ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

نو پرابلم

نو پرابلم

اهو ڪو اوچتو عمل نه هو ۽ نه ئي ڪو حادثو!
اها باقائده سوچيل سمجهيل حرڪت هئي ۽ منصوبابندي واري اها سموري حرڪت اصل ڳچيءَ ۾ پئجي ويئي. ها انهيءَ کي اتفاق به نٿو چئي سگهجي ۽ نه ئي ڪا غلطي!، انهيءَ کي غلطي سمجهڻ ته اصل بيوقوفي آهي، ها اها هڪ سوچيل حرڪت ئي هئي، شايد ويچاريل ۽ غور ڪيل.
افسوس جو آخر ۾ اسان کي هٿ ئي ملڻا پئجي ويا، خود کي جام پشيمان ته پريشان به ٿيڻو پيو ۽ گڏ خلق جي کِل کي روڪڻ نه صرف مشڪل پر بيحد ناممڪن ٿي پيو.
هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان ۽ منهنجو يار سونو روز هڪ ڪهاڻي لنکدا هئاسين، سونو ديني حجم جو پُٽ آهي، جيڪو اسان جو پاڙيسريءَ آهي ۽ مُنهنجو يار!!.
منهنجي يار سوني جو اصل نالو سونا خان آهي پر جيتامڙو هئڻ ڪري سڀني سندس نانءُ به گهٽائي ڇڏيو آهي، سونا خان بجاءِ سڀڪو کيس سونو ئي سڏيندو آهي.
انهن ڏينهن ۾ سونو ۽ مان روز هڪ نه هڪ ڪوڙي ڪهاڻي لکندا هئاسين ۽ شام جو وري هڪٻئي کي پڙهي ٻُڌائيندا هئاسين ۽ پوءِ هڪٻئي جي ڪهاڻي مان چُڪون ڪڍندا هئاسين. عينڪ کان سواءِ نظر تنقيدي ٿي نه سگهندي هئي سو سومار مواليءَ جي ڀڳل شيشي واري عينڪ جيڪا هوءَ پنهنجي سيراندي کان رکي سُمهندو هو سا چورائي ڪڏهن سونو ته ڪڏهن مان اها عينڪ پنهنجي نڪ ۽ ڪنن کي چنبڙائي تنقيدي نظر انهن ڪوڙين ڪهاڻين تي وجهندا هاسين ۽ پوءِ چُڪون دُرست ڪندي ڪندي آخر ۾ وڃي هڪٻئي جون ڪهاڻيون رد ڪندا هئاسين، اصل ٺهڻ جي ته ڪا گنجائش هُئي ئي ڪانه!.
مان ڪيئن ٿي هن جي واهه واهه ڪري سگهيس ته سونو ڪيئن ٿي مون کي ڀلو چئي سگهيو!؟ اهو ته ڪنهن امڪان ۾ ئي نه هو ۽ نه ئي ٻنهي کي گوارا ڀي!.
خير اهو قصو گهڻا ڏينهن ائين ئي هلندو رهيو پر اسان مطمئن ئي نه ٿي سگهياسين ۽ هڪٻئي جي چير ڦاڙ ڪندا رهياسين پر وڙهياسين ڪڏهن به ڪو نه!!.
هڪ ڏينهن الاءِ ڇا ٿيو، منهنجي يار سوني کي الاءِ ڪهڙو ريچڪ چڙهيو، دشمن جي طبيعت الاءِ انهيءَ ڏينهن ناساز هئي يا ڪا ٻِليءَ سندس گس اڳيان مٽي وئي هئي يا ته مرڳو تقدير اسان ٻنهي تي اچي مهربان ٿي هئي جو سوني انهي ڏينهن منهنجي ڪوڙي ڪهاڻي ٻُڌڻ کان پوءِ نه صرف کيس ڪهاڻي مڃيو هو پر تعريف جا قصيدا ڳائڻ ۾ پلٽا هڻڻ لڳو هو.
مان ته ششدر ئي ٿي پيم، سندس اهڙو حال ڏسي اصل وائڙو ئي ٿي پيس، سمجهه ۾ ئي نه آيم ته سونو ڪڏهن راڳي بڻيو آ!!.
متيون ئي مُنجهائي ڇڏيون اڄ ته سوني صفا........ پهريان ته مون کي ڪو اعتبار نه آيو سندس ڪنهن به ڳالهه، پلٽي، دوهيڙي تي پر پوءِ سوچيم اهڙو ويل مان به نه آهيان، گذريل ڪئي سالن کان ڪوڙيون ڪهاڻيون لکندو پيو اچان، ٿي سگهي ٿو هيل هڻي وڃي هنڌ ڪيو هجيم متان ۽ هن جيتامڙي سوني جي رُڏ مغز ۾ به ڪا ڳالهه مس وڃي ويٺي هجي!!.
منهنجي ڇاتيءَ ڇويهه مان ڇائيتاليهه انچ ٿي وئي ۽ لڙڪيل ڪنڌ سِڌو ٿي ويم، ڏٺم ته هڪ لمحي لاءِ ڄڻ سونو جيئن هيڊو ٿي پيو هجي، منهنجي مُنهن تي خوشي ڏسي سندس مُنهن دونهاٽجي ويو ڇو ته يار هو نه پنهنجو اصلي پڳ مٽ!!.
ها سو ڄڻ ڪي ڪارا ڪوهيڙا سوني جي مُنهن تي ايندا ۽ ويندا هجن، بحرحال ڪجهه گهڙين جي خاموشي کان پوءِ سوني پڄري پنهنجي ڪهاڻي ڪڍي ۽ پڙهڻ شروع ٿي ويو، مان ڌيان ڏئي ٻُڌڻ لڳس پر خبر تنهن مهل پئي جڏهن سوني منهنجو ڪُلهو لوڏيندي چيو؛ “اڙي ڏيڏر!!، ڏي خبر منهنجي ڪهاڻي ڪيئن آهي؟.”
کيس ڪهڙو جواب ڏيان؟، مون ته ڪجهه ٻُڌو ئي نه!!، مون ته ديوار سان ڪن لڳائي ڌيان سان سوني جي ڪوڙي ڪهاڻي ٻُڌندي پئي سوچيو ته؛ “هاڻ مان وڏو ڪهاڻيڪار ٿي ويو آهيان، ها صفا وڏو ڀاري ڀرڪم ڪهاڻيڪار!!، جيئن ڪاڇو نڙگهٽ، فراق محبوب وصال يا نرگس شميم بي پرواهه، نه انهي کان وڌيڪ سُٺو گُلو گُمشده جهڙو، خريف تُوتاري جهڙو، اڙي نه نه....... انهن جهڙو نه، انهن سڀني کان وڌيڪ سُٺو ها ڪريم پالڪ جهڙو، نه انهي کان به وڌيڪ ڀلا جُنيد واشديو جهڙو نه نه ڀلا تفريق لنگهيو جهڙو يا کمون ککر جهڙو يا....... نه نه هنن سڀني کان وڌيڪ، ها هنن سڀني کان وڌيڪ سهڻو، سُٺو ۽ پُختو !!.
مون ته اهو پئي سوچيو سو ڪهڙي راءِ ڏيان ها؟، دل ۾ خيال ڪيم، سوني کي اهو چئي پنهنجي جان ڇڏايان ته؛ “تنهنجي ڪهاڻي بنهه فرسوده آهي”، پر وري سوچيم ته سونو پُڇندو اهو ڪيئن؟ ته پوءِ ڇا چوندس؟، ۽ هونئن به ڪنهن سان بدديانتي نه ڪرڻ گهرجي، سوني منهنجي ڪهاڻي جي تعريف ڪئي آهي، مون کي به سندس ڪهاڻي جي تعريف ڪرڻ گهرجي!!.
جيڪر نه ته هو ٻيهر ڪڏهن به منهنجي ڪنهن ڪهاڻي جي تعريف نه ڪندو، مُرڳو ڳالهه ئي ڳِچيءَ ۾ پئجي ويندي، سو دشمني نه کڻڻ گهرجي ۽ مون سوچ سمجهه کان ڪم وٺندي انهيءَ ڏينهن دل کولي سوني جي ڪوڙي ڪهاڻي جي ڪوڙي تعريف ڪئي، مان راڳي نه هئس، مون پلٽا نه هنيا، مون اُلٽا سُلٽا تعريف جا بنڊل جوڙيا ۽ سڀ جا سڀ سوني مٿان اهي ٽوڙيا.
۽ انهي ڏينهن کان پوءِ اسان ٻنهي ۾ هڪ اڻ چيو معاهدو ٿي پيو جيڪو بنان طيءَ ٿيل هو ٻنهي وچ ۾. اسان ان ڏينهن هڪٻئي کي نه صرف باقائده ڪهاڻيڪار طور تسليم ڪيو پر پنهنجا پنهنجا تخلص به چونڊياسين، سونو سِرڻ ٿي پيو ته مان ڏيڏر ڏائنڻ ٿي پيس، انهي خوشي ۾ سوني چانهه گُهرائي مان پاپا وٺي آيس ۽ پوءِ پهريون ڀيرو اسان گڏجي چانهه پيتي ۽ پاپا کاڌا ۽ کِلي خوش ٿياسين نه ته اسان روز هڪٻئي کي پنهنجيون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻُڌائي ۽ اهي رد ڪري، دڙڪا دهمان ڏئي هليا ويندا هئاسين.
اهو ڏينهن انقلابي ڏينهن هو، ان ڏينهن کان پوءِ روز سونو سِرڻ منهنجي ڪهاڻي ۽ قلم تي پلٽا هڻي ڪري پوندو هو ته مان سندس ڏات ۽ بات جي ساراهه ڪندي چنڱي دير تائين پيو ٽان ٽان ڪندو هئس، پر ماڻهوءَ..........
ماڻهو وڏا بد ديانت آهن هن دنيا جا! ڪنهن کي سهن ئي ڪون اصل!! پنهنجي مُنهن ماڻهوءَ مون کي چوندا ها ته سونو توتي کِلون ٿو ڪري، چوي ٿو ته؛ “اهو واڱڻ مُنهون، کوهه جو ڏيڏر، انهيءَ کي ڪهڙي خبر جهان جي، سدائين لٻاڙ ٿو هڻي، ڪڏهن ٻاهر نڪتو هجي ته دنيا جي ڪا خبر هجيس، هليو آ ڏيڏر ڪهاڻيڪار ٿيڻ!!. پاڻ کي ڪو وڏو اديب ٿو سمجهي ڏيڏر ڪٿان جو...........”
۽ مان ماڻهن کي چوندو هئس ته؛ “اهو جيتامڙو ٽِنڊڻ!!، اهو وري ڪهڙي باغ جي موري آ؟، اچيس ٿو الف آڱوٺو ۽ پُٽ پاڻ کي سمجهي ٿو کمون ککر..........!!، اهو ڪُٻو ڪاٺ ڪُٽو به پنهنجي نظر ۾ وڏيءَ بلا ٿيو گهمي، بيوقوف آهي ڇا منهنجي اڳيان؟”.
هڪ ڏينهن سوني سِرڻ پنهنجي تعريف ٻُڌڻ کان پوءِ جڏهن منهنجي ساراهه تي پلٽا پائي پلٽي ويو هليو ته انهيءَ مهل گُلو گُمشده مون کي چيو؛ “توهان ٻئي مُنهن تي هڪٻئي جي سُٺي تعريف ڪري وٺندا آهيو ۽ پر پُٺ گِلا پُڻ ڇو!!؟.”
“اسان جي ٻيو ڪو تعريف نٿو ڪري ته مجبورن ٿورئي اسان هڪٻئي جي تعريف ڪريون ٿا.”، چيومانس؛ “اها ئي مفاهمت آهي، اها ئي جهموريت آهي.”
گُلو گُمشدهه چيو؛ “مون کي ڪجهه سمجهه نٿو اچي!.”
“اها ئي ڀلي ڳالهه آ جو توکي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي.”، چيومانس؛ “پنهنجي هاٿي جيڏي هن ننڍڙي دماغ تي وڌيڪ زور نه ڏي، ميڄالو ٻاهر نڪري ايندئي!”
“پر ڏيڏر................”، هن احتجاج ڪيو.
“گُمشدهه آهين، گُمشدهه رهه، مان وڌيڪ ٽان ٽان نٿو ڪرڻ چاهيان.”، ڇِڙٻ ڏيندي چيومانس؛ “پنهنجي کل مان نه نڪر، نه ئي اجايو نقاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪر!!”، کن رکي چيومانس؛ “هي وڏيون ڳالهيون آهن عالمي ليول جون، تنهنجي هاٿي جيڏي مٿي ۾ نه گهڙي سگهنديون، تون پنهنجي هيڏي وڏي مٿي ۾ موجود پنهنجو ننڍڙو دماغ شانت رک.”
گُلو گُمشدهه مُنهن ڪوجهو ڪري ويو هليو پر اسان جي اها روز جي گڏجاڻي گهڻن کي مشڪوڪ نظر اچڻ لڳي، پاڙي جي ڪامريڊ ته ڳالهه ئي هُلائي ڇڏي ته؛ “هي صدر بُش جا خاص ايجنٽ آهن. هنن جي ڪچهريءَ ۽ ملاقات خلاف تڪڙو ايڪشن کڻڻ ئي کپي!!.”
راڄ واري رئيس جو ڪمدار ته چوندو گُهمي؛ “مون کي سڀ خبر آ، مون کي سڀ خبر آ........!!، هي ڇورا جيڪا سازش گهڙين پيا مون کي سڀ خبر آ.”
“اڙي ڏيڏر.......!، ڏي خبر”، سوني مون کان پُڇيو؛ “ڪمدار کي ڪهڙي خبر آ؟ ۽ پاڻ ڪهڙيءَ سازش گهڙيون پيا؟؟.”
“يار سِرڻ!، ڪُڪڙ جا پر کُٿل چوزا............!!.”، چيم؛ “خبر ته ٻيلي مون کي به ناهي ته پاڻ ڪهڙيءَ سازش گهڙي رهيا آهيون!!.”
هوءَ وات پٽي مون کي تڪڻ لڳو، ڪي گهڙيون مان ڀي کيس چرٻٽن وانگر ڏسندو رهيس ۽ پوءِ کن رکي رازداريءَ مان پُڇيومانس؛ “توکي خبر هُجي ته يار مون کي به ٻُڌاءِ؟.”
چيائين؛ “ٻيلي خبر ته مون کي به ناهي!!.”
“پوءِ ڪمدار کي خبر هوندي ان کان پڇجي؟؟.”، چيم.
“ها ڏيڏر...........،” سوني سِرڻ چيو؛ “ڪمدار کي ته خبر هوندي هوءَ ته چوندو جو گُهمي مون کي سڀ خبر آ.”
۽ انهن ڏينهن ۾ راڄ جي رئيس نه صرف اسان جي منوءَ مواليءَ واري هوٽل تي ويهڻ تي پابنديءَ هڻي ڇڏي پر ڪٿي به اسان جي گڏجڻ کي قانوني ڏوهه قرار ڏنو ۽ اسان جي هڪ مان ٻن جي ميڙ ٿيڻ تي قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو پر اسان به هئاسين نڪ جا پڪا، مُڙڻ وارن مان ته نه هئاسين نه........... هڪڙا ڪهاڻيڪار ۽ ٻيو ٿيون بُزدل، اهو کوڙو اسان تي لڳو ئي نٿي، نه ئي اهو اسان جي وڙ وٽان ڀي هو ۽ نه ئي وري اسان اِهو مڃڻ لاءِ تيار ڀي هُئاسين ٻيو ته وري اسان هڪٻئي جا عاشق محبوب ٿورئي هئاسين جو اسان کي ڪارو ڪاري جو به ڪو ڊپ هُجي ها.
اسان بس نرڄائي سان ملندا رهياسين، روز واريءَ چانهه جي اڌ ڪوپ نه صرف اسان جي دوستيءَ کي مضبوط بڻايو پر دوستيءَ جو دائرو وسيع ڪندي ٻن ميمبرن مان وڌائي ٽن ميمبرن تائين پُڄائي، اسان جي مُشڪلاتن ۾ انيڪ پريشانين جو اضافو ڪري ڇڏيو.
ٿيو هيئن جو تر جو جهونو اڌ پڙهيل خفتي شاعر استاد آڙيڪاپ اسان جي سنگت ۾ جبري طور تي اچي شامل ٿي ويو. استاد جو اصل نالو ته ڪو ٻيو هو شايد پر آڙيڪاپ جي تخلص سان مشهور آهي، چون ٿا جوانيءَ ۾ شاهه ڪاريگر هو پر اِها خبر ڪونهي ته الاءِ ڇا جو ڪاريگر هو!!، اهو چوڻ وارا چون ٿا سوني نه چيو آهي ، نه ئي مان پيو چوان، ها ته ڳالهه پئي هلي استاد آڙيڪاپ جي، سو ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن اسان جي ڪهاڻي ۽ ڪچهريءَ روز جي معمول مطابق هلي رهي هئي، گُلو گُمشده لڪي لڪي اسان کي ڏسي رهيو هو ته استاد محترم تشريف فرما ٿيو، جيڪو روز پريان تاش کيڏڻ واري منڊليءَ کان اسان کي تڪيندو هو پر اڄ اچي ٺڪاءُ ڪيائين، استاد محترم ويهڻ کان پوءِ فرمايو؛ “اوهان مون کي سڃاڻيندا هوندؤ؟”
سوني ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي، مون ڪو به جواب نه ڏنو، دل ۾ چيم؛ “هائو ٻيلي....... ڪهڙو انگلينڊ کان آيو آهين.”، ڏٺم ته استاد نظرن ۾ چئي رهيو هو؛ “وڏو ڪو بدتميز آهين!!.”، استاد ته آخر استاد هو نه، مون کي خاموش ڏسي چيائين؛ “تون شايد مون کي نٿو سُڃاڻين ته مان ڪير آهيان!!.”
راڪاس ڪونه آهين نڪو جِن ڀوت........... اهو خيال ڪندي چيومانس؛ “سُڃاڻيان ٿو استاد..............”
منهنجي ڳالهه کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪندي سوني کي چيائين؛ “اوهان جي ڪهاڻين جي سُس پُس روز ٻُڌندو آهيان، الاءِ ڇو دل چاهيو اوهان کي ٿوري سکيا ڏجي.”
“اوهان شاعر آهيو.”، چيم؛ “ڪهاڻي جي سکيا ڪيئن ڏيندؤ؟.”
استاد آڙيڪاپ هڪ گِهريءَ نگاهه مون تي وڌي ۽ ائين ڏٺائين مون کي ڄڻ منهنجو مُنهن ٺُپ نه وڻيو هُجيس، مان خاموش ٿي ويس ته چوڻ لڳو؛ “توکي خبر ناهي ته مان ڇا آهيان..............!!!.”
دل ۾ چيم؛ “گهٽ ۾ گهٽ ايٽم بم ته ناهين نه ئي ڊينگي وائرس!!”،
هُن ڪُرڙيون اکيون ڪري مون کي ٻيهر ڏٺو ۽ پوءِ ڳالهه شروع ڪندي چيائين؛ “گهڻا ماڪوڙي مُنهان اديب مون کان ائين وؤن ويندا آهن جيئن تر جي صوبيدار کان سوا مڻ ڪپهه جا چور!!.”، سونو مون کي تڪڻ لڳو ۽ مان استاد آڙيڪاپ جون ڳالهيون دوڏا ڦاڙي ۽ ڪن کولي ٻُڌڻ لڳو هئس ان ڏينهن.
ان کان پوءِ ائين روز باقائدگي سان استاد اسان جي سِکيا لاءِ اچڻ لڳو ۽ منهنجي ۽ سوني جي چانهه واري روزمرهه جي بجيٽ ۾ ڪجهه واڌارو ٿي پيو، استاد ته روز گهڻو تڻو پاڻ ڳالهائي جي مان ۽ سونو ڳالهايون ته اسان جي ڳالهه اڪثر ڪٽينديءَ چوي؛ “توهان ڪالهوڪا ٻار......!!، توهان کي خبر ئي ڪهڙي؟، زماني ۾ هليا هجو ته اوهان کي ڪنهن ڳالهه جي ڪا پروڙ هجي........... اسان هي وار اڇا ٺلهو ڪاڙهي ۾ ته نه ڪيا آهن.”
بحرحال استاد آڙيڪاپ اسان ٻنهيءَ دوستن کي بيزار ئي ڪري وڌو پر اسان هميشه پنهنجي ڳالهه تي ئي ڌيان ڏنو ڇو ته اسان کي خبر هئي ته سڀ واندا اسان کي واندو سمجهي اسان جي ادبي رستا روڪ ٿا ڪن!!.
پوءِ جڏهن اسان جام ڪوڙيون ڪهاڻيون لکي ٻوريون ڀري ورتيون ته اسان اچانڪ سوچيو ڇو نه انهن کي ڇپرائي عوام جي اکين آڏو آڻيون!!.
اسان ٻنهي يڪراءِ فيصلي طور پنهنجيون ڪهاڻيون هر مهيني مختلف رسالن ڏانهن موڪلڻ لڳاسين ۽ هڪٻئي اڳيان انيڪ دعوائون ڪرڻ لڳاسين.
سونو چوڻ لڳو؛ “اڙي ڏيڏر تنهنجو ڪجهه ٿيڻو ناهي!.”، چيم؛ “ماٺ گوگڙُو تنهنجي ڪهاڻي به تو وانگر رديءَ آهي.”
پنج سال گذري ويا پر اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن جي به ڪا ڪوڙي ڪهاڻيءَ ڪنهن به رسالي ۾ ڪانه ڇپي ۽ هر واري پنهنجي واري جو انتظار هو، ٽپال آفيس وارن سان اسان جي ايڏي ته اُٿ ويهه وڌي جو دوستيءَ دوستيءَ ۾ انهيءَ دؤران سوني کي ٽپال کاتي ۾ ٽپاليءَ جي نوڪري به ملي وئي پر اسان ٻنهيءَ مان ڪنهن جي به ڪا ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ نه ڇپي.
هڪ ڏينهن مون ۽ سوني صلاح ڪئي ته ڇو نه حيدرآباد هلجي ۽ ڪا خبر چار وٺجي ۽ پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هلي ڳولجي ته نيٺ اهي پاڻ واريون ڪهاڻيون آخر وڃن ڪيڏانهن ٿيون!!؟.
اسان پندرنهن ڏينهن منوءَ مواليءَ واري هوٽل کي الوداع چئي ڪجهه چانهه جا پئسا بچائي باقي پئسا پٽي سٽي هڪ ڏينهن حيدرآباد لاءِ نڪري ئي پياسين.
جڏهن بس حيدرآباد اچي پهتي ۽ مسافر لهڻ لڳا ته منهنجي يار سوني وڏو هانءُ تي هٿ هڻي چيو؛ “اي حيدرآباد اداس نه ٿيءُ...........!!، تنهنجا والي وارث پهچي ويا آهن.”، مون هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ پوءِ ماڻهن جي ڀِيڙ کي جاچڻ لڳس.
اسان بس مان لهي انهيءَ ڏينهن مِڙني رسالن جي آفيسن جا چڪر هنيا اتي اسان کي ڪٿي به پنهنجي ڪا ڪوڙي ڪهاڻيءَ ڪانه لڀيءَ، دل ۾ چيم؛ “مان ڏيڏر ناهيان مان سنڌي ڪهاڻيڪار آهيان، ۽ هي منهنجو يار سونو به ته گهٽ ناهي، فلسفو سندس مٿي ۾ لتاڙي لتاڙي ڀريل آهي، هي به ڪهاڻيڪار ئي آهي”، پر اسان کي ڪنهن مُنهن ئي نه ڏنو، اتي اسان کي ٻيا به جام ڪهاڻيڪار مليا اُهي به پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي ڳولڻ آيا ها، سڀ پريشان ۽ حيران ها، ڪنهن کي به پنهنجي ڪهاڻي ڪانه پئي لڀي، سڀڪو هِت هُت پئي ڀڳو، هر ڪنهن پنهنجي ڪهاڻي جي پارت پئي ڪئي، ايڏي وٺ وٺان ڏسي سوني جو هانءُ ڪچو ٿي پيو، ذري تي اُلٽي ڪري ڪِن ٿي ڪيو هُئائين پر وقتائتي سينيءَ ۾ تريءَ هڻيءَ مون سندس ساهه سُڌير ڪري ورتو پر اتي پوءِ به ساهه ڄڻ مُنجهيو پئي ۽ گهُٽ ٻوسٽ ۾ وڌيڪ روح نه چاهيو ته ڪا ڪهاڻي جي ڳولا ڪجي!!!.
۽ اسان حيدرآباد جي گهٽين ۾ نڪري آياسين، ڪنهن بُڪ اسٽال تان سوني ڪو ادبي مئگزين خريد ڪيو ۽ مون کي ٻانهن ۾ چُهنڊڙيءَ هڻندي چيائين؛ “جسٽ نو پرابلم.........!!، اڙي يار ڏيڏر...........!!، ڪو مسئلو آهي ڇا؟؟”،
هوءَ ڄڻ پنهنجي مُنهن ٿي ڳالهاڻو، کن رکي وري چوڻ لڳو؛ “ڪو مسئلو ناهي ڏيڏر!!، انجواءِ يار، زندگي جو هر پل ماڻ.”، مون کيس هڪ نظر ڏسي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري ڇڏيو، ڀائنيم ساڳيو وڦلڻ وارو دؤرو پيو اٿس، اجهو ٿو پلٽا هڻي سُرت وڃائي پر هن وري چُهنڊڙي هڻندي چيو؛ “اڙي يار..........!!، تون به صفا ڪو ڇسو آهين.”
چيم؛ “ڪا پرواهه ناهي.”، ۽ هڪ ٻئي بُڪ اسٽال ڏانهن کِسڪي وياسين، مُختلف رسالا ڏسندي خبر تڏهن پئي، جڏهن بُڪ اسٽال جي مالڪ جا ٻئي هٿ منهنجي يار سوني جي ڳِچيءَ ۾ ها ۽ هو چئي رهيو هو؛ “اڙي چوري ٿو ڪرين......................”
سونو سندس گرفت ۾ قابوءَ هوندي ڀي پنهنجي صفائي ۾ چيو؛ “ڪهڙيءَ چوريءَ؟، هي رسالو ته مون ٻئي اسٽال تان ورتو آهي.”
“اڙي چوريءَ مٿان وري سينه زوريءَ!!.”
“اڙي يار ڏيڏر تون ئي ٻُڌائينس ته هي رسالو پاڻ ڪٿان خريد ڪيو آهي؟”، ان کان اڳي جو مان ڪجهه ڳالهايان، هُن ٻولي مٽ بگهڙن جي قوم واري بُڪ سيلر، سوني کي هڪ اڌ تڪڙي لپاٽ وهائي ڪڍي ۽ مئگزين ڦُري ٻين رسالن سان گڏ رکي کيس ڌِڪو ڏئي فُٽ پاٿ تان هيٺ لاهي ڇڏيائين، رونشي تي مِڙي آيل ماڻهوءَ حقارت مان نهارڻ لڳا، ميڙ منجهان ڪنهن ڪروڌي چيو؛ “شرم نٿو اچئي؟، ڏينهن ڏٺي جو چوريءَ ٿو ڪرين اها به ڪتابن جي!!.”
مان خوف منجهان ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس، صفا ششدر ٿي پيم، مان ڪجهه به نه ڪري سگهيو هُئس، مان ڪائنر هُئم، پنهنجو پاڻ کي نه صرف ڪائنر پر بُزدل ۽ بيوفا پُڻ سمجهڻ لڳس، منهنجي مُنهن تي پنج لڳي ويهه منٽ ئي وڄي ويا، سونو الاءِ ڇا سوچي رهيو هو، الاءِ اهو ته منهنجي من ۾ خوف ڀرجي ويو آهي يا مان سندس ڪابه مدد نه ڪري سگهڻ جي ندامت واري احساس ۾ ورتل آهيان.
بحرحال هن الاءِ ڇا سمجهيو پر چُهنڊڙيءَ هڻندي چيائين؛ “اڙي يار ڏيڏر جسٽ نو پرابلم!!.”
مان حيرانيءَ مان وات پٽي هن کي نهاريندو ئي رهجي ويم پر وري هن کن رکي پاڻ ئي چيو؛ “ڪا پرواهه آهي ڇا؟؟.”
مون هڪ نظر کيس ڏٺو ۽ ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيم، ڄاتم ٿي دُڪان واري کي پڪ هئي سوني ڪا چوري نه ڪئي آهي پر هن...........
مون هڪ ٿڌي آهه ڀري ۽ سونو هڪ وڏو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو؛ “ها حيدرآباد...........!، تنهنجا وارث اچي ويا آهن..........”
................... ۽ ......................۽ مار کائي وڃي به رهيا آهن.”
* * * * * * * * * * * *