ڪھاڻيون

اُڀر چنڊ پَس پِرين

نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو. نسيم ٿيٻو جنھن وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا وڌيڪ مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اُڀر چنڊ پَس پِرين

اڌ رات

اڌ رات جو وقت هو، اڱڻ ۾ نم هئي، ان کان ٿورو پرڀرو ٻہ کٽون وڇايل هيون. هڪ تي نمو ستل هئي ۽ ٻئي تي سندس پُڦي، گهر تمام وڏو هو. ٻہ ڪمرا ۽ هڪ وڏو هال. هڪ ڪمرو ڇت مٿان بہ هو، اهو ڪمرو ڏاڍو هوادار هو. چوطرف دريون هئس. جڏهن بہ هوا گهلندي هئي تہ ان ڪمري ۾ گهوگهٽ ڪري ايندي هئي پر جي ٻٽ هوندي هئي تڏهن بہ ان ڪمري ۾ وائک هوندي هئي. ان جي سامھون ڪشادي ڇت ڦھليل هئي. جنھن جي هيٺان هال هو ۽ انھن ڪمرن اڳيان ورانڊو هو. هال ۾ بس هڪ ئي در هو منجهس ڪا بہ دري يا روشندان نہ هو. انڪري اِهو هال هميشہ اونداهو رهندو هو. منجهس هڪ هندورو پيل هو. ۽ ڪجهہ شيشي جون الماريون جن ۾ چينيءَ جا ٿانوَ سجايل هوندا هئا. ڏينھن ڏٺي جو نمو ان هال ۾ ويندي ڊڄندي هئي. ائين ڄڻ ان ۾ ڀوت ۽ پريون رهنديون هجن. پڦھنس ڪڏهن اندر ويندي هئي تہ نمو بہ ان جي چولي جي پلاند کان پڪڙي ڊڄندي ڊڄندي اندر ويندي هئي پر ويندي ضرور هئي. هڪ الماريءَ ۾ الاهي سارا موتي رکيل هوندا هئا ۽ موتين سان ڀريل وڃڻو ۽ دٻڪيون بہ رکيل هونديون هيون ۽ ڪجهہ ننڍڙا ٿانوڙا، جن تي جنڊيءَ جو ٿيل ڪم هو. ان هال ۾ گهڙڻ سان گونج پيدا ٿيندي هئي. هلڪن قدمن جو بہ آواز چٽيءَ طرح ٻڌڻ ۾ ايندو هو ۽ جڏهن نمو ۽ پڦھنس پاڻ ۾ ڳالھائينديون هيون، تہ ان جو اِيڪو پيدا ٿيندو هو. ڄڻ ٻہ روح پاڻ ۾ ڳالھائيندا هجن. عجيب قسم جي سنسانيت ۽ ماٺائي هوندي هئي. روح منجهہ گهڙي ويندڙ. نموءَ جي ڏاڏيءَ کي مُئي ٽي چار سال ٿيا هئا. پر نمو ائين سمجهندي هئي تہ سندس ڏاڏي پنھنجي مخصوص لوڏ سان هلندي وتندي هئي. پڦھنس پيٽيءَ مان ڪپڙا لٽا ڪڍندي هئي. نمو ان جي ڀر ۾ بيھي ڏسندي هئي، لوھہ جي وڏي ڳري پيٽيءَ ۾ الاهي سارا اوائلي قسم جا ڀرت ڀريل لٽا رکيل هوندا هئا، ۽ هڪ ڪاٺ جو گول دٻلو هوندو هو، ان ۾ قسمين قسمين سونا زيور رکيل هئا. ست لڙي دهريون، پازيب، ڪنگڻ، ڇٽ، نٿ ۽ الائي ڇا ڇا هوندو هو. نمو انھن کي حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندي هئي تہ جيڪر پڦي اِهي سڀ زيور مون کي ڏي تہ مان پايان.
”پڦي ٿورا زيور مون کي بہ ڏي. مان پائي ڪيئن لڳندس.“
”ڏاڍي سھڻي منھنجي مٺي مومل.“
”پڦي پوءِ مون کي پارائين ڇو نہ ٿي؟“
”نظر لڳي ويندي منھنجي پٽول راڻيءَ کي.“
”نہ پڦي ٿوري دير جي لاءِ ڀلا پارائي....“ نموءَ کيٽو ڪندي چيو.
پڦھنس زيورن جو دٻلو ٻاهر ڪڍيو. هڪ هڪ ڪري زيور پارائڻ لڳس. دهري سندس سڄي ڇاتيءَ کي ڀري بيٺي. ڪنن ۾ جهومڪ، ڪنگڻ، پازيب سڀ هڪ هڪ ڪري پاتائين، نرڙ تي پڦھنس سندور جو ٽڪو ٺاهيس ۽ ٿورو سونھري ٻورو سينڌ کي مکيس. نمو سڄي سونھري ڪڻڪ جي سنگ جيان چمڪڻ لڳي. هوءَ اڄ پنھنجن ڪپڙن ۾ نہ پئي ماپي. ڇم ڇم ڪندي ٽيبل ڏانھن وڌي، جتي وڏو آئينو ڀت سان ٽيڪ ڏنل رکيل هو. ٽيبل تي بتي پيل هئي، نمو جو عڪس جڏهن آئيني ۾ پيو تہ هن جي چپن تي لڄاري مرڪ پکڙجي وئي، اکين ۾ ڄڻ جوت جاڳي پيس. سھڻو سھڻو گول منھن، چيرويون بادامي اکيون. سندس اکين ۾ ڄڻ سدا جي مرڪ پکڙيل هئي. گلاب جي گل جيان ٽڙيل چھرو. نمو سڄي ساري ٻھڪي پئي. مرڪ سندس گھري ٿيندي وئي، جنھن سندس ڳلن ۾ چگهہ وجهي ڇڏيا هئا. نمو هلڪي هلڪي بتيءَ جي روشنيءَ ۾ ڪنھن ٻئي ديس جي پري پئي لڳي. ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. ڀرت ڀريل چولو پيل هئس گربيءَ جي شلوار، جنھن جي پانچن تي پڻ موتي ۽ ستارا جڙيل هئا. جيڪي کيس پڦيءَ ڀري ڏنا هئا.
پڦھنس سندس پويان بيھي نموءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو، نمو بہ پنھنجي پڦيءَ جو عڪس آئيني ۾ ڏٺو هڪ دفعو هوءَ وري مرڪي پئي ۽ پوءِ پڦھنس ٿورو هيٺ جهڪي نمو کي هنج ۾ کنيو. نمو جو ڳل پنھنجي ڳل سان لڳائي وري آئيني ۾ ڏسڻ لڳي، ”ڏس نمو تون منھنجي ڀائٽي لڳين پئي نہ.“
”ها، ڇو ڪونہ - مان هوبھو تو جھڙي آهيان نہ پڦي.“ نمو خوش ٿيندي چيو.
”اڙي نہ چري تون جوان ٿيندينءَ تہ تون ملوڪ ٿيندينءَ. ڏاڍي سھڻي، پوءِ تہ مون کي ڀر ۾ بيھڻ بہ نہ ڏيندينءَ.“ ۽ چوندينءَ وڃ وڃ مائي ڀيلياڻي ڇو آئي آهين اسان وٽ.
پڦھنس ٻاراڻي لھجي ۾ ڳالھائيندي چيو. هن جي لھجي ۾ ڏاڍو پيار اوتيل هو.
”منھنجي مِٺي مومل ڏسجانءِ تون پوءِ مون کي وساري ويھندينءَ.“ ائين چوندي پڦھنس جي اکين ۾ لُڙڪ ڀرجي آيا، جيڪي ڳلن تان ڪِرندا نموءَ جي منھن تي وڃي ڪريا.
”اڙي پڦي تون روئين ڇو ٿي--- ! ڏسجانءِ مان توکي اصل نہ وسارينديس. پڦي ﷲ جو قسم.“ نمو، پڦيءَ کي ڀاڪر پائيندي چيو.
”نہ منھنجي ماءُ مان انڪري نٿي روئان. اڄ امان ياد آئي اٿم، ڏس نہ هن هيڏي ساري وڏي گهر ۾ مان اڪيلي ٿي رهان. ڏسي اديءَ کي ڪو خيال آهي تہ جواڻ ڪنواري ڀيڻ هيڏي ساري وڏي گهر ۾ اڪيلي ڪيئن حياتي گهاريندي هوندي. امڙ هئي، سا بہ اڪيلو ڪري وئي.“
”پڦي تون نہ روءُ ۽ ڏس مان جو آهيان تو وٽ.“
”نہ منھنجي ماءُ مان ڪونہ ٿي روئان.“ پڦھنس ڳوڙها اُگهي ڇڏيا.
”پڦي تون اسان سان گڏ ڇونہ ٿي رهين؟“
”اتي هلي ڪيئن رهان، اباڻو گهر ڇڏيندي دل نٿي چوي. مان هت ڄائي نپني آهيان. امڙ مون کي هن پينگهي ۾ لوڏيو هوندو. مان هي گهر ڪيئن ويران ڪري هلي وڃان. امان جي خيرات جي ماني ڏيندي آهيان. ادي کي تہ اصل خيال ڪونھي.“
”پڦي هن گهر ۾ پڙاڏو ٿو پيدا ٿئي نہ--؟ ڪو..... ڪو .... ڪو.....“ نمو زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي. ”ڏس پڦي هتي ديو رهندا آهن نہ ......!“
”هل نخريلي منھنجو ڌيان هٽائڻ لاءِ تال ٿي ڪرين.“
نموءَ کي ڪتڪتائي ڪڍندي چيائين.
نمو سڄي ٻيڻي ٿي وئي ۽ ڪمري ۾ ننڍڙا مٺڙا ٽھڪڙا گونجڻ لڳا.
صبح جو جهونجهڪڙي مھل جڏهن نموءَ جي اک کلي تہ نم ۾ جهرڪڙين جو چرٻٽو لڳو پيو هو. هلڪو هلڪو سوجهرو ڇانيل هو. نموءَ ڀر ۾ پيل کٽ ڏي نھاريو، اِها خالي هئي. هن کٽ جي پيرانديءَ ڏي نھاريو، اتي چمپل ڪونہ هو، نمو پيرين اگهاڙي کٽ تان هيٺ لٿي ’چمپل ڪالھہ پنھنجي گهر وساري آيس.‘ هوءَ غسلخاني ۾ وئي. وٽي ۾ پاڻي اوتي منھن ڌوئڻ لڳي. ٿڌي پاڻيءَ جا اکين کي ڇنڊا هڻي ٻاهر آئي. اڱڻ جي پرئين پاسي ڏاڪڻ جي ڀر ۾ هڪڙي ڪوٺڙي هئي. جنھن ۾ اندر کڏڻو ٺھيل هو. ڪمري جي وچ ۾ پڇٽي ٺھيل هئي، ان ڪوٺيءَ ۾ پڦيءَ ڪبوتر پاليا هئا. جن جي گُهو گُهو پئي ٻڌڻ ۾ ايندي هئي. ڪجهہ ڪبوتر نم هيٺان داڻو پئي چڳيا، نموءَ جڏهن انھن جي ڀر مان اچي لنگهي تہ ڪجهہ ڪبوتر اڏري وڃي وڻ تي ويٺا ۽ ڪجهہ پير پير ۾ هلندي ٿورو پرڀرو ٿي ويٺا. نموءَ پنھنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ اچي بيٺي، جنھن تئي تي ماني پئي ٿڦي. هلڪو هلڪو دونھون اڏاڻو پئي. ٻيءَ چلھہ تي ديڳڙي چڙهيل هئي. نمو پنھنجي پڦيءَ جي ڀر ۾ ويھي رهي. هڪڙي ماني دٻڪيءَ تي پئي هئي. ان مان ٽڪر ڀڃندي. چونريءَ مان مھي ڪڍي، کائڻ لڳي.
پڦھنس لوڪ گيت پئي ڳاتو.
”ڌؤنرو کاءُ مائي ڌنورو کاءُ، پر خان چوي ٿو مکڻ کاءُ.“
”پڦي منھنجي سليٽ قلم“
”امان هتي ٽپائيءَ تي رکيا اٿئي. اڄ تنھنجي پيرن ۾ جُتي بہ ڪانھي.“
”اها گهر پئي آهي.“
”اسڪول پيرين اگهاڙي ويندينءَ؟“
”ها تڏهن ڇا ڪيان؟“
موٽندي تہ تنھنجا تتل واريءَ تي پير سڙندا.
”پوءِ ڇاڪيان اسڪول نہ وينديس تہ بابا ماريندو.“ سليٽ قلم کڻي هوءَ اسڪول هلي وئي.
ان وقت سج ڪني ڪڍي هئي، هوءَ پھريان مسجد ۾ وئي، جتي روز قرآن جو دور ڪندا هئا ٻار. هوءِ اندر اڱڻ ۾ ڀت سان ٽيڪ ڏئي ٻين ٻارن سان گڏ قرآن پڙهڻ لڳي ۽ اچانڪ نموءَ جي مٿان لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. نمو ان اچانڪ حملي تي بد حواس ٿي وئي. لڪڻ سندس چھري، پٺيءَ ۽ ٻانھن تي وسندا ويا. نموءَ پنھنجو منھن ٻانھن ۾ لڪايو. ڪجهہ وقت کان پوءِ جڏهن لڪڻ وسڻ بند ٿيا، تہ هن مٿي نھاريو. سندس ساھہ مٺ ۾ اچي ويو.
سامھون ” سائين وڏو“ غضبناڪ اکين سان گهوريندي چيو: ”ايڏي دير ڪري آئي آهين مسجد ۾. ٻڌايانءِ تہ پڻھين جي جاگير آهي.“ ائين چئي هو هليو ويو.
نمو جي چپن مان رت ٽمڻ لڳو، سندس منھن تي سڄيل نيرا داغ ٿي پيا. هوءَ سڄي ڏڪڻ لڳي هئي. قرآن ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
سج جڏهن ڪاني جيترو مٿي چڙهي آيو، تہ هن جي مٿي ۾ چڪر اچڻ لڳا ۽ نمو پگهر ۾ شم لڳي پئي هئي. ٻيا ٻار ڪڏهوڪو ڀر واري اسڪول ۾ وڃي چڪا هئا، هوءَ بہ ٿڪل قدمن سان ڏڪندي ڏڪندي اسڪول وئي. ان وقت ماستر وڏو شايد نيرن ڪرڻ ويو هو. تنھنڪري نمو وري مار کائڻ کان بچي وئي هئي. چُپڙي ڪري بينچ تي ويھي رهي.
منجهند ٽاڪ جو موڪل مھل جڏهن ٻين ٻارن سان گڏ واپس پئي آئي تہ ٻارن زور زور سان رڙيون ڪري پئي ٻڌايو تہ ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند تائين اچي پھتو آهي.
”هاڻي تہ اسان جو ڳوٺ بہ ٻڏي ويندو، اباڙي ابا“ ٻار تاڙيون وڄائي خوشيءَ مان نچڻ لڳا.
”اڙي ٿُڪَ هجيوَ خوش ٿا ٿيو.مروان موت ملوڪان شڪار“ ڪريم بخش جيڪو پنجين ۾ پڙهندو هو، تنھن ٻن ٽن ڇوڪرن کي چنبا وهائي ڪڍيا.
”ڀيڻا خوش ٿا ٿيو ٽڪر ڀور لاءِ سڪندؤ“
”اڙي هاڻي تون بس ڪر، هونءَ ڪھڙا ٻوڙ پلاءُ ويٺا کائون. اهو چانورن جي مانيءَ جو ڍوڍو جتي ڪٿي پيو ملندو.“
نموءَ جا پير هاڻي ڏاڍا سڙڻ لڳا هئا، هوءَ پٻن تي هلندي ۽ ڀتين جي پاڇن ۾ هلندي وئي. تتل واريءَ جي تپش کان ۽ سج جي تکي ساڙيندڙ اس جڏهن سندس زخميل سوڄ کاڌل منھن تي پئي پئي، تڏهن هن جي اکين مان سور وچان ڳوڙها ٽمڻ لڳا. ٻار جڏهن سڀ ٽڙي پکڙي ويا تہ هوءَ تيز ڊوڙندي گهر وئي دروازي تي ڪلف لڳل هو. نمو در جي وٿين مان اندر ڏٺو. اڱڻ تي اُس ئي اُس هئي، هوءَ ٿڪل قدمن سان پٺتي موٽڻ لڳي، پوءِ وري ڊوڙندي پڦيءَ جي گهر هلي وئي، ”پڦي پڦي توکي هڪڙي ڳالھہ ٻڌايان“ هوءَ ورانڊي ۾ پھتي تہ ان وقت پڦھنس کي پير ۾ جهليءَ جي رسي هئي ۽ سندس منھن تي رئي جو پلاند پيو هو، پڦيءَ کي ننڊ اچي وئي هئي. هن اوچتو ڇرڪ ڀري مٿي نھاريو. پھريان تہ ڪجهہ سمجهي نہ سگهي، پر پوءِ نموءَ جي سوڄ کاڌل منھن ۾ نھاري چوڻ لڳي.
”امان مان صدقي وڃان، اڙي ڪھڙي ڪميڻي ماريو اٿئي؟“
”ڪنھن بہ نہ “
”پوءِ هي نيرا نيرا ٻَنا ڇا جا آهن.“
”مان ڪري پئي هيس، تڏهن ڌڪ لڳا آهن.“
”نہ تون ڪوڙ ٿي ڳالھائين.“
پڦھنس کيس ڀاڪر ۾ کڻي کٽ تي ويھاريو ۽ ٻاهران دلي مان پاڻي ڀري اچي نموءَ کي ڏنائين.
”هاڻي ڳالھہ ڪر مٺي سچي، توکي ڪنھن ماريو آهي؟“
”ماستر وڏي.“
”ڇو تو کي ماريائين؟ سبق ياد ڪري نہ وئي هئينءَ ڇا؟“
”نہ پڦي مون کي اهو تہ ياد هو. دير ٿي وئي هئي مسجد ۾ پھچڻ تي، انڪري.“
”اڙي ماستر وڏي جو تہ مٿو خراب آهي، ڪھڙو ﷲ ڀڳو ٿي ويو جو تو نياڻيءَ کي ڏنا ڪيا اٿس، هتان لنگهي تہ سھي اِهڙي جنڀ هڻندي مانس جو ستن پيڙهين کي ياد ڪندو.“
”نہ پڦي نہ ان کي ڪجهہ بہ نہ چئجانءِ. سائين وڏو مون کي ڪھي ڇڏيندو.“
”ڪھي ڇڏيندو جو انڌن جي خيرات آهي. پر مان ادي کي چوندي آهيان ٻارن کي شھر ۾ پڙهاءِ. هن ملا اسڪول مان نہ هوند نہ شڪر. رهندو بہ ٻارن کي ماري ماري اڌ مئو ڪن.“
”پڦي توکي خبر آهي اڄ وڏي ٻوڏ آئي آهي، ٻوڏ جو پاڻي وڏي بند وٽ پھتو آهي. اسان هاڻي شھر هلنداسين.“
”هان سچ چئہ.“
”ها پڦي ٻارن ڳالھہ پئي ڪئي تہ ٻوڏ آئي آهي ۽ سڀ ڳوٺ جا ماڻھو بند تان موٽي آيا آهن. هاڻي سڀ شام تائين لڏي ويندا. پر پڦي اسان ڪيئن هلنداسين بابا تہ آهي ئي ڪونہ گهر کي ڪلف ڏنو پيو آهي.“
”نمو پڻھين شام تائين موٽي ايندو. مان سمجهان ٿي تہ ٽيون ڏينھن شام جو توکي نوڪر مون وٽ ڇو ڇڏي ويو. پڻھين ماڻھين کي ماري ڪٽي پوءِ ڪلف ڏئي شھر هليو ويندو آهي، ۽ پوءِ ٽن ڏينھن کان پوءِ شراب جا دنگ چاڙهي موٽندو آهي، اِهو ڪڏهن ڪونہ سڌرندو. ڪچي ڪنا نہ لڳا سو هاڻي پڪي گهڙي ڇا لڳندا.“
هوءَ اندر وئي ۽ چادري کڻي ٻاهر آئي. ”مان ٿي هلان تو سان گڏجي. ماڻھين جو الائي ڪھڙو حال ٿيو هوندو، ڀاڄائي تہ نائين مھيني پيٽ سان بہ هئي. ادا تہ صفا قھاري آهي. ماڻھپوئي منجهس ڪونھي.“
ڪنجين جو ڇڳو کڻي نموءَ سان گڏجي ٻاهر نڪري آئي.
سج نسوري باھہ پئي ڇڏي، اصل ڪانوَ جي اک ٿي نڪتي، نمو پنھنجي پڦيءَ جي پاڇي ۾ لڪندي گهر آئي.
پڦھنس ٻہ چار ڪنجيون واري سان ڪلف ۾ هڻي ڏٺيون نيٺ هڪڙي ڪُنجي لڳي ۽ ڪلف کلي پيو.
گهر ۾ سانت لڳي پئي هئي. ورانڊي مان ٿيندي ڪامل صفي ۾ گهڙي.
صوفيا سور کان چِنگهيو پئي. سور کان ننڊ بہ ڪانہ آئي هيس. چولو جڏهن ٽڪر لٿل جسم سان لڳو پئي تہ صوفيا کان رڙ نڪري ٿي وئي.
”آه........ مري ويس.“
”تون! ڀاڄائي هي تو کي ڇا ٿيو آهي؟ سڄي رتو رت لڳي پئي آهين“، هن چولو آهستگيءَ سان مٿي ڪيو ۽ رڙ ڪري هڪدم هٿ ڇڏائجي ويس.
”مان تہ ڏسي بہ نٿي سگهان، هنن ڦٽن کي“ ۽ ڀاڪر پائي روئڻ لڳي. ”ڀاڄائي ادو تہ صفا قھاري آهي، ان کان تہ توکي هڪ دفعو ماري ڇڏي.“
پوءِ هوءَ رڌڻي ۾ هلي وئي، ڪجهہ دير کان پوءِ آئي تہ سندس هٿ ۾ وٽي هئي. جنھن ۾ ڪٽيل گرم ٿيل سُنڍ ۽ تيل ملايل هو. ۽ وري چولو مٿي ڪري ڪپھہ ٻوڙي ڦٽن کي هڻڻ لڳي.
نمو ورانڊي ۾ بيٺي هئي ۽ دريءَ منجهان جهاتي پائي هن سڀ ڪجهہ ڏٺو. ۽ ماٺ ميٺ ۾ ڳوڙها ڳاڙيندي رهي.
ٽپھريءَ جو وقت هو. نوڪر اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري نم هيٺان کٽ ڪڍي ۽ ڀر ۾ ٽيبل ۽ آرام ڪرسي رکي. ٽيبل مٿان ريڊيو ۽ ڪجهہ ڪتاب پيل هئا.
هڪڙي ۾ عمر خيام جون رباعيون ۽ ٻيو ڪتاب ڪاليداس جو جڳ مشھور ’شڪنتلا‘ رکيل هو. ان وقت نمو ماءُ جي مٿان جهلي پئي هلائي، ماڻس ۽ پڦھنس کي ننڊ اچي وئي هئي، رکي رکي نمون کي گهيرٽ ٿي آيا. پر ستت ئي سجاڳ ٿي وري جهلي هلائڻ لڳي. نمو نہ پئي چاهيو تہ ڪو ماڻس جو آرام ڦٽي، تنھنڪري هن پنھنجي سور کي نظر انداز ڪندي لڳاتار جهلي پئي هلائي.
”اڙي سڀ ڪاڏي مري کپي ويا آهيو.“
سارنگ سڌو ڌوڪيندي اندر آيو، اکيون شراب ۾ ڳاڙهيون لڳيون پيون هيس. وات ۾ ڌپ ۽ هٿن ۾ شراب جي بوتل.
”اڃا پئي ننڊون ڪرين ڪميڻي. منھنجي گهر کي تو پڻھين جي جاگير سمجهيو آهي.“ ۽ شراب جي بوتل صوفيا جي نرڙ تي وهائي ڪڍي. شيشو ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. شراب صوفيا جي رت سان گڏجي هنڌ تي پکڙجي ويو.
صوفيا مٿي کي هٿ ڏئي ويھي رهي. ننڍڙي نمو هراس ۾ اتان اٿي وڃي ڪٻٽ پويان لڪي. گهر ۾ ڄڻ راڪاس گهڙيو هو.
”............ اٿي منھنجو بوٽ لاھہ نخرا ڇڏ. مون وٽ اِهي نخرا نہ هلندا.“
سارنگ چچريل آواز ۾ گارين جو ڌوڙيو لائي ڏنو.
صوفيا کٽ تان هيٺ لٿي، سارنگ جي پيرن وٽ جُهڪي بوٽ جون ڪھيون کولڻ لڳي. ان وقت کيس مٿي ۾ ڦيري پئي آئي، اکين اڳيان اوندھہ اچي ويس ۽ پيشانيءَ تان رت جا ڦڙا ڪجهہ صوفيا جي اکين ۾ پيا تہ ڪجهہ سارنگ جي بوٽ تي. صوفيا جي اکين اڳيان اوندھہ اچي وئي ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳس ۽ هوءَ سارنگ جي پيرن مٿان ڪري پئي.
سارنگ بوٽ جو ٿڏو سندس زخميل نرڙ تي هنيو.
”اڙي مري وئين ڇا......
آها...... ها..... ڏٺو مري وئي.“
۽ جهومندو ٻاهر اڱڻ ۾ نڪري آيو.
”هي وري ماءُ جو...... ڇالاءِ پيو آهي.“ هن ريڊئي کي لت هڻي ڪيرايو.
هن جهُڪي ٽيبل تان ڪتاب کنيو.
”اڙي ڪاليداس جي شڪنتلا........... ڪاليداس بہ وڏو ”...................“ ڪوي........ڪلا..........ڪار- هون!
”سڀ فراڊ آهي. منھنجي شڪنتلا ڏسو رت ۾ ٻڏل آهي،“ سارنگ ڪتاب کي پري ڦٽي ڪندي چيو، وري هن جُهڪي ٻيو ڪتاب کنيو. ”رباعيات عمر خيام“ خيام دلبر هو. دلبر مون وانگر عورت ۽ شراب جي شيدائي. ۽ پوءِ سارنگ پاڻ کي کٽ تي اڇلايو ۽ بوٽ سوڌو سڌو سنئون ٿي ٽنگ ٽنگ تي رکي ليٽي پيو عمر خيام جو ڪتاب سندس سيني تي پيو هو.
”مان ٽنگ، ٽنگ تي رکي آهي.... ماڻھو چوندا آهن تہ آيل ڀاڳ بہ موٽي ويندو آهي. ڀاڳ..... هاها............... ڀاڳ تہ منھنجي مٺ ۾ آهي......... تاريخ دان وڏا ڪوڙا آهن......... لکيو اٿن تہ:
تيمور هڪ دفعي جهنگ ۾ ستو پيو هو، ٽنگ ٽنگ تي چاڙهيو اگهور ننڊ ۾ ستل هو...... هو ته...... ها چوان ٿو هو پوءِ ڇا ٿيو.......... ڌوڙ وڃي پائي تيمور لنگ تاتاري بہ وڏا .......... هئا،چنگيز خان........... هلاڪو............... باهيون ڏيندا هئا، گهر ساڙيندا هئا...... مائن جي گود اجاڙيندا هئا. رتو ڇاڻ ڪندا هئا............... عورتن سان عياشي ڪندا هئا.......... عياشي ها............. ها عياشي عورتون هونديون ئي ان لاءِ آهن. مان بہ چنگيز خان آهيان. ڏس نمو منھنجي ڊپ کان ڪيئن وڃي ڪٻٽ پويان لڪي! ڊڄڻي گداڙي.... ان ڪميڻيءَ کي بہ مون وٽ ڄمڻو هو. هراسلي اکيون کڻي گهمندي وتندي آهي ڪنڌ جهڪائي......... اڙي تيمور لنگ تہ ستو پيو هو جهنگ ۾....... پوءِ مان ڇو کٽ تي ستل آهيان................ هن کي ڪنھن درويش زور سان ٽنگ تي لٺ وهائي ڪڍي هئي........... تڏهن منڊو ٿي پيو هو....... درويش مون کي ڇو نہ ٿو لٺ هڻي، تيمور منڊو ٿيو هو پوءِ بادشاھہ ٿيو هو. تيمور کي درويش لٺ هڻي سجاڳ نہ ڪري ها تہ تيمور جي ماءُ کي سلطنت ملي ها. تاتاري وڏا لچ، ڦورو.................. ٿُو..... آخ ٿُو............“ سارنگ هوا ۾ بجو ڏيندي ٿڪ اڇلائي............. ”درويش چيو هوس تہ تون ٽنگ ٽنگ تي رکي نہ سمھندو ڪر، آيل ڀاڳ بہ موٽي ويندو آهي. تنھنجي ڀاڳ ۾ بادشاهي لکيل آهي. تون وڏو شھنشاھہ ٿيندين......... پوءِ تاتارين دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو............. چؤطرف رت ۽ باھہ جا الا پکيڙيا هئا............ ها.......جڳ مڳ ديپ جلايا.............. دنيا تي دانگي ملي ڇڏي....... انساني تھذيب تي ڪارنھن ملي........ شيطان.... انھن تاتاري شيطانن جو دنيا وارن ڪھڙو آڱوٺوپٽي ڪڍيو.... جو منھنجو پٽي ڪڍندا..... مان تہ رڳو صوفيا کي ٿو ماريان- هوءَ منھنجي زال آهي، ڀلي ماريانس منھنجي مرضي آهي دنيا وارا منھنجو ڪھڙو آڱوٺو پٽي ڪڍندا.....
”مان شراب ٿو پيان، ڀلي پيان.... رنون ٿو گهُرايان، منھنجي مرضي، هي مُعاشرو مرد جو جوڙيل آهي، هتي مرد کان ڪو بہ پڇڻ وارو ڪونھي، سڀ مرد تاتاري آهن، پنھنجي اندر ۾ ابليس کڻي گهمندا آهن....... مان بہ وڏو شيطان آهيان، سڀاڻي مون کي ڪا ٻي ڇوڪري وڻي وئي تہ صوفيا کي چوٽيءَ کان گهلي لتون هڻي ڪڍي ڇڏيندس. ماڻھو مون کي ڪجهہ نہ چوندا.... ماڻھو منھنجو ساٿ ڏيندا صوفيا کي ڌڪاريندا.... ٿُو ٿُو ڪندا... کِلندا تہ پڪ ئي پڪ تہ يار سان ڏٺو هوندئين.“
”صوفيا......... صوفيا............“
سارنگ وڏي رڙ ڪئي.
”........ڪاڏي گم ٿي وئينءَ؟ مري وئي..... چڱو ٿيو مري وئي ........“ هو جهومندو اٿيو ۽ بڪندو ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻاهر نڪري ويو.
اڌ رات جو در کڙڪيو صوفيا هونءَ پٽ تي پئي هئي، ڪمري ۾ گگهہ اوندھہ هئي ٻاهر اڱڻ ۾ چوڏهين جو چونڊ کڙيل هو. چنڊ جا شيتل ڪرڻا ڌرتيءَ مٿان ٿي ڪِريا ڄڻ چانڊوڪيءَ جو آبشار جبلن مٿان وهندو ڌرتيءَ تي پکڙجي ويو هجي. ورانڊي ۾ بتي پئي ٻري، صوفيا ورانڊي ۾ آئي تہ نمو کي کٽ تي ستل ڏٺائين، سندس ٽنگون کٽ کان هيٺ گوڏن تائين لڙڪيون پئي، چنڊ جي هلڪي هلڪي روشنيءَ ۾ بہ سندس چھري تي پيل نيرا ٻَنا چٽا نظر ٿي آيا. هوءَ نموءَ جي ڀر مان لنگهندي اڱڻ ۾ ٻاهر نڪري آئي، در تي اچي هن پڇيو: ”ڪير آهي.؟“
”مان آهيان صوفيا.“ صوفيا کي بہ پڪ هئي تہ اهو سارنگ ئي هوندو. ننڊ ۾ بہ سندس ڪن سارنگ جي در کڙڪائڻ جي انداز کي سڃاڻي وٺندا هئا. سارنگ آڱر کي ٻٽو ڪري پوءِ ڏوڏن سان در تي هلڪي انداز سان ٺڪ.... ٺڪ ڪندو هو. صوفيا سارنگ جي اوسيئڙي ۾ هوندي هئي، اڌ جاڳيل اڌ سُتل. در تي ٺڪ ٺڪ جو آواز صوفيا جي ڪنن لاءِ اوپرونہ هو. ڄاتل سڃاتل آواز هن جي شعور ۽ لاشعور ۾ لڪل هو. تڏهن ئي تہ گهري ننڊ م ستل هوندي هئي تہ هڪدم ڇرڪ ڀري اٿندي هئي. پوءِ در تي وڃي پڇندي هئي.
”ڪير آ....؟“ اِهو ڄاڻندي بہ تہ هو پڪ سارنگ ئي هوندو. بس دل کي تسلي ڏيڻ لاءِ تہ متان ڪو اوپرو ماڻھو نہ هجي. هوءَ ڏاڍو هراسيل هوندي هئي. هن در لاٿو ۽ سارنگ صوفيا ۾ نھارڻ بنا کٽ تي اچي ليٽيو.
صوفيا پيرانديءَ کان بيھندي ٿورو نوڙي سارنگ جي بوٽ جون ڪھيون کوليون ۽ بوٽ لاهي هيٺ ڌرتيءَ تي رکيو ۽ پوءِ جوراب لاهي ڇنڊي تار تي وڌا تہ ڪجهہ وائکا ٿين. پوءِ هوءَ وڃڻ لڳي.
”ڪاڏي ٿي وڃين؟ مون کي زور ڏي.“ هن صوفيا جو هٿ پڪڙي ڀر ۾ ويھاريندي چيو.
”اچان ٿي“، هوءَ کٽ تان اٿي وڃڻ لڳي. سارنگ هن جو وري هٿ جهلي ورتو ۽ سٽ ڏيئي ويھاريندي تيز لھجي ۾ چيو.
”مان توکي آهيان نہ....... چوانءِ ٿو زور ڏي. ٻڌين ڪانہ ٿي ڇا؟ گهُري ٿي موچڙا کائين. پوءِ وري وري مِسڪندي وتندي آهين. ٻليءَ وانگر ميڪ ميڪ ڪندي آهين.“
”مان اچان ٿي نمو ورانڊي ۾ کٽ تي سُتي پئي آهي. هيٺان هنڌ بہ ڪونہ اٿس. سڄي پگهرجي وئي آهي، ان کي بہ ٻاهر کڻي اچان.“
”چڱو هاڻي بڪ بند ڪر، مون کي شرافت سان ويھي زور ڏي. اڃا ڪالھوڪا بہ ڦٽ ڪونہ ڇٽا اٿئي، وري ٿي موچڙا موچڙا ڪندي وتين.“
سارنگ جاڳيو پئي. پر صوفيا کي زور ڏيندي ڏيندي ننڊ اچي وئي هئي ۽ سندس منھن سارنگ جي ٽنگن تي پيل هو.
سارنگ آهستگيءَ سان اٿيو ۽ صوفيا کي کٽ تي ليٽايو ۽ اندر ورانڊي ۾ ويو. بتي کڻي نمو جي منھن ۾ نھاريو.
نمو جي ڳلن تي نيرا نيرا ٻنا ڏٺا.
هن بتي ٿورو وڌيڪ ويجهو جهلي غور سان نموءَ جي منھن ۾ نھاريو. پوءِ هٿ کان جهلي ٻانھن ۾ نھاريو. اڙي هي نيرا ٻنا نموءَ جي جسم تي ڪٿان آيا، مون تہ رڳو صوفيا کي ماريو هو. پوءِ هي نيرا سوڄ کاڌل ڳل ۽ ٻانھون نموءَ جون ڪيئن ٿيون. ڪٿي اڃا تہ نشي ۾ ڪونہ آهيان، سارنگ ٿورو ڪنڌ کي جهٽڪو ڏنو. هلڪو هلڪو خمار برابر هيس پر سندس هوش حواس بلڪل ٺيڪ هئا.
”ڪنھن ذليل ....... هن کي ماريو آ............؟ ماڻس....... اون هون............... ماڻس تہ پاڻ بي هوش ٿي وئي هئي. هلڻ کان هلاک. سارنگ ورانڊي مان ٻي کٽ ڪڍي اڱڻ ۾ رکي. اندران ڪمري مان هنڌ کڻي کٽ تي وڇايو ۽ ٻہ وهاڻا بہ اندران کڻي آيو. پوءِ وڃي نموءَ کي اندران کڻي اچي کٽ تي سمھاريو ۽ پاڻ سگريٽ ڪڍي پيئڻ لڳو. دونھن جا هلڪا هلڪا ڪڪر چانڊوڪيءَ ۾ عجيب پراسرار نموني ڦھلجي ٿي ويا. هو ڳچ وقت چنڊ ۾ نھاريندو رهيو.
نموءَ جي ڀر ۾ ليٽيل هو ۽ پوئين پھر ۾ کيس ننڊ اچي وئي.