ڪھاڻيون

اُڀر چنڊ پَس پِرين

نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو. نسيم ٿيٻو جنھن وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا وڌيڪ مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اُڀر چنڊ پَس پِرين

ڪاري رات

وڏيرو پيرل کٽ تي ويٺو هو ۽ شيوِ پئي ڪيائين. سياري جا ڏينھن هئا. پارو بہ پيو چوي تہ ”اڄ نہ پوان تہ ڪڏهن پوان،“ مينا اڱڻ ۾ ويٺي بلورن راند پئي ڪئي. حاڪمِ رڌڻي ۾ رکيل هڪ گُندڙي تي اچي ويٺي هئي. هوءَ وڏيري جي وڏي ڌيءُ ۽ ازان کان ٻہ چار سال ننڍي هئي. جڏهن بہ ازان صبح صبح جو ڪم تي ايندي هئي تہ حاڪم بہ اچي رڌڻي ۾ ويھندي هئي ۽ پوءِ دريءَ منجهان کوھہ تي بيٺل ماين کي ڏسندي رهندي هئي. کوھہ تي ڪي مايون پاڻي پيون ڀرينديون هيون ۽ ڪي مايون دلا ڀري دريءَ وٽان اچي لنگهنديون هيون. تن کي پئي ڏسندي هئي.
”مينا – پٽ هيءَ رڌڻي مان گرم پاڻيءَ جي وٽڙي تہ ڀري آءُ.“ مينا ڊوڙندي رڌڻي ۾ وئي چلھہ تي رکيل ٽِين ۾ گرم پاڻيءَ مان وَٽِي ڀري وڃي پيءُ اڳيان رکيائين.
ازان رڌڻي مان نڪري اڱڻ ۾ آئي ۽ اچي ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيٺي. صبح صبح جو پھر هو. اُس اڃا اڱڻ ۾ گهٽ لٿي هئي. ازان جي بيھڻ کان پوءِ بہ سندس چيلھہ تائين مس اُس ٿي پھتي. هوءَ سيءَ ۾ سڄي ڏڪي پئي. ويتر جو ٿڌي پاڻيءَ سان ٿانوَ ڌوئي آئي هئي تہ برف جھڙي ٿڌي پاڻيءَ سندس هٿن مان رت ئي سڪائي ڇڏيو هو. اُس جا ڪِرڻا بہ ماڪ ڀِنل هئا، تنھنڪري سيءَ کي جهڪي ڪرڻ بجاءِ ان کي وڌايائون پئي.
”ازان ڪالھہ شام سسڻھين آئي هئي.“
”ڇو آئي هئي -؟“ ازان جي منھن ۾ ڪروڌ ڀرجي ويو، ان وقت سندس اکين ۾ رت لھي آيو هو.
”چيائين پئي تہ ٻانھن وٺرائي ڏيو. مائٽن روڪي ويھاري آهي.“
”پوءِ اوهان ڪھڙو جواب ڏنو؟“
”چيومانس تہ ها، مون کان ڪاڏي ويندي؟“
”پر سائين مان ساهري گهر اصل ڪانہ وينديس.“
”ڏسان ڪيئن نٿي وڃين؟“
”سائين مون کي کڻي ڪھي وجهو پر مان ساهري گهر ڪانہ وينديس.“
”ڇو مڙس ڪونہ ٿو وڻيئي ڇا؟ وڻندو بہ ڪيئن؟ يارن مان واندڪائي ملئي تہ گهر بہ ياد پوئي نہ .“
”سائين اوهان ڇا بہ چئو پر مان ساهري گهر ڪانہ وينديس. سائين مان ڇونہ وڃان پر ٻہ ڏينھن رهائي مون کي مارون ڏيو گهر کان گهلي ٻاهر ڪڍيو اُڇلينِ. وري ٻارنھن مھينا سار ئي نہ لھن تہ مئس يا بچيس.“
”مڙسن جو شان آهي زالن کي پادر هڻڻ، موچڙا تہ هڻندو، باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين.“
”مڙسن جو موچڙا هڻڻ تہ ٿيو حق پر جي رڳو پاڻ مارين نہ، يا پنھنجن لڄن کي وڃي ٿاڻن تي اڇلين. مون کي پاڻ ڀلي ماري ٽڪر ڪري هِلين کي ڏئي يا کڏ کڻي پنھنجي اڱڻ ۾ پوري ڇڏي سؤ سورن جو هڪ سور. نہ هوندس نہ ڏک ئي ڏسندس. مڙسن جو اهو تہ شان ڪونھي تہ پنھنجن لڄن کي وڃي پوليس جي حوالي ڪن.“
”باقي تون سو مڙس ڇڏيو يار ڪندي وتين .“
وڏيري ڏاڍي چڀندڙ انداز ۾ هڪ هڪ لفظ کي ڇڪي ڳالھائيندي چيو.
ازان جي اندر ۾ اهي لفظ وڍ وجهندا ويا. هن جي دل جو سور اکين مان ڳوڙها ٿي سندس ڳلن تي وهي هليو. ازان کي سڌ هئي تہ وڏيرو سندس سس جو بدرُ ڇو ٿو کڻي. هن کي ازان جي سس يا مڙس سان ڪابہ دلچسپي ڪانہ هئي جو وڏيرو ازان جي انھن چاهيندڙن مان هو جن کي ازان اک کڻي نھارڻ بہ گوارا ڪانہ ڪندي هئي. هوءَ ڪيڏي نہ خوبصورت عورت هئي! ڪونج جيان من موهڻي، ڊيل جيان ٽلندي هئي. سندس هلڻ ۾ ڪيڏا نہ ماڻا هوندا هئا. جڏهن هوءَ دلا کڻي کوھہ تان پاڻي ڀرڻ ويندي هئي تہ واٽ ويندڙن کي ڪھندي ويندي هئي. ڳوٺ جا جوان ٿڌا ساھہ ڇڏي کيس نھاريندا هئا. صوفيا لارين جھڙي سندر صورت هئس. ازان کي تہ ڪنھن شاهاڻي گهر ۾ پيدا ٿيڻ کپندو هو. سندس چال ۾ راڻين جيان وقار هو. هوءَ پنھنجي سموري سونھن ۽ پيار ڀري جذبن جي باوجود پنھنجي گهوٽ جي دل هٿ ڪري ڪانہ سگهي هئي. هن جي ماڻن ڀري مرڪ، اکڙين جا ڏک ڏوراپا بہ سندس ور جي دل ۾ گهر ڪري نہ سگهيا هئا. ڳوٺ جا جوان هن کي ڏسي ٿڌا ساھہ ڀريندا هئا تہ ان سان ازان جو ڇا؟ هن تہ چاهيو ٿي تہ سندس ور هن کي پنھنجي لڄ سمجهي ۽ وڏيري جي در تي ڌڪا جهلڻ نہ ڏئي. هو جيڪڏهن حجت ڪري هن جي ٻانھن کان جهلي گهر وٺي وڃي ها تہ ڇا سندس گهٽتائي ٿي پوي ها. وڏيري کي دانھن ڏيڻ ۽ ٿاڻي تي اڇلي اچڻ کيس جڳائيندو هو. ننڍڙي مينا اندر ڇڏي اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي. مينا جي دل ۾ آيو تہ ازان کي ڀاڪر پائي ايڏو پيار ڪري جو سندس سڀ ڏک لھي وڃن. ازان جو ڪير بہ تہ ڪونہ هو. نہ ماءُ نہ ڀيڻ نہ ڀاءُ ۽ نہ پيءُ. جي ماءُ هيس تہ ماٽيلي، جيڪا کيس اُٿندي ويھندي طعنا ڏيندي هئي. ڀائر هيس تہ ماٽيلا جن جي ٻارن کي هوءَ پنھنجو اولاد ڪري ڀائيندي هئي. هن کي، سڄو ڏينھن رت ولوڙڻ کان پوءِ جيڪي ڪجهہ وڏيري جي گهران ماني ۽ پگهار ملندو هو، سو سڀ اچي ماٽيلي ڀائرن اڳيان رکندي هئي. پوءِ بہ تِر تان گسندا تہ هڻي کيس لوئي اڌ مئو ڪندا هئا. ۽ ساهرو گهر تہ پورو دوزخ هو. ڪير هو جيڪو سندس پنھنجو هو. ڀلا سموري سونھن، سوڀيا، وفا ۽ پيار جي باوجود بہ پنھنجي مڙس جي دل هٿ ڪري نہ سگهي هئي تہ ان ۾ ازان ويچاريءَ جو ڪھڙو ڏوھہ. هوءَ جيڏي حسين هئي اوڏي ئي سندس قسمت ڪوجهي هئي. سچ چيو اٿن تہ: ”سونھن سِڪي ۽ بخت کائي.“ اِهو مثال ازان سان بنھہ ٺھڪيو ٿي، مينا جي دل ۾ آيو تہ پنھنجي بي رحم پيءُ کي اُڦٽ ماري ڇڏي. هوءَ هئي تہ ٻالڪ پر کيس ڏاڍي سمجهہ هئي. ازان جي ڳوڙهن ڀريل اکين کيس گذريل پل ياد ڏياري ڇڏيا هئا. پَر سال جي ڳالھہ تہ هئي. ان ڏينھن هن ازان جي گهر ۾ نم هيٺان ويٺي گُڏين راند ڪئي. ٻن چئن ڏينھن کان گهٽيءَ ۾ ڪتي يڪو پئي اونايو. ڪتي جو اونائڻ ڳوٺ ۾ ڏاڍو نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ننڍڙي مينا کي بہ اِها سڌ هئي ان ڪري هن جي دل کي ڊپ اچي ويو هو ۽ ٻاهر نڪري ڀتر کڻي ڪتي کي هڪلڻ وئي، تہ سامھون ڏاند گاڏي ايندي ڏٺائين. هوءَ اتي ئي بيھي رهي. ڏاند گاڏيءَ تي پلال پيل هو ۽ ان مٿان رلي وڇايل هئي. رليءَ تي جتي ڪٿي رت جا دٻا هئا. ازان جا لٽا ليڙون ٿيل هئا جن مان سندس نيرو ٿيل ۽ سڄل بدن لياڪا پئي پاتا. ازان جو ماٽيلو ڀاءُ هيٺ لھي بيٺو. مينا اندر ڊوڙ پائي ازان جي ماٽيلي ماءُ ۽ گهر جي ٻين ڀاتين کي سڏڻ وئي. در تي روڄ راڙو مچي ويو، اوڙي پاڙي جون عورتون اچي مِڙيون. ازان جي گهر جي سامھون واري گهر ۾ رهندڙ بصران دلا کڻي کوھہ تان ٿي موٽي. بصران جي ازان سان بنھہ ڪانہ پوندي هئي پر هن جو هيءُ حال ڏسي دلا پٽ تي ڦٽا ڪري اچي ازان جي ڀر ۾ بيٺي.
ماٽيلي ڀاڻس ازان کي کڻي اچي نم هيٺان پيل کٽ تي ليٽايو. سندس سڄي منھن تي چَڪَن ۽ رانبوٽن جا نشان هئا ۽ بدن سڄو نيرو لڳو پيو هئس. بدن تي نيٽ جي لڪڻ جي ڌڪن ڪري اڀريل اڀريل سوڄ کاڌل جسم ڪٿان ڪٿان ٽڪرا لٿل، پيلي زرد لاش جيان هوءَ پئي هئي.
”اَئي مُٺِيسَ هيءُ ڪھڙو قھر ڪيو اٿائون نڀاڳيءَ سان.“ بصران پنھنجي ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻندي چيو تہ: ”اَئي گهوڙا ڙي، اديءَ سان قھر ٿي ويو.“ ازان جي ننڍي ڀيڻ کٽ جي ڀر ۾ پٽ تي ويھندي اوڇنگار ڏني:
”اَئي گهوڙا ڙي هيءَ تہ نائين مھيني پيٽ سان هئي.“ ماسي شمل ڏک وچان دانھن ڪئي.
”ها پورن ڏينھن تي هئي.“ ماڻس وراڻيو.
”اَڀاڳيو ٻار ڪري پيس ڇا؟“
”ماسي شمل هوش ڪر، ٻار ڪرندس نہ تہ بچندس. مٺيءَ کي يارنھن ڏينھن ڪُٽيو اٿائون سو ٻار وري ڪٿان بچندس. اَئي هنٽرن جا نشان ڪانہ ٿي ڏسين.“
”هن جو مڙس تہ ڪرو ڪھاڙي آهي. پاڻ تہ مٺيءَ کي ماري اڌ مئو ڪري، پر هاڻي وري مورڳو لاهي پاهي بيٺو آهي، لڄ بہ ڪانہ آيس ھہڙي سدا ملوڪ ونيءَ کي پيٽ سان پوليس جي حوالي ڪرڻ سان.“
”پر ادي شمل ھہڙا ناحق اسان نہ اڳ ٻڌا، نہ ڏٺا جو مڙس هٿن سان پنھنجن ننگن کي ٿاڻن تي اڇليو اچن.“ هڪ پوڙهي مائيءَ نڪ کي موڙو ڏيندي چيو.
”اَئي ڇا توکي سڌ ڪانھي تہ ساهري گهر جي ازان سان پوي ڪانہ، سسڻنس تہ بنھہ پھاڄ بڻي ٿس.“
”اَئي ادي، پر ڪھڙي ڏوهين ڪھڙي ثوابين، مُٺيءَ سان اچي وير پيا آهن.“
”اَئي مان ٿي توکي ٻڌايان تہ ڇو نُنھن کي تپائي کنيو اٿس، موسي ماءُ کي پٽ آهي هڪڙو، سندس ڀائٽي بہ ويٺي آهي ڪنواري. جواڻ جماڻ. پھريان تہ ڀاڄائيءَ سان پوندي ڪانہ هيس، پر هاڻي جڏهن ڀاڄائس مئي آهي تہ اچي لڳي اٿس تہ پٽ کي ڀائٽيءَ سان پرڻايان. سو نُنھن سان پويس ڪانہ، روز پيون ڪوڙ بدوڙ هنيو مڙس کان مارون کارائنس.“
”هچا پوندنِ جو هن يتيم نڀاڳيءَ سان تپائي کئي اٿئون.“
”پر ادي ڪو ڳوٺ ۾ نينگر کٽا آهن، سندس ڀائٽيءَ کي گهوٽ ملي پوندو.“
”ڪھڙيون ٿي ڳالھيون ڪرين، ڀاڻس کي بہ آهي هڪ ڌيءُ سو مرضي اٿس تہ ٻانھن گهر جو گهر ۾ هجي. سو ڀاڻس ٿو چوين تہ پھريان ازان کي طلاق ڏيو تہ پوءِ ڌيءُ ڏيندس، سو مئيءَ کي نہ پورو تن تي ڪپڙو ڏين، نہ پيٽ ڀري ماني، سڄو ڏينھن پيا گڏھہ وانگر وهائنس. رونبا لابارا، گاھہ پٺا، پاڻي ڀرڻ ۽ سڄي گهر جو ڪم وٺنس، مال متاع جي بہ ٽهل ٽڪور ڪري، پر پوءِ بہ بگڙنس تہ هڻي گُڏي رکنس.“
”مڙس تہ ليکيس ئي ڪونہ، سمھن ڪن ڌار، مڙس ڪوٺي تي، زال اڱڻ ۾، جي مڙس اڱڻ ۾، تہ زال ورانڊي ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي.“
”اَئي امڙ ائين بہ ٿيندو آهي ڇا؟“
”بس ويٺي ڏس لقاء زماني جا.“
”اَئي ادي شل نہ ڪنھن جي ڦِٽي، نہ تہ ڪھڙي ڪمي آهي ازان ۾، سدا ملوڪ لُڏڻ زال کي کڻي سور ڏئي ساڙيو اٿئون.“
”اَئي نڀاڳيءَ جو ڪو اوهي واهي ڪونھي جو کڻي پلاند ڪرين، در در جا پئي ڌڪا کائي، نہ تہ ڄايون هر ڪنھن کي مِٺيون آهن.“
مايون ازان جي چوڌار مکين جيان اچي مڙيون هيون ۽ مکين وانگر پئي ڀڻ ڀڻ ڪيائون. ڪوڙي ماءُ کان رهيو نہ ٿيو، تنھن سڀني کي پري ڪندي چيو تہ:
”رنون هڪ هوءَ اڳئي لاش ٿي پئي آهي، ٻيو مٿان اوهان ويٺيون هانءُ کائوس، ٽري ٽارو ڪيو، ڇو اچي ٽِيڪو مچايو اٿوَ.“
پيءُ جي آواز تي مينا جي سوچن جو سلسلو ٽُٽي پيو. ”موسي ماءُ پيرن تي پوتي وڌي آهي.“
”وڏيرا مون بہ اوهان وٽ ڄمار گذاري آهي پورهيو ڪندي“. ازان ڀريل گلي سان وراڻيو.
”سَسڻھين ٿي چوي تہ مون ٽڪا ڀريا آهن، ڪا مفت ۾ نالي ﷲ جي ڪانہ ڏني اٿئون.“
”ها تہ سائين ائين چئہ نہ تہ ٽڪن جو سور اٿس، ٻيو مون لاءِ ٺري ڪانہ ٿي. ٻانھن کپين ڪم ڪار لاءِ. سائين مون کان اهي جيئرا جاڳندا سور ڪونہ سٺا ويندا تہ مان ٻانھي ٿي پھاڄ اڳيان پئي وهان. هاڻي موسي شادي ڪئي آهي، باقي مون واري سس ٿي آ اجائي ڇتي“.
”گهڻي ٽر ٽر نہ ڪر پر سال واري جٺ ياد ڪانھئي ڇا“.
وڏيري جي اکين ۾ ڄڻ شيطان لھي آيو هو. وڏيري پيرل کي راتوڪي باھہ هئي جو ازان کي جڏهن ٻانھن کان اچي جهليو هئائين تہ ازان کتيون ٻڌايون هئس. ويتر جو گهٽيءَ ۾ ٻاهر حاجيءَ کي بيٺل ڏٺائين تہ سڄو پڄري ويو هو. ان وقت تہ دل جو سور دل ۾ پي ويو هو پر اڄ صبح سڀ ڪسرون پوريون ڪيون هئائين. حاجي وڏيري جي ٻنيءَ تي پوک ڪندو هو ۽ وٽس ڪمدار بہ هو. وڏيرو هونئن تہ حاجيءَ کي ڏاڍو ڀائيندو هو. سادي طبعيت جو ماٺيڻو، قد جو ڊگهو سھڻو جوان هو، طبعيت جو بيحد شريف ڪنھن عورت کي اک کڻي بہ نہ نھاريندو هو پر الائي ازان سان ڇو ٻٽيھہ دليون هيس. وس پڄيس ها تہ ازان جا سڀ سور پنھنجي اندر ۾ اوتي ها پر وڏيري اڳيان لاچار هو. جي ڪڇيو ٿي تہ بک ٿي مئو. ٻيو تہ ازان کي طلاق بہ ڪانہ مليل هئي. ان ڪري شادي بہ نٿي ڪري سگهيا. حاجي پاڻ بہ پرڻيل هو هڪ ڌيءُ بہ هئس. دل جا ليکا بہ عجيب هوندا آهن. جڳ جون ريتون رسمون، قيد ۽ ڪڙا مذهب ۽ اخلاق سڀ اورانگهي دل ۾ اچي پيار واسو ڪري تہ ماڻھن جو جهڳو ئي جَهڻ ٿي پوي پر پوءِ بہ سڄي ڏيھہ جو لعنتاڻو کنيو پيا گهلبا آهن. هنن ٻنھي بہ پئي ڄاتو تہ هو هڪٻئي جا جيئن تہ ڪونہ ٿي سگهندا. پر پوءِ بہ هڪٻئي کان منھن مٽي نٿي سگهيا، هڪٻئي جي انگن ۾ سمائجي وڃڻ ٿي گهريائون. اصل ائين جيئن سنڌوءَ جو لڙاٽيل مٺو پاڻي ٻنين ۾ جذب ٿي ويندو آهي. ازان جو جوڀن تہ ڪڻڪ جي سونھري سنگ جيان هو، ڪڻڪائون سونھري بدن نانگ جيان وراڪا کاڌل بدن اکين ۾ ازل جي ڏکن سورن سندس سونھن ۾ نماڻائي اوتي هئي. اندر جا گهاءَ منھن تي ائين ڇانورو ڪري بيٺل هوندا هئس، جيئن ٽالھي جي وڻ جي ڇانوَ سنڌوءَ جي پاڻيءَ مٿان.
اصل نماشام جيان اُجڙيل ۽ ويران. ڀلا اهڙي مٺي مومل کي ڀلا حاجي ڪيئن نہ جيءَ ۾ جايون ڏئي! هن جو وس نٿي پڳو، نہ تہ جيئن پنھنجو پاڻ کي چيري اندر ۾ لڪائي ڇڏيس ها. اصل ڪچو کائي ڇڏيس ها. پر هو بيوس ۽ لاچار هو. چؤطرف مجبورين ۽ لاچارين ۾ گهيريل هو ۽ ازان کان اها حاجيءَ جي بي وسي ڏٺي نہ ويندي هئي، مرد کي هوءَ هميشہ جهرڻي جيان تکو ۽ تيز ٽوڙ ڦوڙ ڪندڙ ڀائيندي هئي. شينھن جيان گجگوڙ ڪندڙ، حاجيءَ جي بي وسي ازان جي اندر ۾ وڍ وجهندي هئي. ازان جو مک چوڏهين جي چنڊ جيان هو پر سندس مک مان چانڊوڪيءَ بدران ويراني پکڙبي هئي. اُداس ڳوڙهن ڀريل ڪرِڻا پکڙبا هئا. پر پوءِ بہ سور هن جي سونھن مٽائي نہ سگهيا هئا. ازان جو هيڏي ساري جڳ ۾ ڪير بہ تہ پنھنجو ڪونہ هو. هڪ حاجي ئي تہ هو جنھن کي هوءَ ڏاڍو ڀائيندي هئي.
”ازان مون کان بڇڙو ٻيو ڪير نہ ٿيندءِ. ڄُنڊن کان گهلي مڙسھين وٽ اُماڻيندو مانءِ. توکي پنھنجي مڙس وٽ وڃڻو پوندو.“
”سائين خدا کان ڊڄو اوهين بہ پنھنجن ڄاين وارا آهيو.“
”ڪري ڇا ٿي ڪميڻي رن. بار بار ذليل رن مون کي پٽين ٿي“.
وڏيري جون اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون، هو پٽ تي ٿڪ ڦٽي ڪري ڪلھا لوڏيندو اوطاق تي هليو ويو ۽ ازان .... ازان جهريل من کي کڻي نستو ۽ نٻل سرير کڻي رڌڻي ڏي وڌي وئي، هن جي سڄي جسم مان ڄڻ ساھہ ڇڏائي ويا هئا. سندس اڳيان اٽي سان ڀريل ٿالھہ رکيو هو، ان کي ڳوهڻ لڳي ڳوڙها ٽم ٽم ڪندا اَٽي ۾ جذب ٿيندا ويا. ان پل هن جا هٿ ڍرا ٿيا ۽ ڪنڌ ڀت تي لڙي پيس، ڍليون ڍليون ٻانھون، وساميل نيڻ ازان اهو بہ نہ ڏسي سگهي تہ در ۾ حاجي بيٺو آهي. هو تڪڙو اڳتي وڌيو ۽ ازان کي ڌونڌاڙي چوڻ لڳو.
”ازان ...... ازان توکي ڇا ٿيو آهي. مٺي مٿي تہ نھار“. حاجيءَ پنھنجي هٿن سان ازان جي ڳلن تان ڳوڙها اگهندي چيو پر ازان جا پساھہ پورا ٿي چڪا هئا. تڏهن هو سڄو اجهامي ويو هو. پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀري اچي کٽ تي ليٽايائين. اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. ننڍڙي مينا وائڙي ٿي حاجيءَ کي ڏٺو. مرد بہ روئيندا آهن، هن تہ ڪڏهن بہ ڪنھن مرد کي روئيندي نہ ڏٺو هو، پوءِ اڄ حاجيءَ جھڙو جوڌو هيئن سڏڪا ڀري ڇو ٿو روئي. شايد ان ڪري جو موت اڄ ڪاري اُماس جي رات جي پڄاڻي آندي هئي ۽ حاجيءَ جا ڳوڙها ان اوندھہ انڌوڪار ۾ تارن جيان پئي جرڪيا.

(ٽِہ-ماهي ’مھراڻ‘ 2-1/1972ع ۾ ڇپيل)