اکين جا انجام
ٻار اگهور ننڊ ۾،
پر مولوءَ جي ونيءَ جي آس اکين ۾!!!.
آڌيءَ رات، ڦُڙ ڦُڙ اڱڻ تي، ڇپر جو ٽِمڪو، هُرکُر ۽ مولوءَ جي تانگهه!!، هُوءَ پل اڱڻ تي پل ڇپر ۾ ڇو ته اکين جي اکين کي ڏنل پڪ دل جي لاءِ وڏو ڀرمان هوندي آهي پر اڄ ڀرمان ٽُٽو ٿي، ڄڻ ڪوئي ارمان ٽُٽو ٿي!!.
ڪوئي کڙڪو، ڪوئي شپڪو ٻُڌڻ جي حسرت پر نه دُور اونداهيءَ رات ۾ سواءِ برسات جي ڪجهه به نه.....................
اڄ پورو چوڏهون ڏينهن هو ميِنهن وسندي، ٻنيون ٻارا، گهر پاڙا، ڳوٺ، گس، پنڌ پيچرا سڀ پاڻي پاڻي لڳا پيا ها ڇو ته گذريل چوڏنهن ڏينهن کان ميِنهن مُهڙ نه مٽايو هو، روز ڏينهن جي ٻنپهرن جو اچي ٺڪاءُ ٿي ڪيائين. لنگهه لانگاها جل ٿل ڪري سنجها ويلي پُڻ پُڻ تي وڃي ٿي بيٺو ۽ پوءِ اٻوجهن جا ڇپر، منهه پئي ساري رات ٽِم ٽِم ۾ ٽُڻڪيا!!.
هُوءَ اڄ پِرهه ڦُٽي جو گهران نڪتو ته ساجهر ئي گهر موٽي آيو، اڃان سج ٻه ٽي ڪانا مس ئي چڙهيو هوندو پر جُهڙ ۾ خبر ڪانه ٿي پئي، هُوءَ ڇپر ۾ اچي بيٺو جيڪو رات کان وٺي هنڌان هنڌان پئي ٿي ٽِميو، هن هڪ نظر ٻارن کي ڏٺو جيڪي گذريل ٽِن ڏينهن جي بُک کان ڪِنجهن ۽ ڪڻڪن پيا.
هن ڄاتو ٿي مِينهوڳيءَ جي مُند ۾ مزدوري ته ڪا ملڻ مُشڪل آهي ڇو ته هر ڪم برسات سبب بند آهي پر سندس گهر ۾ گذريل ٽِن ڏينهن کان چُلهه نه ٻري آهي!!.
چُلهه ٻري به ڪيئن؟؟.
گهر ۾ نه صرف مِينهن جو پاڻي آهي پر غُربت جي ڳوڙهن به هن جي گهر جي چُلهه ۾ ڪاهيو آهي پر غربت ته اڳي ئي هئي هينئر ته سُڃائي جي بارش ڪاهي پئي هُئي، مسلسل چوڏنهن ڏينهن جي برسات سندس روزي تي لت ڏني ۽ واندي ويهڻ ڪري سندس ٻار بُک تي اچي ويا.
برسات کان پهرين هِن جو ڀي ڪمايو هو سو يارنهن ڏينهن مِينهن جا مس ئي تڳي سگهيو ۽ هاڻ گُذريل ٽِن ڏينهن کان هُوءُ، جوڻس، ٻار، بُک، بيوسيءَ ۽ مِينهن، کِنوڻيون، ڪڙڪاٽ ۽ ڇپر جو ٽِمڻ گڏ هُيا!!.
پيءَ کي خالي هٿين ڏسي ڪجهه سمجهه ڀريل ٻارن جي مُنهن جو پِنو لهي ويو، هڪ ٻِن روئڻ شروع ڪيو ته ننڍڙي به دانهن ۾ پئجي وئي، اِهو سڀ هِن جي برداشت کان هاڻ مٿي ٿي پيو هو، هن خالي نگاهون کڻي ونيءَ جي مُنهن ۾ ڏٺو، سندس ڄمي پٿر ٿي ويل اُداس اکين ۾ بُک بدران هن کي ڄڻ رت نظر آيو، هن ڄاتو ٿي پيءُ کان وڌيڪ ماءُ جي دل شفيق، مهربان ۽ پاٻوهه سان ٽُٻٽار هوندي آهي ۽ ماءُ ئي پنهنجن ٻچن جي اهنجن کي، ڪنهن به حالت ۾ برداشت ڪرڻ جي سختيءَ سهي نه سگهندي آهي، هن هڪ وار وري ٻارن ڏي ڏٺو، دانهون، ڪُوڪُون، بُک ۽ مِينهن، گهر ۾ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه!!.
ٻنيون ٻارا جل ٿل، تر، پاڙا، تعلقا، ضلعا، آسو پاسو پاڻي ئي پاڻي!!، مزدوريءَ بند، ڪم ڪار سڀ خلاص ڄڻ زندگي راڪاس!!.
هن ٻيهر ڪنڌ ڦيري گهر واريءَ ڏي ڏٺو، جوڻس جون نظرون سندس هٿن ۾ ۽ سندس هٿن ۾ فقط پُراڻي زنگيل ڪٽيل ننڍي ڳن واري ننڍي لُنڊي ڪُهاڙيءَ!!.
جوڻس اکيون مٿي کنيون، هن جون نگاهون سندس نگاهن سان ٽڪرايون، هن کي لڳو ڄڻ سندس هانءُ ڦاٽي پوندو نه ته پڪ زالهنس جو هينيانءُ ڦاٽي پوندو!.
اُن کان اڳ جو برسات جي سٽيل غريب جي جُهريل جهُوپڙي ۾ ڪو غريب هانءُ ڦاٽي پوي هُوءُ انهن ئي پيرن تي پوئتي وريو، ڪچو اڱڻ سمورو گپ چِڪ جنهن ۾ گِرچڪ گِرچڪ ڪندو هُوءُ هليو آيو گهِٽيءَ تائين.
هيٺ گهِٽيءَ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي ۽ گهِٽيءَ جي مُهڙ ۾ پيل وٿاڻ جي ڀاڻ انهيءَ گوڏي جيڏي بيٺل پاڻي کي اهڙو رنگ بخشيو ڄڻ ڪوڪا ڪولا واري بوتل جو تلاءُ!!.
هُن ور کنيا ۽ گهٽيءَ ۾ ڪاهي پيو، ڪُهاڙي هٿ ۾ شڙپاڪ شڙپاڪ ڪندو پاڻيءَ مان روڊ تائين ڪاهي آيو. گهر جي ڇپر مان سندس واپس ورڻ زخمي شينهن وانگر هو، جوڻس ڄاتو ٿي هاڻ هُوءَ خالي هٿين نه موٽندو ۽ اويل سويل نه ته به سانجهيءَ ٽاڻي ضرور سرلاءُ ٿيندو، اهڙيءَ سُڻڪ ٿيندي ئي هُوءَ روئندڙ ٻارن کي پرچائڻ ويٺي ۽ ٻارن کي آٿتون ڏيندي سندس اکين جا بند ڀڄي پيا.
روڊ تي رسي هن دم پٽيو، ڪا گهڙيءَ پنهنجي مُنهن بيٺو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ وڏيري ڀورل ڏي لنگهي ويو، عرض ڪيائين، ايلاز ڪيائين، منٿ ميڙ پر وريو ڪجهه به ڪين!!.
هي چئي مزدوري ڏي ڪائي، وڏيري جو چوڻ ڪوئي ڪم ناهي، ٻنيون ٻارا تار لڳا پيا آهن ڪم جي مُند ئي ناهي.
ايلاز، پِٽڪا، مِنٿون ۽ پوءِ ميارون پر سڀ ڪجهه بيڪار!، خالي هٿين وري موٽيو، گهر ڏي نه پر ڪنهن ٻي واهه.
سڄو ڏينهن ڀٽڪي ڀٽڪي گذري ويس نه صبح ڏٺائين نه ساهه پٽيائين، ڪائي مزدوري نه ملي، نه ڪٿان ڪنهن اوڌر جي اميد سُرهائي بڻي.
مامي وٽ آيو ٻن ڇڙٻن ڇِني وڌس پر ڪُڇيو ڪجهه به ڪين، مامي ڀُونءَ ڀُونءَ ڪيس ڀڳو چاچي ڏي؛ “چاچا او چاچا............ منهنجا ٻچا ٽِن ڏينهن کان بُک تي ويٺا آهن!!.”
“لنگهڻ مرو ٿا ته پوءِ مان ڇا ڪيان؟؟.”، هڪ رهڙ هزار رهنڊن کي جنم ڏنو، چانهه جي ڇارڻيءَ جيئان ٽُنگ ٽُنگ ٿي پيو، من پروڻ واپس وريو، جوڻس جو رت ڳاڙيندڙ اکيون هُري آيس، ٻارن جون دانهون درد بڻجي پيس، سوچن ۾ گُم، دردن ۾ دفن، هر قدم اڳتي نه ڄڻ زمين جي تهن ۾، قبر جي اونهائين ۾!!.
ڪنهن ٻانهن کان جهليس ته ڇرڪي پيو، يار سُڃاڻي ٿڌو ساهه ڀريائين، اکر ڪو اُڪلي نه سگهيو، دوست چيس؛ “من ملول ڇو آهين؟”.
ڀانيائين دوست درد ٿو اُکيلي............... لڳس هينگون ڪري روئي پوندو پر نه رُنو نه، خالي هٿين خالي اکيين گُلوءَ کي ڏسڻ لڳو.
“ٻچا پيٽ بُکيا اٿئي؟؟.”، سوال جنهن سندس دل ۾ ڌڪ هنيو پر وري به ڪُڇيو ڪجهه به ڪين!، ڪنڌ ڪي پل هيٺ ته ڪي پل آسمان ڏي ۽ مياري اکيون بادل ۾!!.
بادل چوي ٻوڙيندس توکي، هِن جي نگاهه جو جواب؛ جِيئڻ جا جتن ڪندس مان!!.
“من...............!!.”، گُلوءَ جو آواز ڄڻ پاتال مان ڪهيءَ ايندڙ.
“من دل نه لاهه هي وقت به گُذري ويندو!.”.
“گُذرڻ کان ته وقت سڄو ئي گُذري ويندو پر هي درد...........!!”، کن رکي هن چيو؛ “پر هي درد ڀي گُذري وڃي ته........ ڪاش درد دفن ڪري سگهجن ها!.”
“ايڏو مايوس نه ٿِبو آهي!.”، آٿت ڏيندي همدردي مان گُلو چيو؛ “مٺا هي ڏينهن به گُذري ئي ويندا.”
“ڏينهن گُذرڻ کان پهرين شال هي مِينهن گُذري وڃن!.”
“من اڄ مِينهن اچڻ کان پهرين تون سيٺ رفيق جي پيڊهي تي وڃ!”، گُلو چيس؛ “سندس پُٽ مختيارڪار آهي ٻُڌو آ سرڪاري امداد جي ٽرڪ اچي ٿي اتي، خالي هٿين ته نه موٽندين!.”
“سرڪاري امداد جي ٽرڪ!!.”، هن تجسس مان چيو.
“ها من........ ڀُڻڪا واڪا ته نه ڪر!.”.
“پر اِهو ته.............
“بس تون وڃ اتي ٻه چار ٿيلها ورهائيندا.”.
“ٻه چار ٿيلها؟؟.”.
“ها من ٻيو سيٺ پاڻ ورهائيندو بعد ۾!!.”.
مرندڙ آس جي آخري هڏڪيءَ، آخري سُڏڪو، آخري ڪرڻو ۽ وِک تِکيءَ، منزل سيٺ رفيق جي پيڊهيءَ جيڏانهن هن جا کڄندڙ تڪڙا قدم.
مولوءَ اتي جهٽ اچي پُڳو آ پر اُت ڪچهريون، کِجڪا، چانهه بسڪيٽ ۽ بوتلون، ٽهڪن ڀوڳن جون چلولايون، سيٺ، سيٺ جو ڪامورو پُٽ ۽ سيٺ ۽ سرڪار جو ڳٺ جوڙ!.
“ٽرڪ پيڊهي تي نه گودام تي موڪلرائين ها؟”، سيٺ جا کٽا ڏند بکيا ٿي، مولوءَ ڄڻ ننڊ مان جاڳي پيو.
“گودام تي ئي موڪلي اٿم.”، ڪامورڪو ڪوڙهيءَ پيٽ جنهن اوڳرائي ڏني؛ “پُڄي به وئي هوندي.”.
“او ڇورا..............!!.”، سيٺ جو بي ڍنگو سڏ؛ “ٻُڌ سامان خيال ۽ ڌيان سان گودام تي لهرائي وڃ.”.
“جي سائين”، نوڪر جو با ادب جواب.
“جي سائين جا پُٽ ڪا به لاپرواهيءَ نه ڪجانءِ!.”، بي اعتباري جي سُڻڪ؛ “اڳي ئي وٺ وٺان لڳي پئي آ، متان احتياط ڪرڻ ئي وسري وڃئي......!!.”.
“نه سائين اڳي ڪڏهن ڀلا ائين ٿيو آهي؟؟.”، نوڪر جي وفاداريءَ واري وراڻي، پُڇ جي لوڏ ڄڻ خوشامد.
“ها ٺيڪ آ هاڻ وڃ سِگهو ۽ جلدي جلدي ٿي وڃڻ گهرجي سڀ ڪجهه.”، ايترو چئي سيٺ هوريان ڀُڻڪو ڪيو؛ “بُک ٿي مُلڪ ۾ واڪا ڪري!.”.
“ها سائين ها............ بي اونا رهو”، چئي سيٺ جو خاص نوڪر گودام ڏانهن ٿيو روانو.
مولوءَ جو من ملول، دل ۾ ڪروڌ ۽ لُنڊي ڪُهاڙيءَ جو ننڍو ڳن ڪمزور هٿن ۾ سوگهو!!.
مولوءَ کي ڪي پل سوچون ورائي ويون ته ورهائڻ لاءِ آيل امداد گودام ۾ ڇو؟؟، هُوءَ ڪي پل ڪهاڙي پڪڙيو ائين سوچيندو رهيو ۽ پوءِ قدم کنيائين سندس وِک گودام ڏي هئي.
گودام وٽ گپ چِڪ ۽ سوڙاڻ هئي سو پرڀرو گودام کان روڊ تي ئي ٽرڪ بيهاري سيٺ جي نوڪر ٻه ٻِيا نوڪر ساڻ ڪري امدادي ٿيلها کڻائڻ شروع ڪيا. ڪائي گهڙيءَ سوچ جي سير ۾ لُڙهندي چڙهندي مولوءَ من ٿي ٺاريو ۽ پوءِ اوٽ ۽ اوٽن اوٽن ۾ ٽرڪ جي ويجهو ۽ پوءِ سيٺ جي هڪ گُماشتي جي ڪنڌ تان جهڙپ ڏئي هڪ ٿيلهو ڇِنڻ ۽ مولوءَ جي لُوهه.............!!!.
پُٺيان رڙ، رانڀاٽ ۽ هڪل نه ويندي نه ويندي پر بُک ۽ بيوسيءَ جي ڀاڄ باهه کان تکيءَ، هڪ ٻِن پُٺيان ڊوڙ به پاتي پر پُڳو ڪوئي به نه، اڌ تان ئي موٽيا سڀ سهڪي سهڪي!!.
ڪنهن ساک کئني ۽ گواهيءَ ڏني، ڪنهن سُڃاتو ۽ پڪ ڪئي.
پر مولوءَ سانجهيءَ ويلي ولوڙيل پاڻي مان شڙپاڪ شڙپاڪ ڪندو گهر پُهتو، ڇپر ته اڃان ڀي ٽِميو ٿي پئي پر اکيون خُشڪ ٿي پيون هُيون، جوڻس مُرڪي کائنس اهو ٿيلهو ورتو، ٻارن هوڪرا ڪيا پر جهٽ ماٺ ٿي ويا، ٽِن ڏينهن جي بُک ٻارن کي وڌيڪ هُل ڪرڻ ئي نه ڏنو ۽ هن ٿڌو ساهه کنيو.
سانجهيءَ سُرهائي ٿي ۽ رت هاڻين اکين بيوسيءَ جي آڳ اُجهائي جوت جلائي، چُلهه ٻري ته ماني به پچي پئي ۽ ٻارن کيٽو شروع ڪيو، نيٺ اڳ پوءِ جي رِيس به لڳي، آليون ڪاٺيون ۽ دُونهون پر دير سوير ڳڀو ٻارن جي وات آيو، ساهه سُڌير ٿيو، مولوءَ پهريون گِرهه ڀڳو ۽ ٻاهران اوچتي سڏ سڀن کي ڇرڪائي وڌو ڇو ته سڏ اوپرو هُيو پر مولوءَ مُرڪي اٿيو، هن جو مُرڪڻ ۽ ونيءَ ٻانهن مان جهلي بيهي رهيس، هن زال جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتا ۽ سندس اکين ۾ نهارڻ لڳو.
هٿ هٿن جي مٿان ۽ اکيون اکين ۾.
هٿن جي هٿن کي آٿت دل جو وڏو ڀرمان هوندي آهي ۽ اکين جا انجام ڪوڙا نه هوندا آهن.
هِن جي هٿن جي هلڪي دٻاءُ ۽ اکين جي هائو زالهنس جي دل کي ڀروسو ڏنو ۽ جوڻس پنهنجا هٿ ڍلا ڪيا ته مولوءَ جا هٿ هٿن مان ڇڏائجي ويا ۽ هي ساڳيي پاڻي مان ور کڻي ٻاهر هليو آيو.
هي ٻاهر آيو سامهون سپاهيءَ، ڪارندا، صوبيدار ۽ سيٺ رفيق!!.
مولوءَ سلام ورايو پر سلام دُعا نه سوال جواب ۽ پُڇائون هن جو اڳ جهلي بيهي رهيون پر مولوءَ هڪ ئي جواب ڏنو؛ “امداد واري سامان تي منهنجو حق هو، مُنهنجا ٻچا ٽِن ڏينهن کان...........................
اقرار جُرم کان پوءِ ڪنهن جاچ جي آخر گُنجائش ئي ڪهڙيءَ؟؟
چور ٻڌجي پيو، چور جي گرفتاري، ڀُونڊا، بُجا، ڪي مُڪون، لتون ۽ ٿُڏا، سٽڪا، ڪُٽڪا ۽ گهِل گهِلان..................
لاڪ اپ جي گندي ڪوٺڙيءَ جنهن ۾ مولوءَ ماريل ڪُٽيل، مروڙيل ۽ منُجهيل بي سُرت ۽ بي سُڌ پيل......... ڪپڙا هنڌان هنڌان ڦاٽل، جهُريل، ليڙون ليڙون ۽ رت هاڻا.
برسات واري انهيءَ مُند ۾ ٻِئي ڏينهن هڪ خبر ريليز ٿي؛ “ڪُهاڙي برآمد، امداد جو سامان ڦُريندڙ ڦورو گرفتار!!!.”
ٻار اگهور ننڊ ۾ پر مولوءَ جي ونيءَ جي آس اکين ۾، بس هڪ روح تتل، ٻِيو چُلهه ٻريل باقي آڌيءَ رات ۽ ڦُڙ ڦُڙ اڱڻ تي، هر شئي پُسيل هر شئي آلي، ڀِڄيل منظر سڀ، هنڌ، وهاڻو، رلي ڀي آلي ته دل ڀي آلي ته اکيون ڀي آليون، ڇپر جو وري ٽِمڪو ۽ هُر کُر، پيڙاءُ، اذيت، لُڇ ۽ مولوءُ جي تانگهه!!.
مولوءَ جي ونيءَ پل اڱڻ تي، پل ڇپر ۾ ڇوته هٿن جي هٿن کي ڏنل آٿت دل لاءِ وڏو ڀرمان هوندي آهي ۽ اکين جا انجام ڪُوڙا ته نه هوندا آهن!!.
پر اڄ انجام ٻُڏا ٿي ۽ ڀرمان ٽُٽا ٿي، ڄڻ ڪي ارمان ٽُٽا ٿي!!.
ڪوئي کڙڪو، ڪوئي شپڪو ٻُڌڻ جي حسرت................ پر نه دل اُداس، بيحد اُداس، دُور دور تائين اونداهيءَ رات ۽ رات ۾ سواءِ برسات جي ٻِيو ڪجهه به نه..............
* * * * * * * * * * * *