ڪھاڻيون

مان هت جنم نه وٺندس

هي ڪتاب ”مان هت جنم نه وٺندس“ نامياري ليکڪ امداد ڪانهيو جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2013ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو.
Title Cover of book مان هت جنم نه وٺندس

رحمان جي نگريءَ ۾ نه رهندس

رحمان جي نگريءَ ۾ نه رهندس

ان ڏينهن مان پوري سال کان پوءِ ڳوٺ آيو هئس پر ٻِئي ڏينهن ئي سوچيم پئي ته سُڀاڻ واپس وڃجي!!!.
امان جي ڀر وٺي، کيس ٻُڌايم واپس وڃڻ جو ته ناراض ٿي پئي هئي ۽ چوڻ لڳي؛ “اڃان ڪالهه ئي ته آيو آهين وري سُڀاڻ وڃين ٿو؟”.
امان کي ڪيئن ٻُڌايان ها ته سندس پُٽ ڪهڙيءَ قيد جو بانديءَ آهي، کيس جلاوطن ڪرڻ وارو ڪو غير نه پر پنهنجو ئي آهي!!!.
“ٻارنهن مهينن کان پوءِ آيو آهين..............!!”، امان چيو؛ “ٻه چار ڏينهن ته رهي پئو”.
مائرون به عجيب ئي ٿينديون آهن، ٻار وقت جي وهڪرن ۾ لُڙهي چُڙيءَ جهونا ٿي ويندا آهن پر مائرن لاءِ ٻار ته سدائين ٻار ئي هوندا آهن. هر وقت هر وهيءَ ۾ اولاد، ماءُ لاءِ بس ٻار ئي هوندو آهي ۽ مائرن جا من پنهنجي ٻارن کان جُدا راس رهي نه سگهندا آهن!!.
“امان نوڪري ئي........................”
“پر هي ڪهڙيءَ نوڪري؟، هي ڪهڙو اچڻ؟؟.”، امان چيو؛ “گهر ڏيڍ ڏينهن جو رهڻ ۽ ٻارنهن ئي مهينا نوڪري!!”.
مان ڪجهه به نه ڪُڇي سگهيس بس امان کي ڏسندو رهيس، جنهن نٿي چاهيو ته مان ٻئي ڏينهن واپس حيدرآباد وڃان.
هڪ ڏينهن پهريان ڏهه ڏينهن جي موڪل تي ڳوٺ آيو هئس، موڪل کان ٻه چار ڏينهن وڌيڪ به ڳوٺ ترسي پئي سگهيس، وڌيڪ موڪل ڪرڻ سان ڪو فرق به نه پويم ها ڇو ته پويون پورو سال مون هڪ به موڪل ڪانه ڪئي هئي ۽ پابنديءَ سان نوڪري تي وڃڻ ڪري موڪل جو مسئلو نه هئم پر........
پر مون واپس حيدرآباد وڃڻ پئي چاهيو، ها مان هڪ شام اڳ ڳوٺ پهتو هئس، اهو سڄو ڏينهن گهر گذاريو هئم ۽ ايندڙ ڏينهن حيدرآباد جي هوائن ۾ رُلي وڃڻ ٿي چاهيم!!.
مان سال پهرين به سوين سرد لاشون ساهه ۾ سانڍي حيدرآباد وريو هئس ۽ ٻارنهن مهينا حيدرآباد ۾ گِدو چوڪ تي واقع ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي، D-BLOCK جي هڪ فليٽ ۽ آفيس جي قبر وچ ۾ ايندي ويندي ۽ ويهندي گذاري ڇڏيا هئم، ڪئي اڻپورا ٽهڪ سنگتين ساٿين سان گڏ سنڌوءَ جي ڀر ۾ ڦٽا ڪيا هيم ته ڪئي اڌوريون مُرڪون چپن تي رهجي ويون هيم، اهي مُرڪون، اهي ٽهڪ منهنجي هيڪلائي جا واحد گواهه ها!!!.
مون انيڪ شامون جلي گذاريون، مون انيڪ راتيون جاڳي لُڇيءَ گهاريون، مون انيڪ صبح سواءِ ڪنهن جهونڪي هوا جي تڙپيءَ پِڄريءَ گذاريا، مون موسمن جي ماتمڪدي ۾ پنهنجو جيون گهاريو، مون سرءُ ۾ پن پن پنهنجا خواب ڇاڻيا، مون اونهاري ۾ ٽِهڪيءَ ٽِهڪيءَ جبل ڏينهن ڪٽيا، سانوڻ ۾ بادلن سان گڏ برسيس، اکيون جل ٿل پر جيون ڪسارو ۽ مان اُڃارو..............
سياري جون سرد راتيون ۽ ڊسمبر جون تِکيون هوائون، وجود ٿڙڪيا ٿي، پارو رڳن ۾ لٿو ٿي ۽ مان حيدرآباد جي روڊن تي روز آڌيءَ ويل دير دير تائين خوابن کي آٿتن جون لوليون ڏيندي ڏيندي فُٽ پاٿن جا انيڪ ڌِڪا کاڌا............
بهار ۾ وري جڏهن ساڳيا خواب سرجيا ٿي من، تڏهن وري انهن خوابن جي آس تي موٽي آيس ڳوٺ ڏهه ڏينهن موڪل ڪري، سوچيم پندرنهن ڏينهن پُڄاڻان ورندس مان پر هڪ ڏينهن ۾ ئي................
“مان سُڀاڻ ورندس واپس.”، ڪافي دير سوچڻ کان پوءِ مون ڄڻ فيصلو ڪري ورتو؛ “مان سُڀاڻي ئي ورندس حيدرآباد”.
امان کي ٻُڌائي ڇڏيو هئم پر پوءِ ڀي دل ۾ ڇِيت هئي ڪا، جا چُڀنديءَ رهي!!، مون نٿي چاهيو امان ڪو ڏُک ڪري يا مان ايترو جلد واپس وڃي امان کي دُکي ڪريان پر ڳوٺ رهي مان دُک ڪيئن سهان!!.
مون ۾ دُک سهڻ جي سهپ نه هُئي شايد تڏهين ئي ته امان کي پئي دُکي ڪيم نه ته هوند موڪل جو ڪو مسئلو نه هئم.
رات جو ڳچ حصو سوچن ۾ ڳرندي ڳرندي گذري ويو، گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ سُڪون هو، آرام هو، چين هيو جو مون کي مُيسر نه هو، اُن سڪون، اُن آرام مون کي جلاوطن ڪري ڇڏيو، سوچن ۾ وگهرندي نه ڄاڻ ڪهڙي پل نِنڊ آيم بس سُجاڳي ٿي ته صُبح جو، جنهن پل دنيا جهان پنهنجين ڪمين ڪارين ۾ مصروف هو.
مان اٿيس، منهن ڌوئي شيو ڪيم، امان بجاءِ شميءَ چانهه کڻي آئي جا مون کي عجب سان ڏسڻ لڳي، شايد منهنجي شيو ڪرڻ سان حيراني ٿي هوندس ڇو ته مون ڪڏهن به گهر شيو ڪئي ئي نه هئي!!.
مان گهر رهيو ئي ڪٿي هئس............ جڏهن به گهر آيو هئس ته واپس وڌيل ڏاڙهيءَ کڻي ئي حيدرآباد ڀڳو هئس پر هن ڀيري مون راحيل جي شيونگ واري سامان کي استعمال ڪيو هو.
“ضروري آهه اڄ وڃڻ؟”، امان ايندي ئي چيو ۽ مان جُهري پيس، شميءَ هڪ نظر مون کي ڏٺو ۽ پوءِ امان کي چيائين؛ “چاچيءَ...... ڇوڪر کي پلوءَ سان ٻڌندين ڇا؟؟”.
مان ڪي گهڙيون وڃائجي ويس، الاءِ ڇو ڪي انسان هجومن ۾ ڀي اڪيلا هوندا آهن، سندن من جون اڪيلايون، دنيا جي هجومن تي حاويءَ ٿي پونديون آهن ۽ هُوءَ هر پل گُم سُم ئي رهجي ويندا آهن.
“نقاش......!!.”، امان چيو؛ “لازمي آهي ته اڄ ئي تون.................
“امان هن ڀيري مان ٻارنهن مهينن کان پوءِ نه ايندس.”، امان جي نِرڙ ۾ گُهنڊ پئجي ويا، هُوءَ ڄڻ پريشان ٿي پئي، چيم؛ “امان هاڻ مان هر مهيني ايندس. حيدرآباد هتان ٻه ڪلاڪن جو ئي ته پنڌ آهي!!”.
“تنهنجي مرضيءَ پُٽ پر...............
“ڇڏ پر ور کي امان.”، مان امان جي سامهون ٿي بيٺم پر امان منهن پرتي ڪندي چيو؛ “ڄاڻان ٿي اهو ڪوڙ آ پر جيڪر هڪ ٻه ڏينهن.........
“اوهه چاچيءَ...... اوهان به نه........!!.”. شميءَ چيو؛ “هن کي گهڻي محبت ڏئي هڪ ڏينهن لڳي ٿو هڏ حرام ڪندو نيٺ!!.”، مان امان کي ڏسندو رهيس، جنهن جون محبتون لازوال هيون.
“توکي حيدرآباد ۾ تنهنجا دوست ڇا سڏيندا آهن؟.”، شميءَ ڳالهه مٽائيندي پڇيو، مون کيس ڏسي چيو؛ “نقيءَ ئي سڏيندا آهن”.
“پر نقيءَ ته توکي مان سڏيندي اهيان!!.”، هن چيو.
“ٻين جي مون کي نقيءَ سڏڻ تي ڪا پابندي ته ڪونهي.”، چيم؛ “تون نقيءَ چوندي آهين ته ٻيا ڀي چوندا آهن”.
“هنن کي چئي ڇڏ هُوءَ توکي نقيءَ نه سڏين”.
“اڙي ڪيئن جهليان هنن کي؟”، چيم؛ “هُوءَ منهنجا دوست آهن!، مون سان محبت ڪندا آهن هُوءَ سڀ ڇا سوچيندا؟”.
“هُوءَ توسان محبت ڪندا آهن؟؟”.
“ها تڏهين ئي ته نقيءَ سڏيندا آهن”.
“ڄٽ آهين تون بيوقوف......................
“ڇو...........؟؟”.
“جيڪي توکي نه چاهيندا آهن اُهي ئي توکي نقيءَ سڏيندا آهن جيئن مان!!.”، کن رکي شميءَ چيو؛ “جيڪي توسان محبت ڪندا آهن اُهي توکي نقاش سڏيندا آهن”.
مان هن کي ڏسندو رهيس ۽ هن سوچيندي چيو؛ “هونئن...... ها جيئن چاچيءَ!!”.
مان ماٺ رهيس هن وضاحت ڪئي؛ “ڏس چاچيءَ توکي نقاش چوندي آهي، هر پل گهور گهور پئي ويندي آهي، ڪڏهن به هن توکي نقيءَ نه سڏيو آهي.”، امان مرڪي هلي وئي پر شميءَ ڳالهائيندي رهي؛ “معنيٰ حيدرآباد ۾ ڀي توکي ڪوئي پسند نه ڪندو آ”.
مون حيرانيءَ مان کيس ڏٺو تڏهن هن چيو؛ “ها ها تڏهن ئي ته سڀ توکي نقيءَ سڏيندا آهن مون وانگر”.
مون بئگ کنيو ته جيئن ضروري سامان سهيڙيان، تڏهن هن وري ڳالهايو؛ “تون اُت به ائين ئي وائڙو ۽ مُنجهيل رهندو هوندين............ها تڏهين ته....
“شميءَ.................
“شميءَ نه.............. شميم چئو نقيءَ.”،
“ها.............. اُها ئي!.”، چيم؛ “مان مذاق جي موڊ ۾ ناهيان”.
“خبر اٿم ڄٽ.”، هن چيو؛ “تو وٽ ڪنهن موڊ جي هجڻ جو ڪو ڪارج ئي ڪهڙو آخر؟؟.”، مان کيس تڪڻ لڳس ۽ هن چيو؛ “ها سچ ته چوان ٿي توکي خواب ڏسڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي ڪهڙو آ.”، مان پٿر اکين سان هن کي ڏسندو رهيس ۽ هُوءَ ڳالهائيندي رهي؛ “خوابن جو ٿڪايل آهين تنهنڪري تو وٽ موڊ جو بحران آهي نقيءَ”.
مون ڪپڙن جا ٽي وڳا بئگ ۾ وڌا، ٻه ٻاهر رکيم، هڪ پائڻو هيم ۽ هڪ کڻڻو نه هيم، ڪي ڪاغذ سئولا ڪري بئگ ۾ رکيم، هڪ مئگزين هو جو کڻي بئگ جي ڀر ۾ سئولو ڪيم ته جيئن وڃڻ مهل وسري نه وڃي، تڏهن هن چيو؛ “مون سان ڳالهائين ڇو نٿو؟؟”.
“ڳالهائڻ لاءِ بچيو ڪجهه ڪونهي!.”، چيم.
“ڇا مطلب؟؟.”، پُڇيائين.
“مان مذاق جي موڊ ۾ ناهيان شميءَ!!.”، چيم؛ “۽ تون سنجيده ڳالهائي نٿي سگهين”.
“اڇا ڀلا “ SORRY”، هن پنهنجا ٻئي هٿ ڪنن تي رکندي چيو؛ “ٻُڌ توکي مون وارو ڪم ياد آهي؟”.
“ها ياد اٿم.”، ڏُک مان چيومانس؛ “اِهو ڪم به ڪو وِسرڻ جهڙو آهي ڇا!”.
“تون ان ڪري تڪڙو واپس وڃي رهيو آهين نقيءَ؟؟”.
“مان رحمان جي نگريءَ ۾ رهڻ نٿو چاهيان شميءَ.............”
“اوهه ته جناب کي منهنجي ماسات تي ڪاوڙ آهي!!!”.
“رحمان تنهنجو ماسات آهي..........”، چيومانس؛ “مان ڀي ته ڪجهه تنهنجو آهيان!”.
“ها آهين......... ڇو نه آهين.”، شميءَ اڻ ڄاڻ ٿيندي چيو؛ “تون منهنجو سئوٽ جو آهين!”.
“شميءَ...........”، هن مون ڏي ڏٺو چيم؛ “مان فقط تنهنجو سئوٽ آهيان؟؟”.
“پوءِ ڇا منهنجو مُڙس آهين؟؟”.
“اوهه شميءَ...............”، چيومانس؛ “ڏس توکي ائين نه چوڻ گهرجي!”.
“ها نه پوءِ تون ئي چوين پيو.................”
“پر مان ته...........”
“نه تون ئي ٻُڌا نه پوءِ؟؟”.
“سئوٽ سان گڏ ڇا مان تنهنجو منڱيندو..................”
“مان فقط تنهنجي نانءُ ئي ڪيل هئس نقيءَ.”، هن چيو؛ “اُهو ڀي ڄمڻ وقت!!”.
“پنهنجي ڳوٺن ۾ نانءُ ڪرڻ ئي ته منڱڻو هوندو آهي شميءَ؟”.
“مان نٿي مڃان ان کي ۽ بس پليز نقيءَ...................”
“ڇو شميءَ؟، آخر ڇو؟؟”.
“توکي خبر آهي نقيءَ.......”، هن چيو؛ “مان ماسات رحمان کي چاهيندي آهيان، هونئن ڀي وڏا چوندا آهن لکيو پرڻيو آهي، منڱيو پرڻيو ناهي!!”.
“پر مان تنهنجو سئوٽ تنهنجو منڱيندو آهيان شميءَ...............”
“نه نقيءَ نه...................... پاڻ سئوٽ آهيون، پاڻ دوست آهيون بس”.
پکين جا پر ڪيئن سڙندا آهن ان ويل پتو پيو هئم، رُڳو پر ئي نه سڙيا هئم پر ٻريءَ سارو وجود ويو هئم؛ “شميءَ.............!!.”، هن ڪڇيو ڪجهه به نه فقط نگاهون کڻي مون ڏانهن ڏٺائين، چيم؛ “جيئن تو رحمان سان محبت ڪئي آهه.................... تيئن مون توکي چاهيو آ.”، هُوءَ ڪجهه به نه ڳالهاڻي، ڪپڙن جو جوڙو کڻي واش روم ڏانهن ويندي مون کيس چيو؛ “شميءَ............... رحمان جي نگريءَ ۾ مان رهڻ نٿو چاهيان”.
مان جڏهن ڪپڙا بدلائي ٻاهر نڪتس، هُوءَ اتي ئي ويٺي هئي، مون ڄاتو ٿي منهنجي ڏُک جي هن کي ڪا پرواهه نه هئي، هُوءَ ته رحمان جي شميم هُئي ۽ منهنجي بس شميءَ هئي، جنهن جو مان فقط نقيءَ هئس، “شام جو ويندين؟؟”، هن پُڇيو.
“نه..............!.”، بِنان ڏسڻ جي کيس جواب ڏنم؛ “هينئر ئي وڃان ٿو”.
“پوءِ اڇو جوڙو ڇو پاتو اٿئي؟؟”.
“اڇو رنگ امن جي نشانيءَ آهي.”، چيومانس؛ “منهنجي ڪنهن سان ڀي جنگ ناهي!!”.
“پر هونئن ته هميشه ڪارو وڳو ئي پائي ويندو آهين.....”
“هاڻ وڇوڙا جو بي معنيٰ ٿي ويا آهن شميءَ.”، چيم؛ “فراق جي سياه رات جڏهن همراه آهي ته تن کي ڪاري لباس جي ضرورت ڪهڙيءَ!”.
“اوهه نقيءَ................ تون ته آهين ئي ڄٽ”.
“ها.............”، چيم؛ “ان لاءِ جو توکي نٿو وڻان”.
“نه.............. ان لاءِ جو تون ڪنهن کي به نٿو وڻين.”، چيائين.
“ڪنهن کي به ڇا مطلب؟؟”.
“ها ڪنهن کي به نه!!”.
“ڪنهن کي به مان مُراد؟”، چيم؛ “تنهنجي ماءُ ئي هوندي ان کي نه وڻندو هوندس”.
“نقيءَ بد اخلاق!!.”، چوڻ لڳي؛ “آهين نه ڄٽ............. منهنجي ماءُ تنهنجي به ڪجهه ٿئي”.
“ها چاچيءَ ٿئي منهجي ته!!.”، چيم.
“پوءِ چاچيءَ کي گهٽ وڌ ٿو چوين؟”.
“گهٽ وڌ ته نه پيو چوانس پر...............”
“پر ڇا.........؟؟”.
“پر افسوس لڳيم ٿو ته تهنجي ڪري بابا ۽ چاچا جُدا ٿي ويندا ٻئي ڀائر”.
“توکي وڏن جو ڏک آهي نقيءَ يا پنهنجو؟؟.”، ۽ مان ڪجهه به چئي نه سگهيم هڪ ٿڌي آهه اندر ۾ ئي رهجي وئي منهنجي تڏهن چيائين؛ “نه ٿيندا جُدا بابا ۽ چاچا.......................... مريم ۽ راحيل جي شاديءَ جو ڪرائينداسين!!”.
“مريم ڀي ته تنهنجي ڀيڻ آهي!.” چيم؛ “ڪٿي ان کي به تو وانگر رحمان جي ڀاءُ رحيم سان....................
“شٽ اپ نقيءَ............!!.”، هن رڙ ڪئي؛ “تون ايترو به بداخلاق هوندين.......... مون سوچيو نه هو”.
“ڇو؟، تون چوين ته صحيح آ ۽ مان چوان ته بداخلاق آهيان؟؟.”، مون ڄڻ احتجاج ڪيو.
“اوهه نقيءَ.............. تون ته صفا..................
“ڄاڻان ٿو سڀ.”، چيم؛ “مان ته بيوقوف، ڄٽ، بداخلاق.....
“بس بس.......”، هن چيو؛ “ٻُڌاءِ مون واري ڪم جو ڇا سوچيو اٿئي؟”.
،اِهو ايڏو آسان ته نه آهي مون لاءِ شميءَ!!.”، چيم.
“معنيٰ نه ڪندين؟.”، مان خاموش ٿي پيس سواءِ کيس ڏسڻ جي باقي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ ڄڻ ڪجهه بچيو نه هو، تڏهن هن چيو؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ پليز.......
“ها ٿي ويندو تو وارو ڪم.”،کيس چوندي مون پنهنجيون اکيون بند ڪري ورتيون تڏهن هن چيو؛ “ڏس نقيءَ................. تو شاديءَ کان انڪار نه ڪيو ته...............!!”.
“ته ڇا شميءَ؟”.
“ته مان رحمان سان ڀڄي ويندس!!”.
“What? ”، مان ڇرڪي پيس.
“ها نقيءَ...........”، هن هيٺ ڏسندي چيو؛ “اسان ڪورٽ مئريج ڪري ڇڏينداسين پر جُدا نه ٿينداسين”.
“شميءَ تون...................
“ها نقيءَ.”، هن ڄڻ فيصلو ڪري ورتو هو، چيومانس؛ “توکي خبر آهي شميءَ تون ڇا پئي چوين؟؟”.
“ها خبر اٿم بس اهو منهنجو فيصلو آ.”، هن ڳالهه کي ختم ڪندي چيو؛ “اسان هڪٻئيءَ کان سواءِ زنده نٿا رهي سگهون تون جي انڪار ڪندين ته گهڻيون دليون ٽُٽڻ کان بچي وينديون ۽ عزتون به، نه ته.................
“۽ منهنجي دل شميءَ........؟؟”.
“پليز نقيءَ................
“ڇا پليز شميءَ ڇا؟؟”.
“مون کي ڪونهي خبر.”، هن چيو؛“تون پنهنجي شادي کان انڪار ڪندين يا مان......................
“توکي ڪجهه به ڪرڻ جي ضرورت نه آهي شميءَ!!.”، هٿيار ڦٽا ڪيا مون، بيوس ٿي پيس، چيومانس؛ “مان انڪار ڪري ڇڏيندس تون بس ڪنهن کي به رسوا نه ڪجان”.
مون بئگ سنڀالي ورتو ڄڻ پرائي ديس ۾ هجان، اجنبيءَ هجان، پرديسيءَ هجان يا ڪنهن علائقي ممنوع ۾ هجان، دل ته درهم برهم ٿي وئي هئي پر عجيب پيڙاءُ ۾ اچي گرفتار ٿيس، دل جو سور سيني ۾ ٽُنگ ڪري گذري ويو پر سلي ڪنهن سان به نه سگهيس، ڀائنيان پل به هتي نه ٽِڪان، پر هجن، ڪي کنڀ هجن ته جهٽ ڀڙڪو ڏئي اُڏاميءَ وڃان، اُڏاميءَ به نٿو سگهجي، مري به نٿو سگهجي، منهنجا پر رحمان پٽي ڇڏيا، منهنجا کنڀ شميءَ کوهي خاڪ ڪري ڇڏيا، مان اُڏاميءَ نه سگهيس، مون امان سان ڪوڙو واعدو ڪيو مهيني تي موٽي اچڻ جو ۽ پنهنجون هاريل وِکون وڌايم ڪمري کان ٻاهر ته جيئن حيدرآباد جي هوائن ۾ اچي مُنتشر ٿي وڃان!!!.
مون وِک کئني ۽ هُن سڏ ڪيو؛ “نقيءَ.......................
ڀائنيم آخري ڀيرو منهنجو مُنهن ڏسڻ ٿي چاهي، بيهي رهيس؛ “ها چئو شميءَ”.
جڏهن هُوءَ ڪافي دير نه ڳالهاڻي ۽ ڪمري جي پرين ڀر ڏسندي رهي، جنهن ۾ مان ڪنهن مهمان وانگر رهي واپس ٿي ويس، تڏهن چيم؛ “ها چئو شميءَ.............!!”.
“تون ڪڏهن انڪار ڪندين نقيءَ؟”.
خواب ڄڻ ڪي Plane ها، جيڪي دماغ جي فضا ۾ Crash ٿي پيا، حسرتون هڪٻئي مٿان ڪريون ۽ مان دٻجي ويس احساسن جي هيٺيان، انهن خيالن جي هيٺان دفن ٿي ويس جن ۾ محسوس ڪيم ته شميءَ کي منهنجو ذرو ڀي خيال نه هو.
“شميم..............”، چيم؛ “مان حيدرآباد پهچي فون تي انڪار ڪري ڇڏيندس”.
هن خالي نگاهن سان مون کي ڏٺو، هن وٽ مون کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو، جو ڀي هُن مون کي ڏنو هو سو سڀ مون سنڀالي ورتو هو، کيس ٻُڏتر ۾ ڏسي چيم؛ “شميءَ................ گهٻراءِ نه، مان جلد بلڪه پُڄندي ئي شادي کان انڪار ڪري ڇڏيندس ۽................ ۽.............. سڀ ٺيڪ ٿي ويندو”.
مان ڪمري جي قيد مان ٻاهر نڪري آيس، ٻاهر جي هوا ڀي ڄڻ زهرآلود هئي، امان کان موڪلائي ورتم، گهر مان ڄڻ بي گهر ٿي پيس، ڳوٺ ڀي اهڙو ڏيک ڏيڻ لڳو ڄڻ جهڙو پرايو هجي يا مان ڪو ڌاريو هجان، دل مقتل گاهه نه ٿي ڪو قبرستان ٿي وئي ۽ مان من جي مُقام ۾ پنهنجي حسرتن جا لاشا سُمهاري هڪ اجنبي احساس کڻي ڳوٺ مان تڪڙو هليس ۽ رحمان جي نگريءَ مان نڪري آيس.
ٻه سال کان به وڌيڪ وقت حيدرآباد ۾ گذري ويم پر مان پاڻ کي منتشر ڪري نه سگهيم، خوابن جا مُردا روز رات جو پاسا ورائي جاڳي پوندا ها، مون شميءَ کي وسارڻ چاهيو پر هُوءُ عبادتگاهه وانگر منهنجي من ۾ موجود رهي ۽ محبت جا منهنجي من کي کائي وئي تنهن کان پاڻ بچائي نه سگهيس، ڪوئي چهرو اهو خال ڪٿي ٿي ڀري سگهيو!!.
هر شڪل اوپري، هر چهرو اجنبيءَ!!.
ڪو به نه هو پنهنجو ۽ پنهنجائپ هر ڪنهن ۾ ته نه هوندي آ سو بس رولڙي ۽ وائڙائپ جي نظر ٿي وئي زندگي.
ٻه سال کن پهرين فون تي انڪار ڪري ڇڏيو هئم گهر وارن سان ته مان شميم سان شادي نه ڪري سگهندس، سبب پڇيو هئائون، سبب ته ڪو هو ئي نه مون وٽ ۽ مان ڪو سبب گهڙي به نه سگهيس!!!.
“نه مان شهر مان شادي ڪندم بس.”، اجايو ۽ ڇسو ڪوڙ، جنهن تي ڪنهن اعتبار ئي نه ڪيو!!.
انيڪ ڪاوڙون، انيڪ پُڇائون، انيڪ حيلا پر مون سڀن کي مُنهن ڏئي ڇڏيو، ڪائي ڪوشش ڪارگر نه ٿي، منهنجي نه کي 9 ڪوٽ اچي ويا، سڀ مون کان ڪاوڙجي ويا، بابا منهنجو مُنهن ڏسڻ نٿي چاهيو، امان چيو ته مون سندس سپنا ماريا آهن، چاچي چيو مان آهيان ئي نالائق، ڪپوٽ، چاچيءَ چيو ٿي نقيءَ جا ته شروع کان ئي پير صحيح نه ها مان ته چوندي هئس پر ڪنهن مڃيو ئي نه!!.
سڀ مون کي ڇنڊي ڌوڻي بيهي رهيا، مون تان ڇا گذريو، مان سڀ زهر پي چُپ رهيم، سڀن جون مان ڪاوڙون سهي ويس، سڀئي ڪاوڙجي پيا پر شميءَ خوش هئي، هُوءَ نه ڪاوڙي هئي ۽ مان ڪاوڙون، ناراضگيون سهي ٽِڪي پيس حيدرآباد پر امان جو پوءِ ڀي اسرار ته واپس اچ.
مان ڀلا رحمان جي نگريءَ ۾ ڪيئن ٿي اچي سگهيس!، سو مان واپس نه وريس ۽ ڪئي ڏينهن آفيس جي نظر ۽ موڪلون فليٽ جي ڪمري ۾ قيد ٿي رهجي ويون منهنجيون.............. من ئي نٿي چاهيو ته فراق جي سياه رات ساڻ ڪري ڪيڏانهن نڪرجي!!!.
سو بس مشينيءَ زندگي تي اعتبار ڪري ويهي رهيس، ڪم، غم ۽ ٻيو مان............... چُپ چپات، خاموشيءَ.......... ٽُٽل سپنا ڄڻ ٽُٽل چوڙيون، وکريل خيال ۽ اُلجهنون، بيزاريءَ ۽ بيوسيءَ..................
اهڙي ئي عالم منجهه هڪ ڏينهن آفيس ۾ مشينيءَ وهنوار ٿي هليو جو راحيل فون ڪئي، خبر چار ورتي مانس، چئي امان ٿي ڳالهائي ۽ ساڳيون ميارون، ڏوراپا ۽ طعنا..................
مان ڏوراپن کان مٿي چڙهي ويو هئس ڇو ته مان پنهنجا ڏوراپا ڪنهن کي به ڏئي نه سگهيو هئس، شميءَ کي به نه ڏئي سگهيو هئس، جنهن سان مون محبت ڪئي هئي، مون بچپن گذاريو هو هن سان، مون ننڍيءَ وهيءَ ۾ ننڍا سپنا پوکيا ها هن جي ساٿ جي آسري ۾ پر آسرا ڪرڻ اجايو وهنوار آهي، مون هن جو هٿ پڪڙي ٻاروتڻ طيءَ ڪيو هو پر شميءَ..................
امان پُڇندي رهي ڪڏهن ٿو اچين ڳوٺ؟؟، پر مان گهڻي دير ڪو خاطر خواهه جواب ڏئي نه سگهيس کيس، امان جو اصرار وڌي ويو ته نيٺ بيزار ٿيندي ٽارڻ لاءِ امان کي چيم؛ “امان شميءَ جي شادي ڪرايو ته اچان ڳوٺ!!.”، مان چِڙيءَ پيو هئس شايد روز بروز ساڳين ڳالهين تي، هڪ ئي ڳالهه جي ورجاءُ تي، روز جي انهيءَ ضد تي ته ڳوٺ اچ.
“ڪنهن سان ڪرايون شميءَ جي شادي؟”، امان ڌيرج سان چيو.
“جنهن سان هُوءَ چاهي!.”، وري به مون بي دليو جواب ڏنو.
“شميءَ جي شادي ته توسان ئي ڪرائينداسين نقيءَ!”.
“تڏهين ئي ته نٿو اچان ڳوٺ.”، چيم.
“ڇو پُٽ؟؟.”، امان چيو؛ “شميءَ تنهنجي سئوٽ آهي، تنهنجي مڱ آهي نقيءَ.............
“پر امان...............
“پر ڇا؟؟”
“پر شميءَ پنهجي ماسات رحمان سان شادي ڪرڻ ٿي چاهي امان!!.”، چئي ويس مان؛ “اوهان هن جي شادي رحمان سان ٿيڻ ڏيو............!!”.
“دماغ خراب ٿيو اٿئي يا پاڳل ٿيو آهين نقيءَ؟؟.”، امان چيو.
“ها امان..... مان ٺيڪ ٿو چوان.”، چيم؛ “اوهين شميءَ جي شاديءَ رحمان سان ڪرائي ڇڏيو، هُوءُ سچ هڪٻئي کي ڏاڍو چاهين ٿا”.
“چريو ٿيو آهين ڇا؟؟.”، امان حيرانيءَ ۽ ڪاوڙ مان چيو.
“ان ۾ چريي ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آ؟.”، چيم؛ “سچ ته چوان ٿو مان”.
“ڪنهن تنهنجي مٿي ۾ بُهه ڀري آهي نقيءَ؟؟.”، امان چيو؛ “رحمان ته ڪڏهوڪو پرڻجي چڪو آهي ۽ تو چوين ٿو ته اسان شميءَ جي شادي رحمان سان ڪرايون!!.”، مان ڄڻ پٿر ٿي پيس، امان جي واتان رحمان جي شادي جو ٻُڌي!!.
امان چوندي رهي؛ “معنيٰ تون چاهين ٿو ته اسان شميءَ کي ساڙي ڇڏيون؟، ٻُڌاءِ نقيءَ پرڻيل کي وري اسان پرڻايون؟؟؟”.
مان گهڻي دير ٻُڏي ويس، ڪو به لفظ اوڳاڇي نه سگهيس، ڪجهه سمجهڻ ٿي چاهيم پر ڪجهه به سمجهي نه سگهيم، امان ڳالهائيندي رهي ته شميءَ منهجي مڱ آهي، چاچي جي ڌيءُ آهي ۽......... ۽........ ۽ سڀ ٻُڌندين به ڄڻ ڪجهه نه ٻُڌي رهيو هئس، سوچ سمجهه وارا حواس باکڙجي ويا هئم، جڏهن ڪافي دير نه ڳالهاڻس تڏهن امان چيو؛ “هيلو........ هيلو...... هيلو، نقيءَ ٻُڌي رهيو آهين نه؟؟، شميءَ فقط تنهنجي آهي ۽ تنهنجي رهندي ۽ هُوءَ تنهنجي ئي انتظار ۾ ويٺي آهي!!”.
“امان...............!!.”، چيم؛ “رحمان ڪٿان شادي ڪئي آهي؟”.
“پنهنجي ئي سئوٽ.......... ڀڄائي پرڻيو آهي.”، امان چيو؛ “ٻُڌاءِ ڪڏهن ٿو اچين ڳوٺ تون؟”.
ڀڄڻ جو لفظ به عجيب هو!!، هڪ ڏينهن شميءَ ڀي چيو هو ته جيڪر مون انڪار نه ڪيو ته هُوءُ رحمان سان ڀڄي ويندي ۽ اڄ منهنجي انڪاري ٿيڻ باوجود، شميءَ کان پهرين ڪنهن ٻيءَ سان رحمان ڀڄيءَ ويو!!!.
“هيلو.............. نقيءَ................ پُٽ...... ڪڏهن ايندين ڳوٺ؟؟”.
“مان جلد ايندس ڳوٺ امان.”، چيم.
“جلد ڪڏهن؟؟.”، امان ضِد ڪيو ته چيم؛ “شام جو”.
“اڄ شام جو..........؟؟؟”.
فون ڪال ڪٽجي وئي، رحمان شميءَ سان بيوفائي ڪري پنهنجي سئوٽ سان...........
نه رهندس رحمان جي نگريءَ ۾ مان............. پر......... پر مان شميءَ کي به هاڻ نه رهڻ ڏيندس رحمان جي نگريءَ ۾، مان شميءَ کي هت وٺي ايندس ته جيئن هوءَ هت مون سان گڏ سنڌو ڪناري کُليل فضا ۾ آزاد ساهه کڻي سگهي ۽ دلفريب ٽهڪ ڏئي سگهي!!.
وڃايل خوابن جون ذريون ذريون مون پل ۾ ئي ميڙي ڳولي ورتيون ۽ جهٽ ۾ سڀ سپنا وري جوڙي ورتا، ٽڪرا ٽڪرا ميڙي چونڊي وري ڪي آئينا ٺاهي ورتا مون، مون سوچي ورتو شميءَ کي هت وٺي ايندس مان پاڻ سان گڏ، هُوءَ اڪيلي هوندي جام.......... تنها وياڪل!!.
ها شميءَ اُداس هوندي ۽.............
مُضطرب ته اڳي ئي هئس مان پر اڌوري آس ۽ بيچينيءَ اچي دل کي سوگهو ڪيو ۽ ڪنهن ڪم تي من نه چاهيو، مون موڪل ڪري ورتي، فليٽ تي پُڄي ساڳي بئگ تيار ڪيم ۽ جهٽ ئي نڪري پيس ڳوٺ ڏي.
بس ۾ ويٺم ته دل جو دهڪو وڌي ويم ڄڻ، ڀائنيان دل معمول کان ڪجهه وڌيڪ تکو تکو پئي ٿي ڌڙڪي، شميءَ جو تصور ايندي ئي منهنجي ڪيفيت بدلجي وئي هئي، دل جي ڌڙڪن ۾ هڪ عجيب هلچل لڳي پئي هئي، شميءَ اداس هوندي.......... هُوءَ پاڻ کي اڪيلو ڀائيندي هوندي............. هُوءُ ڏاڍي دُکي ٿي هوندي................ هن وقت ته............... مان سوچي رهيو هئس..............
مون نٿي پئي چاهيو ته شميءُ وڌيڪ ڪو پل تنها رهي، ڪو دُک سهي، ڪنهن جي بيوفائي جو ماتم ڪري، مون هن جو هٿ پڪڙي اڏامڻ ٿي چاهيو، مون چاهيو ٿي هُوءُ هر پل مُرڪي، مان هن سان گڏ هڪ لازوال ۽ اُوچي اُڏام آڪاش جي وشال وسعتن ۾ اڏاميءُ رحمان جي نگريءَ کان دور..........
فون جي آواز تي مان ڇرڪي پيس، خيال دونهان ٿي اڏامي ويا، هيڏانهن هوڏانهن ڏٺم بس حيدرآباد مان نڪري چُڪي هئي، روڊ جي ٻنهي پاسن ڏور ڏور تائين ڦهليل انبن جا باغ ها ۽ مون سان گڏ رفتار هئي جا وئي ڌوڪيندي ۽ دل جي تانگهه به ائين ئي ٿي چاهيو ته جلد پُڄان گهر ۽ شميءَ جو هٿ پڪڙي چوان ڏس شميءَ مان موٽي آيو هان................... توکان سواءِ مان ته صفا..........اڌورو......
فون وري وڄڻ لڳو، جو ڪجهه دير پهريان وڄي بند ٿي ويو هو، رسيو ڪري چيم؛ “هيلو................
“مان شميءَ ٿي ڳالهايان!!”.
“ائين نه ڀي چوين ها ته ڀي سُڃاڻي وڃان ها مان”.
“شور وڌيڪ آ سمجهه ۾ نٿو اچيم......”
“مون سُڃاتو آ توکي!.”، چيم.
“ٻُڌو اٿم ڳوٺ ٿو اچين....؟؟”.
“ها شميءَ..................
“ڇو ٿو اچين ڳوٺ؟”، کن رکي هن چيو؛ “مون سان شادي ڪرڻ ٿو اچين؟؟”.
مان حيران ٿي پيس، سندس سوال عجيب ها، ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيس، تڏهن هن چيو؛ “تنهنجو پنهنجو ڳوٺ آهي نقيءَ......... جي ائين اچڻ چاهين ته ڀلي اچ پر..............
“پر ڇا شميءَ؟؟.”، لفظن جو پٿر ڄڻ هڪ هڏڪي سان اوڳاڇي ورتم.
“پر مون سان شادي ڪرڻ نه اچجان!!.”، آئينا جيڪي وري جوڙيم سي سڀ وري ڊهي پٽ پئجي ويا.
“ڇو شميءَ؟؟، ڇو آخر....................؟؟”.
“ان سوال جو مون وٽ ڪو جواب ڪونهي پر پليز...........”
“شميءَ مان تنهنجو سئوٽ آهيان!، تنهنجي چاچي جو پُٽ، تنهنجو منڱيندو.........................
“پليز نقيءَ..........
“ڏس شميءَ...........”، چيم؛ “اڃان ڀي ڪجهه نه ويو آهي............ رحمان بيوفائي ڪئي توسان ته ڇا آهي؟ مان ته آهيان نه تنهنجو............
“ڪو به ڪنهنجو ناهي نقيءَ.”، هن چيو؛ “مرد ته سڀئي مرد ئي هوندا آهن!”.
“پر مون ته توکي چاهيو آ شميءَ؟.”، چيم؛“اُجري چانڊوڪيءَ وانگر منهنجي من ۾ رهي آهين سدا تون!!”.
“ڪتابي ڳالهيون دل ته وندرائي سگهن ٿيون نقيءَ پر گهاءُ نٿيون ڀري سگهن”.
“مان تنهنجا گهاءُ ڀريندس شميءَ.”، چيم؛ “مان ته اڃان ڀي باوفا آهيان ڏس”.
“مان ڀي ته باوفا آهيان نقيءَ!!.”، شميءَ چيو؛ “بي وفا نٿي ٿي سگهان مان”.
“ڇا مطلب آهي تنهنجو؟؟”.
کن رکي هن چيو؛ “رحمان بيوفا آهي نقيءَ ته ڇا؟، مان ته ناهيان، منهنجي من ۾ ٻيو ڪوئي ڀي ڪونهي ۽ مان شادي ڪرڻ ئي نٿي چاهيان”.
“پاڳل آهين تون!.”، چيم
“ها پاڳل ئي ته آهيان مان نقيءَ.”، چيائين؛ “ديوارن جو ڀروسو ڪيم!، مان ڪنهن جي به نه ٿي سگهندس”.
“بيوقوف نه ٿي ڄٽ!!.”، چيم؛ “مان ڳوٺ اچي رهيو آهيان ۽ مان توکي وٺي ئي ويندم...............
“منهنجو موڊ مذاق جو نه آهي”.
“مان ڪو مذاق نه پيو ڪريان.” چيم؛ “مان بس ۾ آهيان ۽ سچ ڳوٺ اچي رهيو آهيان آخر تون منهنجي چاهت جو آهين”.
“مون کي چاهت جي ضرورت ئي ناهي نقيءَ!!.”، چيائين؛ “تون بس واپس موٽي وڃ”.
“توکي ضرورت نه آهي پر مون کي ته آهي نه!!”.
“مان ڪنهن کي به ڪجهه ڏئي نه سگهندس تون واپس موٽي وڃ نقيءَ پليز پليز..........”
“چريءَ آهين ڇا؟؟.” چيم؛“مان هرگز نه موٽندس، هر واري تنهنجي نه هلندي، گهڻا تو ضِد ڪري ورتا مان بس اچي رهيو آهيان”.
“ٺيڪ آ ته پوءِ اچ.”، هن چيو؛ “هت شميءَ نه شميءَ جو توکي به لاش ملندو، مون ۾ هاڻ هونئن ڀي وڌيڪ ڪا سهپ بچي ڪانهي!!”.
“بي عقلي جون ڳالهيون نه ڪر، مان آهيان نه مان سڀ..............
“مان هاڻ ڪو ڏُک نه سهندم نقيءَ.”، چيائين؛ “تون شميءَ جو مُنهن ڏسڻ اچي رهيو آهين نه؟، ٺيڪ آ اچ............. مُنهنجو مُنهن ئي ڏسي واپس موٽي ويندين!!!”.
هن فون بند ڪري ڇڏي، مان خاموش ٿي ويس. ڪا هِڏڪي ڳلي ۾ اٽڪي پيم، ڪو ڳوڙهو اک اندر اڀري، سُڪي خُشڪ ٿي ويو، ڀائنيم بس اڳتي نه پر پوئتي، پوئين پير تيزيءَ سان ڊوڙندي ٿي وڃي!!.
نوان پر جي فُٽا ها سي وري سڙي خاڪ ٿي ويا، بهار نه آئي راس من کي، هُن ڪنهن به صورت ۾ نه اپنائڻ چاهيو ڪنهن کي پر هُن هر ڀيري مون کي ٺُڪرائي ڇڏيو، ڪو بارود، ڪو ڊائناميٽ ڦاٽو جگر ۾ ۽ ڪنهن پهاڙ وانگر وکري ويس مان، ريزه ريزه ٿي ويس پل ۾، هن جو ميسيج آيو، بي دليو فون کنيم؛ “يقين مڃ نقيءَ مان زهر کائي ڇڏيندس جي تون نه مُڙئين ته.......
مون ڄاتو ٿي هُوءَ ضد، هٺ ۽ زبان جي پڪي آهي بيحد............... هن جا ميسيج ڪرندا رهيا موبائل تي، ميسيج جي رنگ ٽون ڄڻ ڪنهن مُلان جو آواز هئي جنهن ڄڻ مُردي جو جنازو پڙهڻ لاءِ اجازت ٿي گُهري!!!.
انيڪ ميسيجن ۾ هڪ ئي سوال؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ؟؟.” ۽ مان پريشان، وياڪل، وڃايل........... سڀ ڪجهه هاريل لُٽايل!!.
اُن ڏينهن مان رحمان جي نگريءَ مان نڪري ڳوٺ ڇڏي آيو هئس ۽ اڄ مان حيدرآباد ڇڏي آيو هئس، مان نه هُن پاسي وڃي سگهيس، نه وري مان هِن پاسي رهي سگهيس، ميسيجن جو ڪڙڪو ڄڻ ڪي دهماڪا، بي دليو ئي پڙهيم؛ “ٻُڌاءِ نقيءَ؟؟”.
“ڇا ٻُڌايان شميِءَ؟، مان ته ڄڻ دربدر ٿي ويو آهيان!!.”، ڄڻ دُک لکي موڪليم جو ٻه ڳوڙها اکين مان وهي ڳلن تان گسڪيءَ ويا ها.
“واعدو ڪر ڳوٺ نه ايندين!؟؟.”، لُڙڪ ته آهن ئي هيڻائي جي نشاني، پر ننڍڙا قطرا نِٻل هُئڻ جو احساس ڏيارين ٿا، مان روئي نه سگهيس، نِٻل جو هئس، دل ڇيتون ڇيتون ٿي وئي، هُوءَ جو ضِد تي اڙي هئي؛ “ها مان ڳوٺ نه ايندس شميءَ................. ڪڏهن به نه!!.”، مون فون جو بٽڻ پريس ڪري ڇڏيو ۽ جواب سِرڪي گُم ٿي ويو.
ڪجه دير کان پو هن جو ميسيج آيو؛ “پاڳل ڪيترا ڇوڪرا شهر وڃي پرڻجي ويا هڪ تون آهين جو ايتري عرصي گذارڻ جي باوجود به ڪا ڇوڪريءَ ڳولي نه سگهيو آهين!!!”.
منهنجا چپ سُڪي ٺوٺ ٿي پيا ها ۽ من ۾ ڪو صحرا، ڪو رڻ پٽ هو، جنهن ۾ مان جليس ٿي، رُليس ٿي..............!!، “من جا محرم بازارن ۾ ناهن ملندا شميءَ.”، ٽائيپ ڪري اهو ميسيج، بنان موڪلڻ جي ئي ڊليٽ ڪري ڇڏيم پر هن جو وري ميسيج آيو؛ “هاڻ ڳوٺ اچين ته ڀاڀيءَ کي گڏ وٺيو اچجانءِ ڄٽ!!”.
“نه ايندس........... ڪڏهن ڀي مان رحمان ۽ رحيم جي نگريءَ ۾.............!!!.”، مون رڙ ڪئي ۽ سِيٽ تي ڀر ۾ ويٺل ڀائيءَ ڊڄي ويو، هُوءَ حيرانيءَ مان مون کي ڏسڻ لڳو، ڊڄي ته مان ڀي ويو هئس جو ميسيج پڙهندي ئي هلڪي رڙ ڪري جواب ڏنو هئم ڄڻ شميءَ منهنجي سامهون هُجي!!.
گهڻا مسافر تعجب وچان مون کي نهارڻ لڳا ۽ مان بئگ کڻي بس جي گيٽ تي هليو آيس، بس روڪرائي لهي پيم، آسمان ڏي ڏسي هڪ آرس ڀڃيم، ڄڻ آڪاش جي وشال وسعتن ۾ اڏامڻ ٿي چاهيو مون پر زوڪاٽن ڪن ٿي کاڌا، ڏٺم هِتان جون گاڏيون هوڏانهن ۽ هُتان جون گاڏيون هيڏانهن ڀڳيون ٿيون وڃن، رستو ٺهي رهيو آهي، رستو ڊهي رهيو آهي، مان ٺهي رهيو هئس، مان ڊهي رهيو آهيان!!.
ڀڳل ۽ ٽُٽل رستي تي بدحواس ڀڄندڙ گاڏين مِٽيءَ جا طوفان اٿاري ڇڏيا آهن، ٺهندڙ رستي جي، ڊهندڙ رستي جي مان ڪناري ئي بيٺو آهيان، ڌُوڙ ۾، ڌُڌڙ ۾، ڌُنڌ ۾............ مان ڄڻ گُم ٿيندو پيو وڃان!!!.