آيل ڍولئي ساڻ، اچي تہ جهيڙيان
’ها! پھريون ڀيرو کيس ڪنھن ميڙ ۾ ڏٺو هوم. هزارين ٻڌندڙن جيان هو بہ آيو هو منھنجو گيت ٻڌڻ. کيس شايد ويھڻ جي جاءِ ملي نہ سگهي هئي، انڪري اسٽيج جي ڀر ۾ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ٽِڪ ٻڌيو پئي مون ۾ نھاريائين. الا! – ان نھار ۾ ڪيڏي نہ پيڙا هئي. هڪ اڻکٽ درد. . . . راڻي جيان ارڏو هٺيلو ۽ ڳنڀير سانوڻ مون کي ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ هو راڻي جي جوڻ مٽائي ويھين صديءَ جي مومل پسڻ ڪاڻ آيو هجي.‘
اڄ وري آشا جي من تي يادن جا ساگر اٿلي پيا هئا، هوءَ يادن جي تيز وهڪرن ۾ وهڻ لڳي ’آءٌ جڏهن هال کان ٻاهر نڪتي هيس تہ سامھون سانوڻ کي بيٺل ڏٺو هئم- ساڳيون اُداس ۽ وياڪل اکڙيون، اهو ئي گنڀير چھرو- ۽ هو منھنجي من مندر ۾ پيھي ويو هو . . . . آءٌ پنھنجي نيڻن جا لڙڪ پيئندي اڳتي وڌي ويئي هيس. دل ۾ آيو هوم تہ سانوڻ سان ڪھڙو رشتو ناتو اٿم؟ منھنجي نيڻن ۾ ڀلا هي لڙڪ ڇو ڀرجي آيا آهن!؟‘
’ . . . ۽ پوءِ ڪيترن ڏينھن پڄاڻان مون کيس ادبي ڪچھريءَ ۾ ڏٺو. آءٌ پنھنجي ڪھاڻي پڙهي اچي ڪرسيءَ تي ويٺيس ۽ ٿورو پرڀرو هو ويٺو هو ۽ ورَ ورَ ڏيو پئي مون ڏانھن نھاريائين- ساڳيا گھرا نيڻ ۽ نيڻن ۾ اڻ ڪڇيل پريت جو سنيھو؛ ڪچھريءَ جي ڪاروائي ڪجهہ دير لاءِ روڪي ويئي ۽ ان وڇوٽيءَ دوران هو سڌو مون وٽ هليو آيو.‘
”اوهان جي ڪھاڻيءَ ۾ سندر سوچون ۽ ڪومل ڪومل پريت جا ڀاوَ تہ هئا پر ڪھاڻي علمي دنيا جي جيئندڙ ڪردارن کان گهڻو پري هئي. ڇا پريت جي دنيا ايتري ئي سھڻي ٿيندي آهي جيتري اوهان جي ڪھاڻي؟“
”پريت تہ سڄو جڳ ڪري ٿو پر ڇا سڀني جي ڪھاڻي مومل راڻي جيان امر ٿي ويندي آهي، مان تہ اِن خيال جي آهيان تہ ڪھاڻي هروڀرو ايڏي علمي دنيا سان ٺھڪي بہ نہ اچي جو ان جي سونھن ئي ختم ٿي وڃي.“ اهو ڪجهہ چوندي آشا اوچتوئي اوچتو چپ ٿي ويئي ۽ ڄڻ ڪنھن ڪاري ڪارونڀار ۾ پيھي ويئي، سندس چھري تي ويرانيءَ جا پاڇا وکري ويا ۽ سندس چھري جي روپ ريکائن مان ائين ٿي ڀاسيو، ڄڻ هوءَ جڳن جا جڳ رني هجي. آشا پنھنجي ساهن کي ڀڄندو ۽ ڀرندو محسوس ڪيو، هوءَ ڪچھريءَ ۾ وڌيڪ ترسي نہ سگهي ۽ جهٽ ڏيئي اُٿي هلي ويئي. . . . سانوڻ کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.
- ” آشا . . . .! . . . آشا!“
- ڪو ڄاتل سڃاتل آواز آشا جي ڪن پيو، هُن ڪنڌ کڻي ڀڳل نيڻن سان اهو آواز اونايو . . . سامھون سانوڻ بيٺو هو. ڀرئي هڪ ورهيہ کان پوءِ هو وري آيو هو. سانوڻ کي پسندي ئي آشا جا نيڻ وري بہ لڙڪن هاڻا ٿي ويا. هن اکيون بند ڪري ڇڏيون. لڙڪن جون لارون سندس ڳلن تان واٽون ٺاهينديون هيٺ لھي ويون. ان هڪ پل جي نھار ۾ آشا الائي ڪيترا جڳ گذرندي محسوس ڪيا ۽ سوچيو ’سانوڻ ڌاريو هوندي بہ الائي ڇو مون کي پنھنجو لڳو هو. ها! پنھنجو ئي تہ هو تڏهن تہ سڄو ورهيہ سندس واٽ کي ڀنل نيڻن سان تڪيو هوم ۽ پڪ هيم تہ هو، منھنجي دل جو ڌڻي هڪ وار تہ ضرور نظر ايندو.‘
’نہ . . . . مان کيس اِهو ڪجهہ ڪڏهن بہ محسوس ٿيڻ نہ ڏينديس تہ هِن من مندر ۾ تنھنجي ياد ڪيڏا قھر ڪيا آهن، نہ . . . . ڪڏهن بہ نہ . . . . مان کانئس پريت جو دان نہ گهرنديس. مون کان ايڏو انتظار ڪاٽيو ڪو نہ ٿيندو.‘ – آشا شايد ڏھہ سال اڳ واري پنھنجي ڀيانڪ ماضيءَ تي سوچي ڏڪي رهي هئي، لِڱ لِڱ ڪانڊارجي ويو هوس.
”مون کي ويھڻ لاءِ ڪا نہ چوندينءَ. . . . وڃان هليو!؟ “ سانوڻ جي لھجي ۾ پيڙا سان گڏ پنھنجائپ بہ هئي.
”ها. . . .ها تون هليو وڃ، تون مون وٽ نہ ايندوڪر.“ آشا هيڪر وري ڳوڙهن هاڻيون اکيون پوري ڇڏيون ۽ من ئي من ۾ چوڻ لڳي ’نہ مان تو کي هاڻ هرگز وڃڻ نہ ڏينديس، توکي هرگز وڃڻ نہ ڏينديس . . . تون هر دور ۾ مون کي هيڪلو ڇڏي گم ٿي ويندو آهين‘ پر اِهو فيصلو آشا جي من ئي من ۾ مانڌاڻيءَ وانگر ڦرندو رهيو ۽ ڳوڙها ڳلن تان ڳڙندا رهيس.
”ڇا ائين بيٺي بيٺي ورهيہ گذاري ڇڏيان، ويھڻ لاءِ نہ چوندينءَ!؟ “
”ويھو، بيٺا ڇو آهيو. ڪيئن ڀلجي پيا آهيو ايترن ڏينھن پڄاڻان“ آشا لڙڪ اُگهندي چيو.
”دل سٽ ڏني هليو آيس. ڊنس پئي تہ سڃاڻندؤ بہ الائي نہ! اوهان جا اهي ڀنل ڀنل نيڻ خبر ناهي تہ ڇو مون کان وسرن ئي نہ ٿا.“
”تہ اوهان منھنجا ڀنل نيڻ ڏسڻ آيا آهيو؟“
”ها. . . . ۽ انھن نيڻن جي پويان لڪل پيڙا ۽ اُن پيڙا ۾ اوتيل امرت کي پسڻ آيو آهيان.“
”امرت . . . “ آشا جي چپن تي هڪ ڊگهي اداس مرڪ ڦھلجي ويئي ۽ ان مرڪ ۾ اوتيل هئا هي لفظ ”اهڙو امرت جيڪو منھنجي جيون جي هر آس ۽ امنگ کي چوسي ويو آهي، وڻ ويڙهيءَ جيان ۽ ڀري ويو آهي، منھنجي انگ انگ ۾ زهر جي پيڙا . . . ائين نہ؟“
”آءٌ تنھنجي انھن لڙڪن پويان لڪل مام کي پروڙڻ چاهيان ٿو.“
”هر انسان جا گذريل پل هن جي پنھنجي ميراث هوندا آهن، ان ۾ ڪنھن کي بہ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو حق نہ آهي.“
”مڃان ٿو تہ گذريل پل هر انسان جي پنھنجي موڙي هوندي آهي پر مون کان تنھنجا اِهي لڙندڙ لڙڪ ڏٺا نہ ٿا ٿين. ائين لڳندو اٿم تہ هر ان لڙڪ کي تنھنجي نيڻن کان ٻاهر اچڻ کان اڳ پنھنجي اندر ۾ اوتي سدائين لاءِ پنھنجو ڪري ڇڏيان. پر . . . .“
”پر آءٌ . . . “
”تون مون کي اوپرو ڀائيندي آهين نہ تنھنڪري. . . “
”انڪري نہ پر سمجهان ٿي تہ تون ايڏي همت ساري نہ سگهندين.“
”مطلب تہ تون مون کي ڪجهہ ٻڌائڻ لاءِ تيار نہ آهين.“
”ائين ناهي.“
”تہ پوءِ .“
”پوءِ ٻڌ تہ ٻڌايانءِ“ آشا هيڪر وري ماضيءَ جي اُن ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويئي، سندس نيڻن مان لڙڪ اوهيري جيان وسڻ لڳا. سانوڻ اِهو سڀڪجهہ خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو. . . . “
ڪي پل گذريا آشا ڀڻڪي ”سانوڻ! اسان جي سھاڳ رات جي اچڻ ۾ صرف چند ڪلاڪن جي دير هئي. . . .“ آشا وري ماٺ ٿي ويئي. . . . گهڙي رکي وري ڪُڇيائين، ”ڪاڄ جون تياريون سڀ مڪمل ٿي چڪيون هيون، آڳنڌ تي دهلن جي دسن تي شرناين ۾ گيت گونججي رهيا هئا. مون کي اکيو ٻڌل هو ۽ ٻانھن ۾ ريٽا ڳانا، هٿن پيرن تي ملير جي ميندي.“ آشا جا چپ خشڪ ٿي ويا ۽ گلو ڀرجي آيو، هن ڳيت ڏيئي وڌيڪ ڪجهہ اوڳاڇڻ چاهيو پر ڪجهہ چئي نہ سگهي. سانوڻ ڪي گهڙيون تہ آسائتين اکين سان خالي ڏانهس واجهائيندو رهيو پر جهٽ رکي پاڻ نہ پلي کانئس پڇيائين، ”پوءِ ڇا ٿيو آشا.“
”هو ڪو نہ وريو.“
”هو؟“
”منھنجو گهوٽ گهر نہ آيو.“ آشا هڪ ڊگهي ڳيت ڏيئي پنھنجون اکيون پوري ڇڏيون، لڙڪ سندس ڳلن تان لڙندا هيٺ پاتال ۾ پيھندا ويا.
سانوڻ کيس ان ئي حالت ۾ ڇڏي بنا موڪلائڻ توڪلائڻ جي تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو.
’الا! ڪيترا سج اُلھي ويا، ساوڻ ڪونہ وريو. . . هون چريو! تنھن ڏينھن بنان موڪلائڻ جي ائين ئي هليو ويو. مون تہ کانئس موٽ ۾ ڪجهہ بہ نہ گُهريو هو. پاڻ ئي تہ مجبور ڪيو هئائين مون کي اُن ڪٿا ٻڌائڻ لاءِ . . . پر جي هيڪر آيو بہ تہ ڇا؟ هن ساڻي ۽ نٻل سرير جو بيوس پکيئڙو وري مون وٽ ايندو؟ هنن اڃايل اکڙين جي رٺل ننڊ پرچي پوندي؟ نہ . . . . نہ سڀ سوچ اجائي . . . سڀ من کي پرڀائڻ جون ٺلھيون ڳالھيون. آءٌ هاڻي ڪجهہ بہ نہ سوچينديس – مون کي هاڻي ڪجهہ بہ سوچڻ نہ کپي.‘
آشا زور سان دري بند ڪري ڇڏي ٿي ۽ پٺيان هٽي پاڻ کي پلنگ تي ڦٽو ٿي ڪري . . . اوچتو در تي ٺڪ ٺڪ ٿئي ٿي، هوءَ اُٿي ٿِي، دروازو کولي ٿي، سامھون سانوڻ بيٺل آهي، اِهو ئي سانوڻ جنھن لاءِ هن هرپل ڀِنل نيڻن سان واٽون تڪيون هيون، جنھن جي نھار ۾ کيس هڪ اَڻ کُٽ پيڙا ۽ درد محسوس ٿيندو هو. جنھن لاءِ خيال هئس تہ هو کيس راڻي جيان ارڏو، هٺيلو ۽ ڳنڀير لڳندو آهي.
”سانوڻ ڏاڍا ڏينھن لاتئي؟ ڪيڏانھن ويو هئين؟“ آشا يڪ ساهي سانوڻ کان پڇيو.
”ڇا اندر اچڻ لاءِ نہ چوندينءَ؟ اتان ئي در تان تہ نہ موٽائي ڇڏيندينءَ؟“
”اي وڙ نہ ويڙهيچن. سانوڻ آءٌ هر چڱي روايت جو قدر ڪندي آهيان. جڏهن کان تو سان ساڃھہ ٿي اٿم تڏهن کان تو کي پنھنجي جيءَ جي جهرڻن ۾ تُڙڳايو اٿم. سانوڻ مون هر پل تنھنجي واٽ تڪي آهي ۽ تو لاءِ تارا ڳڻيا آهن.“
”آشا مون تہ ائين ئي . . . . “
”مون کي آزمائڻ چاهيو ٿي . . . . اندر اچ،بيٺو ڇو آهين.“ آشا در تان هٽي سانوڻ کي اندر اچڻ لاءِ رستو ڏيندي چيو.
”ڪيئن پيا ڪٽجن تنھنجا ڏينھن ۽ راتيون؟ سُکي تہ آهين نہ؟“ سانوڻ ڪرسيءَ تي ويھندي آشا کان پڇيو.
”سُکي!“ آشاجي چپن تي هڪ اُداس مُرڪ ڦھلجي ويئي. هن نماڻا نيڻ هيڪر جهڪائي ڇڏيا ۽ ٻئي پل اکين ئي اکين ۾ سانوڻ کي چيائين، ”ها آءٌ سُکي آهيان پر تنھنجا ڪھڙا حال آهن؟ تون ڪٿي پيو وسين!“ سانوڻ آشا جي اکين جي سنيھي کي سمجهي ورتو هو، ان ئي پل اُٿي بيٺو، ”آشا ڏاڍو تڪڙو آهيان. هتان لنگهيس سوچيم تہ توکي ڏسندو وڃان. هاڻي مون کي اجازت. آءٌ وڃان ٿو، منھنجي گهر واريءَ کي منھنجو ڏاڍو اوسيئڙو هوندو.“ سانوڻ تڪڙو تڪڙو ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. . . . .
(ماهوار ”نئون نياپو“ حيدرآباد: جون 1976ع ۾ ڇپيل)