وڍي جن وڌياس
اچ ٻاروچل اچ الا....
گهوريو وڇوڙو ٿو ماري.....
صالح اڳ ئي اوسيئڙي ۾ سندس راهن تي اکڙيون وڇائي ويٺو هو ۽ هيءَ هوريان هوريان هلندي اچي سندس ڀرسان ويٺي. ”اڙي هي ڇا.....“ ڪنڌ ورائي حاڪم کي جو پنھنجي ڀرسان ويٺل ڏٺائين تہ ڇرڪ نڪري ويس، ”ٻڌايئہ بہ ڪونہ تہ اچي وينءَ.“
”مون کي تنھنجي جهونگار ٿي وڻي. ايندي ئي ڏسي وٺين ها تہ پوءِ تنھنجي جهونگار ڪيئن ٻڌان ها.“
”چڱو هاڻي تون بہ تہ پنھنجي مٺڙي سُر ۾ ڪجهہ ٻڌاءِ نہ.“ صالح کيس ڀوڳن ۾ چيو.
”هت راڳ ڳائڻ آيا آهيون ڇا، تون بہ ڏاڍيان نہ ڳائيندو ڪر. ايڏو بي پرواھہ نہ ٿي، نہ تہ ...“
”اڄوڪي رات الائي ڇو وڻي پئي.“
”ها اڄ رات تہ مون کي بہ وڻي پئي.“
۽ پوءِ هو ائين ئي بيخبر، بي ڌيانا ٿيا ويٺا ڳالھائين، کلن ۽ خوش ٿين تان جو ذري گهٽ اچي ڀنڀرڪو ٿيو ۽ تڏهن ڇرڪ ڀري هڪٻئي کان ڌار ٿيا.
حاڪم وري پير پير ۾ پائيندي، ڊڄندي، ڏڪندي، پنھنجو پاڻ لڪائيندي، اچي نم هيٺان پنھنجي کٽ تي ستي. پر ايندي ئي سندس ماٽيلي ماءُ سڦوران کيس ڏسي ورتو. ٻي رات جو سڦوران پنھنجي مڙس جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا.
”سومر جا پيءُ، حاڪم کي هاڻي شينھن ڪلھي چاڙھہ. جوان وياءُ آهي، ٻيو تہ ڌيڻين جا پير پختا ڪونھن. خون ۽ خوشبوءِ ڪيترا ڏينھن لڪندا، اڄ نہ تہ سڀاڻ ڦاٽ ڦاٽندءِ. سڀاڻي ستن پيڙهين جي پڳ نہ لھرائي وجهئي، پوءِ ڪھڙي منھن سان راڄ ۾ رهنداسين.“
سوڍي هڪدم ڪن کنيا، ”ڇو خير تہ آهي نہ؟“
”خير وري ڪھڙو، ٻڏي مرڻ جھڙا ٿيا آهيون.“
”سو وري ڪيئن، کولي کڻي ڳالھہ ڪر رن.“
”ڊڄان ٿي ڪٿي ڇوريءَ کي ماري نہ وجهين، ڇوري وڃي کوھہ جي تري ۾ پوي، شينھن جھڙو مڙس ٽڪي جي ڇوڪريءَ جي ڪري نہ گهائجي وڃي.“
”هاڻي ڳالھہ کڻي ڪر، ڪين وجهان ڪھاڙيءَ ۾ هٿ.“
”حاڪم، صالح سان لڳل اٿئي. ڪالھہ رات ڇوري ساڻس ملي اصل ڀنڀرڪي مھل واپس آئي هئي.“
”چوين ڇا پئي؟“ سوڍي ڪاوڙ ۾ ڏڪندي چيو.
”ها، مان سچ ٿي چوان.“
سوڍي ڪھاڙيءَ ۾ هٿ وڌو.
”سومر جا پيءُ هوش ڪر. ڪسيرڪ ڇوريءَ جي ڪري تون ڇوٿو ڦاهيءَ چڙهين. ٻن ونين جا سھاڳ، جيئين سدائين، هت نہ مارينس، ڦاهي چڙهنداسين، شھر گهمائڻ جي بھاني وٺي وڃي ڪهجانس: هاڻي تہ ارڏائيءَ تان لھہ.“ سفوران دل ۾ چھڪندي همدردي ڪئي.
سوڍي ڳالھہ سمجهي کڻي چپ ڪئي.
مريم در جي چانئٺ مان بيٺي سڀ پئي ٻڌو. هن رئي جي پلاند سان ڳوڙها اگهيا ۽ ڌيءُ وٽ آئي. حاڪم گهري ننڊ ۾ اصل ٻنھي جهانن کان بيخبر ٿي ستي پئي هئي. ماڻس سندس نرڙ تي چمي ڏني.
’منھنجي مومل، مون توکي ان لاءِ بہ نہ ڄڻيو هو تہ سڦوران توکي ڪھائي.‘ مريم جي اکين مان ڳوڙها وهي حاڪم جي ڳلن تي ڪريا.
صبح جو جڏهن حاڪم کي ماڻس سفوران جي ڳالھہ ٻڌائي تہ حاڪم جي سڄي سرير ۾ زلزلو اچي ويو.
”امان، امان مون کي بچاءِ..... امان مون کي بچاءِ!“ حاڪم ماءُ کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
۽ پوءِ اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ستي. گذريل پل کيس آنڌيءَ وانگر وڪوڙي ويا، تہ ڪيئن صالح سان هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمي هئي، ڪيئن مون صالح کي جهونگاريندي ٻڌو هو. سندس پريت ۾ گهاريل هر پل اکين مان ڳوڙها ٿي ٽمڻ لڳس. هونءَ هميشہ نم هيٺان ويھندي هئي تہ پکين سان بہ پئي ڳالھائيندي هئي. جڏهن سندس ڀاءُ ڀاڄائيءَ کي پيڪن مان وٺڻ ويو تہ ڪانوَ نم ۾ اچي ڪان ڪان ڪئي، تڏهن حاڪم ماني ويٺي پچائي. مانيءَ جو ٽڪر ڪانوَ ڏي اڇلي چوڻ لڳس:
آءُ ڪانگا لنؤ لات.....
ڏيان مٺي لولي ڪير ايندو.....
۽ پوءِ کيس صالح جا لفظ ياد آيا.......
”مٺي تون جي چوين تہ مان تولاءِ سڄي ڄمار ڳائيندو رهان....“ ۽ پوءِ کيس روئي روئي ننڊ وٺي وئي هئي. حاڪم اوچتو رڙ ڪري اٿي. ”امان، او منھنجي جيجل-، مون کي بچاءِ....“ سڦوران ۽ ڳوٺ جون ٻيون زالون رڙ تي ڊوڙنديون آيون. ڪنھن تريون اچي مھٽيس تہ ڪنھن مٿي تي زور ڏنس.
”امڙ حساب اٿس.“ سفوران چيو.
”ڇوريءَ تي جن جو پاڇو پيو آهي ادي.“ ٻيءَ لاڳ ڏني.
”جوان وياءُ آهي، اٿاري ڇڏينس.“
گوڙ تي حاڪم اکيون کوليون، سامھون ماڻس بيٺل هئي. حاڪم نماڻا نيڻ کڻي ماءُ ۾ نھاريو. ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ٽمي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويا. شايد اڄ سڪل ٺوٺ ۽ اڃايل ڌرتيءَ کي سنڌ جي ڪنھن هيڻي ۽ مظلوم عورت جي ڳوڙهن مان اڃ اُجهائڻي هئي.
مايون سس پس ڪنديون پنھنجي گهرن ڏانھن هليون ويون. حاڪم کي سڄي رات ننڊ نہ آئي، پنھنجي سسيءَ مٿان ڪھاڙي لڙڪندي نظر آيس. حاڪم ڊپ وچان سڄي ڏڪي وئي. موت جي خوف کيس پِيلو پن ڪري ڇڏيو هو.
حاڪم کي اڄ گهر اوپرو اوپرو نظر پئي آيو، گهر جي هر شيءِ مان کيس نفرت ۽ موت جا پاڇا ٿي نظر آيا. حاڪم پريان پيءُ کي ڏٺو تہ مٿي تي اجرڪ ٺاهيندي اکيون جهڪائي ڇڏيون.
’هي ڪير آ، منھنجو پيءُ، نہ نہ، پيءُ سان منھنجي ڪا مائٽي ڪانھي. منھنجي امان جيجل. جيجل منھنجي ماءُ. امان اچ، مون تي پنھنجي قرب جو پلئه رک. پيءُ ائين نہ ٿيندا آهن. ماريءَ وٽ بابن جھڙي دل ڪٿي. هي تہ ماري آ. سوڍو ماري. منھنجو بابا.....‘ هن وڦليو.
”پٽ اڄ تيار ٿي وهجانءِ، شام جو شھر ڏي هلنداسين.“ اَئين چئي سوڍو مڇون وٽيندو اندر ڪمري ۾ هليو ويو.
۽ هوءَ جلندي رهي. مرندي رهي. مرندي رهي. ڪاريءَ جيان قتل ٿيڻ کان اڳ ئي، مرندي رهي. ۽ ڪارو، هن سوچيو. ”منھنجو صالح....“ کانئس ڀڻ ڀڻ نڪتي: ”مان تہ اون ئي مران پئي. تون شل جهجهي حياتي ماڻين صالح، توکي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳي. شل تنھنجا راڳ ۽ سر توسان سلامت هجن.“
۽ پوءِ هوءَ، سڀ آسرا لاهي ڪاري ٿيڻ جي ڏوھہ ۾، پنھنجي قتلام ٿيڻ لاءِ، ڪن لاٽار ڪري سمھي پئي.