ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

ڪارو رومال

ڪارو رومال

هيل ڀي بهار جي ٻِئين هفتي ۾ آئي، شايد هر سال بهار جا پهريان ڏينهن پيڪن لاءِ مخصوص ڪيا اٿس.
اڄ چوٿون سال اٿس وئي ۽ انهن چئن سالن ۾ صرف چار ڀيرا ئي ته آئي آهي ۽ اُهي به بهار جي پهرين ڏينهن ۾!!!.
جڏهن اڃان مس نِم جي کُٿل ٽارين تي گهاٽا ساوا چهچ پن نڪري اچن ٿا، چوٽيون مس ڪچڙا گئونچ جهلين ٿيون، قسمين قسمين وڻ ٻوٽا ساوڪ سندو نفيس ويس اڃان مس ئي ڍڪي ٿو ته بهار ۾ تڏهن هن جي به آمد ٿئي ٿي!!!
مان کيس تڪيندو ئي رهيس ۽ هُو اچي ڀر ۾ ويٺي، سوچڻ لڳم چار سال پهريان به ائين ئي بي حجاب هوندي هُئي ۽ اڄ به بلڪل ائين ئي لاغرض......!!.
مون کي ماٺ ڏسي چيائين؛ “شام جا پنج ٿيا آهن.”
چيم؛ “زندگي جا پنج ٿيا آهن.”
“ڇا...............؟؟؟.”
“نه نه.........”، کن رکي چيم؛ “گنج ٿيا آهن.”
مُرڪي چيائين؛ “اڃان جيئرو آهين؟.”
مون وٽ اهڙا ڪي به لفظ نه ها جيڪي جواب ۾ کيس چوان ها، شايد مون کان سڀ لفظ رُسي ويا ها!!، ماٺ ڏسي ڪُلهي تي ڌڪ هڻندي چيائين؛ “او ٻُڌ......... اڃان جيئين پيو؟.”
الاءِ ڇو مُرڪ جي اُداس مِينا سُڪل چپن تي لنويءَ وئي هُيم، بس ايترو وراڻي سگهيم ته؛ “روز مري مري بس مِڙئي جيئان پيو.”
مُنهنجي شڪايت کيس نه وڻي ته لاتعلق ٿيندي چيائين؛ “ڇو ٿو مرين؟.”
“بس نصيب ۾ لمحي لمحي جو مرڻ مليو آ ته ڇا ڪيان؟”، چيم؛ “خير تون ٻُڌا ڪڏهن آئي آهين؟”
“ڪالهه ئي ته.......................
پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي هڪ اونهو ساهه کنيائين ڄڻ من هلڪو ٿي پيو هجيس، نظرون منهنجي چهري تان هٽائي هيٺ فرش کي تڪڻ لڳي،
ٽُٽل فرش کي جانچيندي چيومانس؛ “مون کي يقين آهي تنهنجو جيون ائين نه هوندو.”
هن ڪا به ورندي نه ڏني تڏهن چيم؛ “يقينن تون منهنجي زندگي جي باري ۾ سوچي رهي آهين، اها ته بلڪل ائين ئي لڪير لڪير ٿي لڪير جي فقير ٿي وئي آهي، هنڌان هنڌان ڦاٽي ۽ اُڊڙي.............”
هن چهرو مٿي کنيو ۽ منهنجي اکين ۾ ڏسڻ لڳي ڀائنيم منهنجي شڪايت جام بي وقتي آهي، لُٽجي وڃڻ کان پوءِ بچي پوڻ جي آس ئي ڪهڙي!!!.
مان مُنجهيل هيم، مُنجهي پيم، هُوءَ اُداس هُئي مون کيس گهڻو نراس نه پئي ڪرڻ چاهيو................. مون کي ياد آيو اهو ڏينهن جنهن ڏينهن مون هُن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو!!. ان ڏينهن سندس ڀاڄائيءَ ملي هُئي، جنهن مُرڪي پُڇيو هو؛ “مانجهيءَ اڃان ڇڙو پيو گُهمين؟.”
سندس ڀاڄائي کي خبر هُئي ته ڪُنوارو ئي آهيان جو هڪ ئي پاڙي ۾ رهون ٿا پر هُن اهو پڪ ڪرڻ لاءِ ئي شايد پُڇيو هو ته ڪنهن جي وارن جا ونگ پيل اٿم يا نه!!!، مون هڪ نظر هن کي ڏٺو هو ۽ شرارت مان سندس ڀاڄائي کي چيو هئم؛ “ها ڇڙو آهيان صفا ڪورو.............!!!.”، حُجائتو ته هيم ئي مان سو چئي ڏنم ۽ هي جو ڀاڄائي سان گڏ هُئي مون کي گهوريندي پر ڀرو ٿي بيٺي هُئي جو مان سندس ڀاڄائي سان ٿي ڳالهايم، ها مون اُن ئي ڏينهن کيس پهريون ڀيرو ڏٺو هو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ سندس ڀاڄائيءَ کان ڪنهن ڏينهن تي پُڇيو هيم؛ “هي ڇوڪري ڪير آهي؟.”
چيوهيائين؛ “منهنجي نِڻان آهي.”
“اڳي ته ڪڏهن ڪونه ڏٺو اٿمانس هتي!؟.”، پُڇڻ تي ٻُڌايو هئائين؛ “يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي ڪري پنهنجي چاچي وٽ حيدرآباد رهي ٿي، موڪلون گُذارڻ آئي آهي.”
مان وڌيڪ پُڇي نه سگهيم نه ئي ڪُجهه ڪُڇي سگهيم، تڏهن سندس ڀاڄائي پاڻهين ئي چيو؛ “سندس چاچو کيس ڏاڍو ڀائينس ٿو، چوي ٿو دل آويز ته مُنهنجي ڌيءَ آهي.”، کن رکي چوڻ لڳي؛ “پنهجي پُٽ منصور جي نالي ڪيو وتي هِن کي.”
مان ٻُڌي هليو ويو هيس، چار پنج ڏينهن مان ساڻس مليس ئي نه ڇو ته مان پنهجين رولاڪين ۾ گُم هئس هميشه وانگي ڪڏهن هِتي ڪڏهن هُتي ۽ ٻِيو ته مون ڪنهن اهڙي حادثي سان مُنهن اڃان ڏنو ئي نه هو جو جنهن ۾ چار اکيون ٽڪر کائي دل زخمي ڪري ويٺيون هُجن، سو مان پنهنجي جهان ۾ ئي جوڳي هئس ٻي ڪا سُرت ئي نه هُئي جو اها ملاقات عام رواجي ئي هُئي پر.................
پر هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو دوست اشرف وڃي رهيا هئاسين ته اچانڪ هُوءَ الاءِ ڪٿان آئي ۽ اچي سامهون بيٺي، چيائين؛ “ڪالهه ڪيڏانهن ويو هُئين؟.”
دنگ رهجي ويس سندس اهڙي سوال تي مان ۽ اشرف حيراني مان ڪنهن پل مون کي ته ڪنهن پل هُن کي وات ڦاڙي ڏسندو رهيو، ان کان اڳي جو مان ڪجهه چوانس يڪدم چيائين؛ “ها ٻُڌاءِ ڪيڏانهن ويو هُئين ڪالهه؟؟”
مان ڪُڇان ڪا ڀِت ڪُڇي، چپن کي واسينگ ويڙهي ويم، مان پنڊ پهڻ ٿي پيو هُئم، اشرف ته ڄڻ ڪوما ۾ ئي هليو ويو، حيرت مان اکيون کُليل ئي رهجي ويون، تڏهن هُن وري چيو؛ “ٻُڌاءِ.................... ڪالهه، ٽيون ڏينهن، چوٿون ڏينهن ڪٿي هُئين؟ هيترا سارا ڏينهن يڪا................!!”، مان پنهنجي چپن تان چُپ جو چٻرو اٿاري نه سگهيس تڏهن هُن چيو؛ “شام جو مون سان ملجانءِ....... مان انتظار ڪنديس ضرور اچجان.”
اسان هن کي ڏسندا رهياسين ۽ هُوءَ هلي وئي، اشرف اڃان سڪتي ۾ هو ته مان ڀي ششدر هُيم، سوچن سان لڙندي جهڳڙندي ڏينهن ته گُذري ويو ۽ شام ڀي آئي پر شام جو مان وڃي نه سگهيس ته ٻئي ڏينهن هُوءَ گهر اچي وئي، امان رڌڻي ۾ هئي، ادا آفس وڃي چُڪو هو، مان ٻاهر نڪرڻ جي تيارين ۾ هئس ته ڪنن ۾آواز ٻُريو، امان سان ڪوئي مُخاطب هيو پر ٻئي لمحي هُو ڪمري ۾ هلي آئي ۽ گهورڻ لڳي!!.
عجيب ڇوڪري آ!!، سوچيم ڪٿي ڀي وڙهيو ٿي پوي، هلان ڪريو ٿي ڏي!!، مان هُن کي ڏسي رهيو هئم ۽ سوچي رهيو هئم، نه هن ڳالهايو، نه مون ڳالهايو، پل ئي گُذريا ته اسان ٻنهيءَ جي ڳالهائڻ کان اڳ امان آئي ۽ چيائين؛ “پُٽ ويهه.”، ۽ هُو ويهي رهي، امان ويچاري اڻ پڙهيل ۽ هو يونيورسٽي جي شاگرد سو امان مون مُنجهيل پُٽ جي موڳي ماءُ هُئي پر سڀيتا سانڍيندي امان چيو هو؛ “مان چانهه ٺاهي ٿي اچان، اوهان ويهو جيسين مان چانهه کڻي اچان.”
امان پُٺين پيرن تي موٽي وئي، امان جو نڪرڻ ۽ هُوءَ مون تي ڪڙڪي پئي؛ “ٻُڌاءِ ڪالهه ڪيڏانهن ويو هُئين؟، توکي چيو هيم شام ضرور اچجان پوءِ ڇو نه آئين؟؟؟.”
مان خاموش جهڙي ديوار، تڏهن وري وسي پئي؛ “ٻُڌاءِ نه گونگو آهين ڇا؟، ٻُڌاءِ مون کي؟ ٻُڌاءِ...............”
خاموشي جيڪا مان ٽوڙي نه سگهيس تڏهن کن رکي پاڻ ئي جواب ڏيڻ لڳي؛ “ها وڏو ماڻهوءَ آهين تون....... تو کي ڪهڙي پرواهه ڪنهن جي...... توکي ڪهڙي غرض ڪنهن جي..................”
طعنا ته رواجي عورت وارا ها جو منهنجي خاموشي تي سندس جڏهن ڪو وس نه هليو ته هُوءُ بيوس ٿي پئي پر مان ٻُڏل هُئم، سوچيم ٿي، ايتري bold ڇوڪريءَ ڪتابن ۾ پڙهي ضرور هئم پر ڏٺي نه هئم ۽ سو بس وات ڦاڙي کيس رُڳو تڪي ئي رهيو هئس ۽ هو ڪي لمحا سانوڻ بڻي رهي نيٺ ساهه جائيتو ڪري مون آخر چئي ڏنومانس؛ “ڇا مون سان محبت اٿئي؟”
مُنهنجو سڌو سوال ۽ ٻِئي پل ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو هئائين، سوچيم جيترو وسي ٿي اوترو ٿمي به ٿي، چيومانس؛ “مِس محبت ڪرڻ سئولي ته ناهي ۽ نه ئي راند ڪا.”، هن منهنجي اکين ۾ ڏٺو چيومانس؛ “رشتا رکڻ آسان آهن نِباهڻ ڏُکيا آهن.”
ڪي پل هو چُپ رهي ۽ پوءِ چيائين؛ “اهي تجربا توکي هوندا مون کي خبر ناهي. منهنجي من جو ميت ته تون آهين، توسان ئي نِينهن آهي ۽ نِينهن منهنجو شِينهن آهي سا مون کي ڄاڻ آهي ۽ توسان نِڀائيندس ايتري به پڪ آهي.”
سندس نيڻن جا ساگر گهرا ها، سندس سونهن سرس هُئي پر مان سوچن ۾ ٻُڏل هيم..............
“توکان پوءِ هاڻ مون لاءِ هر شيءَ بي معنيٰ آهي.”، هُن چيو.
چيم؛ “ڇا هڪ ڏينهن جي سوچ کي بقا هوندي آهي؟”.
“منهنجو توسان ازلي رشتو آهي.”.
“تو اهو اڄ ٿي سوچين!!!.”
“تون جُڳن کان منهنجو آهين.” چيائين؛ “مون اهو سوچيو ناهي................ منهنجي دل توکي چاهيو آهي.”
“دل ته دوکيباز آهي!!.”، چيم؛ “رِڻ ۾ رُلائيندي آهي.”
“دل ته عبادتگاهه آهي.......... دڳ لائيندي آهي”، چيائين.
مون هار ٿي کاڌي، “توکان وسري ويندس.”، چيم.
چيائينءَ؛ “اهو ناممڪن آهي پنهنجو وجود وسرندو ناهي!.”، مون هار کاڌي ۽ هُوءَ کٽي وئي، چاهت ۾ اها منهنجي پهرين هار هُئي.
گهڻا ڏينهن پوءِ هڪ ڏينهن اداس لمحن ۾ چيائين؛ “مانجهيءَ....... مون کي ڪڏهن ڀي اڪيلو نه ڇڏجانءِ.”
“وجود تون آهين.”، چيومانس؛ “ان جو سايو مان آهيان.”
“مانجهيءَ مان عمر ڀر توسان گڏ رهڻ ٿي چاهيان.”
چيم؛ “رشتا ٽوڙڻ لاءِ نه ڳنڍبا آهن.”
مُرڪي چيائين؛ “ ها پر...............”
“ها پر ڇا دل آويز؟؟.”
“پر.............. شروعات مون ڪئي آهي، پهريان ڇڏيندين تون مانجهيءَ.”
ملڻ کان پوءِ ڇڏڻ، گڏجڻ کان پوءِ وڇڙڻ واري سندس ان بي وقتي ڳالهه تي مان ڪجهه تعجب ۾ پئجي ويم پر چيوهيومانس؛ “ڳنڍيو تو آ ٽوڙيندين به تون.”
“پهريان تون............”
“نه پهريان تون................”، چيم.
“ٺيڪ آ ڀلا اهو ته وقت ٻُڌايندو!.”، چيائين؛ “ڪير ٿو وفادار نڪري.”.

“شادي جو ڇا سوچيو اٿئي؟”
سندس ان سوال تي ڇرڪ ڀري مان ڄڻ جاڳي پيم، مان هن جي ڀر ۾ هُيم، هن جي اڳيان هيم پر مان ته گُذري ويل ورهين ۾ غرق ٿي پيو هئم تڏهن هُن وري پُڇيو؛ “شادي جو ڇا سوچيو اٿئي؟”
چيم؛ “تو اهو پر به پُڇيو هو مون کان!!.”
“ها............. پر به اهو ئي جواب ڏنو هو تو مون کي.”
دل سُڏڪي پئي، ڪُڇي ڪجهه نه سگهيم، هُن جو اسرار اڄ وڌي ويو هو، منهنجي اقرار جي اميد ئي نه هُئي ڪا، مون هن ڏي ڏٺو ۽ هُن اکيون مون تان هٽائي ديوارون ٿي تڪيون، منهنجو ڪمرو مون وانگر ئي وکري وکري ويو هو ۽ اڄ ته امان ڀي گهر نه هُئي ورهيه ٿيا جو وڏو ڀاءُ جدا ٿيو، امان اڄ ڀاءُ وارن ڏانهن وئي هُئي ملڻ، مون هُن جو چهرو ٿي چتايو، نهار جي سٽ سهي نه سگهي اٿي بيٺي چئي مان چانهه ٿي ٺاهي اچان ايسين سوچي وٺ ۽ مون کي ٻُڌا، مان مُرڪي پيم ۽ هوءُ رڌڻي ۾ وئي هلي، رڌڻي ڏانهن ويندي مون فرش تي سندس سينڊل جي ٽڪ ٽڪ ٻُڌي مون کي اهو ڏينهن ياد آيو جنهن ڏينهن اتفاقن هوءُ مون سان شهر جي بازار ۾ گڏجي وئي هُئي، چانهه جو چيو هيومانس انڪار نه ڪري سگهي ۽ شاهي بازار ۾ مون سان گڏ گڏ هلندي سندس سينڊل جي ٽڪ ٽڪ ڪا رڌم ٿي پيدا ڪئي.
ان ئي ڏينهن هُن ٻُڌايو هو ته سندس چاچو کيس وٺڻ آيو هو ۽ هِن حيدرآباد وڃڻ کان انڪار ڪندي چاچي کي صاف چيو هو؛ “مان هاڻ هتي ئي رهندس”، سندس چاچي جي مٿس هڪ نه هلي ۽ هن وڌيڪ پڙهڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو.
مان حيران ٿي پيم، کيس گهڻو ئي سمجهايم پڙهائي مڪمل ڪر پر هُن جي نه کي نو ڪوٽ جا پڪا بند اچي ويا ۽ هُن پڙهڻ تان پنهنجو ارواح ئي کڻي ڇڏيو، منهنجيون سڀ سمجهاڻيون هوا ۾ هٿوراڙيون ثابت ٿيون ۽ بس هُوءُ رُڳو مُرڪن جا گُلاب تُحفي ۾ ڏيندي وئي.
اُن ئي ڏينهن ڪيفي فراز جي ڪُنڊ واري ٽيبل کان اڳئين ٽيبل تي بيرو ٻه چانهه جا ڪوپ ۽ ڪجهه پيٽِيز رکي ويو، دل آويز منهنجي سامهون ويٺي هئي ۽ ڀر واري لائن جي پاسي واري ٽيبل جي آمهون سامهون ٻه اجنبي ويٺا هيا، سي رکي رکي اسان کي تڪي رهيا ها، تن جون نظرون جڏهن مون کي ڇڏي دل آويز کي وڌيڪ تڪڻ لڳيون، تڏهن دِل کين هڪ نظر ڏٺو ته هلڪي آواز ۾ مون کي چيائين؛ “ڇا هنن کي ڪا تڪليف آهي؟.”
مُرڪي چيم؛ “مان ڪو طبيب ناهيان!!.”
هن تعجب مان ڪي گهڙيون مون کي ڏٺو ته مون تائيد ڪئي؛ “ها دل............ مان ڪو نيم حڪيم به نه آهيان.”
“شايد هنن ڪڏهن ڪا مائي نه ڏٺي آهي ڀائنيان ٿي.”، بيزاريءَ مان چيائين ته چيم؛ “ها هنن سدائين جِن ڏٺا آهن.”، هُوءَ مُرڪي پئي ۽ ديوار ڏانهن مُنهن ڪري پاسيرو ٿي ويٺي، مُنهن جو کاٻو پاسو اک کان ويندي کاڏيءَ تائين پنهنجي ڳاڙهي رئي سان ڍڪي ڇڏيائين.
“شايد منهنجو توسان ويهڻ هنن کي وڻي نٿو.”، کن رکي چيائين.
مُرڪي چيم؛ “تون خوبصورت آهين تو کي ڏسڻ چاهين ٿا ۽ شايد مان ڪوجهو آهيان هنن کي نه پيو وڻان!!.”
“نه ائين ڪونهي اصل ۾ هي پنهنجي فيملي سان گڏ ائين چانهه پِيئڻ کان قاصر آهن تڏهن ئي.............”
“تڏهن ئي مون کي تنهنجي قابل نه پيا سمجهن.”، مون سندس ڳالهه ڪٽي ورتي؛ “ڏسن پيا ته حورون ڪيئن عذاب ڏينديون آهن.”، دل آويز معنيٰ خيز نظرن سان مون کي ڏسڻ لڳي پر هُوءَ چانهه پي چڪا ها، شايد اڃان ڪجهه دير ويهن ها پر اسان ٻروچ ماڻهوءَ هوٽلن تي ائين ماين کي ڪونه سهون سو کين نه وڻيو ۽ هُوءَ اٿي ويا، ڳنڀير لهجي ۾ دل آويز کي چيم؛ “دِل هڪ ڳالهه مڃيندينءَ؟؟.”
“ها چئو..............”
“ايتري بي باڪ نه ٿيندي ڪر.”
“ڇو ڀلا؟؟.”
چيم؛ “سُٺو نٿو لڳي، تنهنجي ايتري بي باڪي ۽ بنان رک رکاءَ جي ڪري..........”
منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيائين؛ “تون مون کي ڄاڻين ٿو ۽ ها مون کي ڪنهن جي به پرواهه نه به آهي، مون کي توسان مُحبت آهي مان اِهو ڄاڻان ٿي.”
“پر دل....................”
“پر ٻر جي ڪا خبر ناهي مون کي، مون کي پاڻ مٽائڻ نٿو اچي.”، وري ڳالهه ڪٽي ورتائين.
پيٽِيز جا ذرڙا چپن کي چنبڙيءَ پيا هئس ۽ ڪاري رومال سان پنهنجا چپ اُگهڻ لڳي، هٿ اڳتي وڌايم ته ڏئي ڇڏيائين، چيم؛ “ڪٿان ورتو اٿئي؟.”
“پاڻ ئي ٺاهيو اٿم.”
مُرڪندي مذاق ۾ چيومانس؛ “مون کي هي رومال ڪڏهن لُڙڪ اگهڻ جي ڪم ايندو!!.”، هُوءَ مون کي گهورڻ لڳي، ڄڻ ڪجهه نه سمجهي هُجي.

چانهه جا ڪپ کڻي ڪمري ۾ داخل ٿي، ساڳي ٽڪ ٽڪ فرش تي گونجي وئي، ماڻهوءَ بدلجي ويندا آهن، سڀاءُ، لقاءُ ۽ حالتون بدلجي وينديون آهن ته وقت ڀي بدلجي ئي ويندو آهي نه بدلبو آهي ته عشق نه بدلبو آهي، چاهه نه بدلبو آهي ۽ يادگيريون نه بدلبيون آهن، اُهي ساز ۽ آواز، لمحا ۽ لقاءُ دل تي نقش ٿي ويندا آهن، جيون تي نقش ٿي ويندا آهن.
هُن ويهڻ کان پوءِ مون کي پاڻ ڏي تڪيندو ڏسي وري چيو؛ “مون توکان ڪجهه پُڇيو آهي مانجهيءَ!”
لنوائيندي چيومانس؛ “ڇڏ انهيءَ قصي کي.................. هاڻ ته اها ڳالهه پُراڻي ٿي پئي آهه.”
“نه توکي اڄ ٻُڌائڻو ئي پوندو.”، ضد ڪندي چيائين.
“ڇو ڀلا ضروري آهي ڇا؟؟.”
“ها نه.............................”
“مان زنگجي پيو آهيان دل آويز.”، چيومانس؛ “جيون ڏنگجي پيو آهي ته هر آس زنگجي ڏنگجي، دنگجي وئي آهي.”
“نه مون کي جواب کپي اڄ.”، فيصلي تي لهي آئي هُوءَ؛ “ٻُڌاءِ ڇو نه ڪيئي اڃان؟؟”
هُن مجبور ڪري ورتو ته مان شڪايت کان رهي نٿي سگهيس، چيم؛ “نه ڪائي منهنجي ٿي ۽ نه ئي مان ڪنهن جو ٿيس بس!.”
مون چانهه جو ڪپ کڻي ورتو پر هُوءُ ديوار تي لڳل صليب جي پورٽريٽ کي تڪڻ لڳي، ڪا گهڙي ان کي ڏسندي رهي، محسوس ٿيم شايد درد جو ڪاٿو ٿي لڳائي پر اُمالڪ پڇيائين؛ “ماڻهن کي ٻُڌائڻ ٿو چاهين ته مون تو سان بيوفائي ڪئي آ.”
“ماڻهن کي معلوم آهي”، چيم؛ “ماڻهن کان لڪل نه آهي ڪجهه ڀي!!.”، اهو ٻُڌي اندر اڌ ٿي پيا، هوءُ هيئنر وڍجي پئي مان گهڻو اڳ وڍجي پيس، بس هوءُ به چُپ هئي، مان ڀي چُپ هئم، مان ڪُفر جا بُت ڀڃي نه سگهيو هئس، مان خاموش رهيو هئس، مان خاموش هئس سو مان چئي به ڇا ٿي سگهيس!!.
خِلا هُئي ڪانه، ڪمري جي ڇت هئي، مون ڪمري جي ڇت نه گهوري، مون هن جو چهرو نه ڏٺو، مون ٽُٽل فرش کي ٿي جانچيو ۽ هُن سپ سپ چانهه پئي پيتي پر چانهه جو ڪپ منهنجي هٿ ۾ رهجي ويو.
هُن چانهه ٿي پيتي مان لهر لهر لُڙهندو ويس سوچيم مان ڪيئن نه ڇهن مهينن تائين سندس ساهه جي تند بڻيو رهيس، جي ڪيڏانهن ويندو هئس ته ڪيئن نه گهڙيءَ گهڙيءَ جو حساب وٺندي هُئي، صبح جي روانگي ۽ شام جي آمد، سڄو ريڪارڊ هُن وٽ موجود هوندو هو مُنهنجو!!!. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن مون کيس چيو هو؛ “دل آويز مان امان ۽ ادا کي تنهنجي مائٽن ڏي موڪليان هاڻ؟.”
چيو هُئائين؛ “ڇو..........؟؟.” ۽ مان ڄڻ ڇرڪي پيو هئم.
“مان توکي تنهنجي مائٽن کان گهُرڻ چاهيان ٿو هاڻ.............”
مُرڪي پئي، چيائين؛ “ٿورو ترس.”، ۽ پوءِ ان ئي ملاقات پُڄاڻان وئي هُئي ته پهريون ڀيرو مهينو پورو ظاهر نه ٿي هُئي.
مون کي تمام گهڻي حيرت ٿي، ملڻ کان پوءِ ڊِگهي وڇوٽي اِها ئي پهرين هُئي، محسوس ٿيم امان کي موڪلڻ واري ڳالهه ڪري مون غلطي ڪهڙي ڪئي؟ ڇو دل آويز ائين پري رهڻ لڳي آ؟. مان ڪُجهه سمجهي نه سگهيس، مان هُن کان سواءِ تڙپيءَ رهيو هئس ڇو ته هُن ئي وڏا ڀرم آڇيا ها مون کي، اُهي ئي ڀرم ڀڄي ڀُري رهيا ها هاڻ پر هُوءُ نه ملي، مان گهران نڪتس ته ڪنهن ڏينهن گهٽيءَ ۾ ئي ملي، چيائين؛ “مانجهيءَ مان هفتي لاءِ حيدرآباد وڃي رهي آهيان.”، دل چيو ته چوانس نه وڃ پر چئي نه سگهيس ۽ هُوءَ شام جو ئي هلي وئي، مون کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نه آيو، موڳي ماءُ جو مُنجهيل پُٽ هئس، دل آويز رابطي مان ڪٽجڻ کان پوءِ ائين اچانڪ حيدرآباد هلي وئي، ايندڙ هفتو ڀوائتو محسوس ٿيڻ لڳو هُئم، صدي وانگيان هفتو گذاريم پر هفتو ڊگهو ٿي پيو، ڏينهن، ڏينهن کي جنم ڏيندو آ ائين ست ڏينهن ستن مان وڌي پندرنهن ڏينهن ٿي پيا پر دل آويز جي ڪا خبر ئي نه پئي!!!.
ڪا چريائي ڪرڻ ئي وارو هئس ته خبر پيم هُوءَ آئي آهي، ٻِن ڏينهن تائين نه ملي، سوچيم گهر ايندي پر گهر به نه آئي، رستي ۾ گس ويندي سندس ڀاڄائي ملي، پُڇيم؛ “دل آويز ڪٿي آ ڏسجي نٿي!؟”
چيائين؛ “هيئنر ئي ته تو ڏانهن آئي آ.”
مان سوچڻ لڳس مون ڏانهن آئي آ؟. مون ڏي ته نه آئي آهي. ڪيڏانهن وئي هوندي؟، انهن ئي خيالن ۾ گِهٽيءَ منجهان مان وڃي رهيو هئس ته دل آويز ڀر واري گهر مان نڪتي، مون کي ڏسي ڇرڪي پئي ۽ پوءِ کلندي چيائين؛ “ڪٿي گُم آهين مانجهيءَ؟.”
مُنهن تي ڦڪاڻ لهي آئي هئم، موت جي ماٺار ڇائنجي وئي، مرندي چيم؛ “غفائن ۾ گُم آهيان اوهان ملو ئي نٿا!!.”، ٽهڪ سندس لبن جي قيد مان آزاد ٿي پيو هو، چيائين؛ “نه اهڙي ڳالهه نه آهي ڪجهه واندڪائي ئي نه هُئي.”
“اڄ هتي................”
ڳالهه ڪٽيندي چيائين؛ “ٿورو ڪم هو مُعين جي ڀيڻ ۾.”، پل رکي چيائين؛ “هيئنر مون کي جلدي آهي مانجهيءَ توسان مان پوءِ ملندس.”، ۽ هُوءَ هلي وئي.
مان کيس تڪيندو ئي رهيس، سوچيو هئم کائنس پُڇندس هفتي بدران پندرنهن ڏينهن ڇو لاتئي؟، ڇا منهنجي ياد ڪونه آيئي؟. ڇا مان توکان............

* * * * * *
“چانهه ٿڌي ٿي وئي آهي”، مان ڇرڪي پيس جڏهن هُن چيو؛ “گرم ڪري اچان؟”
“نه نه ٺيڪ آ........”، مون پاڻ سنڀالي ورتو ۽ ٿڌي ٿي ويل چانهه هڪ ڍُڪ ۾ ئي پي ويم. هُن پنهنجا هٿ، هٿ جون تريون ۽ هٿن جا وڌيل نُنهن ۽ آڱريون ٿي جانچيون، مون کي پنهنجي زرد وجود جو احساس هو، تڏهن هُن سڏ ڪيو؛ “مانجهيءَ.....................”
ان کان اڳي جو مان ڪجهه جواب ڏيان کن رکي پاڻ ئي.چيائين؛ “هڪ ڳالهه مڃيندينءَ؟.”
“ها ڇو نه.............. چئو...”
“شادي ڪري ڇڏ.”
چيم؛ “ڪجهه وجودن جي نصيب ۾ نامڪمل ئي رهڻ لکيل هوندو آ، اها ئي انهن جي perfection هوندي جو هُوءَ پنهنجي وجود جي وڃايل اڌ جي، تڙپ واري واسنا ۾ حياتي گهارين باقي مڪمل وجود جو پرتوو، شادي ۾ تلاش ڪرڻ اجايو آهي ۽.....”
“۽ ڇا........؟؟”
“۽ منهنجا خواب ڀي ته مري ويا آهن، هاڻ مان انهيءَ تصور کان به پري پري ٿو رهان دل آويز............ اهو ناممڪن آهي.”
“نه مڃيندينءَ؟”
“مڃڻ کان ته تو به ڪجهه نه مڃيو هو دل آويز!”، چوندي مان رُڪجي ويس، امان اچي وئي هُئي، شايد ٻاهر شام جا پاڇا به لڙي ويا ها، امان کيس کيڪاري حال احوال وٺڻ ويهي رهي، مان ساڻن گڏ ويٺل هوندي به ساڻن گڏ ويهي نه سگهيس، مان دربدر هيم، مان دربدر ئي رهيم، مان وري سوچن ۾ دربدر ٿي ڀٽڪي پيم، ياد آئي اها شام جنهن شام ۾ رياض مليو هو ۽ تنهن ٽوڪ هئني هُئي ته اندر کائجي ويو هُئم پر ڪُڇي ڪجهه به نه سگهيم جو خاموشي منهنجي تحت الشعور ۾ ئي مون کي سدا عزيز هُئي، چيائين؛ “يار مانجهيءَ اڄڪلهه تو واري دل معين جي گهر ڏاڍي ايندي ويندي آ ۽ اهو به انهي مهل جڏهن مُعين گهر هجي...........!!”، مان کيس تڪيندو رهيم ڄڻ مان سماج جي فطرت تڪيندو هُجان!!، هن کن رکي چيو؛ “ڇا توتان ناز گهٽ ٿي پيا اٿس يا دِل بي دِل ٿي پئي آ؟؟.”
من لوڻ هو پروڻ ڪري ڇڏيائين، دل چيو وڙهي پوانس پر الاءِ ڇو کيس پٿر اکين سان بي بُت بنجي ڏسندو ئي رهيس، اُن کان اڳ جو ڪجهه ٿي پوي ها ان ڏينهن مان اتان اُٿي هليو آيس، رستي تان پئي آيس من ئي من ۾ وچڙندو..........، خالي دٻن ۽ بوتلن وانگر ٺوڪرون کائيندو.
اُهو ڏينهن ائين ئي رُلندو رهيو هئس، سوچ ويهڻ ئي نه پئي ڏئي، دل آويز جو هفتي جو چوڻ ۽ پندرنهن ڏينهن لائڻ، اچڻ کان پوءِ يڪو مون سان نه ملڻ ۽ مُعين جي باري ۾ ٿيندڙ سندس ڳالهيون ٻُڌي هِينيانءُ ئي سڙي رک ٿي ويو، سوچيم منهنجي دِل بي دِل نه هوندي، بي وفا نه هوندي.
انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن پاڙي جي دڪان اڳيان ويٺو هئس ته اشرف آيو جنهن چيو؛ “يار هي ڇا آهي؟؟.”
ڇرڪي پيس، چيم؛ “ڇا ٿيو آ؟.”
چيائين؛ “ايڏي ويساهه گهاتيءَ!!؟؟.”
چيم؛ “ڦاٽ ته سهي........... آخر ٿيو ڇا آهي!؟.”
“ڇا تون دل آويز سان ڪاوڙيو آهين؟؟.”
چيم؛ “نه ته..........”
“ته پوءِ دل آويز مُعين سان گڏ ڇو؟؟.”، ڳالهه اڌ ۾ کائي ويو، پُڇيم؛ “ڇا مُعين سان گڏ ٻُڌاءَ؟.”
“ٺهيو يار ڪجهه نه آهي، مون ائين ئي مذاق پئي ڪيو!.”، مون کي سڀ خبر هئي پر اشرف الاءِ ڇا سوچي ڳالهه مٽائي ويو ۽ مان خيالن جي صحرا ۾ ڀٽڪندو ئي رهيس، عجيب بي چينيءَ من تي واسو ڪري وئي، مون کي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو بس رُڳو من هيو جو دُکندو پئي ويو، گهاءُ ايندا ٿي ويا بڙڇين وانگي ۽ من جي پار، پار ٿيندا ٿي ويا.
مُعين ۽ سندس عشق مشهور ٿي چڪو هو انهن ئي ڏينهن ۾ پر دل ڪا ڳالهه مڃي ئي نه چوي جيسين نه دل آويز سان روبرو ملندم تيسين سڀ ڪوڙ آهي ڪجهه نه مڃندم سو مون کي ڪنهن جي به ڳالهه تي اعتبار نٿي آيو.
مان روز دل آويز سان ملڻ جا وجهه ڳولڻ لڳس پر دل آويز ته مون کان پري پري ئي رهڻ لڳي، جڏهن به مون تي نظر پوندي هئس ته کِسڪي ويندي هئي جهٽ، مون کي سندس اها ڪناره ڪُشي سمجهه ۾ نه آئي، هڪ ڏينهن اوچتو ئي ملي، کائنس پُڇيم؛ “دِل ڇا ٿيو اٿئي؟، ڇو مون کان ناراض آهين ڇا جو ايتريون وڇوٽيون رکڻ لڳي آهين.”
“ناراض ۽ توکان؟، نه نه.......”، چيائين؛ “اصل ۾ فرصت ئي نه ملي، ڪجهه گهر جا ڪم.............”
“اڳي ته ايڏا گهر جا ڪم نه ڪندي هُئين؟؟.”، سندس ڳالهه ڪٽي ورتم ته بيزاري چيائين؛ “پر هاڻ وڌي ويا آهن ۽ ڪرڻا ٿا پون.”
“خبر ناهي ماڻهوءَ ڇا ڇا چوندا ٿا وتن.”، چيم؛ “مان چاهيان ٿو ته هاڻ جلد امان کي اوهان جي گهر موڪليان دل.”، ڇِرڪي پئي، تڪڙو چيائين؛ “نه نه........ في الحال نه مانجهيءَ.”
“ڇو دل آويز في الحال ڇو نه؟.”
“پهريان گهر وارن کي راضي ته ڪريان مان پوءِ.”، خبر هئم اهو بهانو آ، تڏهن چيومانس؛ “پوءِ امان کي ڪڏهن موڪليان؟.”
پريان مُعين ٿي آيو، اُن کي جو ايندي ڏٺائين ته بس ايترو ئي چيائين؛ “پاڻهين ٻُڌائيندسانءِ”، ۽ وڃڻ لڳي، چيم؛ “دل بيهه ته.....”
اتان ئي چيائين؛ “دير ٿي ٿئي پئي.”
“اڳ ته ڪڏهن ائين نه چيو اٿئي.”، ڪجهه نه ڪڇيائين ته چيم؛ “بيهه ته سهي اڃان ڪجهه چوڻو اٿم.....”
مُعين ويجهو اچي چُڪو هو سو ورندي به نه ڏنائين ۽ وئي هلي.
ٻن ڏينهن کان پوءِ خبر پيم ته دل آويز حيدرآباد وئي آهي، اندر کي ڄڻ ڪوڙهه لڳي پيو، اڳ ته ڪڏهن به دل آويز بنان ٻُڌائڻ جي ڪيڏانهن ڪونه وئي آهي پر هينئر....................
جذبا سڀ ڀڄي ڀُري ڀورا ڀورا ٿي ڪري پيا، وکري ويا، ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي ٽِڙي پکڙي پيا ۽ مان مات کائيندو ويس پل اپل.......................!!!.
جنهن ڏينهن دل آويز حيدرآباد وئي هئي ته ان جي ٻئي ڏينهن مُعين به حيدرآباد نڪتو هو ۽ ان ئي شام ٽُڻڪن جا مُنهن کُلي پيا ها، مان سڀ ڪجهه ٻُڌي رهيو هئس پر ٻوڙن وانگر لامحسوس ظاهري ۽ اندر ۾ چڪناچور. ڪو چئي رهيو هو؛ “مجنون ڏانهن هيل ڏُڪار وري پيو آهي.”، ڀر واري جملو پورو ڪيو؛ “سانوڻ ور ساجن ٿو وڃي!.”، ڪنهن ته چيو؛ “ليليٰ ته وئي پيڪين گُهمڻ.”، ته ٻئي چيو؛ “اڙي نه يار....!، ليليٰ جو اصل عشق مجنون غريب سان نه آهي، ليليٰ ڌنار مجنون کي نه، ليليٰ ته مالدار مجنون کي ٿي چاهي.”، ته رهيل هڪ ڄڻي باهه ڪڍي؛ “اڙي لک لعنت هجئي مجنون.......!!، تون ته ليليٰ کي به ريجهائي نه سگهئين.”، ڪنهن COVER ڏنو؛ “ادا عشق نه پُڇي ذات، ۽ هونئن ڀي ذات تي ڏات ٿورئي آهي جو وهي سو لهي.” ۽ پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ............. ٽهڪ جيڪي مون کي خوفائتا ۽ ڀوائتا محسوس ٿيڻ لڳا ها.
مان چاهڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪري سگهيو هئس، بيحد مذاق اڏايو ويو هو منهنجو، دل اندر ئي اندر انيڪ حادثن جو شڪار ٿي ڪري پئي هئي، ٻئي پل مون کي پنهنجا سارا خواب لولا لنگڙا ٿي بي ساخين تي رڙهندي محسوس ٿيا ها، منهنجو زخمي من دٻجي رهيو هو سور جي تهن هيٺان، ويران حياتيءَ مون کي تصور ۾ ڊهندي محسوس ٿيڻ لڳي.
چند ڏينهن کان پوءِ اشرف اچي ٻُڌايو؛ “مانجهيءَ مُعين آيو اٿئي حيدرآباد مان، تون اُلڪو نه ڪر سُڀاڻي تنهنجي ليليٰ دل آويز به اچي ويندي.”، دوست جي آٿت ۾ به طنز جو خنجر ويڙهيل هو، من کي ڀنڀڙ وڪوڙي ويا پر سچ ٿيو ٻئي ڏينهن دل آويز اچي وئي ۽ ملڻ ويو مانس پر نه مِلي.
خبرون ٻُڌندو هئس، سندس جون ۽ مُعين جون..........!!، دل ۾ ماچيس دُکي پوندا ها. دل آويز هاڻ مون کان گهڻو نٽائڻ لڳي، مان روز سندس در تان خالي اچڻ لڳس ۽ لمحي لمحي الوپ ٿيڻ لڳو هئس.
“فاصلا جڏهن وڌڻ لڳندا آهن تڏهن حدون مقرر ڪري نه سگهبيون آهن.” ۽ پوءِ ائين فاصلا بي انتها ٿي پيا.
مون هر هر فاصلا مِٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن وڌائڻ جي........ جڏهن به پوءِ ملي هڪ ڌاريي فرد وانگر ئي ملي ۽ مان اوپرائپ جو احساس ئي کڻي موٽيس هر واري، وڇوٽيون ايتريون ته وڌيون جو هُو هڪ ڏينهن نيٺ مُعين جي مُحبت ۾ پاڳل ڏسجڻ لڳي، سوين ٺٺولين منهنجو من ته چيريءَ ڇڏيو هو پر هن جي اڱڻ تي به پهچڻ لڳيون هيون پکين جي ولرن وانگر ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ مُعين جي شادي جا ڏينهن ٻڌجي ويا.
سوچيم يقينن مون ۾ ئي ڪا کوٽ آهي، تڏهن ئي ته مُعين کي دل آويز پسند ڪيو، باقي مان ڇو ساڙ کاوان؟، جي هاڻي دل آويز کي مُعين وڻي ٿو ته ٺيڪ آ، مون ۾ خاميون کوڙ هونديون............ پر مون کي ته دل آويز ئي وڻي ٿي، مون کي ته دل آويز سان ئي مُحبت.......................
“مانجهيءَ.............. جاڳين ٿو؟؟.”، هُن جي چوڙين جي کڙڪي کان پهرين امان پُڇيو.
“ها امان................ جاڳان پيو!.”، من ملول هو، مون وراڻي ڏني امان کي پر منهنجو آواز منهنجي نِڙيءَ مان نه ڄڻ پاتال مان پيهي آيو ڇو ته نراس روح جو نراس آواز ئي نڪتو.
“مان چانهه ٺاهي اچان؟”، امان کي مان ڄڻ ٿڪل لڳم، مُنهنجي موڳي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته سندس مان مُنجهيل پُٽ ٿڪل نه هُئس منهنجو روح چُور چُور هو!!.
“ها امان چانهه پيار.”، مون ڪوڙي مُرڪ مُرڪندي چيو پر دل آويز سان گڏ امان ڀي منهنجي مُرڪ پروڙي ورتي جو کوکلو کلڻ ڀي پڌرو هوندو آهي.
“ها اجهو آيس.............”، امان اٿي بيٺي پر دل آويز امان کي روڪي ورتو، مون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين؛ “مان هلان ٿي مانجهيءَ.............!.”
مون ته خاموشي سان نڪاح ڪيو هو، نه ڳالهيم تڪيندو ئي رهيم بس!.
“تون منهنجو چيو نه مڃيندو آهين مانجهيءَ”، ٿڌو ساهه کڻي چيائين؛ “مان هاڻ ڪڏهن به نه ايندس.”
مُرڪي پيم، پُڇيومانس؛ “ايندڙ بهار ۾ به نه؟؟.”
“نه..............”، هن مختصر جواب ڏنو.
کيس چوڻ چاهيم پر الاءِ ڇو چئي نه سگهيس؛ “هميشه وڃڻ جي لاءِ ئي ته آئي آهين. ڪڏهن پيار ڪري وئي آهين، ڪڏهن ڌار ڪري وئي آهين ته ڪڏهن ڇار ڪري وئي آهين..................۽ بس رُڳو مون کان ويندي ئي رهي آهين!!.”
هُوءَ منهنجي اڳيان بيٺي هُئي ان پل پر مون کي ياد آ مُعين جي شادي کان ڪي ڏهه کن ڏينهن پوءِ ئي مون امان کي چيو هو؛“امان مان دل آويز سان شاديءَ ڪندم.”، امان ڇِرڪي پئي هُئي، ان کان اڳ جو امان ڪو جواب ڏئي ها پاڙي واري ماسيءَ جنان جو آواز آيو هو؛ “آئي ڪو آهي گهر ۾؟؟.”
“اچ اچ ماسيءَ اندر اچ.”، امان ئي ڀليڪار ڪئي هئس، ماسي جنان اندر هلي آئي ۽ ساهه پٽڻ کان پوءِ چيائين؛ “ادي مائي ساران جي ڌيءُ دل آويز جي شادي جو سڏ..................”
منهنجي هٿن مان پين ڪونه ڪري هئي منهنجي هٿن مان هانءُ ڪري پيو هو جيڪو ماسي جنان نه ڏٺو هو پر امان کان لِڪي نه سگهيو هو. تنهجي شادي جا ڏينهن ٻڌجي پيا ها امان جي نِڙيءَ مان صرف ايترو نڪتو هو؛ “ماسيءَ ڪنهن سان پئي شادي ٿيس؟”
“آئي ادي ڇوڪريءَ جو ماروٽ آهي ڇوڪرو، ڏاڍي پاڻ ۾ محبت ٿا ڪن ڇوڪرو ڇوڪريءَ ته!!.”
مون پاڻ کي مُنتشر ٿيندي ڀائنيو ۽ امان اچرج ۾ پئجي وئي، مان سگريٽ جو ڇلا ڇلا دونهون بڻجي ان پل ارد گرد تحليل ٿي پيس، امان الاءِ ڪهڙي سوچ کان پوءِ ماسيءَ جنان کان پُڇي ئي ورتو؛ “ماسي ڇوڪريءَ به ڀلا ڇوڪري کي پسند ڪري ٿي؟”، امان جي اک مون ۾ هئي، جنهن جو مان مطلب سمجهي پئي سگهيس.
ماسيءَ هڙ کڻندي چيو؛ “هائو اديءَ ڇوڪريءَ پاڻ ئي ته ماءُ کي چيو آهي ته ماروٽ سان شادي ڪندس.،”
۽ ٻئي پل منهنجي هٿن مان ڄڻ زندگي جي ڏور ڪري پئي هئي. منهنجا خواب چچرجي ڦٿڪڻ لڳا ها ۽ منهنجون سوچون عذاب جي تتل ريت ۾ ڀٽڪڻ لڳيون هيون، ڪي ڪاريهر ها جي اندر ئي اندر ڏنگي رهيا ها ۽ سمورا خواب هڪ وار ٻيهر ڪاٽا لغڙ ٿي پيا ها، گهوماٽيون منهنجي دماغ نه کاڌيون هيون، گهوماٽيون منهنجي سپنن کاڌيون هيون، خلا ۾ واچوڙا ها، واچوڙن ۾ مان هئس.............

خاموش ڏسي وري چيائين؛ “هلان ٿي مان.”
ڪُڇڻ ته مون لاءِ ڪُفر هو، مان به ڪُڇي ئي نه سگهيس، ماضيءَ وانگر کيس روڪڻ چاهيم پر روڪي به نه سگهيس، دل وري ڦٿڪڻ لڳي ۽ هُوءَ پُٺيرو پئي وئي، منهنجي نگاهه سندس ويندڙ وجود سان ٽڪرائي تڙپڻ لڳي ۽ هُوءَ در لنگهي وئي، “هميشه وانگيان آخري لئونڻو به نه هنيائين.”، سدائين وانگر اها آس من ۾ ڪر کڻي بيٺي ته شايد هن ڀيري بيهي هُوءَ پوئتي ڏسندي پر نه هُو ائين ئي در لنگهي وئي ۽ منهنجون نظرون در جي تاڪن کي تڪينديون ئي رهيون. ڪا مهل ائين ڏسڻ جي ڪري در جا تاڪ ڌُنڌلا لڳڻ لڳا ۽ ٻاهريون منظر ڀي ڪوهيڙي ۾ ٻُڏل ڀاسجڻ لڳو، کاٻي هٿ جي آڱوٺي ۽ ٻن آڱرين سان ٻنهيءَ اکين کي زور ڏئي سندس وڃڻ جو نهوڙيندڙ منظر وِسارڻ لڳس پر هر هر اکين ۾ هن جو وڃڻ ڦرڻ لڳو.
مان ڪائي دير اتي ائين ئي پيو رهيم، امان جي سڏ تي جڏهن خيالن جا پکيءَ ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويا، تڏهن ڏٺم امان ماني لاءِ سڏي رهي هئي، منهنجي نظر سامهون لٽڪيل گهڙيال ۾ ڦاسي پئي جيڪو رات جي ڏهن جو هوڪو ڏئي رهيو هو، پيشانيءَ پُسيل محسوس ٿيم، کيسيءَ مان سندس ڏنل ڪارو رومال ڪڍي مُنهن خُشڪ ڪيم ۽ اُٿندي دل ۾ چيم؛ “مان تنهائي جو هيراڪ ٿي پيو آهيان، مان ايامن کان اڪيلائيءَ جو همسفر آهيان دل آويز........ ۽ مون کي پڪ آهي ته تون ايندڙ بهار ۾ منهنجا ڪمزور حال ڏسڻ ضرور ايندين.”
* * * * * * * * * * * *