اُڀر چنڊ پس پرين
”نيلي- مان آهيان اقبال ڇا تون مون کي بلڪل نٿي سڃاڻين؟“
”ها- پر اوهان ٻڌايو، تہ مون ۾ ڪھڙو ڪم اٿوَ؟“
”نيلي- مان اسلام آباد کان اقبال آيو آهيان. ڇا تون اڃا بہ ڪانہ ٿي سڃاڻين؟“
”اوھہ- اوهان آهيو!؟“ هن جو چھرو سڄو ٻھڪي اٿيو.
اکين ۾ جوت جرڪي پيس، گلابي ڀريل چپن تي مرڪ مڙي آيس. ڀريل ڀريل ڳلن ۾ چگهہ پوڻ لڳس. جن کيس وڌيڪ حسين بڻائي ڇڏيو.
”هاڻي تہ سڃاتئي نہ؟ تو تہ مون کي ڊيڄاري ڇڏيو هو.“
”اوهان کي ڀلا ڪيئن نہ سڃاڻندس. منھنجي حياتيءَ جا مالڪ“ پويان لفظ هن چيا ڪونہ هئا پر بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئا.
”نيلي مان هوٽل ۾ رهيل آهيان، مون سان گڏ هلين تہ ڀلي هل، جي نہ تہ پوءِ اچجانءِ.“
مان وڃي بس اسٽاپ تي بيٺس. مان ڄاڻي واڻي هڪڙي بس ۾ نہ چڙهيس، ٻيءَ ۾ بہ نہ چڙهيس ۽ ٽين بہ هلي وئي، پر هوءَ ڪانہ آئي. مان پوءِ ٿڪل ٿڪل قدمن سان هوٽل تي اچي پھتس. هن چيو تہ ائين هو:
”توهان هلو مان اچان ٿي.“ پر آئي ڪافي دير کان پوءِ، هوٽل جون چار پنج ڏاڪڻيون چڙهي جڏهن هن در کي هلڪي انداز ۾ کڙڪايو، مان ان وقت ئي اٿي در کوليو. منجهند جا ٻہ وڳا هئا، ڪمري ۾ پلنگ هڪ ڪٻٽ ۽ ٻہ ڪرسيون، ٽيبل تي وسڪي پئي هئي، هڪ جڳ ۽ ٻہ گلاس باقي ڪمري ۾ هر شيءِ وکريل.
”ٿڪجي پئي آهين؟“
”ها- پر تنھنجي ڏٺئي سڀ ٿڪ لھي ويا.“ اهو پويون جملو هن چيو ڪونہ هو، پر مون هن جي اکين منجهان لياڪا پائيندڙ اڪير منجهان سمجهي ورتو.
”ڇا کائيندينءَ؟ ڇا پيئندينءَ؟ سڌو يونيورسٽيءَ کان پئي اچين نہ؟ تو ڪجهہ کاڌو بہ تہ نہ هوندو نہ؟ ۽ اس ڪيڏي تيز آهي، اڃ بہ تہ توکي لڳي هوندي نہ؟“ مون گهنٽي وڄائڻ لاءِ بٽڻ دٻايو، بيري کي ماني آڻڻ لاءِ چيو. مانيءَ سان گڏ ٿڌو پاڻي هو پاڻ ٽيبل تي رکي ويو. ان وچ ۾ مان اندر وهنجڻ ويس ۽ جڏهن غسلخاني کان ٻاهر آيس تہ ڪمري جي هر وکريل شيءِ سليقي سان پنھنجي پنھنجي جاءِ تي پئي هئي.
”اڙي هي ڪمري کي ڪنھن سون ورنو ڪري ڇڏيو آهي...؟“
”تنھنجو ذهن ايترو وکريل آهي اقبال“.
”تو ڪيئن ڄاتو؟“
”تنھنجي ڪمري ۾ هر وکريل شيءِ ان جي گواهي ٿي ڏني.“
”ها- نيلي منھنجي جيون ۾ ڪنھن رنگ ناهن ڀريا.“
”مان جو ويٺي آهيان. تنھنجي جيون جي هر وکريل شيءِ کي ميڙي سيڙي ساھہ ۾ سانڍڻ لاءِ.“ پر اهي لفظ بہ هن چيا ڪونہ ها، بعد ۾ خط ۾ لکي ڇڏيا هئائين ۽ ان وقت مون سندس روپ ريکائن منجهان محسوس ڪري ورتو هو.
”نيلي- تون هن ديس جي اصلوڪي سنڌي عورت لڳندي آهين، تنھنجي شڪل دراوڙي آهي نہ. موهن جي دڙي جي ڪائي مورتي لڳندي آهين.“
”ايڏا چاڙھہ تہ نہ ڏي.“
هوءَ مون کي ڪيڏو ڀائيندي هئي پر هوءَ منھنجي حياتيءَ ۾ اچي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ تہ مان پرڻيل هوس. هوءَ ڪيڏي نہ بدنصيب عورت هئي. هن جو پريمي ڪنھن ٻي عورت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هو ۽ ان جي هن کي خبر نہ هئي. هوءَ مستيءَ ۾ جهومندي هئي جڏهن مون کي ڏسندي هئي.
”نيلي- توکي خبر آهي مان پرڻيل آهيان؟ نيلي تون ٻڌين ٿي نہ- مان پرڻيل آهيانءِ.“
هوءَ ڳچ وقت چپ رهي. هن جي ٻانھن کان پڪڙي ٿورو پلنگ کان هيٺ جُهڪائي ڌونڌاڙيندي چيومانس.
”مٺي تون ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين.“ هن جي اکين منجهان ٻہ ڳوڙها ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا. هن وڌيڪ ڪجهہ بہ نہ ڳالھايو. ”نيلي اها شادي منھنجي مرضيءَ جي ٿيل ڪانھي، منھنجي سؤٽ آهي ۽ ننڍي لاءِ مڱ بہ. مائٽن مجبور ڪيو ۽ شادي ڪري ڇڏيم، بس عيد تي ڳوٺ ويندو آهيان ۽ چانھہ جو ڪوپ پِي ايندو آهيان. امان ڪاوڙبي آهي تہ توکي گهر جو ذرو بہ خيال ڪونھي؟“
”ڪڏهن شادي ڪيئي....؟“
”سال ڏيڍ کن گذريو آهي.“ هوءَ وري ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
”ڇا پئي سوچين؟“
”ڪجهہ نہ.“
”پوءِ ائين چپ ڇو ٿي وئي آهين؟“
”سالن کان خط، پيار سان ٽمٽار خط تہ هيءُ شخص مون کي لکندو رهيو آهي ۽ شادي سؤٽ سان ڪري ڇڏيائين واھہ ڙي ٻروچ تنھنجو پيار؟“ مون ۾ ڪھڙي گهٽتائي هئي، سونھن جي، يا پيار جي، يا سوچن جي يا مان تنھنجي اها سار سنڀال نہ ڪيان ها.“ هن وڌيڪ بہ نہ ڳالھايو. ”مون کي هن منجهان اولاد بہ ڪونھي.“
”سوبہ ٿي ويندو ئي- ڳڻتي ڇو ٿو ڪرين،“ ڳوڙها هن جي اکين منجهان وري ڳڙيا ۽ ڳلن تي وهي هليا.
”ڏيڍ ٻہ سال گذريا آهن، اڃا تہ ڪونہ ٿو ٿئي ٻار- مون ليڊي ڊاڪٽر کان چيڪ بہ ڪرايو اٿمانس. انھيءَ جو چوڻ آهي تہ هينئر هن ۾ ٻار ڄڻڻ جي ڪابہ Capacity ڪانھي ۽ نہ ڪا اڳتي ئي ڪا اميد آهي.“
گهڙي پل رکي مون وري ڳالھايو:
”امان چوندي آهي- پٽ ٻي شادي ڪر- نہ تہ تنھنجو نالو نشان مٽجي ويندو.“ ۽ مان امان کي چوندو آهيان:
”امان ڪھڙو ٿو فرق پوي مان اڳ ڪڏهن آباد آهيان جو هينئر پنھنجي برباديءَ جو ڏک ٿيندم ۽ ان ۾ ڀلا هن غريب جو ڪھڙو ڏوھہ؟“
”چوين تہ سچ ٿو“.
”نيلي- هينئر مان ٻہ- واٽي تي بيٺل آهيان. هڪ زال آهي، سا بہ پياري اٿم ۽ تون آهين. منھنجي اندر ۾ جنگ هلي رهي آهي، توکي بہ ڇڏي نٿو سگهان ۽ پنھنجو بہ نٿو ڪري سگهان ۽ هڪ ٽين عورت بہ آهي، اها منھنجي سيڪريٽري آهي. هوءَ منھنجو بہ ڏاڍو خيال رکندي آهي ۽ جڏهن تنھنجا خط اچڻ بند ٿي ويندا آهن، تڏهن ڏوراپي ڀري ٽوڪ ڪندي آهي، چوندي آهي:
”کیوں- کیا بات ہے بڑی مدت سے اب وہ نیلے گلابی رنگ کے لفافے آنا بند ہوگئے ہیں؟ کیوں کسی نے بھلا دیا کیا؟“
”پوءِ- تون ڪھڙو جواب ڏيندو آهين؟“
”مان- ڀلا ڪھڙو جواب ڏيانس، کلي ماٺ ٿي ويندو آهيان. مون کي ڪھڙي خبر تہ تون اچانڪ خط لکڻ بند ڪري ڇو ڇڏيندي آهين؟“
”ڪڏهن ڪڏهن احساس ٿيندو اٿم تہ ڄڻ مان تنھنجي زبردستي گلي پيو، اهو احساس مون کي روڪيندو آهي خط لکڻ کان. نہ تہ منھنجي دل چوندي آهي توکي روز هڪ خط لکان. هڪ تہ ڇا پر الائي ڪيترا خط ڏينھن ۾ لکانءِ.“
”توکي- اهو احساس ڇو ٿيندو آهي....؟“
”ان ڪري جو تون ٻين عورتن جون ڳالھيون ڏاڍي چاھہ منجهان ڪندو آهين.“
”نہ- نيلي ائين ڪونھي. مان مرد آهيان ۽ تون مون کان هزارين ميل پري، بس وقت ڪٽيءَ جي ڳالھہ آهي. ڪڏهن ڪڏهن چانھہ جو ڪوپ پِي ويندو آهيان، زال بہ تہ ڳوٺ ٿي رهي نہ.“
”پوءِ ان کي پاڻ سان گڏ ڇو ڪونہ ٿو رهائين؟“
”ان کي گڏ رهائڻ تي دل نٿي چئي. ڪھڙيون ڳالھيون ڪندس ان سان؟ رڳو ميلاپ ئي تہ سڀ ڪجهہ ناهي نہ.“
”هوءَ توسان پيار بہ تہ ڪندي آهي؟“
”اقبال- ڀائيندي آهيان ڄڻ تنھنجو منھنجو جنم جنم جو ناتو آهي، جيڪو ڪڏهن ٽٽڻو ناهي. تون بہ ڀلي جڳ رُلي ڏس ۽ مان بہ. پر وري وري اسان هڪٻئي کي پٺتي مڙي نھارينداسين. مون کي لڳندو آهي، تہ تون راڻي جو ٻيو جنم آهين ۽ مان.....“
”تون- نيلي مومل جو ٻيو جنم آهين.“
”پريت ڪجي تہ پنھنجن سان، نيلي ڌارين سان ڪھڙو سڱ سياڪو....؟ هونءَ تہ هوءَ سٺي آهي پر ڌاري آهي. ڀلا هن سان ڪھڙا ڏک سک ونڊي سگهبا. نہ هوءَ لطيف کي سمجهي سگهي، نہ پنھنجي قوم جي پيڙائن ۽ ڀوڳنائن کي ۽ مان شعور رکندڙ، انسانن جي Misriesکي محسوس ڪندڙ ۽ انھن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي پوري پوري سگهہ ۽ چاهنا رکندڙ تو منجهہ اهو سڀ ڪجهہ آهي جيڪو مون کي گهرجي مٺي، پر توکي بہ پنھنجو ڪرڻ جو سوچان ٿو تہ ڏڪيو وڃان، مان هن کي ايڏو ڏک ڪيئن ڏئي سگهندس؟“
”پوءِ نہ ڏينس نہ ڏک ڇو ٿو ڏينس؟“
”نہ مٺي- مان هن سان ڪھڙيون ڳالھيون ڪندس؟“
“هوءَ- تو سان پيار بہ تہ ڪندي آهي نہ.“
”ها- ڪندي آهي، پر پوءِ بہ الائي ڇو اڃايل اڃايل رڻ ۾ پيو ڀٽڪان.“
”نيلي- توکي ڏک ناهي ٿيندو جڏهن ٻين عورتن سان ماڻيل پيار جون تو سان ڳالھيون ڪندو آهيان....؟“
”ٿيندو آهي-“
”پوءِ، تون مو ن کي ڇڏي ڇو ڪونہ ٿي ڏين؟“
”نہ- سڄڻ پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا ۽ هونءَ بہ دل هوندي آهي تہ تون حياتيءَ جي هر پل ۾ امرت ماڻين پر پوءِ بہ مون کي سارين. هر عورت ۾ مون کي ڳولھين ۽ سدائين اڃايل رهين. اها اڃ تنھنجي تڏهن مٽبي جڏهن مون سان سنجوڳ ڪرين. پيار ونڊين ۽ مو ن سان نہ ٽٽندڙ ڳالھيون ڪندو رهين. تنھنجي اها اڃ تڏهن مٽبي جڏهن مون سان حياتي جا پل گهارين- منھنجو پيار توکي ڌرتيءَ جي ڪشش جيان مون سان هر پل ۽ هر هنڌ جڪڙيندو رهي.“
”مان ڀلا هاڻي هلان ٿي ڳوٺ، وقت گذري ويو آهي. پويان هو مون کي ڏاڍو ياد ڪنديون هونديون.“
”توکي ڇڏڻ تي دل تہ نٿي چئي پر تون ڇا ائين ئي هلي ويندين؟“ جڏهن هوءَ اٿي بيٺي تہ مان هن جي سامھون بيھندي هن جي چيلھہ ۾ هٿ وجهندي هن کي پاڻ ڏي سوريم. ”بس مٺي ائين ئي هلي ويندينءَ؟ بنا ڪجهہ ڏيڻ وٺڻ جي. بنا پريت ونڊڻ جي.....؟“
”ڏس اقبال، تنگ ڇو ٿو ڪرين؟“ هن منھنجي ڪلھن تي پنھنجا ٻئي هٿ رکندي چيو.
”نہ مٺي- مان توکي ائين نہ وڃڻ ڏيندس.“ مون هن کي وڌيڪ پاڻ سان لائيندي چيو.
”ڏس نہ- تون هاڻي مون کي تنگ ٿو ڪرين.“ هن ٻانھن جو ڪراس ٺاهيندي پنھنجي ۽ منھنجي وچ ۾ ويڇو وڇائيندي چيو.
”مان ٿو توکي تنگ ڪريان يا تون مون کي تنگ ڪرين؟“
”مان- مان ڀلا توکي ڪيئن ٿي تنگ ڪريان.....؟“
هن ڪجهہ ڪجهہ وائڙي ٿيندي چيو.
”ائين ڪنھن کي سڪايل ڇڏي وڃڻ. تنگ ڪرڻ ئي تہ آهي. هيڏي روپ هوندي، هيڏي امرت ڀريل چپن هوندي. هنن نيڻ ڪٽورن هوندي اڃايل رهجي وڃان ۽ پوءِ بہ ٿي چوين تہ مان ٿو توکي تنگ ڪريان؟“ مون مرڪندي هن جي چپن جي امرت پيئندي چيو.
”ڏس اقبال تون اڃا بہ وڌيڪ تنگ ڪرڻ لڳو آهين. مون کي هاڻي وڃڻ ڏي، نہ تہ تنھنجون تقاضائون اڃا بہ وڌنديون وينديون.“
”چڱو مٺي هن ڀيري تہ وڃڻ ٿو ڏيان....“ تنھن کان پوءِ مون هن جي چيلھہ ۾ وڌل هٿ ڍلا ڪري ڇڏيا.
”توکي ائين ڇڏڻ تي دل تہ نٿي چئي پر تنھنجن ٻارڙين جي ڪري توکي ڇڏيان ٿو.“ ۽ پوءِ مان هن سان گڏجي هيٺ آيس. چوڻ لڳي: ”مون کي اڪيلي گهر ويندي ڊپ ٿو لڳي، تون بہ هل نہ مون سان گڏجي.“
”چڱو هل تہ ڀلا گڏجي هلون.“
”مون رڪشا واري کي هٿ ڏنو ۽ اسين ٻئي شھر کان ڏھہ ٻارنھن ميل پري سندس گهر تائين آياسين، رستي ۾ درياء پئي وهيو. وڻ ٽڻ پکڙيل هئا.
”گڏجي سفر ڪرڻ ۾ ڪيترو نہ سک ملي ٿو. ڪاش ائين جيون جي راهن تي بہ جيڪر گڏ هلي سگهون ها؟“
”ها- مٺي پر جي اڄ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو تہ ڏاڍو وڏو اسڪينڊل ٺھندو.“ اهو ٻڌي هن جو منھن لھي ويو. سندس چپن تان مرڪ غائب ٿي وئي. جيڪو مان ان وقت محسوس ڪري نہ سگهيس. ڀانيان ٿو انھيءَ جملي هن کي ڏاڍو ڏک ڏنو هوندو.
”اسين ٻئي سڄي قوم منجهہ ڄاتل سڃاتل آهيون، تہ ماڻھو الائي تہ ڪيتريون ڳالھيون ڪندا؟“
”تو کي ڪھڙي سڌ چريا، تہ تنھنجي ان جملي منھنجن ڪومل ڪومل ڀاونائن کي ڪيئن ڳڙڪائي ورتو هو. ان کان تہ گمنام هجون ها، گهٽ ۾ گهٽ کليءَ دل سان پريت تہ ڪري سگهون ها.“
Let me live unknown and unseen, let me die….. Let me die. So sweet death will never come again.
مان هن کي گهر اچڻ لاءِ بہ ڪانہ چئي سگهي هيس، ان لاءِ تہ مان پاڻ پرائي گهر ۾ رهيل هيس. موٽي اچي مون ڪمري ۾ ڪيترو رنو هو. ان جي ڪھڙي سڌ.....؟ ۽ تنھنجي واپس ويندڙ رڪشا کي ڏسندي رهيس، جيسين اها اکين منجهان غائب نہ ٿي ۽ بعد ۾ اڏامندڙ لٽ ۾ نھاريندي رهيس ۽ بعد ۾ آءٌ رنس، ڏاڍي رنس.
مان لکندو بہ هيس ۽ هڪڙي رسالي جو ايڊيٽر پڻ هيس. مون کي هند توڙي سنڌ جي سمورن سٺن ليکڪن جو سهڪار حاصل هو ۽ دنيا جي ٻين ٻولين منجهان سٺيون سٺيون ڪويتائون ۽ رچنائون مان ترجمو ڪري پنھنجي رسالي کي سونھن بخشي هئي. دوست چوندا هئا:
اڙي يار تون سچو انسان آهين نہ، ان ڪري جنھن بہ شيءِ کي ڇھندو آهين، تہ اها سون ٿي پوندي آهي.
گهنگهور گهٽائون آسمان تي پکڙجي ويون هيون. ورشا ٿيڻ واري هئي. اڄ ڪو ڏاڍو ياد اچي رهيو هو پر منھنجو پرين هزارين ميل پري مون کان بي خبر ڪيئن گهاريندو هوندو؟“ مان کيس ياد بہ هوندس يا نہ؟ وڇڙئي تہ هن کي سال گذري چڪا آهن. ان عرصي ۾ هو مون کي ڪٿي وساري تہ نہ ويٺو هوندو. آڪاش منڊل مٿان جڏهن سوين رنگ وکرندا آهن. گهنگهور گهٽائون وسڻ لڳنديون هيون، تڏهن هر شيءِ ڌوپي اڇي اجري ٿي پوندي هئي، ائين هن جي ياد منھنجي من ۾ نکري ايندي هئي ۽ وڄ جيان وراڪا ڏئي ور ور ڪري مون مٿان ڪرندي هئي. پل ڀر لاءِ روشني ڏئي گهرين اونداهين ۾ گم ڪري ويندي هئي. آھہ! هو مون کي ڪيڏو ياد ايندو آهي. آڪاش ۾ جڏهن ڪروڙين ديپ ٻري اٿندا هئا، تہ تون اچي من ۾ سمائجي ويندين هئين. تو مون کي هميشہ پاڻ کان پري رکيو، توکي ڪجهہ ياد آهي. مون توکي چيو هو تہ مان توسان گڏ ڪم ڪرڻ چاهيان ٿي. چاهي پاڻ وٽ نوڪرياڻي ڪري تہ بيھارين ۽ ڪجهہ ياد اٿئي تو ڪھڙو جواب ڏنو هو. مان ٿي توکي ياد ڏياريان، تو چيو هو تہ:
”تون هتي ڪٿي نوڪري ڪجانءِ. مان توکي ڪھڙي نوڪري ڏيندس....؟“ تون جي چاهين ها، تہ مان توکان ايڏو پري هلي نہ وڃان ها مون کي پاڻ کان ڪيترو پري ڪري ڇڏيو اٿئي.....؟؟
گهنگهور گهٽائون وري آسمان ۾ مڙي آيون هيون. گهٽائون هيون يا ڪنھن جي يادن جا پاڇولا جيڪي مون مٿان انڌڪار ۽ ڇانورو ڪري بيٺا هئا. منھنجون اکيون انھن کي اڳ وسڻ لڳيون هيون.
نيلي، جيڪا رولاڪ هئي، تنھن توکي سالن جا سال هينئين ۾ ساهن جيان سنڀاليو هو. تون ڇا ڄاڻين چري پيار منجهان.
هو هزارن ميلن تان ڪھي ايندو هو. منھنجي پريت هن کي ڇڪي وٺي ايندي هئي يا هو ايترو پيار ڪرڻ جي پاڻ منجهہ سگهہ رکندو هو. مون کي ڌرتي سڏيندو هو ۽ ٻروچ تہ ڌرتيءَ تي ساھہ ڇڏيندا آهن. هو چوندو هو:
”نيلي- تون سڀني جي پيار منجهان ويساھہ وڃائي ويٺي آهين؟ مردن جو پيار ايڏو ڪچو ناهي ٿيندو جيترو تون ان کي سمجهي ويٺي آهين، ۽ ها نيلي اهو ٻڌ تہ پيار ۾ شرط ناهن ٿيندا. نيلي ۽ گنگا.... گنگا ۽ نيلي، ٻنھي ۾ ورڇيل منھنجو ساھہ آهي. ڪيڏانھن وڃن هي ساهن جون هلڪيون تندون جيڪي ڪنھن کي سالن کان ساريندي پوءِ بہ نہ ٽٽيون هيون، نہ ڏکڻ هاري نيلي، ذري ذري تي رسي پوڻ واري نيلي، مون کان ڪڏهن بہ ڪانہ رُٺي هئي. چوندي هئي تہ:
”اقبال تون منھنجو مسيحا آهين. تنھنجو پيار مرهم آهي، جيڪا زخمن کي ٺاريندي آهي. گهايل من کي ٿڌاڻ بخشيندي آهي.“ مان بہ کيس کلي چوندو هوس تہ:
”مٺي ايڏا تہ چاڙھہ نہ ڏي.“
مان هر سال هن وٽ ويندو هوس ۽ هن کي پنھنجي آفيس منجهان وٺي اسين ٻئي گڏجي هوٽل ۾ ايندا هئاسين. گڏجي ماني کائيندا هئاسين، ڳالھيون ڪندا هئاسين ۽ گڏجي سمھندا هئاسين. مان هن کي پيار ڪندو هوس. ڏاڍو پيار ڪندو هوس ۽ پيار ماڻيندي ماڻيندي هوءَ چوندي هئي بس هاڻي ٿڪجي پئي آهيان دل ٿي ڪچي ٿئي، اهڙو پيار نہ ڪندو ڪر.“
”بس ايتري ۾ ٿڪجي پئي آهين؟ مان تہ اڃا ڪونہ ٿڪو آهين؟ ڀلا زور ڏيانءِ؟“ مان هن جي ساڻين ٽنگن کي زور ڏيڻ لڳس. ”نيلي، مون تہ ائين ڪڏهن پنھنجي زال کي بہ زور ناهن ڏنا.“
”پوءِ نہ ڏي، مان ٿي توکي زور ڏيان.“
”نہ مان ناهيان ٿَڪو.“ مان هن کي ڀر ۾ ليٽائي وري پيار ڪرڻ لڳس. سڄو هن مٿان ڇانئجي ويس، هن کي پاڻ سان جڪڙي الائي ڪيترو پيار ڪيومانس ۽ پوءِ اسين ٻئي اٿي ويٺاسين. هڪٻئي جي ڀر ۾ . ٻنھي جو ٽنگون پلنگ کان هيٺ لڙڪيل ۽ نگاهون سامھون.
”هي چوڙيون تہ ميڙي وٺ، هينئر منھنجو دوست اچڻ وارو آهي؟“
”لڪي لڪي پيار ڪرڻ ٿو چاهين، ڪڏهن اسڪينڊل کان ٿو ڊڄين، ڪڏهن زال کان ۽ ڪڏهن دوستن کان. ڪھڙي قسم جو ماڻھو آهين؟ ۽ ڪھڙي قسم جي آهي تنھنجي پريت؟ جيڪا وک وک تي ڊڄي ۽ ڊيڄاري ٿي.“ هن اهو سڀ ڪجهہ چيو ڪونہ پر سندس ڏوراپن ڀريل اکين منجهان مون اهو سڀ ڪجهہ سمجهي ورتو.
”مون توکي چيو هو نہ، تہ اڄ توکي وڃڻ ٿو ڏيانءِ. ڇڏڻ تي دل نہ ٿي چئي پر پوءِ ٻئي ڀيري.....“
”تہ چئبو اڄ اهي تو ڪسرون ڪڍيون.“
”توکي خبر آهي جڏهن مون کي ٿورڙو بہ غصو هوندو آهي نہ، تہ مان گهر جا الاهي سارا ٿانوَ ٺڪر ڀڃي ڀور ڪندو آهيان.“
”منھنجي گهر بہ اچي ڪڏهن ٿانوَ ڀڃ تہ ميڙي ميڙي ٿڪجي پوان، پوءِ بہ ڀڃندو وڃ. مون تي بہ تہ ڪڏهن ڪاوڙ ڪر نہ....“ ۽ وري مرڪي چوڻ لڳي: ”ايڏو ڪروڌي آهين. ڪٿي راڻي جو جوڻ مٽائي تہ ڪونہ آيو آهين...؟“
”مون کي ڪھڙي خبر تہ اها ڪاوڙ سچ پچ راڻي جيان عمر ڀرجي هوندي. مينڌري جيان وري بہ موٽ کائيندي ۽ مون کي بہ آخرڪار هڪ چتا سجائڻي پوندي. مومل تہ پل ڀر ۾ جلي رک ٿي وئي ۽ مون واري چتا جڳن جا جڳ هلندي جيستائين ساهن جو تندون سرير ۾ آهن. خير توکي ڪھڙو ڏوراپو ڏيان، قسمت ئي اهڙي ڪي ڪي ماڻھو ڪوجهي صورت کڻي پيدا ٿيندا آهن. مور جي عادتن مثل، ڪوئل جيان نپٽ نڀاڳا.“
هاڻي هيءُ هن کي ڪھڙو روڳ ڏئي هليو ويو، جيڪو وڃي ٿو ناسور بڻجندو، هيءُ ڪھڙو محشر برپا ٿيو، جنھن منھنجيءَ هن دل کي رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ اسين پنجن سالن کان وٺي هڪٻئي کي ڏسي بہ ڪونہ سگهياسين.
”نيلي، مان جو توکي بليڪ ميل ڪريان، تہ پوءِ؟“ مان هن سان چرچي ڪرڻ جي موڊ ۾ هيس.
”هونءَ تہ ڪنھن جي ڪمزورين کي بليڪ ميل ڪرڻ انتھائي ڪريل ۽ ذليل حرڪت آهي پر جي تون مون کي بليڪ ميل بہ کڻي ڪيو، تہ بہ مان دل ۾ ڪانہ ڪنديس. تون پيارو آهي نہ، تنھن ڪري توتان منھنجو خون بہ معاف آهي.“
”سچ“
”مان توکي پنھنجي ڪويتا ٻڌايان؟“
”ٻڌاءِ“
”دل سان ٻڌندينءَ.“
”ڇو ڪونہ؟“ اسين ان وقت ڀت سان رکيل ڪرسين تي ويٺل هئاسين.
”چڱو پريان هوءَ ڊائري مان کڻي اچان....؟“
”ڪويتا توکي ٻڌائڻي آهي ۽ ڊائري مان کڻي اچان...؟“
”چڱو کڻي وٺ مشڪري ڇڏ.“
”کڻي ٿي اچان وڙهين ڇو ٿو؟“
مان هن کي ڪويتا ٻڌائي بس ڪئي تہ چوڻ لڳي:
”تمام پياري، ڏاڍي سٺي ڪويتا رچي اٿئي.“
”بس ائين ئي دل رکڻ لاءِ ٿِي تعريف ڪرين نيلي؟“
”نہ تنھنجو قسم، سچ پچ بہ دل کي ڏاڍي وڻي آهي.“
”ڪوڙي. مان تنھنجو دوست آهيان نہ.“
”آهين، پر اهڙا لفظ ڇو چوندو آهين....“
”مٺي اهو لفظ تہ ٺيٺ سنڌي لفظ آهي ۽ ڏاڍو پيارو لفظ ۽ منشا سان ڀرپور....“
”ها آهي تہ سھي....“
اسان کي وڇڙئي پنج سال گذري چڪا هئا. مان سوچيو هو تہ هن سان شادي ڪندس ۽ پھرين رات ڏاڍي مار ڏيندومانس. سَنڌُ سَنڌُ ڪُٽي ساڻو ڪري رتو رت ڪري اڌ مئل ڪري ڇڏيندومانس، هن مون کي ڏاڍو ستايو هو. ڀؤنري جھڙي طبعيت هئي هن جي.
تہ، هي سوچيو هوم تہ شاديءَ جي پھرين رات تہ مان کانئس وسڪي گهرندس وسڪي ايتري تہ پيئندس جو پيئندي پيئندي ساھہ ڏيان. سڄي رات وسڪي پيئندي پيئندي ساھہ ڏيندس.
مون بہ هن کي جيڏو پيار ڪيو هو، اوڏو ستايو بہ تہ هومانس نہ. جيتوڻيڪ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڏوھہ نيلي جو هو. پر پوءِ مون کي بہ سوچڻ کپندو هو، تہ يارن سان ڪي ليکا ڪبا آهن ڇا؟ معاف ڪري ڇڏيانس ها. هر ڏوھہ کي معاف ڪري ڇڏيانس ها، پيار ۾ شرط نہ ٿيندا آهن، ان معيار تي تہ پورو لھان ها. عورتون تہ هزارين ملي وينديون. جڳن کان پوءِ مان هڪ مرد جي ان قول تي تہ پورو لھان ها. جڏهن تہ مان عورت جي آزادي جو وڏو حامي هوس. ڇڏيو مون هن کي هو- هن تہ ڪونہ ڇڏيو هو. مان ڇو روايتي غيرتمند مرد وارو ناٽڪ رچايو. سڀ ڏوھہ گناھہ معاف ڪري وڃي کيس سيني سان لايان ها. مان مرد هئس. منھنجي زنجير وڌيڪ ويڪري دائري ۾ مون کي چرڻ پرڻ جي آزادي ڏني هئي. هن مون کي وساريو تہ نہ هوندو! اها تہ مون کي پڪ آهي. ۽ وقت ڪٽي وارن کي ڪھڙي اهميت آهي؟ مان تہ هن جو مڙس هوس، ور هوس، مون کي هن جي ننڍين ننڍين غلطين کي معاف ڪري ڇڏڻ کپندو هو، نہ ڪي عام روايتي مردن جيان وير وٺڻ کپندو هو. هوءَ ڊنل ڊنل هئي هراسيل هئي تہ هن کي پنھنجي ٻانھن ۾ جڪڙي کيس هر خوف کان آزاد ڪرڻ کپندو هوم.
مان ڪھڙي قسم جو ماڻھو هوس. مان ڪھڙي قسم جو يار هوس ۽ ڪھڙي قسم جو مڙس، بس رڳو روايتي مرد هوس، ٺيڪ آهي هوءَ رولاڪ هئي تہ زنجيرن ۾ جڪڙي گهر ۾ اڇلايانس ها پوءِ سموريون ڪسرون ڪڍانس ها. مون هن کي ڌرتي سڏيو هو ۽ ڌرتي تہ ماءُ سمان هوندي آهي. پوءِ بہ مان هن کي ايڏو ذليل ڪيو. کيس ڪجهہ ڏئي نٿي سگهيس تہ ڏکويانس تہ نہ ها. هن جي دل تہ ڏسو جو پوءِ بہ مون کي وساري ڪانہ سگهي هئي. هوءَ مون کي ڪٿي ڳولھي ها؟ هوءَ عورت هئي مان ئي ٻہ پير ڀري وٽس وڃان ها. هوءَ تہ انڌيرن ۾ گم ٿيل هئي. مان ئي سندس هٿ پڪڙي شيتل چندرما جي ڪرڻن هيٺان آڻيانس ها. پيار ۾ ليکا ناهن ٿيندا، ان کي هڪ وار تہ سچ ثابت ڪريان ها، هڪ وار وڃي تہ ڏسان ها هن وٽ.
هن کي سھاري جي ضرورت هئي جيئن ڪنھن زخميل انسان زخمن کان چُور ٿيل انسان کي سھاري جي ضرورت هوندي آهي، ائين هن کي بہ منھنجي پيار ۽ آڌار جي ضرورت هئي ۽ موٽ ۾ مون هن کي وڌيڪ چھڪ ڏنا ۽ ڏياريا. مان ڪھڙي قسم جو دوست هئس هن جو؟ هن جڏهن مون سان ناتو جوڙيو هو تڏهن مان فقط ٽي سؤ رپيا پگهار کڻندو هوس. پوءِ مون هن کي سائي شڪار جو طعنو ڇو ڏياريو هو. جي قوم منجهہ مان سڃاتل هئس تہ هوءَ بہ سڃاتل هئي. اها ٻي ڳالھہ آهي تہ عورت هجڻ ناتي هن جي سڃاڻپ کي ڪا بہ اهميت نہ هئي ۽ مرد هجڻ جي ناتي منھنجي سڃاڻپ کي بي پناھہ قوت. سھاري جي ضرورت تہ هر انسان کي هوندي آهي خاص ڪري ڀٽڪيل انسان ۽ معاشري ۾ ڌڪاريل انسان کي تہ وڌيڪ هوندي آهي. پوءِ اهي طعنا مون هن کي ڇو ڏياريا، ايڏو ڪوڙو هوس مان؟ پنھنجي پيار سان تہ مان ڪوڙو نہ هوس، پر مون کي هن تي ڏاڍيون ڪاوڙيون هيون، اصل اڦٽ ماري ڇڏڻ جھڙيون. پوءِ کڻي ماري ڇڏيانس ها ۽ جيل هليو وڃان ها. آخر تہ مان مرد هئس. جيل کان ڊنس ڇو ٿي؟ پنھنجي پيار کي ڌرتي سڏي پوءِ ائين ڪروڙين انسانن هٿان ذليل ڪرڻ جو مون کي ڪھڙو ٿي حق رسيو. هوءَ بہ تہ آخر حياتي گهارڻ جو حق رکي سگهي ٿي. اهو حق هن کي ڇو ڦرڻ چاهيو ۽ ڦريو بہ اهڙي طريقي سان جو هو وڃي اونداهي غار ۾ ڪري ۽ انڌيرا هن جو مقدر بڻجي هن کي چئني طرفن کان وڪوڙي ويا. هن کي ائين اڇلڻ جو حق مون کي ڪنھن ڏنو....؟ ڪنھن ڏنو.....؟؟ دل گواهي ڏني، هن جي پيار.... ها نيليءَ جي پيار، جنھن ايڏو پيار ڏنو هو جو نٿو وساري سگهان. هن سان ماڻيل سنجوڳ جون گهڙيون ۽ ڏنل پيار، پيار سان مھڪندڙ خط بہ. رُسي ويل نيلي ڪڏهن تہ موٽ کاءُ، توکي ڏاڍو ساھہ ساري ٿو. اندر منجهان آواز آيو، نيلي توکان رٺل ڪانھي. هوءَ اڄ بہ توکي ايڏو پيار ڪري ٿي جيترو ڏھہ سال اڳ ڪندي هئي.
”ها تہ ڪوڙو نہ ٿي! پيار ۾ شرط نہ ٿيندا آهن. مون کي بہ تہ اهو ئي ڏسڻو آهي تہ پيار ۾ سچ بہ شرط ڪونہ ٿيندا آهن. ڀلا جي مان ڪڏهن تنھنجي سامھون درياء ۾ ڪِري پوان تہ مون کي بچائڻ لاءِ ايندين لھرن جي لوڏن ۾.“
”نہ مٺي، تو سان ڪھڙو ڪوڙ ڳالھايان مون کي زندگي مٺي آهي.“
”مون کي بہ وڌيڪ.“
”ها، پاڻ سان پيار اٿم تڏهن ئي تہ توسان بہ اٿم پوءِ حياتيءَ جو ڏيئو تولاءِ ڪونہ اجهائيندس.“
”سچ ٿو چوين.“
”ها مٺي توسان ننڍا ننڍا ڪوڙ تہ ڳالھائي ٿو سگهان پر ايڏو وڏو ڪوڙ ڪيئن ڳالھايان...؟“
”تو پاڻ کي بہ پورو ڪونھي سمجهيو پوءِ ڀلا مون کي ڪيئن سمجهي سگهندين؟ مان ٿي توکي ٻڌايان تہ جيڪڏهن ائين ٿئي تہ تون پنھنجي حياتيءَ جي پرواھہ ڪونہ ڪندين، اها مون کي پڪ آهي.“
”ايڏو ڀروسو اٿئي پنھنجي پيار تي، ايڏو گهمنڊ اٿئي منھنجي پيار تي.“
”اٿم- تڏهن ئي تہ اها هام هڻان ٿي.“
”اجايا دل کي ويٺي ڪوڙا آٿت ڏين.“
”چڱو اهو تہ وقت ٻڌائيندو تہ ڪنھن جي ڳالھہ وڌيڪ سچي آهي.“
”پر جي توکي منھنجي رت جي ضرورت پئي تہ آڪاش منڊل مٿان ڪاري گهٽا بڻجي سڄي ڌرتيءَ مٿان رت جي ورکا ڪندس. جو هي سڄو جڳ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو.“ اهي لفظ هن مون کي چيا ڪونہ پر مون هن جي سانت منجهان سمجهي ورتا.
”۽ پوءِ بہ چوين ٿو تہ تنھنجو مون سان پيار آهي. جنھن سان پريت ٿي ويندي آهي نہ، تہ پوءِ پريت ڪندڙ جو وڃي رڳو سرير بچندو آهي باقي پراڻ پکيئڙي جيان پرڙا ڪري اڏامي ويندا آهن ۽ ڪنھن جي سرير ۾ گهڙي، ان جي رت ۾ سمائجي ويندا آهن. جتي اهو ماڻھو اتي اهي پراڻ هوندا آهن. آتما ڀٽڪندي رهندي آهي هوائن منجهہ، گهٽائن منجهہ.
”چانڊوڪيءَ جي ڪرڻن ۾ ڪارين ڪارين اماس راتين جي انڌڪار منجهہ، سمنڊ جي هر ڦڙي ۾ هر لھر منجهہ سورج جي ڪرڻن منجهہ سڄي ڪائنات رولڙي ۾ اچي ويندي آهي. جڏهن ڪنھن جو روح راتين ۾ ڪنھن سان گڏ ڀٽڪندو آهي، اڙي چريا توکي ڪھڙي خبر تہ پريت ڇا کي چئبو آهي، توهان مردن وٽ تہ رڳو تارازي هوندي آهي، عورت جي سونھن، وفا، نيڪي ۽ بدي هڪ پڙ منجهہ ۽ ٻئي پڙ ۾ هوندا آهن- پرک جا وٽ. ڪاٿي هوندا آهن اوهان وٽ عورت سان پيار؟ اوهان کي پيار هوندو آهي، هن جي پاڪدامنيءَ سان. ٻين لفظن ۾ عورت جي منافقيءَ سان.“
”تون جو رولاڪ آهين- عياش آهين تڏهن ٿي هر عورت لاءِ اها راءِ ڏين.“
”رڳو مان ئي ڇو، پر پيارا جي ٿورو گهرو سوچيندين تہ توکي هر انسان اندر منجهہ ننگو لڳندو. مان بہ آخر هن ڌرتيءَ تي ڄائي آهيان. هن ڌرتيءَ جا ماڻھو مون کان لڪل تہ ڪونھن نہ. پنھنجي اوگهڙ کي لڪائڻ لاءِ منھنجو هڪڙو وڳو تو روڙي لاٿو تہ آهي پر اهو هڪڙو وڳو ڀلا ڪروڙين انسانن جي اندر ۾ ويٺل ننگي انسان جي اگهاڙپ لاءِ پورو تہ ڪونہ ايندو نہ؟“
ڏور کان ويٺي منھنجي سنگسار ٿيڻ جو تماشو ڏٺئي پر
ٻہ پير ڀري مون تائين رسي نہ سگهئين. آخر بہ تہ مرد آهين؟ تون جي منھنجي جاءِ تي بيٺل هجين ها تہ مان هن سنسار جا سڀ ٻنڌڻ ٽوڙي تو سان گڏ بيھي پٿر کاوان ها. ڪارين گهٽائن جيڪا رت جي ورشا پئي ڪئي، ان ۾ مان بہ تو سان گڏ بيھي رهان ها. اها تہ ڌرتي ماتا آهي جيڪا ڪروڙن انسانن جي پيرن هيٺان هوندي بہ ان اپائيندي آهي ۽ انسانن جي بک اڃ کي مٽائيندي آهي ۽ تن ڍڪيندي آهي پر خود اگهاڙي هوندي آهي.
اڄ منھنجي اکين ڪيترو نہ رنو هو. ڄڻ سانوڻ جون ڪاريون گهٽائون منھنجي روپ رکائن کي جڏهن جل ٿل ڪري ڇڏئيون تڏهن منھنجي آتما پرڙا ڪري اڏامي وئي. رڳو سرير بچيو. جنھن کي ڪٿي بہ سک نٿي مليو.
هيڪلاين منھنجي سرير کي آهستي آهستي ڳڙڪايو پئي. روح ۾ راڙو مچائيندڙ يادن جي جڪڙ وڃي ٿي مضبوط ٿيندي.
ماڻھن جي ڄڀي جڏهن باھہ جون ڄرون بڻجي منھنجي سرير کي ڀسم ٿي ڪيو تڏهن تون بہ پريان بيھي گلن اڇلڻ ۾ مگن هئين. ماڻھن جي ڄڀن جي ڄرن ايترو نہ ايذايو جيترو تنھنجي اڇلايل گلن گهاءَ ڏنا. ٻاروچل اڃا بہ مون کي ٿو ڏوراپا ڏين؟“
تون جڏهن ٻين عورتن ۽ زال جون ڳالھيون ڏاڍي اڪير منجهان ڪندو هئين تڏهن مان ان ڪڙاڻ کي بہ امرت سمجهي اندر ۾ اوتي ويندي هئس ۽ ٿڌو مٺڙو مٺڙو شيتل گنگا جو جل سرڪ سرڪ ڪري اندر ۾ لاهيندي ويس.... ۽ تو.... جڏهن تنھنجي پرک جو وارو آيو تہ مون کي اڪيلو ڪري ماريو ۽ مارايو.
نيليءَ جي پيار گناهن ۾ پناھہ وٺڻ ڏي تون ڀلي وڃي شرافت جي نقلي ٺيڪيدارن کي خوش ڪر..... نيليءَ کان نيليءَ جا گناھہ تہ نہ کس.... جيڪي نيليءَ جي هستيءَ جو حصو بڻجي چڪا آهن. تون وڃي راڄن کان پنھنجي بي رحميءَ جو داد وٺ. نيلي انڌي ٿي پئي آهي، تہ هن کي پنھنجي انڌي هجڻ تي ناز آهي. اکين وارن ۾ اها ساڃھہ ڪاٿي رهي آهي جو پنھنجن کي سڃاڻي سگهن.
اسان ڪرسين تي ڀر ۾ ويھي ڏاڍيون ڳالھيون ڪندا هئاسين. ڳالھيون ڪري ٿڪبا هئاسين، تہ وڃي پلنگ تي ليٽي پيار ڪندا هئاسين ۽ جڏهن پيار منجهان وقتي طور ڍاپجي ويندا هئاسين تہ پوءِ ڀر ۾ ليٽي سرٻاٽن ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳندا هئاسين.
شام جا جڏهن چار وڳا، تہ هوءَ منھنجي ڀر منجهان اٿي ۽ آئيني ۾ ڏسڻ لڳي. مان سندس پويان وڃي ڪلھن تي ٻانھون رکي بيٺس جو اسان ٻنھي جو عڪس آئيني ۾ گڏ گڏ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. هوءَ مون منجهہ نھاري شرارت منجهان مرڪڻ لڳي.
”پاڻ کي ڇو ٿو ڏسين؟“
”پاڻ کي پنھنجي اکين سان نہ تنھنجن اکين ۽ ذهن سان ٿي ڏسان...؟“
”منھنجي ذهن سان؟ اهو وري ڪيئن ۽ ڇو؟“
”ڏسان ٿِي مان کي ڪيترو وڻندو هوندين؟“ هن ڦڻي ڏيندي لڳاتار اکين منجهہ شرارت ڀريندي ترڇن نظرن سان ڏسندي چيو. پوءِ هن لپسٽڪ لڳائي ۽ اکين ۾ ڪجل ڀريو. مان کيس سورنھن سينگار ڪندي ڏسندو رهيس.
”هاڻي تہ من لڳي وئينءَ“
”ڏاڍي ٺيٺ ڳوٺاڻي سنڌي ڳالھائيندو آهين.“
”پوءِ سنڌي بہ آهيان ۽ ڳوٺاڻو به- تون بہ هنن ڪپڙن ۾ ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻي عورت ٿي لڳين.“
”پوءِ مان بہ تہ تو وانگر سنڌي ڳوٺاڻي عورت آهيان نہ.“ هوءَ وري نظرن ۾ شرارت ڀريندي مرڪڻ لڳي.
”مون کي هرکائين ٿي نظرن سان، تہ پوءِ ڪونہ ڇڏيندوسانءِ. ڀلي پويان تنھنجون ڌيئون رُئن، ڪڏهن وٺي تہ اچ انھن کي ڏسان تہ سھي تنھنجي Creation.“ مان هن کي پيار ڪندي چيو.
”جڏهن مان پنھنجو گهر ٺاهيو تڏهن اچي ڏسجان.“
”هتي ڪونہ وٺي ايندينءَ؟“
”هتي مان ئي الائي ڪيئن ساھہ سڪائي پوءِ پھچندي آهيان.“
”ڪنھن جو ڊپ لڳندو اٿئي.“
”پنھنجن ڏوراپن ڀريل اکين کان، ڪنھن تو جھڙي ماڻھوءَ کان.“
”ڪير آهي اهو...؟“
”آهي ڪوئي- ان کي ڏسندي آهيان تہ تون ياد اچي ويندو آهين.“
مان هميشہ جيان هن کي هيٺ ڇڏڻ هليس. هوءَ جڏهن رڪشا ۾ ويھي وڃڻ لڳي، تہ پوءِ ڳچ وقت تائين هوءَ مُڙي نھاريندي رهي. ان سانجهيءَ جو وقت هو مان پنھنجي دوست وٽ هليو ويس. هن جي يادن کي ساھہ ۾ سانڍي پٺتي موٽي وڃان ها تہ وڌيڪ ياد اچي ها.
”توکان تہ چند گهڙين لاءِ آيل عورتون بہ ناهن وسرنديون تہ پوءِ اسان تہ حياتيءَ جو ڳچ وقت گڏجي گهاريو هو، پوءِ رڳو اڌ ڪلاڪ جو دان بہ ڪونہ ڏئي سگهيس هيڏي ساري جيون مان....؟“
هڪ ڀيري هوءَ جڏهن مون وٽ آئي تہ مان کيس چيو تہ ”ٻين سان تہ ڪونہ گهمندي آهين نہ.“
”نہ- اتي ئي آهين جتي اوهان ڇڏيون، اکيون عبداللطيف چئي ماڳ نہ مٽائين.“
”الاءِ متان هندستاني گيت وانگر.“
اس دل کے ٹکڑے ہزار ہوئے کوئی یہاں گرا کوئی وہاں گرا!
پوءِ بہ دل جي هر ٽڪر منجهان تنھنجي خون جي مھڪ ايندي تہ اڄ نيليءَ ڪنھن کي قتل ڪيو آهي ۽ منھنجي ئي دل جا ٽڪرا منھنجا ويري بڻجي مون تي ئي ور ور ڪري وار ڪندا.... ۽ ٿيو بہ ائين ئي رولاڪ نيلي نہ رڳو پاڻ کي مٽايو پر منھنجي هستيءَ کي بہ مٽائيندي وئي ۽ پنھنجي پويان پنڌ پيچرا بہ لٽيون وئي. ڪٿي ڳولھيان ها هن رولاڪ نيليءَ کي.
هڪ ڏينھن جڏهن مان هن جي شھر آيس، تہ هوءَ مون سان ملڻ آئي، مان هوٽل ۾ ڪونہ هيس، تہ هوءَ منھنجي پويان دوست وٽ آئي، اتي مان ۽ ڪجهہ ٻيا يار ويٺا هئاسين، اسان ڪجهہ وقت ويھي، پوءِ وري واپس هوٽل آياسين. ڳالھين ڪندي، هوءَ چوڻ لڳي: ”هڪ ڏينھن مان رڌڻي ۾ بيٺي ماني پچائي، تہ ريڊئي تان آواز آيو، جيڪو ڪجهہ ڪجهہ سڃاتل پئي لڳم.“
”پوءِ- تو آواز ڪونہ سڃاتو؟“
”ڀانيان ٿي تنھنجو آواز هو. ريڊئي تان خبرون پئي پڙهيئي. نالو اڳ ۾ ئي News Reader ٻڌائي چڪو هو، ان وقت ڪجهہ گوڙ هو ۽ ننڍڙي سنڌيا رني پئي. تَنھنڪري نالو تہ ٻڌي نہ سگهيس، باقي خبرون سڀ ٻڌم. خبرن کان وڌيڪ تنھنجي آواز ٻڌڻ ۾ مگن هيس. ڀانيان ٿي تہ تنھنجو آواز هو.“
”مان ئي تہ هيس.“ مان هن تي ڪاوڙ ڪندي چيو. ”مان توکي ياد بہ هجان تہ آواز سڃاڻي سگهين ها.“
”سڃاتم تڏهن تہ توکي چوان ٿي، تہ تون ئي هئين نہ؟“
”ها- مان هيس.“
”ڪاوڙجي ويو آهين نہ؟“ هوءَ منھنجي اڳيان ٿورو جُهڪي بيٺي. ”پري ٿيءُ ۽ ايئن ڇو بيٺي آهين؟ سڌي ٿي بيھہ.“ اها منھنجي پھرين ڪاوڙ هئي هن مٿان.
ٻي ڪاوڙ مون کي هن تي تڏهن آئي جڏهن ڪافي عرصي کان پوءِ هن خط لکيو ۽ سو بہ مختصر. بس ٽي چار سٽون ئي هيون ۽ مخاطب ٿيڻ جو انداز اهڙو ڄڻ ڪنھن ڌارئي کي خط لکيو هجائين، مان بہ موٽ ۾ ايترو مختصر ۽ رُکو جواب ڏنومانس. جڏهن اسان وري هڪ ڀيرو ملياسين تہ ڀاڪر پائيندي چوڻ لڳي: ”اهڙو رُکو ۽ مختصر خط تو ڇو لکيو هو...؟“
”تو بہ ڏاڍو مٺڙو مٺڙو خط لکيو هو نہ؟ هيترن مھينن پڄاڻا خط لکيئي سو بہ اوپرن جيان. تڏهن مون کي توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي.“
”مون تہ ڊپ وچان توکي ائين خط لکيو هو، ڇاڪاڻ تہ سمجهيم پئي تہ تون مون کي وساري چڪو هوندين.“
”توکي مون کان ڊپ ڇو لڳندو آهي. مان ڪو توکي ڪھي ڇڏيندس ڇا؟“
”موت کان ڪير ٿو ڊڄي؟ مرڻو تہ هر ماڻھو کي آهي نہ؟ ۽ جي تون مارين تہ ڏاڍو چڱو- دل خوش ڪري ڇڏيندين.“
”پوءِ باقي ڪھڙو ڊپ اٿئي؟“
”تون متان مون کي وساري نہ ڇڏين، اهو ڊپ لڳندو اٿم.“
”اڙِي- چري توکي ڪٿي وساري سگهندس. مون کان تہ اهي عورتون بہ ناهن وسرنديون جيڪي وقت ڪٽڻ لاءِ گهرائيندو آهيان. تون تہ منھنجي پنھنجي آهين نہ....“ جهٽ رکي چيائين.
”تنھنجين ڪھاڻين ۾ ايتري ڪڙاڻ ڇو هوندي آهي؟“
”ڪھاڻي ٽن جذبن منجهان جڙندي آهي، هڪ تجربو ٻيو مشاهدو ۽ ٽيون Imagination، پوءِ جيڪي ڪجهہ مون هن ڌرتيءَ تي ڏٺو ۽ ٻڌو آهي؟ اهو ئي منھنجن ڪھاڻين ۾ بہ هوندو آهي ۽ ڪي ڪي جملا بس ائين ڪھاڻيءَ کي سونھن بخشڻ لاءِ لکندي آهيان، جيئن پڙهندڙ بور نہ ٿين.“
پوءِ اسين ڌار ٿي وياسين هن سان ملئي ڏينھن گذري ويا پر سندس ياد ائين تازي آهي ڄڻ ڪي ٿورڙا پل گذريا آهن.