾ به اڃان ڏهه ڏينهن پيا آهن!!.”
پگهار ۽ سُڃائي جو ٻُڌي سپاهيءَ صفا چٽ کان به حسرت ڀري آهه نڪري وئي، هُن ننڍڙي آرسي ڪاري شرٽ جي ميري کيسيءَ ۾ رکي ۽ روئڻهارڪو ٿي چيائين؛ “وڏا دل نه لاهه.........!، مالڪ ڪا سڻائي ڪندو، ضرور ڪو بِلو ڪندو خلقيو جو اٿس!.”
جمعدار چيو؛ “بس ڙي بابا...... ڏاڍيون موڙيون آهن هيل ته....... جهڪ جو پئي ٿي لڳي........ اِهڙيءَ لُوءُ ۾ هرڪو آراميءَ آ، ڪنهن به دنگي ٿيڻ جي ڪا به اُميد ته ڪانه ٿي ڏسجي!.”
“وڏا ائين نا اميد ته نه ٿِبو آ.”، سِپاهيءَ صفا چٽ جمعدار صاحب ملوڪ کي آٿت ڏيندي چيو؛ “مالڪ تي ڀروسو رکبو آ سائين!.”
“بس ڙي جانيءَ.......... تون ڇا ڄاڻين!؟.”، جمعدار پنهنجي ڪلف ٿيل مُڇن کي هٿ سان هيٺ ڍرڪائيندي چيو.
“دل نه لاهه وڏا........... ڦاسندو ڪوته مُرغو.”، سپاهيءَ صفاچٽ صاحب کي دلداريءَ ڏيندي چيو؛ “سائين اچي ويندو ڪو شڪار!!.”
جمعدار اندر جي اوٻر ڪڍندي بي دليو چوڻ لڳو؛ “جڏهن کِيسا خالي هوندا آهن تڏهن گهر ۾ رن کي ٻُوٿ نه وڻندو آهي ۽ ٻاهر وري..............!!.”
هڪ ٿڌي آهه ۽ جمعدار صاحب ملوڪ وري جهونگارڻ لڳو؛
“جــوڳــيءَ هـــڻـي ڏي تــون ڍارو................
ڪــڏهن ايـنـدو ڪـو قـُرب وارو...............”

* * * * * * * * * * * *
عطائي ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ ڀِينگ لڳي پئي آهي، ڊاڪٽر جو مُنهن لٿل آهي، رکي رکي در ڏانهن ڏسي ٿو ته من ڪو مريض اچي ۽ وري ڪي پل سامهون ڀِت تي لڳل تصوير کي ڏسي ٿو، جنهن ۾ صرف انساني ڍانچو ظاهر آهي!!.
سندس ڪمپائونڊر اکيون مهٽيءَ اٿي ٿو، اوٻاسيءَ ساڻ آرس ڀڃي ٿو ۽ اندرين ڪمري ۾ وڃي سُيون، نيڊل، ايمپل، وائل ۽ چند ٻيا اوزار ڇنڊي ڦُوڪي ساڳيءَ جاءِ تي ٻِيهر سئولا ڪري وري ٻاهر بئنچ تي اچي ليٽي پئي ٿو.
ڊاڪٽر کي مريضن جي اچڻ جو انتظار آهي، سندس اُڻ تُڻ وڌي ٿي وڃي، گُذريل ٽِن ڏينهن کان هُن جيڪي به مريض تپاسيا هئا تن مان گهڻا اوڌر وارا هئا ته ڪُجهه هلڪي ملم پٽيءَ، مٿي جي سُور ۽ بلڊ پريشر مُفت ۾ چيڪ ڪرائڻ وارا ته باقي مُفت مشوري وارا ها........!!.
ڊاڪٽر دل ۾ چيو؛ “ڪيڏيون نه ڇِتيون موڙيون آهن......!!، توبنهن......... اڄ ڪلهه ته اخبار جا پئسه به نٿا نڪرن!!.”، ڊاڪٽر پيشانيءَ تان پگهر جون بوندون رومال سان اُگهيون ۽ ويٺل ڪرسي تي ئي ان گُمان سان آهلي پيو ته؛ “ڪاش اڄ ڪو شڪار اچي وڃي ڊرپ جو!!.”
ڊاڪٽر پريشانيءَ مان در ڏانهن نهارڻ لڳو ۽ سندس نِرڙ جا گُهنج گهاٽا ٿي ويا.

٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭
مختيارڪار جي آفيس جو هيڊ ڪلارڪ ڊيوٽي ڏئي موٽيو آهي ۽ روڊ تي پريشانيءَ جي عالم ۾ بيٺو آهي ته ڪيڏي مهل بس ٿي اچي ته ڳوٺ وڃان.
انتظار جي اذيت وڌي وڃيس ٿي، ڌر تتيءَ آهي، مِٽيءَ اُڏامي نه وسي پئي پر هُوءَ بيچينيءَ مان روڊ جي ڪناري پسار ڪري ٿو، ٿورو اڳتي وڌي وري پوئتي موٽي ٿو ۽ دل ئي دل ۾ ڪاڙهي ۽ لُوءَ کي لعنت ملامت ڪري ٿو.
هيڊ ڪلارڪ روڊ تي ٽي چار ڀيرا ڪڍيا آهن جو اُمالڪ سندس نظر روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل رئيس ربنواز تي پئي ۽ هُوءَ ٻهڪيءَ پيو، کيس ياد آيو ته پگهار ۾ اڃان ڏهه ڏينهن آهن ۽ پوئين هفتي کان سُڃائي چوٽ چڙهيل آهي. هِن رئيس جو مُختيار ڪار کان ڪو ننڍڙو ڪم ڪرايو هو ۽ رئيس ربنواز هزار رپيا باسيا هئس پر رئيس ڪم ڪرائي کِسڪي ويو هو!!.
هيڊ ڪلارڪ کي پنهنجي اوڌر ياد آئي ۽ سڀ ڏُک وِسري ويس، شڪار ڦاٿو اِهو سوچي انتظار جي ڀوڳناءَ به ختم ٿي ويس ۽ اُها پيڙاءُ به ڇُٽي پيس ته ٻِن ڏينهن کان کيس رشوت جو ڪو ٽڪو به نه مليو آهي.............!.
هُن جي دل چاهيو جلدي روڊ ڪراس ڪري رئيس ربنواز کان وڃي هزار رپيا وٺي ڪٿي اڳ وانگر ٽه پِتائي رئيس اڄ به گوهي ڏئي گُم نه ٿي وڃي مس ته هٿ آيو آ..............!!.
اِهو سوچي ڪلارڪ خوشيءَ مان جهڙپ ڏئي روڊ جي ٻِئي پاسي وڌيو ۽ اُن ئي پل هارن جو هڪ آواز آيو، اُن هارن جي تيز آواز تي ڪلارڪ بدحواس ٿي پيو، هُوءَ بي خياليءَ ۾ بِنان ڏسڻ جي روڊ تي ڪاهي پيو هو، لئنوڻو هنيائين ڪار هُئي جا هوا ۾ ترندي پئي آئي، ڪلارڪ پوئتي مُڙيو، ڪار جي ڊرائيور ٿڌو ساهه ڀري چپن ۾ چيو شُڪر ۽ ايڪسيليٽر تي پير رکي زور ڏنائين ته اسي کان پوئتيءَ موٽي سٺ تي پهتل اسپيڊ ڪانٽو وري اڳتي وڌيو پر ڪلارڪ سوچيو ڪار کان اڳ ته مان روڊ ٽِپي ئي ويندس ۽ هُن وري پوئتي گُهت هئني روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ ۽ ڪار ڊرائيور وائڙو ٿي پيو ڪلارڪ جي وري واپس روڊ تي اوچتي لُوهه پائڻ تي!!.
ڪار ڊرائيور ڪار جي هارن کي زور سان وڄايو، ڄاتائين ڪو پاڳل آهي، ايڪسيليٽر ڇڏي، ڪلچ ۽ بريڪ کي پورو دٻائي ڇڏيائين ۽ چپن ۾ ڀُڻڪيو؛ “مواليءَ مارائي ڇڏيئي!.”، گڏ ئي روڊ تي هڪ وڏو چرڙاٽ ٿيو ۽ ڪارا پٽا ٺهيءَ ويا ۽ تُرت ئي ڪلارڪ ڪرڪيٽ بال وانگر هوا ۾ اُڏاميو ۽ وڃي روڊ تي ڪِريو ۽ بيهوش ٿي ويو، ڪار ڊرائيور سوچيو؛ “شڪار ٿي ويس.”

* * * * * * * * *
چرڙاٽ سان گڏ عطائي ڊاڪٽر پنهنجو لٿل چشمو نڪ تي چاڙهي ڪنن سان چنبڙائي ڇڏيو ۽ کنگهار ڪري ڳلو صاف ڪيائين، ڪمپائونڊر ٽِپ ڏئي اُٿيو، سُيون وغيره ڇنڊي ڦُوڪي تڪڙيون وري سوليون ڪيائين، جمعدار صاحب ملوڪ، پنهنجي ڍري ڪيل سرڪاريءَ پٽي کي ڇِڪي کڻي ٻڌو ۽ سِپاهيءَ صفا چٽ جا ڪن اُڀا ٿي ويا................!!.
پرئين ڀر بيٺل رئيس هيڊ ڪلارڪ کي ڪرندو ڏسي کِسڪيءَ ويو پر قُلفين وارو الهه نواز ۽ موچيءَ سُکديو ٽِپ ڏئي اٿيا ۽ روڊ تي ڪريل ڪلارڪ کي ٽنگو ٽاليءَ ڪري عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ کڻي آيا.
جلد ئي عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ ماڻهن جو هڪ انبوهه هُيو، تِر ڇٽڻ جي به جاءِ نه بچي هُئي، هرڪو پيو پُڇي؛
“ڪير آ؟”
“ڪٿان جو آ؟”
“ڪيئن آ؟”
“بچيو يا نه؟؟.”
ڊاڪٽر وڏي جفاڪشيءَ ۽ گِهرائي سان ڦٽيل کي تپاسيو ۽ هر ڦٽ جاچي جاچي ڏٺائين، ڪمپائونڊر ٻه سُيون هيڊ ڪلارڪ کي هڻي ڪڍيون ۽ ملم پٽيءَ شروع ڪيائينس ته ڪلارڪ اکيون ڦاڙي سڀن کي ڏسڻ لڳو، ڪنهن رڙ ڪئي؛ “هوش اچي ويس، هوش اچي ويس، خُدا بچايس، الله پناهه ڏنس..........
هُل وڌي ويو ۽ هيڊ ڪلارڪ کان ڌڪ وسري ويا ۽ وائڙن وانگر هر ڪنهن کي تڪڻ لڳو، تڏهن ڪمپائونڊر چيس؛ “توکي آرام جي ضرورت آهي.”
ڪلارڪ دل ۾ چيو؛ “مون کي ته هزار رپين جي ضرورت آهي!!.”، ڊاڪٽر ڄڻ سندس دل جي ڳالهه پڙهي ورتي جو مُرڪي دل ۾ چيائين؛ “اڃان توکي ڊِرپ هڻنداسين مون کي به ته پنج سئو رُپين جي ضرورت آهي..............!!.”
ڪار ڊرائيور ڪلارڪ کي هوش ۾ ڏسي چيو؛ “شُڪر آهي خير ٿي ويو.”
جمعدار مُرڪي چيو؛ “ها خير ئي ٿي ويو!!.”
“ته سائين مان وڃان!؟”، ڪار واري جِند ڇڏائڻ پئي چاهي.
“پر بابا همراهه جو زخميءَ آهي؟؟.”، جمعدار قانوني ڪاروائيءَ ڪندي چيو.
سائين همراهه هوش ۾ آهي، هلڪيون رهڙيون اٿس، مان ملم پٽيءَ جا پئسا ڏيو وڃان ٿو!!.”، ڊرائيور ايلاز ڪيو.
“۽ اسان کي!؟؟.”، سپاهيءَ سرٻاٽ ڪيو.
“پر سائين توهان کي ڇو؟.”
“بابا اسان سان به وهه نه!!.“، سِپاهيءَ اک ڀڃندي ڊرائيور کي چيو؛ “اجايو پوليس ڪيس ڇو ٿو ٺاهين!؟.”
“پر سائين منهنجو ته قصور به نه هُيو!!.”، هُن منٿ ڪئي.
“بابا قصور ته اسان جو به ناهي پر همراهه ته ڌڪيو اٿئي نه..........!!.”، جمعدار لڙڪي پيل پنهنجين مُڇن کي تاءُ ڏيندي مُڇن جو ڪلف سِڌو ڪيو ۽ چيائين؛ “قانوني ڪاروائي ته ٿيندي نه!”
“نه نه سائين...........”، ڊرائيور ڊِڄي ويو ۽ کيسيءَ ۾ هٿ هڻندي چيائين؛ “هي وٺو سائين............”
“هي ڇا؟؟، گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ته ڏي!، ڏسين نٿو ڪيڏي مهانگائي لڳي پئي آهي ۽ مٿان وري هي جهڪ.............!.”، سِپاهيءَ ٻه سئو ڏسي رڙ ڪئي.
سپاهيءَ جي مطالبي تي ڪار وارو پريشان ٿي پيو ته جمعدار معاملي کي سمجهندي چيو؛ “ٺيڪ آ ڀلا کڻي هڪ هزار ئي ڏي.................!!.”
“پر سائين................
“سِپاهيءَ صفا چٽ..............!!.”، جمعدار رڙ ڪئي.
“جي سائين........”،
“بابا گاڏيءَ ٿاڻي ۾ ڪاهي هل.”
“نه نه سائين هي وٺو هزار رُپيه.”، ڊرائيور ششدر ٿي پيو، اجائي چڪر ۾ پوڻ بدران هزار جو نوٽ سِپاهيءَ جي مُٺ ۾ ڏنائين، جمعدار جوابدار مان هٿ ڪڍيا، قانوني ڪاروائيءَ پوري ٿي وئي ۽ ڪار ڊرائيور عطائي ڊاڪٽر کي ملم پٽيءَ جا پنج سئو ڏئي ٿيو رمتو.
“ڪمايو ڊاڪٽر ۽ جمعدار صاحب ملوڪ، چٽيءَ ڀري ڪار واري ۽ ڀوڳيو مون..................!!!.”، هيڊ ڪلارڪ سوچڻ لڳو؛ “سدائين ٿي شڪار ڦاسايم، اڄ ته مان ئي شڪار ٿي ويس، مون کي ته ٽڪو به نه مليو.........!!.”
۽ هُوءَ رئيس کي ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن نِهارڻ لڳو ته ڪنهن پُڇيس؛ “ڪنهن کي ٿو ڳولين؟؟.”
“شڪار...............!!!.”،
بي ڌيانيءَ مان ڪلارڪ جي زُبان مان نڪري ويو....

٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭ ٭