ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

پاڻي

پاڻي

ان ويل ڏاڍيءَاجڙيل حالت هُئم، بُک نساهوڪري ڇڏيو هو. اکيون ڏرا ڏنل، منهن سڪل، چپ خشڪ ۽ جسم جو سمورو ماس سڪڙجي هڏن کي چنبڙيل، وکريل چيڙهالا وار، لٽا ليڙون ليڙون۽ گدلا......... وهنجڻ ته پري جي ڳالهه آهي پيئڻ لاءِ پاڻي به مس پئي مليو..... ڪيترن ڏينهن کان گرهه به نڙيءَ کان نه لٿو هو!!!.
ائين نه هو ته ڪجھ کائڻ لاءِ ۽ پيٽ پالڻ لاءِ ڪجھ ڪيو ئي نه هيم، “جيئڻ ڪاڻ جيڏيون ، وڏا وس ڪيام.”
ڪيئي جتن ڪيم، وس ڪيم، حيلا هلايم ته من ڪجھ ڪمائي پيٽ ڀري سگهان، پيٽ جي دوزخ کي ٻارڻ ڏيان، ڪو پراڻو پاتل ئي سهي، کٿل ڪپڙن جو جوڙو پٺاڻ جي دڪان تان سستي اگھ تي وٺان پر ڪجھ به نه ڪري سگھيس. سڀ حيلا بيڪار، سڀ ڪوششون بي سود، سڀ جتن ٿڌن ساهن ۾ بدلجندڙ ۽ ٿڌا ساهه ڳرندڙ۽ نستي ٿيندڙ وجود اندر سرد ٿيندڙ!!
اهڙيءَ خراب حالت ۾ مون هڪ وار پنهنجي کُٽل واپاري جي ٽجوڙي جهڙي ويران کيسي کي ڦلهوريو، پر اُتي به ڪاريءَ وارا ڪک هئا.
سامهون ٻاڪڙا هوٽل کي حسرت سان ڏسڻ لڳس ۽ ٻئي پل خيال آيم ته شايد هوٽل ۾ ڪو ڄاڻ سُڃاڻ وارو ملي وڃي ۽ ڪجھ کائڻ جو بلو ٿئي، سو ٻاڪڙا هوٽل اندر ڌوڪي ويس پر هوٽل اندر گھڙڻ کانپوءِ منهنجي اُن خيال کي جهڙوڪر پر لڳي ويا ۽ مُنهنجو گُمان ته گُمان ئي رهيو!!.
هوٽل سڄو ڀريو پيو هو، ڪٿي ڀي ويهڻ جي جاءِ نه هُئي. هوٽل جي وچ ۾ بيهي سڄي ماحول جو جائزو وٺڻ لڳس ته من ڪٿي ڪو سُڃاڻو ملي........ ٻيو نه ته چانھ ڍُڪ پي بُک کي ڊيپوٽيشن تي موڪليان پر آسائتيون اکيون نراس ٿي ويون. سڀ ڌاريا مون کي نه صرف اوپرين پر عجيب نظرن سان نهاري رهيا هئا، مون سڀني جي اکين ۾ کائي وڃڻ جهڙي حوس کان سواءِ پاڻ لاءِ ڪجھ به نه ڏٺو، مون کي لڳو اهي سڀ مون کي ڳڙڪائي ويندا!!.
مون به سڀني کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻي پيئڻ جي غرض سان اڳتي وڌيس ته ڪُنڊ ۾ هڪ ٽيبل تي هِڪ ڪُرسي خالي ڏٺم. مان سواءِ ڪُجھ سوچڻ جي اڳتي وڌي وڃي اُنهيءَ ڪُرسي تي ويهي رهيس. ڪُرسي جي اُترئين پاسي هڪ ڪارو ڪِٺ راڪاس جيڏو ويٺل شخص بُڇان جهڙين اُگهاڙين نظرن سان مون کي تڪڻ لڳو. مان پنهنجو پاڻ کي هُن جي اڳيان ڪک پن، جيتامڙو محسوس ڪرڻ لڳس. ڪارو قدآور شخص مون کي ڏسي مُڇون وٽڻ لڳو. سوچيم سندس ئي آهن وٽي يا پٽي!!، منهنجو ڇا؟.
باقي بُک چانھ جي ڪوپ تي به ريزڪي موڪل تي وڃي سگھي ٿي ته پاڻيءَ جي ٻن گلاسن تي ننڍي موڪل تي ڇو نه ٿي وڃي سگھي!!
مون ڪاري ڪوجھي ٽيبل پارٽنر کان لنوائيندي ٽيبل تي پيل جگ مان گلاس ۾ پاڻي ڀريو. گلاس ڀرڻ کان پوءِ مون گلاس کڻڻ لاءِ هٿ اڳتي وڌايو ئي مس ته سامهون ويٺل شخص گلاس تي هٿ رکي ڇڏيو. مان اچرج مان کيس ڏسڻ لڳس. هو ڪي گهڙيون مون کي جاچيندو رهيو ۽ پوءِ گلاس کڻي پاڻي پي ڇڏيائين، مون ماٺ ۾ ئي چڱائي سمجهي، خبر هيم ته هن جي هڪ گلاس پاڻي پيئڻ سان پاڻي کُٽندو ڪونه......... باقي پهريان هُو پوءِ مان ڀي پاڻي پي وٺندس!!.
هُن ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي وهائي ڪڍيو، مان ڇرڪي پيس ۽ هو مُرڪڻ لڳو. پنهنجا حواس جائيتا ڪري مون وري گلاس ۾ پاڻي ڀريو ۽ هن ڀيري به هُن گلاس مون کان پهرين کڻي ورتو!!.
سوچيم ته صبر ڪرڻ وارن سان گڏ الله آهي ۽ مان صبر ڪري ويس، هُن وري ڌڙام سان گلاس ٽيبل تي ڦهڪايو، مون کان وري هلڪو ڇرڪ نڪتو.
ڪجھ گھڙين کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀالي گلاس ۾ وري پاڻي ڀريم پر اڳ وانگر هِن ڀيري به هُو اڳرائي ڪري ويو ۽ مون “مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ” کي چڱو سمجهيو......... هُن وري ڌڙام سان گلاس کي ٽيبل تي هڻي ڪڍيو پر مان هن ڀيري ڪونه ڇرڪيس، مون کي خبر پئجي وئي ته هو ائين ئي ڪندو ۽ مون وري گلاس ڀريو ۽ هُن وري پيتو!!!.
اهڙيءَ طرح مون لاڳيتا ڇهه گلاس ڀريا ۽ هوءَ انتهائي بي شرمائي سان منهنجا ڀريل اُهي ڇهه ئي گلاس پاڻي جا پي ويو ۽ خوشي منجهان خالي گلاس زور سان ٽيبل تي سٽيندو رهيو.
انهيءَ دوران مون هُن کي ڪجھ به نه چيو، سوچڻ لڳس ته باقي جڳ ۾ هڪ گلاس جيترو پاڻي مس بچيو آهي، جيڪر هن ڀيري به گلاس مان ڀريندس ته وري به هي پي ويندو ۽ آئون ڪجهه به نه ڪري سگهندس ڇو ته مان هن راڪاس نُما آفت کي خواب ۾ به پُڄي نٿو سگهان!!.
چار کائي ٻه هڻڻ بدران مُرڳو ڏهه ئي کائيندس............. ڪو طريقو؟؟
ها هڪ اٽڪل آهي جيڪر هي گلاس ۾ پاڻي ڀري ته هن وانگر مان ڀريل گلاس کائنس اڳ ۾ کڻي وٺندس ۽ پوءِ تڪڙ ۾ پاڻي ڏوڪي هوٽل مان ٻاهر ڀڄي ويندس، جتي هي راڪاس مون کي نه پُڄي سگهي!!.
مون سوچيو انهي سان مان بُک کي به چڪر ڏئي وٺندس ۽ اگر هن ڀيري به گلاس مون ڀريو ته پاڻي هِي پي ويندو ۽ هُو هوٽل وارو لالو پٺاڻ ماني نه کائڻ يا چانهه نه پيئڻ جي ڪري شايد ٺلهو پاڻي به نه ڏيندو!!.
مان مسلسل سوچي رهيو هئم ڇا ته يزيدي رواج پئجي ويو آهي جو پيئڻ لاءِ ڇڙو پاڻي به نٿو ملي....... مان اهو سوچي رهيو هئس ته سامهون ويٺل جبل جيڏي ڍِڳ مڙس، پنهنجي ساڄي هٿ جي سِگار جهڙي ٿُلهي اشهد آنڱر مُنهنجي ساڄي اک ۾ کڻي ٽُنبي.
منهنجيون اکيون اڳي ئي بُک جي ڪري ڏرا ڏئي ويون هيون، مٿان وري هن جي آنڱر ٽُنبڻ جي ڪري ويتر منهنجي اک اندر پيهي وئي. ساڄي اک کي کِنوڻ جو چمڪاٽ نظر آيو ۽ هڪ تجلو اک مان نڪري هوريان هوريان وسامي ٿڌو ٿي ويو، سامهون نظر ايندڙ چوڏنهن ئي طبق مون کي روشن لڳا، مٿي کي چڪر اچي ويو، ڳِيت نِڙيءَ ۾ ڦاسي پيم، اک مان پاڻي به نه نڪتو، پاڻي هجي ته نڪري ها!!.
ڪجهه گهڙين کان پوءِ نظر لوڏا لمڪا کائيندي ڦٿڪڻ لڳي، هر شيءَ جي وچ ۾ ڳاڙهو دائرو نظر اچڻ لڳو ڄڻ سج اک ۾ لهي آيو هجي، پهريون ڀيرو رڙ ڪري راڪاس جيڏي شخص کي چيم؛ “ڇا ٿو ڪرين!؟؟”
“او............. ته تون ڳالهائين به ٿو!”، هِن هيبتناڪ آدميءَ بيپرواهي مان چيو.
چيم؛ “ڇا مان توکي گونگو ٿو نظر اچان؟”
وڏي آرام سان چيائين؛ “گهٽ ۾ گھٽ هاڻي نه....!!!”
چِڙ وٺي ويم؛ “ڇا ايتري دير تو مون کي گونگو پئي سمجهيو؟”
“نه صرف گونگو پر ٻوڙو ۽ انڌو به!!”، هن وري به مزي سان بي پرواهيءَ مان چيو.
پڄرندي چيومانس؛ “هي جو مون يڪا سارا ڇهه گلاس پاڻيءَ جا صحيح سلامت تُنهنجي اڳيان ڀريا ۽ هڪ ڦُڙو به هيٺ هارجڻ نه ڏنم ته ڇا تڏهن به تو کي مان انڌو لڳي رهيو هئس واهه!؟”
“ها تڏهن به تون مون کي انڌو ئي لڳو هُئين!”، هن اطمينان سان چيو؛ “۽ ها اُهي ڇهه ئي گلاس تنهنجي سامهون مان ئي پي ويس.”
مان ڪي گهڙيون ڪجهه به ڪُڇيس ڪين بس سندس مُنهن تڪيندو رهيس، پاڻ ڏانهن مون کي تڪيندو ڏسي هُن مُرڪيو، مون ڪاوڙ منجهان کيس چيو؛ “ظالم.......!! مُنهنجي اک ڪڍي ڇڏيئي!”.
“اِهوئي ته مان چاهيان ٿو.......... باقي اِهو آخري ڪم رهيل آهي مُنهنجو.”
مان ڇرڪي پيس، حيرانيءَ مان پُڇيومانس؛ “ڇا مطلب؟؟”
“مطلب وري ڇا؟، مان تنهنجي مٿان بيٺو آهيان، هاڻ مان چاهيان ٿو تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيان!!.”.
هن جون ڳالهيون مون لاءِ حيران ڪندڙ هيون، ڪا به ڳالهه نٿي آئڙيم. هو منهنجي سامهون ويٺو هو ۽ چئي رهيو هو “مان تنهنجي مٿان بيٺو آهيان”، خار مان چيومانس؛ “تون منهنجي سامهون ويٺو آهين.”
مُسڪرائي چيائين؛ “نه..........مان تنهنجي مٿان ويٺو آهيان.”
“مٿان ويٺو آهين!!؟؟”، “پُڇيم؛ “ڪيئن؟”
مُڇ وٽيندي چيائين؛ “تون ڏکڻ ۾ ويٺو آهين، مان اُتر ۾ ويٺو آهيان.......... سو مان تنهنجي مٿان ويٺو آهيان.”
“ها اهو ته صحيح آهي پر تون منهنجي اک ڪڍڻ ڇو ٿو چاهين؟؟”
ڀڀر تي هٿ هڻندي چيائين؛ “مان تنهنجو ويري جو آهيان!”، مون حيرانيءَ مان کيس ڏٺو ۽ هُن چيو؛ “مون تنهنجي زُبان وڍي ڇڏي آهي، تنهنجي ڪنن ۾ شيهو پلٽائي ڇڏيو اٿم، هاڻ تنهنجي اک ڪڍي ڇڏيندس مان.” هو جذباتي ٿي پيو، مون وات کولي زور سان کڻي “ آ ” ڪئي؛ “ڏس منهنجي زبان منهنجي وات ۾ پئي آهي!”، مان وات پٽي پنهنجي زبان لڙڪائي هُن کي ڏيکاڻ لڳم پر هُن نه مڃيو، چئي مون کي نٿي نظر اچي!!.
“تنهنجي زبان تنهنجي وات ۾ هُجي ها ته تون اُنهيءَ مهل ئي رڙ ڪرين ها، جنهن مهل مون تنهنجا لاڳيتا ڇهه گلاس پاڻيءَ جا پيتا!!.”، هُن چيو.
چيم؛ “اهو ته مون صبر ڪيو هو.”
“صبر...........هونئن!!، ڪهڙو صبر؟، اها ته تنهنجي بيوسي هئي.”
“نه منهنجي ڪا بيوسي نه هئي.......”، مون ڄڻ احتجاج ڪيو.
“نه صرف تنهنجي بيوسي پر............. پر بيوسيءَ جي به حد....... انتها!!”، ۽ هن هڪ ڀيانڪ ٽهڪ ڏنو، جنهن سان منهنجو هانءُ ڏڪي ويو.
منهنجو رت ٽهڪي پيو هو، پاڻ کي سامت ۾ آڻي پُڇيومانس؛ “اها ڳالهه آهي؟؟”
چيائين؛ “ها بلڪل اها ڳالهه آهي.”
“پوءِ ڏس!”، مون کيس چئلينج ڪيو، هو اکيون ڦاڙي مون کي ڏسڻ لڳو، مون جڳ ڏانهن هٿ وڌايو ته جيئن جڳ ۾ بچيل پاڻي گلاس ۾ وجهي پي وڃان ۽ کيس ثابت ڪري ڏيکاريان ته مان ڪمزور نه آهيان، بيوس ناهيان، مان لاچار ناهيان، مان پنهنجي ويري کي مُنهن ڏئي سگهان ٿو، مان پنهنجو حق وٺي سگهان ٿو!!.
مون پنهنجي نٻل وجود جي سموري سگهه ۽ قوت گڏ ڪري ورتي ۽ مضبوط ارادن سان مون پنهنجو ٿڪل هٿ جڳ ڏانهن وڌايو، اُن کان اڳي جو منهنجو هڏائون هٿ جڳ ۾ پوي، هن ديوقامت جڳ کي ٺيلهو ڏئي ڇڏيو ۽ جڳ ٽيبل تي پاسيرو ٿي ڪري پيو، جڳ ۾ موجود بچيل سمورو پاڻي ٽيبل تي هارجي ويو، هن ٽيبل کي پاڻ ڏانهن لهوارو ڪيو، ٽيبل تان پاڻي سِيرون ڪندو، وٽ کائيندوهن جي مينڌيءَ لڳل داڦوڙن پيرن تي هارجڻ لڳو.
هُن جي چالاڪيءَ تي مان بيوسيءَ جي عالم ۾ کيس نهارڻ لڳس، هن هڪ وڏو خوفناڪ ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين؛ “آهين نه تون بيوس!!؟؟”
مان آس ۽ نراس جي وچ ۾ ٽنگجي هن کي نهاريندو رهجي ويم، هن چيو؛ “تنهنجو هن پاڻيءَ تي ڪو به حق نه هو ۽ نه آهي. تو لاءِ پاڻيءَ آهي ئي ڪونه.”
مان ڪجهه به نه ڪڇي سگهيم، هن طنزيه چيو؛ “هڪ ته پاڻي جي ڏاڍي کوٽ آهي ۽ مٿان وري تون پاڻي رُڳو زيان ئي ته ڪندو آهين ۽ اُهو به گهڻو............. هيءَ پاڻي ته منهنجو هو ۽ منهنجو آهي!!!”.
۽ پوءِ هن جو خوفناڪ ٽهڪ ٻريو ۽ فتح جي احساس ۾ هو لاڳيتا وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو ويو، مان اچرج مان کيس ڏسندو رهيم، هُو ٽهڪ ڏيندو رهيو پر اوچتو سندس ٽهڪ اڌ ۾ ڪپجي پيا، حد کان وڌ پيتل پاڻي سندس ڀڀر ۾ وٽ وجهي ڇڏيو هو ۽ چرين وانگر ٽهڪن ڏيڻ ۾ دوڏا ٻاهر نڪري آيس، ٻئي پل ٽيبل تي ڦهڪو اچي ڪيائين ۽ کُليل وات مان پيتل پاڻي گڙ گڙ ڪندو وهندو ويس.

* * * * * * * * * * *