ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

بي نڪو

بي نڪو

هو سڌو مون ڏانهن آيو، اچي منهنجي ڳِٿڙ مان جهليائين ۽ ٻه ٽي ٿڦڙ وهائي ڪڍيائين. ڪي پل مون کي ڏسندو رهيو ۽ پوءِ ساڳين قدمن تي موٽي ويو.
مون سندس انهيءَ عمل تي ڪا به رڙ نه ڪئي، ڪا دانهن ڪا ڪُوڪ نه ڪئي، نه ڪجهه ڪُڇيس ۽ نه ئي ڪُجهه ڪيم. ڪو احتجاج، ڪو ردعمل، ڪا مزاحمت، ڪو جواب.............. ڪجهه به نه!!!.
بس مان خاموش رهيس.
ٻئي ڏينهن مون پاڻي پيئڻ لاءِ جڳ منجهان گلاس اڃان ڀريو ئي مس هو ته هو اچي پهتو. انهيءَ کان اڳي جو ڀريل گلاس مان پنهنجي چپن تي چاڙهيان ها، هُن سٽ ڏئي منهنجي هٿن مان گلاس ڦُريو. سندس نگاهه جڳ تي پئي ۽ جڳ ڀي کسي ورتائين، ٻه ٽي ڇنڊا مُنهن تي هڻي باقي پاڻي چمپل پاتل پنهنجن بي ڊولن پيرن تي هاري ڇڏيائين.
منهنجي اکين ۾ ڪروڌ لهي آيو، مون نفرت ڀري نگاهه سندس وجود تي وڌي ته منهنجو ڪروڌ، منهنجي اکين مان نڪري سُڪڙجي سُسي ختم ٿي ويو.
ڪجهه ڪرڻ کان اڳي مون سوچي ورتو هو ته هي راڪاس نُما ديو ۽ مان بُک ۾ پاهه ٿيل هڏائون پڃرو!!، سندس اڳيان جيتامڙو!!، هِن جي ته معمولي ڌونڌاڙ به سهي نه سگهندس!!.
هو مون کي يڪسوئيءَ سان اڃان به ڏسي رهيو هو، مون ڳِيت ڏئي خُشڪ نِڙيءَ مان خُشڪ ٿُڪ پٽي زمين تي ٿُو ڪئي ۽ ڪاوڙ منجهان مُنهن ڦيري پرڀرو ٿي بيٺس پر ان عمل منجها هن کي چُوچڙيءَ وٺي وئي، هن وري سٽ ڏئي مون کي مُنهنجي ڳٿڙ مان جهليو ۽ چار پنج لپاٽون لاڳيتيون وهائي ڪڍيائين ۽ پوءِ ردعمل ڏسڻ لاءِ منهنجي مُنهن ۾ تڪڻ لڳو.
مون ڪجهه سوچي ڪو به ردعمل نه ڪيو، مان ماٺ ڪيو ڀِت ٿيو بيٺو رهيس، مون هڪ لفظ به نه ڪُڇيو، مون وري به ڪا مزاحمت نه ڪئي، مون ڄاتو ٿي خاموش رهڻ سان ئي في الحال جان ڇُٽي ويندي پر ڪجهه ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه ملي سگهي ٿو، جنهن جي کائڻ جي سگهه مون ۾ نه هئي ۽ جيڪا مان ساري به نه پيو سگهان، سو مون ڪجهه به نه ڪيو، نه ڪا دانهن نه ڪُوڪ، نه سُڏڪو نه لُڙڪ، نه رڙ نه ريهه.................
بس خاموشي...........!!.
هو ڪي پل مون کي جاچيندو رهيو ۽ پوءِ ٺڙاڪ ٺڙاڪ ڪندو هليو ويو، مون وڏو ساهه کنيو پر اندر ۾ وڍ پئجي ويم، ياد آيو ته ڪافي وقت کان مون ڪجهه نه کاڌو آهي ۽ جي کاڌو آهي ته اُهو جيڪو هُو کارائي پيو وڃي!!.
“باقي ٻيو ڇا کاوان؟؟”، تڪليف ۾ مون پنهنجو پاڻ سان ٿي ڳالهايو؛ “اڃان ڪجهه کائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ٿو ته هي راڪاس پهچي ٿو وڃي ۽ ڪجهه ڀي کائڻ نٿو ڏئي بلڪه پاڻ اهڙو ڪجهه کارائي ٿو وڃي جيڪو کائڻ منهنجي مجبوري ۽ بيوسي آهي......... سو نه چاهيندي به مون کي اُهو کائڻو ٿو پوي!!.”
اٺين ڏينهن مون هن کي ڏاڍو ڳوليو، جڏهن هو مون ڪٿي به نه مليو تڏهن مس وڃي سُک جو ساهه کنيم ۽ هڪ نويڪلي جاءِ ڏسي اُتي پنهنجن پُراڻن ميرن ڪپڙن جي ڦاٽل کيسي منجهان سُڪل ماني ڪڍيم ۽ ڇڪي ڇڪي زوري اُن مان هڪ گِرهه ڀڳم، اڃان گرهه ڀڳو ئي هئم ته پٺيان ڪنهن لامارو ڏنو ٻئي پل ڏٺم ته منهنجا ٻئي هٿ خالي ها.......... نه هٿ ۾ گرهه هو ۽ نه باقي ماني!!.
پوئتي مُڙيس ته هو بيٺو هو، سندس هٿ ۾ مون واري سُڪل ماني هئي، مان ڇرڪي پيس ۽ انتهائي بيوسي، لاچاري ۽ افسرده نگاهن سان مون کيس ڏٺو، هن بنان ڪنهن تاثر ڏيڻ جي ۽ دير ڪرڻ جي منهنجي سُڪل ماني پريان پيل ميونسپالٽيءَ واري ڪچري_دان ۾ وڃي وڌي ۽ وري مون ڏانهن لنگهي آيو، ايندي ئي بنان ڪنهن دير جي مون کي پنهنجو زرخريد غلام سمجهي ڳٿڙ مان جهلي ڪجهه لپاٽون وهائي ڪڍيائين، جيڪي مان ڳڻي نه سگهيس ڇو ته منهنجي اکين آڏو تروِرا اچي ويا، چئو طرف مون کي اوندهه ئي اوندهه نظر اچڻ لڳي ۽ دماغ ۾ زوزاٽ ٿيو ۽ مٿو ڦرڻ لڳو، مون پنهنجو پاڻ کي ڍرڪندي محسوس ڪيو۽ مون کي لڳو ته دنيا جهان جي هر شيءَ ٻُڏي گُم ٿي رهي آهي!!.
انهيءَ حالت ۾ ڪجهه لمحن کان پوءِ مون کي محسوس ٿيو ته هر شيءَ لوڏا لمڪا پئي کائي. اُن ويل احتجاج ته پري پر مون کي پنهنجو پاڻ سنڀالڻ به تمام مُشڪل پئي لڳو. ڪا دانهن رڙ ڪرڻ بجاءِ مان پاڻ کي سهيڙڻ لڳس، اکيون کوليم ته هو منهنجي اڳيان ٿيڙون کائي رهيو هو، ڪي پل ته هو ائين ٿيڙون کائيندو رهيو ۽ پوءِ هن جا ٿيڙ گهٽجندا ويا، تان جو هو سڌو سنئون بيهي رهيو، تنهن پل مون محسوس ڪيو ته اصل ۾ هو ٿيڙون ڪونه کائي رهيو هو پر منهنجو مٿو ڦري رهيو هو!!.
مان بي يقينيءَ جي عالم ۾ کيس ڏسي رهيو هئس ته ڪٿي هو اڃان پنهنجو پروگرام جاري ته نه رکندو..... پر نه...... هوءَ مون کي سامت ۾ ايندو ڏسي، پُٺين پيرن تي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ مٿان ڏونڪا وڄائيندو هليو ويو ۽ مان گوڏن تي هٿ ڏئي هيٺ ويهي رهيس.
مان سوچڻ لڳس ته آخر ڪيستائين مان بُک ۽ اُڃ مرندس!!؟؟
هي راڪاس مون کي ڪجهه به کائڻ ۽ پيئڻ نه ڏيندو آخر ڪيستائين.............!!؟؟
هي ته مون کي ڪجهه به کائڻ نه ڏيندو، هي پاڻ هضم ڪندو ويندو ۽ مان ته مُفت ۾ مري ويندس!!.
مان سوچڻ لڳس ته مون کي ڪجهه ڪرڻ گهرجي...... ڇا ڪرڻ گهرجي؟، پاڻ کان پُڇيم، جواب آيو....... بغاوت............!!!، ها مون کي بغاوت ڪرڻ گهرجي، مون کي ساڻس وڙهڻ گهرجي نه ته مان بُک ۾ پاهه ٿي مري ويندس، ختم ٿي ويندس........
پر مان هن سان ڪيئن وڙهندس؟، هُو ته طاقت ۾ مون کان گهڻو زور آهي، منهنجا هڏ گُڏ اٽو ڪري ڇڏيندو، مون کي ته هڪڙي ئي سٽ سان نپوڙي ڇڏيندو.......... ها هوءَ مون کي مارڻ ئي ته چاهي ٿو!.
۽ مون بهرحال فيصلو ڪري ورتو ته مان ساڻس وڙهندس، ڀلي هو مون کان طاقتور ۽ وڌيڪ مضبوط آهي. مون کي هو ماريندو ته هونئن ئي، سو ائين بُک وِگهي مرڻ کان ته بهتر آهي ته ساڻس وڙهي مران!!.
اِهو سوچي مان اُٿي کڙو ٿيس، انهيءَ پل مون پاڻ کي نوبنو ڀائنيو، مون پنهنجين رڳن ۾ ڄميل رت کي گرم ٿي گردش ڪندي محسوس ڪيو، مون ڏٺو منهنجين سُڪل ٻانهُن ۾ ٻل اچي ويو آهي!!.
مان سندس ڳولا ۾ نڪرڻ وارو ئي هئس ته چاچو دينوءَ، رمون، لالو ۽ رُستم اچي پهتا. ڏٺم ته سڀني جا مُنهن لٿا پيا ها، ليڙون ليڙون ميرا ڪپڙا، چيڙهالا وار سڀن جا، مُرجهايل مُنهن، اکيون ڏرا ڏنل، سُڪل ڄڻ هڏائوان پڃرا، پاهه ٿيل سڀ ۽ پيڙهيل!!.
مان حيرت ۾ پئجي ويس، اڃان ڪجهه ڏينهن پهريان ئي ته هي سمورا خوش باش ۽ نوبنا هئا. هنن کي هي اوچتو ڇا ٿيو!!؟؟، هنن جي زندگي ته ڏاڍي پُرسُڪون ۽ خوشحال هئي ۽ اچانڪ هنن کي ڇا ٿيو جو سڀ چيٿاڙيل ۽ چٻاڙيل پيا ڏسجن!!.
مون کانئن تعجب مان پڇيو؛ “توهان سڀني کي هي ڇا ٿيو آهي؟، توهان جو هي حال آخر ڪنهن ڪيو آ؟”
چاچي دينوءَ ڳِيت ڏئي پنهنجي زبان آلي ڪئي ۽ پوءِ ڪِنجهندي ڪِنجهندي چيائين؛ “پنهنجي شڪل به ته ڏس!”
“ڇو؟ ، ڇا ٿيو آهي منهنجي شڪل کي؟”، حيرانيءَ مان پُڇيم.
“جا اسان جي مُنهن تي رونق وسي پئي”، چيائين؛ “سا بهار تنهنجي مُنهن تي به ڏاڍا رنگ لايو بيٺي آهي!!.”
چيم؛ “منهنجي ڪڍ ته هڪ راڪاس پئجي ويو آهي!!، ڪُجهه ڏينهن کان هُوءَ راڪاس مون کي چُرڻ ئي نٿو ڏئي ۽ نه ئي ڪُجهه ڪرڻ ٿو ڏئي!!.”
“انهيءَ آفت ته اسان سان به ساڳيا ويل وهايا آهن.”، رمون چيو.
چيم؛ “هن جو پاڻ سان ڪو وير آهي ڇا ؟ ”
“ڇڙو پاڻ سان ئي آهي بس.”، سڀن گڏجي چيو،
“ڇو ڀلا؟؟”، تعجب مان پُڇيم؛ “ڇو صرف پاڻ سان ئي وير اٿس؟”
“بگهڙن جو ساٿاريءَ آهي انهيءَ ڪري!!.”
“پوءِ؟”، پُڇيم.
“پوءِ ڇا؟”
پوءِ پاڻ کي هُن سان وڙهڻ گهُرجي.”، چيم؛ “پاڻ کي هُن سان مُنهن ڏيڻ گهُرجي.”
“اهو ته جوکم جو ڪم آهي!”، چاچي دينوءَ چيو.
“پاڻ کي پنهنجي بقا لاءِ جوکم کڻڻو ئي پوندو.”، چيم.
“پاڻ هُن سان پوري نه پونداسين.”، رُستم چيو؛ “بگهڙ هُن جا ڀرجهلا آهن.”
“ڀلي ڪُجهه به هُجي.”، چيم؛ “مان ماٺ کان مزاحمت کي ترجيح ڏيندس، مان مُفت ۾ مري وڃڻ کان پنهنجي حق لاءِ وڙهي مرڻ کي اوليت ڏيندس.”، هُوءَ سڀئي اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳا، مون چيو؛ “مان هُن سان وڙهندس......... ها مان هُن سان وڙهندس پنهنجي حق لاءِ!!.”
“تون نِٻل ۽ ڪمزور......”، رمون رُکائي مان چيو؛ “هُوءَ بلا جيڏو.....”
“مان هُن سان وڙهندس.”، مون ڄڻ فيصلو ڏنو.
“هُوءَ سگهو آهي............. پاڻ سڀني کان ڳرو آهي، ماري ڇڏيندو!!.”
“ماري ته هونئن ئي ڇڏيندو!”، چيم؛ “پوءِ ڇو نه ساڻس وِڙهي مرون؟.”
چاچو دينوءَ، رمون، لالو ۽ رُستم هڪٻئي کي ڏسڻ لڳا ۽ انهيءَ حالت ۾ ڪجهه دير کان پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيا.
“مون فيصلو ڪري ورتو آهي ته مرڻو هونئن ئي آهي، مان بُک مري ڪونه مرندس، مان ساڻس وڙهي مرندس!!.”، ايترو چئي مون سندن مُنهن ۾ نهاريو پر هوءَ سڀئي اڃان به ڪنڌ هيٺ ڪريو ويٺا ها، پر مون وقت وڃائڻ نٿي چاهيو سو وڌيڪ سوچڻ ۽ کين همٿائڻ بجاءِ مان اُتان روانو ٿيس. اڃان مون ٻه ٽي قدم مس کنيا ته چاچي دينوءَ پُٺيان سڏ ڪيو، مان بيهي رهيس، هُوءَ سڀئي ٻه قدم اڳتي وڌي آيا هئا، چاچي دينوءَ چيو؛ “اسان ۽ اسان جا ٻچا هاڻي بُک ڪونه مرندا، اسان آجپي لاءِ وڙهنداسين، اسان کي نڪ پنهنجو آهي، اسان پنهنجي نڪ مان ئي ساهه کڻنداسين، پنهنجو گِرهه اسان ڪنهن کي کڻڻ ڪونه ڏينداسين، ها اسان بُک ڪونه مرنداسين، اسان هُن سان پنهنجي آجپي جي جنگ وڙهي پوءِ ئي مرنداسين.”
“ها......... ها......... اسان پنهنجي روزي ٻئي کي ڦُرڻ ڪونه ڏينداسين، ان کان اڳي جو ڪوئي اسان کان اسان جو گِرهه کسي بي حال ڪري وجهي اسان هُن سان وڙهنداسين.”، سڀني گڏجي چيو.
مون پاڻ جهڙن مروڙيل وجودن کي، پاڻ سان ڏسي سرهو ٿي پيس، خوشي ٿيم ته منهنجي ڳالهه سڀن جي سمجهه ۾ آئي، مان پاڻ ۾ اٿاهه طاقت محسوس ڪرڻ لڳم ۽ پوءِ ساٿي ساڻ ڪري سندس ڳولا ۾ نڪري پيم، ڳوليندي ڳوليندي شام ٿي وئي پر هو نه مليو، جڏهن شام جو بيزار ٿي واپسيءَ مهل اسان وڏيري جي اوطاق جي ڀرسان پئي لنگهياسين ته هوءَ انهيءَ ويل اُتي اسان کي ويٺل نظر آيو. انهيءَ ويل هوءَ ڏاڍو پرسڪون پئي لڳو، مون هڪ نظر پنهنجي ساٿين تي وڌي، مون کي پنهنجا ساٿيءَ جوش ۾ جليل نظر آيا ۽ پوءِ اسان سڀئي گڏجي اڳتي وڌياسين، تان جو سڀئي وڃي هُن جي مُنهن سامهون بيٺاسين.
اسان سڀني کي گڏ ڏسي هو هِڪ پل وائڙو ٿي ويو ۽ لڳو ڄڻ سندس حواس خطا ٿي پيا هجن، توڙي جو هو اڪيلو هو، اسان سڀني کان سگهو هو!!.
پر ڪجهه دير کان پوءِ هُو اطمينان منجهه ڏسڻ ۾ آيو، هن جي سامت ۾ اچڻ کان پوءِ مون پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو، جيڪي هن جو اطمينان ڏسي وائڙا ٿيڻ لڳا، ان کان اڳي جو مان پنهنجن ساٿين کي ڪا همت ڏياريان، هن پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ ٽيبل تي پيل کاڌي جي پليٽ کڻي رمونءَ ڏي سڌي ڪيائين، رمون گهڻن ڏينهن کان وٺي ڪجهه ڪونه کاڌو هو سو کاڌو ڏسي سندس بغاوت ۾ ئي بغاوت پئجي وئي، سندس جُنون ڪمزور ٿي پيو، رمونءَ خالي پيٽ جي سٽ سهي نه سگهيو سو بنان ڪجهه سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ۽ اسان ڏي ڏسڻ جي کيس پنهنجو مُحسن سمجهي دير ئي نه ڪيائين، سٽ ڏئي کائنس پليٽ ڦُريائين ۽ وٺي پوئين پير ڀڳو.
اهو اسان جي گُمان ۾ به نه هو، اسان اچرج منجهان رمونءَ کي ڀڄندي ڏسي رهيا هئاسين ته هن ڪيئن ويرم ئي ڪانه ڪئي، اسان اڃان رمونءَ جا پويان پير ڏسي ئي رهيا هُئاسين ته هُن پنهنجي کيسيءَ ۾ هٿ هڻي ڳاڙهن نوٽن جي دستي ڪڍي ۽ اُها لالوءَ ڏانهن وڌايائين. لالوءَ هڪ نظر مون کي ۽ چاچي دينوءَ کي ڏٺو ۽ پوءِ ڪنڌ هيٺ ڪري جهٽ هڻي سندس هٿن مان دستي ڦُريائين ۽ هُوءُ به پوئين پيرن تي مِينهن واءُ ٿي ويو.
اهو لقاءُ ڏسي مان جلي ويس، لالچي دوستن کي ڇڙوڇڙ ٿيندي ڏسي مون پنهنجو پاڻ کي ڪمزور ڪرڻ نه پئي چاهيو، هو ته مُرڪي رهيو هو پر منهنجي اندر ۾ وڌيڪ ڪروڌ ڀرجي ويو، مان سينو ساهي سندس سامهون ٿي بيٺس، چاچو دينوءَ منهنجي ساڄي ۽ رُستم منهنجي کاٻي ڪنهن جبل جيئان اُڀا ٿي بيهي رهيا، اسان ٽنهي جي نگاهن ۾ نفرت ڏسي هوءَ ڪا گهڙيءَ سوچيندو رهيو ۽ پوءَ اوچتو چاچي دينوءَ کي مُڪ وهائي ڪڍيائين!!.
چاچي دينوءَ کي جو اندازي کان وڌيڪ زبري مُڪ لڳي، ته چاچو ته وڃي ڦيري پائي ڍير ٿيو پر رُستم ته پنهنجن پيرن تي کڻي ائين زور رکيو ڄڻ پِڙ ۾ هو ئي ڪونه!!.
اها حالت ڏسي مون نه ڪئي هم نه تم، سندس مُنهن ۾ ٺونشو وهائي ڪڍيم، هو ڪا دير باکڙجي پيو.
ان کان اڳي جو هو سامت ۾ اچي منهنجا ڇتا ڇوڙي، مون ٻه هٿائي مُڪ ٺاهي سندس مٿي ۾ وهائي ڪڍي، ڦٻائتي ڌڪ سبب هُوءَ پاڻ سنڀالي نه سگهيو، سندس پير ٿڙيا ۽ هُوءَ پنهنجي وزني وجود سميت گوڏن ڀر ڌرتيءَ تي اچي ڌُو ٿي ڪريو، انهيءَ حالت ۾ کيس هڪ وڌيڪ ٺونشو وهائي ڪڍيم پر ان کان پوءِ هُن جو بي ڊولو ڳرو هٿ منهنجي ڳٿڙ ۾ پئجي ويو!!.
هُن ٻئي هٿ سان مون کي مُنهن ۾ نڪ واري مُڪ وهائي ڪڍي، تيز روشنيءَ جو چمڪو مُنهنجي اکين مان گذري ويو’۽ لمحي لاءِ مون کي اِنڊلٺ جا ست رنگ نظر آيا، مون کي پنهنجا چپ، ڄاڙيءَ ۽ ڳلو گرم ۽ آلا لڳا پر مون همت ڪري کيس پيٽ ۾ لت وهائي ڪڍي پر هن گِهلي کڻي مون کي گهوگهو ڏنو، ٻئي پل مان زمين تي ليٽيل هئس ۽ سندس ٻئي گوڏا منهنجي هانءُ تي هئا.
انهيءَ کان پوءِ هو مون کي تيز تيز ٿڦڙون هڻڻ لڳو، مان سندس ڳري وزن هيٺ اڳي ئي دفن ٿي چُڪو هئس، وڙهڻ ته پري ٿيو مان چُرڻ کان ئي هلاڪ ٿي پيس. هن جي بي انداز وزن جي هيٺان مون کي سمورو جهان ٻُڏندي نظر آيو ۽ لڳم ته سڀ ڪجهه ون يونٽ ٿي ويو آهي!!.
مون انتهائي اذيت مان پنهنجيون اکيون کوليون، ڏٺم ته سڀ ڪجهه ڌُنڌلو هو، هر شيءَ تيز تيز ڦِري رهي هُئي، مون ۾ ڪو ست باقي نه رهيو هو ۽ اکيون پورجي پيم، هُوءَ شايد ٿڪجي پيو هو پر تنهن هوندي به هُوءَ مون کي پيٽ ۾ ٿُڏا، لتون، مُڪون ۽ ٺونشن جا ڌڪ رکي رکي هڻي رهيو هو، مون پورجندڙ اکيون جيئن تيئن وري کوليون، تنهن ويل ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ ڏٺم ته چاچو دينوءَ لوڏا لِمڪا کائيندو پئي آيو، سندس اُڀن هٿن ۾ ڪو ڏنڊو هو، هُن هوا ۾ ڦيرائي راڪاس جيڏي آفت کي مٿي ۾ سنڌائتو ڌڪ وهائي ڪڍيو!!.
ڌڪ سان جبل جيڏي بلا ڦانءِ ٿي ڊهي پئي ۽ مان بي ست ٿي وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳس پر جلد ئي منهنجيون اکيون جام ڳريون ٿي پيون ۽ مان ڍِرڪي پيس.
جڏهن مُنهنجي اک کُلي تڏهن ڪجهه به نه هو، اها وڏيري جي اوطاق به نه هُئي، ڀائنيم سرڪاري لاڪپ ۾ آهيان، چاچا دينوءَ مُنهنجي سيرانديءَ کان ويٺو هو. مون پنهنجو مُنهن ڇڪيل ڀائنيو، ٻُوٿ تي هٿ هنيم، چپن کان مٿي پٽيون ٻڌل هيون، چاچي دينوءَ مُرڪي چيو ؛ “شُڪر آهي جو نڪ ته بچيو!!.”
ياد آيم هُن ٻئي ڌڪ مون کي ۽ چاچا دينوءَ کي نڪ وارا ئي هنيا ها!!. ڳالهائڻ مهل ڏٺم ته چاچي دينوءَ جا ٻه ٽي ڏند ڀڳل ها، مون پنهنجي نڪ تي هٿ هنيو نڪ پنهنجي جاءِ تي موجود هُيو.
مون هڪ وڏو ساهه کنيو، چاچي ٻئي طرف اشارو ڪيو، مون اوڏانهن ڏٺو، اُهو ئي راڪاس لوهي سيخن واري در جي پرئين ڀر صوبيدار جي سامهون ڪُرسي تي سر ٻڌي ويٺو هو پر سندس مُنهن تي نڪ هو ئي ڪونه.

* * * * * * * * * * * *