اُجرو من
ڪڏهن قسمت پنھنجو دان ڏيندي هئي ۽ واٽ ويندي تون ڏسڻ ۾ ايندو هئين، تڏهن منھنجي من جو ديس اجڙي ويندو هو. منھنجي منھن تي اذيت جا پاڇولا تري ايندا هئا، ان ڏينھن بہ ائين ٿيو ڏهن سالن کان پوءِ مان توکي ايڏو ويجهو ڏسي سگهيس. هاءِ ڏک ۽ خوشيءَ جا احساس منھنجي سڄي وجود تي ڇانئجي ويا. تو مون سان ڳالھايو بہ ڪونہ! مون کان ايڏي نفرت! پوءِ بہ ڄڻ مون کي سرڳ ملي ويو هو!!
تون مون کي وساري پنھنجي دنيا ۾ خوش رهڻ لڳو هئين. تون منھنجي احساس کي ٿڏو هڻي رمندو رهين. تنھنجي هستي منھنجي اکين ۾ سمائجي وئي هئي. ڪيترا ڏينھن ڪيترا پلَ منھنجي ساهن ۾ رچي ويو هئين. اهو سڄو ڏينھن مان خوش هيس. تنھنجي هستيءَ جا پاڇولا منھنجي نيڻن جي ساگر ۾ جهولي رهيا هئا. جڏهن بہ ائين ٿيو آهي، تہ ڄڻ مون کي ڪل ڪائنات ملي وئي هجي. ان رات مان تارن جي جهرمٽ هيٺان اچي ستس، تنھنجي باري ۾ سوچيندي صبح ٿي ويو. صبح جا چار وڳا ۽ پوءِ پرھہ ڦٽي تارن جو جهرمٽ آهستي آهستي ڌنڌلو ٿيو ۽ پوءِ گم ٿيڻ لڳو. تارا آسمان ۾ ڪيئن اڀري ايندا آهن ۽ ڪيئن گم ٿيندا آهن، اهو نظارو مون ان رات ئي ڏٺو. ائين لڳو ڄڻ اڌ تارن جو جهرمٽ تنھنجي گهر ۾ گم ٿيو ۽ باقي اڌ تارا اتر قطب ۾ گم ٿي ويا.
ڪنھن مون کان پڇيو تہ ”ڪالھہ توهان جي منھن تي ايتري اذيت ڇو هئي؟ لڳو ٿي ڄڻ توهان جي دنيا اجڙي وئي هجي!“ مون ان کي جواب ڏنو هو .دل جي دنيا اجڙي تہ هئي، پل ڀر لاءِ من جي آڪاش تي ڪروڙين تارا چمڪيا هئا ۽ جيڪي سڀ جا سڀ ڪاري ٻاٽ اوندھہ ۾ گم ٿي ويا ۽ پويان مون لاءِ ڪاري رات ڇڏي ويا. من جي ڌرتيءَ تي سوين گل ٽڙيا هئا، جنھن جي لاءِ ڄاتم ٿي تہ پل ڀر ۾ ڪومائجي وڃڻا آهن. من جي آڪاش تي سوين تارا جرڪيا هئا، ڪير ڪيئن ڄاڻندو تہ دل تي ڇا گذريو هو!؟ ڄڻ پل ڀر لاءِ مون کي ڪائنات ملي وري ڦرجي وئي هئي!!
اڄ آسمان ڪڪرن سان ڀرجي آيو هو، اهي ڪڪر تنھنجي گهر مٿان بہ تہ هوندا ۽ تو بہ انھن کي جي ڀري ڏٺو هوندو! گهڙي رکي ڌرتيءَ تي رم جهم ٿيڻ لڳي هئي مون سوچيو هو تہ اها برسات جي رم جهم تنھنجي گهر ۾ بہ تہ ٿي هوندي ۽ ان ڪري تنھنجي منھنجي وچ ۾ مينھن جي ڦڙن ۽ ڪڪرن ناتو جوڙيو هو، تنھن ڪري مون برسات کي ڪي پھر ويٺي ڏٺو. منھنجي اکين ۾ مينھن سان گڏ تون بہ وسڻ لڳو هئين. برکا رت مون لاءِ سنديس آڻيندي آهي، پيار جو سنديس! مون پھرن جا پھر مينھن ۾ ويٺي نھاريو، اڄ منھنجو يار وسڻ جا وس ڪري آيو هو سو دل ورچي ئي نہ پئي! وڏ ڦڙن مان ائين ٿي لڳو تہ اهي ڪڪر آسمان تي نہ پر منھنجي دل جي وشال آڪاش تي مڙي آيا هئا. جيئن ڪارا ڪڪر وسڻ بند نہ پيا ڪن تيئن ڌرتيءَ سان گڏ مون کي بہ جل ٿل ڪندا پيا وڃن. تڏهن مون دل جا در تو لاءِ کولي ڇڏيا هئا. مون کي اها پوري ريت خبر هئي تہ تون اچڻو ناهين پوءِ بہ اکين ۾ اوسيئڙا سمائجي ويا آهن، من ۾ سوين گل ٽڙي پيا هئا. مينھن سڄي رات وسندو رهيو. برکا رت سڄي رات ڌرتيءَ کي بوندن جو آشيرواد ڏنو. منھنجي دل بہ تو لاءِ سڄي رات رئندي رهي هئي. تنھنجي هستي هر شيءِ مٿان وکريل هئي. تون مون وٽ نہ هئين تہ ڇا ٿي پيو؟ تنھنجي مھڪ هر شيءِ ۾ رچيل هئي. قدرت جي سونھن مون مٿان ڇانيل هئي ۽ تو مٿان بہ. انڪري تون مون کان پري هوندي بہ تمام گهڻو ويجهو هئين، ساهن جيترو ويجهو. چريا توکي ڪھڙي سڌ تہ توکي ڪيئن مون ساهن جيان سال سانڍيو آهي. منھنجي ياد منھنجي نگاهن تنھنجو هر هنڌ پيڇو ڪيو آهي.
تيز برسات ۽ تکين طوفاني هوائن مون کي پنھنجي لپيٽ ۾ ورتو هو. ان ڏينھن مون کي گهر ۾ سک نٿي آيو. دل ۾ سور جون سٽون پئي اڀريون، مان پنھنجو گهر ڇڏي تو وٽ هلي آيس. تنھنجي گهر وٽان اچي لنگهيس ۽ مون ٻہ ڏينھن لڳاتار ائين ڪيو. تنھنجا نہ سھي تنھنجي آشياني جا درشن ٿي وڃن، جنھن ۾ يادون دفن ٿيل آهن. منھنجي پيار رنگ لاتو. اتفاق سان تون ڪنھن ڪم سانگي پنھنجي گهر جي اڳيان ئي بيٺل هئين. توکي ڪجهہ ياد آهي تہ تو چيو هو تہ ”جڏهن تون ايندين آهين تہ مان هن دريءَ مان توکي ڏسندو آهيان، جيسين تون نگاهن ۾ رهندين آهين ۽ پوءِ وقت جو اندازو لڳائي مان هت در جي ڀر ۾ اچي بيھندو آهيان ڇٻر کي پاڻي ڏيڻ جي بھاني جيئن توکي اُس ۾ در تي گهڻي دير بيھڻو نہ پوي.“ ۽ تون جو اُس ۾ بيھي سڙندو رهندين اُن جو ڀلا مون کي ڏک نہ ٿيندو؟ مان تو وٽ اچي ويندس. ٿوري دير يا سوير.
ان رات آسمان جرڪي پيو هو. اجرو اجرو آسمان ڪيترو نہ حسين لڳي رهيو هو. منجهس چنڊ کڙي آيو هو. تارن جي جوت ڌنڌلي هئي تنھنجي ياد وانگر. ائين ڇو آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن تنھنجي ياد سج وانگر تکي ٿي ويندي آهي ۽ سڄي سرير کي ساڙيندي آهي ۽ ڪڏهن مٺي مٺي شيتل هردي ۾ پيھي ويندڙ. ڪڏهن گلن جي سرهاڻ کڻي ايندي آهي، ڪڏهن ڪنڊن جي چڀن. اها ياد جي اک ٻوٽ ڏهن سالن کان لڳاتار هلي رهي آهي. ڪاش هڪ وار وسري وڃي ها تہ پنھنجي جيون کي سنواريان ها!! ڪوئي منھنجي جيون ۾ آيو بہ پر جڏهن بہ ان ۾ نھاريندي آهيان تہ نگاهن ۾ تون سمائجي ويندو آهين ۽ مان ان وقت ڏور ڪنھن ڏوراهين ڏيھہ ۾ پھچي ويندي آهيان جتي فقط تون ۽ مان هوندا آهيون، تڏهن ئي تہ جڏهن مان هن جي سيني تي منھن رکندي آهيان تہ مٺي مٺي مرڪ سان ۽ گهرين اداس نگاهن سان تون اچي سامھون بيھندو آهين. هاڻي من اندر اجڙيل پيار جا محل پل ڀر ۾ اچي پٽ تي ڪرندا آهن ۽ مان پاڻ کي ڪنھن ويراني ۾ واريءَ جي دڙي تي ويٺل نظر ايندي آهيان چئو طرف ويرانو پکڙجي ويندو آهي. رنڃ ئي رنڃ برپٽ ئي برپٽ. تنھنجي مٺي مٺي ياد پل ڀر ۾ من ۾ سمائجي وري هميشہ لاءِ گم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ من کي ڇاٿي ويندو آهي سڄي ڪائنات جرڪي پوندي آهي تنھنجيياد ۾. تنھنجي ياد ۾ تہ الائي ڇا آهي جو پل ڀر ۾ سڀڪجهہ وسري ويندو اٿم. منھنجي هستي مٽجي ويندي آهي. چوندا آهن تہ سچيءَ دل سان ڪير ڪنھن کي ساري تہ اها ياد دٻيل قدمن سان ان وٽ هلي ويندي ۽ تڙپائيندي پر تو سان ائين بہ ڪونہ ٿو ٿئي!؟ ڇو تہ تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي. پر اها ڳالھہ چڱي تہ ناهي جنھن تي تون فخر ٿو ڪرين!؟
برکا رت پيرن ۾ پايل پائي ڇم ڇم ڪندي آئي ۽ پيار جي گهاگهر ڇلڪائي وئي. ڪن جي پياس ٻجهي ۽ ڪن کي وڌيڪ پياسو بڻائي وئي. مينھن سڄي رات وسيو سڄو ڏينھن وسيو. مون ان ساڳئي هنڌ تي ويٺي برسات ڏٺي. ڀر ۾ ريڊيو پيو هو ۽ آل انڊيا تان گيت هلي رهيو هو:
خوشی کی آس ہی رہی اور خوشی نہ ہوئی
میں دیکھوں چاند چمکتا ہو رات ہی نہ ہوئی
اندھیری رات تھی تارے نہ چاند اور نہ چراغ
جلانے بیٹھے جو دل بھی تو روشنی نہ ہوئی
یہ دل کا زخم بھی ہوتا ہے کتنا گہرا زخم
جتن ہزار کیئے درد میں کمی نہ ہوئی
بہاریں اب بھی چمن میں مسکراتی تو ہوں گی
۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بہار ہی نہ ہوئی۔
ان ڏينھن منھنجي دل سان ڪجهہ ائين وهيو واپريو هو. تو لاءِ مون ڪارن ڪڪرن کي سنھيو ڏنو هو، تارن سان تنھنجون ڳالھيون ڪيون هيون. گگن منڊل تي جي سوين رنگ وکريا هئا، مون انھن سان تنھنجون ڳالھيون ڪيون هيون. توکي تہ فقط ڳاڙهو ۽ گلابي رنگ وڻندو آهي نہ؟ مون تہ پنھنجي جيون جا سمورا رنگ نڇاور ڪيا آهن جن کي تون سميٽي نہ سگهيو آهين. هندستان جي پراڻن گيتن ۾ انسان ذات جي پوري تاريخ دفن ٿيل آهي. انھيءَ تاريخ کي مون پاڻ ۾ سمايو آهي. هندستان جي گيتن ۾ ڌرتيءَ جا راز دفن ٿيل آهن. انساني جذبن جا راز. سچ تہ اهو آهي تہ جي هندستاني گيت نہ هجن ها تہ اڄ مان نہ هجان ها!! ها تہ ان ڏينھن برکا رت پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. منھنجي ۽ تنھنجي اڱڻ تي ناچ ڪيو هو، ۽ مون بہ پوءِ پيرن ۾ پايل ٻڌي هئي. پايل جا موتيءَ جا داڻا ڳاڙهي رنگ جا هئا ۽ مون ڪو پھر ناچ ڪيو هو. تون چوندو هئين نہ تہ ”اسان ٻئي گڏجي ڳائينداسين.“ تون مون لاءِ دل جا دريچا بند ڪري سڀ ڪجهہ وساري ويٺو آهين پر مون کان ڪجهہ بہ نہ آهي وسريو. مان اڪيلي ڳائيندي آهيان پھرن جا پھر. تون چوندو هئين تہ ”مان ڪو ڪو گيت جيڪو دل کي ڏاڍو وڻي وڃي اهو سوين وار ٻڌندو آهيان.“
مان بہ ائين ڪندي آهيان. الائي ائين ڇو آهي جو تو ۾ ۽ مون ۾ گهڻي هڪ جھڙائي آهي. تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي ۽ منھنجي سڄي جسم ۾ پٿر ڀريل آهن پر پوءِ بہ مان ڏاڍي نرمل ۽ ڪومل آهيان. مون ناول لکيو آهي. ناول جي ارپنا تو سان منسوب ٿيل آهي. ناول جي پھرين صفحي تي تنھنجي چيل هڪ سيٽ لکي ڇڏي اٿم.
“Don’t do that there is nothing left behind us.” پر مان توکي اهو “There is every thing behind us”. ٻڌائڻ آئي آهيان تہ تو ائين چئي پنھنجي ڪلھي تي رکيل هٿ هٽايو هو ۽ دل جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. مون کي اڄ بہ سمجهہ ۾ ڪونہ آيو آهي تہ تو ائين ڇو ڪيو؟ آخر تہ مان توکي ڏاڍي پياري هيس!! توئي تہ چيو هو تہ: ”مٺي ائين ئي پيار نہ آهي مرندو.“ پر تو ان کي ماري ڏيکاريو، ڇو تہ زندگيءَ جو امرت توکي نہ وڻيو ڇو تہ تون موت جي ڪڙاڻ ۽ بدصورتي پيئڻ جو هيراڪ آهين. توکي حياتيءَ جي خوبصورتي نہ وڻي پر پوءِ بہ منھنجو من تو لاءِ ايڏو ڀٽڪيو. مون تہ تنھنجي پالتو ڪتن سان بہ پيار ڪيو!!! تون پاڻ بہ ڪتو آهين ۽ مون کي چٺ سمجهندو آهين! سچ تہ تو ۾ جيڪي ڪتي واريون عادتون آهن، اهي مون کي ڏاڍو وڻنديون آهن. تون جو رٺل روح لڳندو هئين ۽ سڄي جڳ کان رٺل پر هاڻي تون رولو ڪتي وانگر رلندو وتندو آهين. دل ۾ نہ ڪجان، اهو سڀڪجهہ مان ڏاڍي ڏک ۽ نراسائيءَ وچان پئي چوان. اٿاھہ پيار مان تو پاڻ کي ڪتو ۽ مون کي ڪتي بڻائي ڇڏيو آهي. سياري جي آمد هجي، اهو دور 1977ع جو هو، مون کي وساري توکي پورو سال گذري چڪو هو. تو مون کي ڇڏي ڏنو ۽ مان بيمار ٿي پيس تون پڇڻ بہ ڪونہ آئين! موت ۽ حياتيءَ جي جنگ ۾ ڦاٿل هئس ۽ اڄ بہ آهيان. تون پوءِ بہ ٻہ پير ڀري مون وٽ نہ آئين.
ٻارنھن سال اڳ مون ٻہ خواب ڏٺا هئا، پھريون خواب هيئن هو:
مان هڪ هنڌ بيٺل آهيان بلڪل اڪيلي. منھنجي ڀر ۾ هڪ خوبصورت تلاءُ آهي. ان تلاءُ ۾ ڏاڍو صاف ۽ شفاف ٿڌو پاڻي آهي. ان وقت تون رستي تان اچي لنگهيو آهين ۽ تون مون کي ڏسندو ٿو وڃين. تون پنھنجي گاڏيءَ ۾ ويٺل آهين کير جھڙي اڇي گاڏيءَ ۾ جنھن کي تون مخصوص ۽ ڌيمي انداز ۾ هلائي رهيو آهين. مان اتي ئي بيٺل آهيان تہ تون وري اچي لنگهيو آهين. رستو سنسان ۽ ويران لڳو پيو آهي ۽ پوءِ گاڏيءَ مان لھي تون منھنجي ڀر ۾ اچي بيٺين ۽ گهڙي رکي تو مون سان ڳالھايو ”تون هت اڪيلي بيٺي آهين ڇو؟“
”مان اڪيلي ڇو آهيان!“
”مون سان گڏ هلندينءَ!؟“
”ها!“ پوءِ منھنجو خواب ٽُٽي ويو ۽ مان پاڻ کي اڪيلو اُتي تلاءَ جي ڀر ۾ ڏٺو.
مون توکي وري سپني ۾ ڏٺو: ڏسان ٿي تہ مان گهر ۾ اڪيلي آهيان. گهر ۾ صفائي ٿي ڪيان. تون گهر کان ٻاهر گاڏيءَ تي بيٺو آهين، ٻاهر اُس ڏاڍي تتل آهي. تون مون کي سڏين ٿو پر مان توکي چوان ٿي تہ ٿورو ترس مان صفائي ڪري اچان ٿي. پر پوءِ تون گهڻي دير ترسي ڪونہ سگهئين ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي هليو وئين! اهي ٻئي خواب مون تڏهن ڏٺا هئا جڏهن مون اڳي توکي ڪڏهن بہ ڪونہ ڏٺو هو ۽ جڏهن ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ توکي ڏٺم تہ هوبھو سپني ۾ ڏٺل انسان جھڙو هئين. مان اڄ بہ حيرت ۾ آهيان تہ اهو سڀڪجهہ ڇا هو!؟ جڏهن تون مون سان مليو هئين تہ مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو هئين. لڳيم پيو تہ تو سان ڪنھن جنم ۾ ڪو ناتو رهيو هوندو. اهي افسانوي ڳالھيون ناهن پر سورهن آنا سچ آهي. مون کي اڄ بہ سمجهہ ۾ نٿو اچي تہ اهو ڪھڙو ناتو هو جو مان هڪ اڻ ڏٺل انسان کي سپني ۾ ڏٺو جيڪو پوءِ منھنجي حياتيءَ تي ڇانيل آهي. تو مون کي ڇڏي بہ ڏنو. جنھن جو مون کي اڳ ۾ ئي کُٽڪو هو ڇو تہ مون سپني ۾ ائين ئي ڏٺو هو.
اڄ ٻارهن سالن کان پوءِ مون وري هڪ سپنو ڏٺو تہ هڪ گول چبوترو آهي، جنھن جي چؤطرف پاڻي آهي. ڏاڍو صاف ۽ شفاف شيشي جھڙو. ان ۾ پکي ترن ٿا. اهي پکي گڏجي هڪ هندستاني گيت ٿا ڳائن. اهو گيت مون کي چڱيءَ طرح ياد ناهي ڪجهہ هن ريت هو تہ ”هم پنڇي ايڪ ڊال ڪي.......“
ان چبوتري جي اولھہ طرف هڪ بند دروازو آهي. دروازو ڏاڍو قديم دور جو هو. مان ڏاڍي وياڪل آهيان ۽ سوچيان ٿي تہ تو تائين ڪيئن پھچان؟ ڇاڪاڻ تہ بند دروازي ۽ منھنجي وچ ۾ چبوترو ۽ پاڻي آهي، پوءَ مان ڀٽڪي ٿي وڃان پر پيچ گهٽين ۽ غليظ گهٽين ۾، ۽ خواب ٽٽي ٿو پوي. پکين تي ياد آيو هت منھنجا Practical انسان تہ توکي اها تہ سڌ هوندي تہ ٻہ پکيئڙا چھنب ۾ چھنب ملائي پھرن جا پھر وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا هوندا آهن. تون پنھنجي لغت ۾ ان کي ڪھڙو نانءُ ڏيندين!؟ اهي پکي فطرت جي لالچ کان گهڻو ڏور پاڻ ۾ کويل هوندا آهن، ٻڌاءِ تون ڪھڙو نانءُ ڏيندين.........!؟
مان بہ پکيئڙو آهيان منھنجي ڳچيءَ تي طوطي وانگر ڪنٺيون يعني ريکائون ٺھيل آهن. چوندا آهن تہ جنھن جي ڳلي تي ريکائون هونديون آهن، انھيءَ جو آواز ڏاڍو مٺو هوندو آهي......... ها نہ-----!؟-------- ها نہ------ جي پويان هڪ ڳالھہ ٿي ياد اچي، شايد توکي ياد هجي، پر تون مون کي وساري ويٺو آهين سو منھنجون ڳالھيون توکي ڪٿي ياد هونديون!؟؟ مان ئي چري آهيان اجايو..... هانہ--!؟ چئہ ”ها--- مٺي!!“ ائين چئي اکين ۾ پيار جون ريکائون ڀري ڇڏيون. جيئن گهڻا سال اڳ منھنجي ڳالھہ ٻڌي ڪيو هيئي. ان وقت تو سوچيو هوندو تہ هيءَ تہ ڪا بنھہ چري ٿي ڏسجي! منھنجو جيون بس ڪجهہ هن گيت وانگر گذري رهيو آهي. مان اڄ بہ چرين وانگر تو لاءِ سوچيندي آهيان.
بے بن سو ری پت جهڑ جیون میرا
تم بن ہیں یوں جل بن ندیا
میں سونے یوں بنا سانوریا
اوروں کی تو رات اندھیری
پر میرا تو ہے دن بھی اندھیرا
آئی مدھر رت بسنت بہار ری
پھول پھول پر بھنورا گونجتا
سَکھی آئی نویسین بھنور ہمارا
سب لگ نین دوار سجائوں
دیپ جلائوں دیپ بجهائوں
سب لگ کروں سنگهار
آئی مدھر رت بسنت بہار۔
اڄ مان سوچيان ٿي تہ پل، جڳن ۾ ڪيئن سمائجي ويندا آهن ۽ جڳ ڪيئن پلن ۾ وکري ويندا آهن. سا بہ مون کي هاڻي ٿي خبر پوي تہ هيءَ ڪائنات ڏاڍي پراسرار آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ نہ سمجهہ ۾ ايندڙ دلين جو ناتو.
سياري ۾ مون هڪ ٻيو بہ سپنو ڏٺو، سڄو تہ ياد نہ اٿم بس هڪ ٽڪر ياد اٿم تہ تو مون کي پري کان چاٻين جو ڇُڳو اڇلائي هنيو آهي، جيڪو ٽي ٽڪر ٿي پيو آهي ۽ منھنجي مٿان وکري ويو آهي. پوءِ جيئن ئي منھنجي اک کلي تہ منھنجي چپن تي هڪ گيت تري آيو، گيت جا ٻول ڪجهہ هن ريت آهن. ” کوئی دیکھے سندیسا دل کا ہائے دل لوٹ گیا ھائے لوٹ گیا.“
مون کي پوريءَ طرح ياد ناهي تہ اهو گيت مون سپني ۾ ڳاتو يا جاڳندي! هڪ دفعي تو چيو هو تہ: ”مٺي تون تہ ڪا ڏاڍي ستايل ٿي ڏسجين. تون تہ ڪا ڏاڍي جذباتي آهين“ها اهو سچ آهي تہ مان ڏاڍي جذباتي آهيان ۽ اوڏائي مون کي جذبات کان وانجهيل ماڻھو مليا آهن. هر دفعي قسمت مون کي مات ڏئي ويندي آهي.
تنھنجي سيني ۾ دل ڪانھي پٿر آهي ۽ تون بي رحميءَ منجهان ٿڪجي پيو آهين- مون توسان ڪا بي وفائي ناهي ڪئي، اهو تنھنجو وهم آهي. مان پنھنجي دل جي سمورين سچائين سان توسان گڏ آهيان. مون انسان جي آتما تي تجربو ڪيو آهي، بس اهو ڏسڻ چاهيو آهي، تہ پيار مري نٿو ۽ پيار ۾ شرط نہ هوندا آهن. منھنجو انھيءَ سِٽ تي پورو وشواس آهي. اها سٽ منھنجي روح ۾ رچي وئي آهي ۽ منھنجي حال، مستقبل ۽ ماضيءَ تي ڇانيل آهي. پيار ۾ ڪيتري شڪتي آهي بس ديوتا اهو ڏسڻ پئي چاهيو، تون سچ تہ ان کي بي وفائي نہ سمجهہ.
قدرت جون بي رحم قوتون پيار جي شڪتيءَ اڳيان بيوس آهن، مون هن ڌرتيءَ کي پيار جي ڪومل ڪومل جذبن کان وانجهيل رهي نہ ڏٺو آهي. هن ڌرتيءَ کي سون ورنو ڏسڻ چاهيو آهي.
اڄ ڌرتيءَ تي ڳاڙها گلابي گل ٽڙيا آهن ۽ چؤطرف انھن جي سرهاڻ آهي، مھڪ آهي. ان ۾ تون آهين، ان ۾ مان آهيان. هن جڳ جا سمورا سچا انسان آهن.
هڪ دفعي تون مون وٽ ويٺو هئين ان پل منھنجون ننڍڙيون ڌيئرون ڪمري ۾ گهڙي آيون. تو چيو ”هنن کي ڪڍي ڇڏ!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون جهٽ ڏئي هنن ٻنھين کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. ان وقت تون مون کي صفا ڪونہ وڻيو هئين. مون کي لڳو تون رڳو منھنجي سرير کي ٿو چاهين ۽ منھنجي آتما کي نہ، توکي منھنجي سرير جي بک آهي.
ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ مان تنھنجي ڀر ۾ ويٺل هيس تہ تنھنجو پٽ ڪمري ۾ آيو. سچ پڇين تہ مون کي هن تي ڏاڍو پيار آيو ڇو تہ هن ڪپڙي سان ٽيبل پئي صاف ڪئي. مون کي محنتي انسان وڻندا آهن، سو هي ننڍڙو انسان پنھنجي پتڪڙن هٿن سان ٽيبل صاف ڪري رهيو هو. تو گذريل ڳالھہ جو بدلو وٺڻ لاءِ پنھنجي پٽ کي چيو.
”ابا تون ڇو ٿو ٽيبل صاف ڪرين، آءُ هت اچي ويھہ.“ مون کي تڏهن توتي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. تنھنجي اها پيار سان ٽماٽار سٽ وڻي بہ ڏاڍي هيم. بس پنھنجي قسمت تي ڪاوڙ آئي هيم. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ منھنجون ننڍڙيون ڌيئرون تنھنجي ڪمري ۾ ويٺيون هيون. انھن کي مون رسالو کڻي ڏنو، هو ڏسڻ لڳيون، تڏهن تون ڪمري ۾ داخل ٿئين. تو ڏاڍي پاٻوھہ مان منھنجين ڌيئرن کي ڏٺو ۽ مون کان پڇيو ”ها ڇا ٿيون ڪن؟“
”رسالو ٿيون ڏسن.“ هو تمام ننڍڙيون هيون، انڪري توکي ڏاڍي حيرت لڳي ۽ پيار بہ آيو. ان وقت تنھنجين اکين ۾ منھنجي ڌيئرن لاءِ پيار پئي ڇلڪيو. توکي انھن جي اها ڳالھہ ڏاڍي وڻي هئي. تڏهن بہ تون مون کان پنھنجو پيار لڪائي نہ سگهيو هئين. تون کڻي پاڻ تي ڪيترا بہ بي رحميءَ جا خول چاڙهين، مان تنھنجي اندر مان گهمي ويندي آهيان. پوءِ مون کان پنھنجي اندر ۾ ويٺل انسان کي لڪائي ناهين سگهيو شيطان! ان لاءِ تون ڪروڙين جنم وٺين تہ بہ مون کان ڳجهو رهي نہ سگهندين.
چڱو ٿورو ذهن تي زور ڏي، تو هڪ دفعي چيو هو ”مٺي تون لپسٽڪ نہ هڻندي ڪر.“ مون لپسٽڪ هڻڻ ڇڏي ڏني. ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ تو وري فرمائش ڪئي تہ: ”مٺي تونNatural Colour لپسٽڪ هڻندي ڪر!“ مون توکي پرس مان Natural Colour Lipistick ڪڍي ڏيکايندي چيو: ”اجهو هيءَ ڏس، مون کي خبر هئي تہ هاڻ تنھنجي من ۾ ڇا ايندو! بس رڳو اهو الزام نہ هڻندو ڪر تہ مان توکي سمجهان نٿي.“
ها تہ Practical انسان توکي ڇا مليو مادي دنيا مان؟ تو چيو هو تہ تون سٺو بہ آهين ڏاڍو خراب بہ آهين. پيارا اهي خصلتون ڪنھن جون آهن؟ ٺھيو مان نٿي چوان توکي. پر مان تہ تو ۾ رڳو سٺو انسان ڳولي سگهي آهيان. تو وٽ جذبا آهن، ڏک آهن، سک آهن، تون بہ اسان جھڙو نرمل انسان آهين.
هن ڌرتيءَ تي جذبا، ڪلپنائون نہ هجن تہ ڪو ٻار وڌي جوان نہ ٿئي. ڌرتيءَ تي ايتري سونھن نہ هجي. سرير ۾ آتما نہ هجي. ان آتما ۾ جذبا نہ هجن تہ تون سڄو ڪروڌ سان ڀريل هجين، مزدور محنت نہ ڪري، هاري هَر نہ ڪاهي ۽ ڌرتيءَ تي رڳو اگني ئي اگني هجي. Practical ماڻھو ائينتہ ڪونھي، هت رڳو ڪروڌ تہ ڪونھي، گيت بہ آهن، سنگيت بہ آهي. سندر سندر گيت بنا ڪلپنا ۽ جذبن جي تہ ڪونہ سرجيا ويا آهن. پاڻ ٻنھي جا ٻار جوان ٿي ويا آهن. مان ائين ڀائيندي آهيان تہ مون کي ٽي ٻار آهن ۽ تون منھنجو سوامي آهين!
هڪ دفعو مان ٻوليءَ وارن فسادن ۾ بي گهر ٿيل سنڌين لاءِ توکان چندو وٺڻ آيس، تو مون کي ويھڻ لاءِ بہ نہ چيو، مان ائين ئي بيٺي رهيس تو چيو:
“What can I do for you”? منھنجي لاءِ تون ڇا ڪندين؟ توتي پڳ ڪانھي پئي. تون رڳو مون لاءِ ٻہ پل سوچين، پر تون ڪٺور آهين، ڪٺور بي حد بي رحم. انساني صفتن کان خالي. بس تو ويھہ رپيا ڪڍي ڏنا. اهي ويھہ رپيا مون وٽ ڪونہ هئا ڇا؟ مان تہ بس توکي ڏسڻ هلي آئي هيس. ايڏو من ۾ ڪروڌ اٿئي مون لاءِ؟ مان ايڏي ويل تہ ڪانہ آهيان، جنھن سان تون رڳو انسانن وارو ورتاءُ بہ نہ رکين!؟
جڏهن بہ مان تو لاءِ سوچيندي آهيان. منھنجي رت جي گردش وڌي ويندي آهي. ائين ڀائيندي آهيان تہ منھنجي جسم مان رت جهرڻي وانگر ڦٽي نڪرندو. تنھنجو سنجوڳ منھنجي سرير ۾ ڏڪڻي پيدا ڪندو آهي! ڪي ڏينھن اها سرديءَ جي لھر ڇانيل هوندي آهي. ائين ڇو آهي ٻڌاءِPractical ماڻھو ائين ڇو آهي!؟
منھنجو پاڻ تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن کلندي آهيان، ڪڏهن روئندي آهيان. تنھنجي سڃاڻپ مون کي قدرت جي نظارن مان بہ ملندي؟ مون کي تون ٻير جي وڻ جھڙو نظر ايندو آهين. هڪ دفعي مون وار پئي سيٽ ڪرايا. جڏهن ڪٽيل وار منھنجي جهوليءَ ۾ اچي پيا. وارن کي ڏسي اندر ۾ ڪنھن ڄڻ دانھن ڪئي. تنھنجا وار بہ اڇا ۽ ڪارا آهن. انھن وارن ۾ مون کي تون نظر آئين. تڏهن ئي تہ مان پنھنجي وارن کي ڪارو نہ ڪندي آهيان. ڪاتہ Resemblanceتوسان هجيم.
تو سرڻين وانگر لامارا ڏيڻ ڇڏي ڇونہ ڏنا آهن، تنھنجي انھن لامارن تي اڳي ڪاوڙ ايندي هئي، پر هاڻي تنھنجا اهي لامارا بہ ڏاڍا ياد ٿا اچن. هاڻي دل ٿي چئي تہ سرڻين وارا لامارا ڪڏهن بہ ختم نہ ٿين. تون منھنجي جڳن جي تلاش آهين. ائين مان توکي وڃائڻ نٿي چاهيان. توکي ياد آهي تو بہ تہ ڪڏهن ائين چيو هو تہ:
“I don’t want to lose you.” تو اڄ بہ مون کي لوز ناهي ڪيو، اڄ بہ جيئن جو تيئن منھنجي هردي ۾ سمايل آهين، شايد پکي پکڻ تنھنجي ياد ڏيارين. تو ۾ نيڪيءَ ۽ بديءَ جون وصفون سمايل آهن، تڏهن تہ ائين ٿيو. ”اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.“ تون ڇا ڄاڻين ڪڻڪ جي مانيءَ مان ڄٽ!!
هون ٺيڪ ٿي چوان نہ-!؟
رات ٿيندي آهي تہ ڏينھن جو انتظار ڪندي آهيان تہ شايد سج جا ڪرڻا تنھنجو ڪوئي سنديس کڻي اچن. شايد صبح جي ٿڌڙي هير ڪوئي سنھيو آڻي ۽ ڏينھن ٿيندو آهي تہ رات جو انتظار ڪندي آهيان تہ شايد سپني ۾ تون اچي مون کي جاڳائين. شايد چنڊ ستارا تنھنجو سنديش آڻين! پر ائين ڪونہ ٿيندو آهي. مان پاڻ ئي پاڻ يادن جي ڪڙين کي ملائي ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان تو سان وڃي ملندي آهيان. تون وساري ويٺو آهين تہ ڇا ٿي پيو! مون کي تہ جيئنَ جو تيئن ياد آهين.
هڪ دفعي تو منھنجي ڀر مان لنگهي ٿورو پريان وڃي گاڏي بيھاري. مون تيز تيز وکون کڻي تو تائين رسڻ جو جتن ڪيو پر تو منھنجي پھچڻ جو انتظار نہ ڪيو ۽ هليو وئين! تون ٻہ پل جي رڪجين ها تہ مان تو وٽ پھچي وڃان ها. توکي هٿ ٻڌي چوان ها تہ مون کي ائين ڌڪار نہ، مان تنھنجي آهيان. دل تنھنجي آهي، هي جذبا تنھنجا آهن. ڪلپنائون تنھنجون آهن. پراڻ تنھنجا آهن، منھنجي رات تنھنجي آهي، ڏينھن تنھنجو آهي. منھنجي سموري ڪائنات تنھنجي آهي، تون مڃين يا نہ مڃين منھنجي آتما کي پنھنجي پيار ۾ ڪوئي ناهي جڪڙي سگهيو. روح بس رولڙي ۾ اچي ويو آهي، جنھن کي ڪٿي بہ سک نٿو ملي. ٻڌاءِ توکي پوءِ بہ شڪايت آهي تہ مان بي وفا آهيان!؟ مون پاڻ کي ڪڏهن انسان ناهي سمجهيو. مان ڌرتي آهيان. مان آڪاش آهيان، مان ڪاري گهٽا آهيان، مان لُڪ آهيان، مان ٿڌڙي هير آهيان، مان گهرو ساگر آهيان، مان گنگا آهيان، مان ئي سنڌو آهيان!! مان جهرڻو آهيان، مان تارن جو جهرمٽ آهيان، مان هر هنڌ وکريل آهيان. مون کي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏ!! تہ جيئن منھنجي هستي مٽجي وڃي. مان نہ رهان بس رڳو تون ئي تون هجين! تون!--- جنھن کي مون هر هنڌ محسوس ڪيو آهي گيتن ۾، هوائن ۾، ڪارين گهٽائن ۾؛ سج چنڊ تارن ۾، هن سڄي ڪائنات ۾ تون وکريل آهين. اچ تہ مان توکي سميٽي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، جيئن تون تون نہ رهين رڳو مان وڃي بچان. اسان ٻئي وجود وڃائي وجهون، فنا ٿي وڃون!!!
تون صفا جلد باز آهين تو ۾ ڌيرج صفا ڪونھي. تو ملاقات جي پھرئين ڏينھن چيو هو تہ ”مان توسان شادي ڪونہ ڪندس، ٻڌاءِ ڏيندينءَ مون کي پيار!؟” ”ها— ڇو ڪونہ!!!“ پوءِ مون توکي پنھنجو پاڻ حوالي ڪري ڇڏيو! جنھن مان تو اندازو لڳايو تہ مان شايد Corrupt آهيان! ائين تہ ڪونہ هو. مون کي تو ۾ ڪا لالچ ڪانہ هئي پوءِ مان ڇو توکي پارسائيءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيان ها. مان ائين بہ ڪري سگهيس ٿي. پر مون کي تو سان پيار هو، انڪري مون پارسائين جون زنجيرون تو مٿان نہ اڇليون. مون کي بہ دل هٿ ڪرڻ ايندي آهي پر مون ائين تو سان نہ ڪيو. ڇو تہ پيار ۾ لالچ نہ هوندي آهي، توبہ تہ ائين چيو هو تہ ”مان جي چاهيان تہ تون گهر ٻار تياڳي جوڳڻ بنجي منھنجي گهر اڳيان ديرو ڄمائين پر مان Selfish ناهيان. مٺي مون کي توکي قيد ڪرڻ اچي ٿو.“ پيارا منھنجي بہ ساڳي دعويٰ تو لاءِ آهي. ڇا توکي مون ۾ پيار نظر نہ آيو؟ تو مون ۾ ڪجهہ بہ محسوس نہ ڪيو؟ جن ۾ تو لاءِ سنديس هوندو آهي. منھنجي ڪھاڻين جي هر اکر هر سٽ پويان تون هوندو آهين.
تو ڏھہ سال مون کي نھاريو بہ نہ، مون کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. پوءِ مان ڇا ڪريان ها. جک ماريان ها؟ مون کي پيار جون بوندون جتان بہ مليون، مان انھن کي وڌي سويڪار ڪيو. اهو ئي سبب آهي، جو مان دائمي طرح ڪنھن جي بہ نہ ٿي سگهي آهيان. توکي حاصل ڪرڻ لاءِ مان آسمان ۾ لٺيون تہ ڪانہ هڻدس نہ؟ تو چيو هو تہ ”لٺيون تہ ڪوبہ نہ هڻندو آهي.“
اڄ بہ تون منھنجي اندر جهاتي پائي ڏس، اتي توکان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونھي. تو ۾ تہ رڳو خوش اخلاقي بہ ڪانھي جو رستي ويندي دعا سلام بہ ڪونہ ڪندو آهين. مان توکي چنبڙي تہ ڪانہ پوندس نہ؟ يا تون ڪنھن سان ايڏو سچو آهين جو مون ڏي اک کڻي نھارڻ بہ پاپ سمجهندو آهين! جو ايڏو ڪتي جيان وفادار آهين. مون کي ڏس مون ڪنھن سان وفا ناهي ڪئي. تو کان پوءِ بس رڻ رلي آهيان، ان کي تون بي وفائي نٿو چئي سگهين سمجهئہ Practical انسان! منھنجي دل تنھنجي لاءِ سٽون کائيندي آهي پر مان تہ تنھنجي لاءِ exist ئي نٿي ڪيان. ورنہ واٽ ويندي ائين رکو رويو نہ رکين ها. سچ تہ رت رئاريندو آهي تنھنجو اهو رکو رويو. ايڏي بي رحمي چڱي ناهي ديوتا! مان ديوداس آهيان، مان ئي چندر مکي آهيان مان ئي پارو آهيان پر تون جي سمجهين.
منھنجو پنھنجي جيون تي ڪو وس نٿو هلي. ڪڏهن توکي ساري روئندي آهيان، ڪڏهن مرڪندي آهيان. ڪڏهن پھرن جا پھر اداس ويٺي هوندي آهيان، ڪڏهن پھرن جا پھر هڪ ئي گيت ٻڌندي رهندي آهيان، هندستاني سنگيت سان منھنجي آتما جو گھرو سٻنڌ آهي جو سُڌٻُڌِ وڃائي ويھندي آهيان.
سچ تہ اهو آهي تہ تون منھنجي يگن جي تلاش آهين. ڪروڙين جنم تولاءِ ڀٽڪي آهيان. مون توسان ناتو جوڙي اڄ بہ ناهي پڇتايو. مان تہ خوش آهيان جو تنھنجيون يادون مون وٽ آهن. منھنجي سرير ۾ آهن، منھنجي آتما ۾ آهن. مان توکي وساري نٿي سگهان ۽ توکي پنھنجي جيون جو حصو ٿي سمجهان. هلڪي سلڪي آتما سان تنھنجي اوسيئڙي ۾ آهيان. گهڻا سال اڳ تون مون وٽ آيو هئين يا ائين کڻي چئجي تہ منھنجي ڪري آيو هئين. تون ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺو هئين. توکي ڏسي منھنجي دل ۾ ڪروڌ ڀرجي آيو، منھنجي چپن تي هڪ تلخ ۽ ڪڙي سٽ مڙي آئي.
“Some thing very strange you are here” پر ڪجهہ سالن کان پوءِ جڏهن من جو ڪروڌ هٽي چڪو آهي، تڏهن دل روئندي آهي تہ مون وڌي تنھنجو هٿ ڇو نہ پڪڙيو؟ ۽ تنھنجي ڪلھي تي هٿ رکي ائين ڇو نہ چيو تہ:
”آيو آهين تہ اچ تہ مان توکي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان، مون وٽ دل جي دولت تہ گهڻي آهي پر تون ڏاڍو مھانگو آهين.“
انارڪلي اڄ بہ اجري من سان انڌيرن ۾ ڀٽڪي پئي، جنھن کي تون سمجهي نٿو سگهين.