آءُ ڪانگا ڪر ڳالھہ....!
اڄ رڇ ۽ ڪتن جو ميل هو،
سڀاڻي سوئر ۽ ڪتن جو ميل،
پرينھن ڏاندن جي گوءِ،
ارينھن ڪڪڙن جو.
۽ هي سڄو هفتو:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن جو هو ۽ آخر ۾ وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي، اهو تہ هر سال ٿيندو آهي. ڳوٺ جي روايت آهي ۽ سنڌي قوم جو ٺٺول ڀريو ناٽڪ هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ رچندو آهي، خاص ڪري جت وڏيرن جو تعداد سرس هجي، اتي بزدلن. چاپلوسن ۽ ڪُٽڻن جو تعداد ڳچ هوندو آهي. صدين جي غلامي ۽ وڏيرن جي ڏاڍ جون باهيون اسان گگدام جانورن مان، زالن مان ۽ ٻارن مان ڪڍندا آهيون. ڏاڍن جي ڏاڍ، ظلم ۽ پيڙجڻ کي لنوائڻ لاءِ ۽ وک وک تي پنھنجي بي عزت وجود جي تصور ۽ ان جي ذلت ڀريئي ڏک کي مٽائڻ لاءِ سنڌي ماڻھو هر واهڻ هر ڳوٺ ۾ اهو ٺٺول ڀريو ناٽڪ رچائيندا آهن! جنھن کي:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ چئبو آهي، اڄ اهو ئي هفتو ملھائجي رهيو هو، تنھنڪري غريب هارين کان سندن غربت وسري وئي هئي، بک وچان ٻارڙن جو روئڻ بند ٿي ويو هو. اکين ۾ حسرتن جا انبوھہ کڻي هلندڙ مائرن کان ڪجهہ ڏينھن لاءِ رڙيون ۽ واڪا ڪرڻ وسري ويا هئا. ٻارن منجهان ٻاڪر ڪٽو ڪجهہ جهڪو ٿيو هو، ڇو تہ عورتن مٿان موچڙن جا زيپٽ ڪجهہ جهڪا ٿيا هئا ۽ لٺيون ۽ گهوٻاٽا ائين ئي پٽ تي پيا هئا، وسريل هئا مردن کان، اڄ ڪلھہ هو ڊگهن شھپرن کي تيل هڻي تاءُ ڏئي هلڻ ۾ مگن هئا. ڇو تہ اڄ:
مروان موت ملوڪان شڪار“ جو هفتو ملھائجي رهيو هو. ڀلا اهڙي هفتي ۾ ڪنھن کي ٿا ٻچا ياد پون. هي سڄو هفتو وڏيري جي اوطاق تي ڀت جون ديڳيون جو رڌجڻيون هيون، ڪانگڙي چانورن جون ۽ پاڏي جي گوشت جون – رڇن، ڪتن، ڪڪڙن ۽ ڏاندن جي ميل کان پوءِ پيٽ جو ميل هو، جنھن ۾ ڳوٺاڻا ڀت جي پاٽڙن تي ائين ٽٽندا هئا، جيئن بکايل شينھن ڪنھن جانور تي.
هر سال ڀولائي فقير ايندا آهن، جيڪي ذات جا ڪھيري آهن. ڪھيري فقيرن جون عورتون گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. جوان عورتون پاڻ نہ پننديون آهن، پر هنن جا مرد رڇ نچائن ڀولڙا نچائن يا ڪي اڌڙوٽ عمر جا مرد ۽ عورتون پنن، مرد بہ گهڻو ڪري شريف ۽ خودار. حسين ۽ قداور، ڳالھائڻ جا مٺا، ننڍڙا ٻار بہ سونھن ۽ معصوميت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ، حياتيءَ سان ڀرپور جيئڻ جا ارمان منجهن گهڻا، سونھن بہ منجهن سرس تہ ڏيا بہ منجهن گهڻي. هو هميشہ ڳوٺ ۾ سياري جو ايندا هئا، سرڪاري باغ ۾ اچي تنبو کوڙيندا هئا، وڻن جي جهرمٽ ۾ تنبن جو جهرمٽ، هر ٻئي وڻ سان رڇ يا ڀولڙا ٻڌل هين، ڀولڙا ڄڻڪ ماڻھو جيان شرارتي هڪ ٻئي جون جُوئون ڪڍڻ ۾ رڌل پر اچانڪ لوھہ پائي اچي ٻارن جي ميڙ منجهان هڪ کي رانڀوٽا هڻندا ۽ ٻار ڇرڪي رڙيون ڪري ڀڄي ويندا. ڀولڙا وري وڃي جُوئون ڪڍڻ لڳندا.
ٻار وري ويجهو اچڻ لڳن ۽ ڀولڙن ڏي لائي ۽ ڀڳـڙا اڇلڻ لڳن، ڀولڙا بظاهر جُوئون ڪڍڻ ۾ مشغول پر ڀڳڙا ۽ لائيءَ کي ڌرتيءَ تي ڪِرڻ کان اڳ ئي جهٽي وٺندا.
ٻئي وڻ جي ٿڙ سان رڇ ليٽيل هو، بي خبر ۽ مٺي ننڊ ۾. هيءُ ٽيون وڻ هو، جنھن سان رڇ زنجيرن سان ٻڌل هو. رڇ جي زنجير جي دائري اندر اچ وڃ لڳي پئي هئي، لڳو ٿي ڪا اندر ۾ اڻ تڻ هئس، رکي رکي ڀڀڪي ٿي ڏنائين ۽ وات منجهان گج پئي وهيس. رڇ ڏاڍو صحتمند ۽ جوان هو، اڃا جوڀن جون ٻہ ٽي بھارون مس گذاريون هئائين. ٿلھو متارو ۽ خار باز. اکين ۾ ڪاوڙ ۽ اَنا، ڄڻ ڪابہ ڳالھہ نہ وڻندي هجيس، ۽ هيءُ چوٿون وڻ هو، ان وڻ سان بہ رڇ ٻڌل هو! سندس حالت ڏسي پدما کي چڪر اچڻ لڳا، مٿو ڦرڻ لڳو ۽ دل ڪچي ٿيڻ لڳي. هو ٿڪ ۽ زخمن کان چور ٿيل ساڻو ٿيو، وڻ کي ٽيڪ ڏئي ليٽيل هو، سندس اکين منجهان ڳوڙها ٿي ٽميا.
اڃا ڪالھہ ٽپھريءَ جي تہ ڳالھہ آهي جو ميدان جي وچ ۾ ڪل ۾ رسو ٻڌي پوري رسي جو ٻيو پاسو رڇ سان ٻڌو ويو هو، چؤطرف ماڻھن جا ميڙاڪا هئا، جڏهن وڏيري جا ڪتا رڇ تي ڇڏيا ويا هئا. مکڻ، گوشت ۽ کير تي پليل شڪاري ڪتا ۽ ٻئي طرف هو رڇ ڪھيري فقيرن جو. هو بہ پني سني هن لاءِ سٺي خوراڪ مھيا ڪندا هئا، پاڻ بک مري بہ رڇ کي ڏيندا هئا، ڪڏهن عورتن کان رڇ جي پرگهور وسري ويندي هئي، تڏهن مڙسن جي مار کائڻي پوندي هئن، ڇو تہ هر سال رڇ ڪتن جو ميل ٿيندو هو ۽ ميل کٽڻ جي صورت ۾ هو ٽي چار هزار رپيا ڪمائي وٺندا هئا.
ها تہ مون ڳالھہ ٿي ڪئي تہ رڇ ٻڌل هو ۽ شڪاري ڪتن جون رسيون کليل هيون، رڇ کي چوڌاري وڪوڙي ويا، سندن واڇن مان رت پئي ٽميو.
ماڻھن خوشيءَ مان رڙيون پئي ڪيون ۽ رڇ بي وسيءَ جو شڪار هو، ڇو تہ هو زنجيرن ۾ قابو هو ۽ وات مان گجي پئي وهيس، هن جي چوطرف پکڙيل ڪتن منجهان جيڪو سندس اَري ۾ ٿي آيو، ان کي ڀاڪر ۾ ڀري اهڙو زور سان ٿي ڀيڪوڙيو جو ڪتي کي ستن پيڙهين کان کاڌل مکڻ، کير ۽ گوشت ياد ٿي ڏياري ڇڏيو ۽ پوءِ زور سان اڇل ڏيئي ڦيري پائي پويان ايندڙ ڪتن جي حملي کي ٿي روڪيو، اهو چيلھہ ڀڳل ڪتو ڳپل وقت تائين ڪؤنڪاٽ ڪندو ٿي رهيو جيسين اچي مالڪ کيس کڻي نہ ٿي ويو. آسمان ۾ سرڻين لامارا پئي ڏنا ۽ هيٺ ڌرتيءَ تي ماڻھن منجهہ هوڪرا هئا. پدما کي هميشہ اها سوچ هوندي هئي تہ حياتيءَ جي هر ڪڙي لمحي کي، فحش گهڙين کي هو هڪ وار پاڻ ضرور ڏسي. پدما ستن اٺن سالن جي مس هئي، پر هن سوچيو هو تہ هوءَ وڏي ٿي پڙهندي ۽ هوءَ شڪل جي بہ موچاري هئي، ننڍڙي ننڍڙي ڪومل ڪومل. هوءَ پھرن جا پھر آئينو کڻي پنھنجي سھڻي سٻاجهي صورت ۾ نھاريندي رهندي هئي، اکيون وڏيون ۽ گهريون هئس، ڳل ڀريل ۽ وار ڊگها گهاٽا. هوءَ ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي. تنھنڪري وار مينديءَ سان ڳتيل هوندا هئس، ڪن ننڍڙا، ڀريل چپ، جتان بہ لنگهندي هئي تہ ماڻھو کيس سڏي پيار ڪندا هئا، هوءَ هئي بہ ڏاڍي سٻاجهي ۽ چئيوان. ”پدما“ ڳوٺ وارا کيس پيار منجهان سڏيندا هئا، هونءَ سندس نالو ٻيو هو. رڇ ۽ ڪتن جو ناٽڪ لڙيئي سج پورو ٿيڻو هو. پر هوءَ وڌيڪ اتي بيھي نہ سگهي، هن جي دل ۾ اٻٿون پئي اٿيون ۽ مٿي ۾ ڦيري پئي آيس. هوءَ پيءُ واري ڪرسيءَ جي پويان بيٺي هئي، پڻس ڳوٺ جو زميندار هو، پر هو رڇ ۽ ڪتن جي ميل کي ڏسڻ جو شوقين نہ هو. بلڪ ان کان وئون ويندو هو، وحشت ٿيندي هئس، پڻس ڏاڍو رحمدل هو. ڪڏهن ڪنھن تي هٿ نہ کڻندو هو، اڄوڪي ميل ۾ کيس زوريءَ وٺي آيا، بزدليءَ جا طعنا ڏئي، هو ويٺو تہ هو پر سندس من ۾ ڏاڍو ڪروڌ ڀريل هو. لڳس ٿي رڇ ئي پاڻ هو، ۽ سندس ٻوٽ ڪتن پئي پٽيا. هن جي من ۾ بہ اٻڙڪا پئي ٿيا، هو اٿڻ تي ۽ ٽي چار ماڻھو کيس زوريءَ ويھاري ڇڏڻ تي، لاچار اهو بيھودو ناٽڪ کيس پورو ئي ڏسڻو پيو. پاسي ۾ ڪوٽ اندر سوئر هو، ان جا مالڪ ڀولائي پاڻ نہ هئا، ڪو ٻاهريون ماڻھو هو، اڄ منجهند جو سوئر جو ميل هو. حياتيءَ ۾ هڪ وار انھن سڀني شين کي ڏسڻ کپي، چاهي اهي ڪيڏيون بہ ڪڙيون ڇونہ هجن ۽ ڪيڏيون بہ فحش ڇونہ هجن. منجهند جو هوءَ اهڙي وڻ تي چڙهي ويٺي جو پاڻ وڻ جي ٽارين ۽ لامن ۾ لڪل هئي، ٻيا سڀ ڳوٺاڻا هيٺ ڪوٽ جي چوڌاري ٿي بيٺا هئا. گوڙ، گهمسان ۽ هنبوڇيون هيون. سوئر کي ميدان ۾ آندو ويو، سوئر جو ڪنڌ سڌو هوندو آهي، انڪري ڪات کيس نہ لڳندا آهن، انڪري سڌو سڌو هلندو آهي، پر انساني معاشري ۾ ريتون رسمون ماڻھن لاءِ ڪاتن سمان جيڏانھن بہ نھاري تہ رسمن جي ڪاتي ٺڪاءُ ڪنڌ ۾ لڳندس. سندس ئي جوڙيل ريتون ۽ سندس ئي ڳچي، ٻئي ڪنھن تي ميار بہ ناهي.
ٻئي ڏينھن تي ڏاندن جي گوءِ صبح ساڻ ئي هئي. ڏاندن کي چڱيءَ طرح سينگاريو ويو هو، جهلون پيل هُئنِ ۽ ميندي لڳائي وئي هُئنِ ۽ مالڪ هر هر کين پٺيءَ تي هٿ هڻي ٿي داد ڏنو تہ لوهي ٻليون (ڪپيون) سندس ماس ۾ جڏهن هڻبيون تہ هو ڪيترو تيز ڊوڙندا. ٿلھا متارا صحتمند ڏاند جڏهن ڀڄندي ڀڄندي ساڻا ٿيندا ۽ سندن رانن کي ڪپين سان چچري رتو رت ڪيو ويندو، تڏهن ماڻھن جا ڪيترا هوڪرا لڳندا ..... ان کان ٽئين ڏينھن تي ڪڪڙن جي ويڙھہ هئي. موڙن سان ڪربلائي ڪڪڙ ۽ پشوري ڪڪڙن جي ويڙھہ رکيل هئي، تکين نوڪدار کڙهين سان ڪڪڙ، جن کي چاقونءَ سان کرڙي وڌيڪ تکو ۽ نوڪدار ڪيو ويو هو.
سندن ڏاڍي چاڪري ڪئي وئي هئي، جيئن هو وڌيڪ وقت وڙهي سگهن ۽ هڪ ٻئي کي رتو رت ڪري سگهن. ميل جي دوران مالڪ کين پاڻيءَ جا ڦوهارا ڏئي وري تازو توانو ٿي ڪيو، منھن رتو رت ٿيل هئن، چنبا رت سان ڀريل اکيون سوڄ کاڌل ۽ موڙن جا ٽڪر ٽڪر پٽيل ۽ اڄ ... ۽ اڄ.... ”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتو ملھائڻ جو آخري ڏينھن هو. تنھنڪري وڏيري جي اوطاق تي ڪڃري نچڻي هئي.
مايون سنجهي ئي ڪم ڪار لاهي، مسيون ۽ مساڳ هڻي، سرما ۽ تيل ڦليل ڪري، مينديءَ جا وٽا وارن ۾ وجهي ڳھہ ڳٺا پائي ڇريل وڳا پھري، وڏيري جي گهر اچي پھتيون هيون. شام سان ئي ڪوٺن تان عورتن جون سينگاريل منڍيون ڏسڻ ۾ پئي آيو، ڳوٺ جا جوان بہ شھپرن کي تيل مکي ڏاڍو ڊگر منجهان ڪلف لڳل ڪپڙا پھري گهٽين ۾ شڪارين وانگر پئي نوسيا، اک ٽيٽ جو دور هو.
وڏيري جي اوطاق تي ماڻھن جا انبوھہ هئا، چوطرف ڊگهن شھپرن سان ماڻھو، طرا ٻڌل پٽڪن سان ماڻھو، وڏن پاچن سان سنڌي نوجوان، گوڏين سان ماڻھو، ڦاٽل ڪپڙن سان ماڻھو، لٽا ليڙون ٿيل ماڻھو، ڪي بينچن تي ويٺل تہ ڪي پٽ تي، ڪي موڙن تي، تہ ڪي ڪاٺ جي ڪرسين تي، ۽ ڪي نيٽ سان واڻيل آرام ڪرسين تي. وچ تي ٽيبل رکي هئي ۽ ان مٿان هرمچ سان ڀريل سھڻو ٽيبل ڪور، کٽ تي ٽُڪ جي وڇايل رلھي ۽ ان مٿان سھڻي ريشمي چادر ۽ ان مٿان ٿلھو گول وهاڻو، ستارن ۽ موتين سان جڙيل وڃڻو، وڏيري وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي مڇن کي پئي مروٽيو ۽ رکي رکي شھوتي نگاهن سان بيٺل ڪوٺي تي عورتن منجهہ ٽيڏيءَ اک سان نھاريو پئي ۽ وري ڦونڊ ۾ اچي پٽ تي ويٺل رنڊيءَ ۾ نھاريو پئي. رنڊيءَ جي منھن تي گھرا گهرا ماتا جا داغ هئا ۽ اکيون مڙئي چڱيون، ڪاري ڪوجهي پر مردن کانئس پائي پائي اڳاڙڻ لاءِ منجهس رهيل کھيل عورتپڻو بہ سالن کان وٺي ڳڙڪائي چڪا هئا، تنھن ڪري سندس منھن تي چن جيان مکيل پائوڊر ۽ چپن تي ڦھليل لالي ۽ گھري ڳاڙهي رنگ جي سرخي، جنھن کيس زال منجهان کدڙو بنائي ڇڏيو هو.
پوءِ بہ الائي ڇو ڳوٺاڻن جون واڇون گودو هڻي ويون هيون ۽ منجهائن گگ ڄڻ اجها ٿي ٽمي!
رنڊيءَ جو نالو وسائي هو ۽ سندس پيرن ۾ ڇير پيل هئي، آواز اهڙو خاص تہ نہ هئس، پوءِ بہ الائي ڇو ڏور تائين مشھور هئي، آواز جي ڪري، ڪن تي هٿ رکي ڳائيندي هئي تہ ڌرتي ۽ عرش ٻئي ڌڏي پوندا هئا. پري پري تائين تماشي وچان آواز جو جادو يا آلاپ سمجهي ويھندا هئا ۽ چوطرف سندس آواز جي هاڪ هئي. اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ هفتي جي آخري رات هئي، چانديءَ جي رپين جا ڇڻڪاٽ هئا، پريان پريان جي ڳوٺ جا ماڻھو دعوت ۾ آيل هئا. ڪڃريءَ جو ناچ ۽ گانو شروع ٿي ويو ۽ چانديءَ جي رپين جي کڙڪاٽ ۽ نون ڪاڳرن جي نوٽن جو آواز رنڊيءَ جي ڇير جي آواز ۽ گانن جي رڙين ۾ ٻڏي ويو.
ماڻھن کيس سؤ جا نوٽ ڏيکاري، ڏھہ ڏھہ جا نوٽ ڏيکاري هرکايو پئي ۽ هن پنھنجي جسم جي نمائش ڪري شھوتي انداز وارن ماڻھن کي بہ هرکايو پئي. ٻنھي جو هرکائڻ پنھنجي جوڀن تي هو، جو اڄوڪي رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ واري هفتي جي آخري رات هئي، آڌيءَ رات تائين اِها ڌماچوڪڙي هلندي رهي، ڪن بي شرم، بي حيا انسانن رنڊيءَ جي ڳٽي تي رپيو ٿي رکيو ۽ سندس ساٿيءَ اهو نوٽ اتان اچي ٿي کنيو ۽ ڪن بنھہ رنڊي سان فحش حرڪتون ٿي ڪيون. رنڊي پنھنجي مخصوص ماڻن سان عورتپڻي جو ڪوس ڪندي اچي ٿي انھن کان سؤ جو، ڏهين جو ۽ پنجين جو نوٽ کنيو ۽ پويان ماڻھن جا هوڪرا هئا. اِها بي حيائيءَ واري رات:
”مروان موت ملوڪان شڪار“ زنجير جي آخري ڪڙي هئي ۽ ماڻھن ان ۾ دل کولي حصو پئي ورتو. چنڊ تارا سڀ ساڳيا هئا، آسمان بہ ساڳيو هو ۽ ڌرتي بہ ساڳي هئي، پوءِ باقي هيءَ هنبوڇي ڇاجي هئي.....؟ ڌرتيءَ جا ڏک بہ ساڳيا هئا ۽ سور بہ ساڳيا هئا. باقي هي بي حيائيءَ جو منڊل ڇو منڊيو ويو هو؟
ڏس ڪو ڏانوَ مان توکي ڪيئن پرچايان،
ڪيئن پرچايان توکي، ڪيئن سرچايان،
ڇيريون پايان، ڪن جهمريون پايان،
تلڪ لڳايان، ڪن جڻيو پايان،
ڏس ڪو ڏانوَ، مان توکي ڪيئن پرچايان،
لنگها لائج رات، نچڻ جي اها ئي ٿي.
پدما جي ڪنن ۾، ڇير جو آواز ۽ رنڊيءَ جا واڪا ڪنن ۾ شيھي جيئن پگهرڻ لڳا، هوءَ ان وقت ڪوٺي تي ٻين ماين جي وچ ۾ بيٺل هئي، ڇت جي ديوار کي ڳلکڙا ٿيل هئا، پدما اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو ۽ ٻڌو بہ. مٿي آسمان ۾ چنڊ هو تارا هئا، انھن جي روشني جهڪي جهڪي هئي، هوءَ ننڍي ديوار تان ڪري پئي ڪنھن بہ هن ڏي ڌيان نہ ڏنو. هوءَ بي هوش پئي هئي، ڪجهہ وقت کان پوءِ هن کي سرت اچڻ لڳي، هن آسمان منجهہ نھاريو. جهڪي جهڪي تارن جي روشنيءَ ۾ هوءَ ٿيڙ کائيندي لٿي. هوءَ جڏهن گهٽيءَ ۾ پھتي تہ ماڻھن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي، ڪنھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ گولا هئا، انڪري ايتري اوندھہ نہ هئي. هوءَ اڃا گهٽيءَ ۾ هئي تہ سندس ڪنن تي ڪنھن عورت جي رڙين جو آواز پيو، هوءَ ڊوڙندي ان گهر ڏانھن وئي، در کليل هو، ڇني هيٺان مڇرن جي ڀون ڀون هئي. مڇر ٻانھن ۽ منھن تي مکين وانگر ٿي ڪريا، ڇني هيٺان دونھين دکايل، ڪوٺيءَ منجهان ڪنھن عورت جون تکيون هينئين کي ڪٽيندڙ رڙيون ٿي آيون، هوءَ ڊوڙي ان کٽ ويجهو پھتي، جتي عورت رلھيءَ تي ستل هئي، ڏيئو جاري ۾ رکيل هو، ڏيئي جي جهڪي روشنيءَ ۾ هن عورت ڏي نھاريو، سندس مٿي منجهان رت پئي ٽميو سندس منھن ۽ ٻانھن تي نيرا نيرا ڏنا هئا، پدما ڀر ۾ وڃي بيٺي، ”ماسي توکي ڇا ٿيو آهي – تون رڙيون ڇو ٿي ڪرين.....“
”امان تون مئي رمون کي سڏي آ – مار پويس مون کي ماري پاڻ وڃي اوطاق ڀيڙو ٿيو آهي، رنڊي ڀڳي ٿي وئي الائي پاڻ -؟ مٺي مون کي سور آهن....“ ۽ هوءَ وڌيڪ ڳالھائي نہ سگهي ۽ وري هينئين ڪٽيندڙ تکيون رڙيون شروع ٿي ويون. هوءَ وري ڊوڙندي اوطاق تي پھتي. ٿورو اوٽائتي بيھي، هن ڌرتيءَ تي ويٺل ماڻھن ۾ نھاريو تہ انھن منجهان رمون ڪير آهي؟ رنڊيءَ ۽ ماڻھن جي فحش اشارن کي ڏسي هن جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، هن دل ئي دل ۾ سوچيو تہ مان هنن مڙني عورتن جو مردن کان بدلو ضرور وٺنديس. ڪافي دير کان پوءِ هن کي رمون ڏسڻ ۾ آيو ۽ هوءَ لڪندي لڪندي ان تائين پھتي. ماڻھو تماشي ڏسڻ ۾ محو هئا، نہ تہ ماري ماري اڌ مئو ڪنس ها. رمونءَ کي هن چيو:
”ماما تنھنجي زال کي سور آهن.“
”سور اٿس تہ ڇا ڪريانس؟ رن کي اڄ ئي ڦر ڄڻڻو هو.“ ائين چئي هو اٿيو ڪونہ، اتي ئي ڄميو رهيو. پدما جي دل ۾ آيو تہ منھن ۾ چنبو هڻي ڪڍيس، پر وس نہ هليس. پوءِ هوءَ ڀر ۾ داين جو گهر هو، اوڏانھن وئي، دائي اکيون مھٽي اٿي ۽ پدما سڄي ڳالھہ ٻڌايس:
”ٻچا توکي شابس هجي“ ۽ پدما سان گڏجي ان گهر ڏي وڃڻ لڳي.
ٻئي ڏينھن هن گول آئينو کڻي پنھنجي منھن ۾ نھاريو خوبصورت ڳل، سھڻيون ۽ چيرويون اکيون، سھڻا ڀرون ۽ سھڻا گلابي چپ – هوءَ ڳپل وقت کان وٺي پاڻ منجهہ نھاريندي رهي. ”مان ڪيڏي نہ ڪشش واري آهيان،“ پھريان هن پنھنجي اکين منجهہ نھاريو ۽ پوءِ هن جي چپن تي ڪساري مرڪ مڙي آئي ’هون....! مان هن سرير کي سينگارينديس، اکين ۾ ڪجل ڀرينديس، پيشانيءَ تي تلڪ لڳائينديس، ڀريل گهاٽن ڊگهن وارن جي چوٽي ڪنديس، مان اڳتي هلي جڏهن وڏي ٿيندس، تڏهن راڳ جي سکيا وٺنديس ۽ ناچ جي بہ، پوءِ مان نچڻي ٿينديس، مان پنھنجي سرير کي سينگارينديس.‘ .... رات ڀري محفل ۾ عورت جي ائين توهين ڪئي وئي آهي پر ڪنھن کان بہ اهو نہ پڳو جو کڻي چوي تہ:
بند ڪيو اِهو ناٽڪ......
بند ڪيو اِهو ناٽڪ.........
بند ڪيو اهو ناٽڪ خدارا! ڪراهت ٿي اچي – پر نہ .....! ڪنھن ۾ بہ اها جرئت نہ هئي. سڀ ”مروان موت ملوڪان شڪار“ وارن منجهان هئا، جن کي ٻين جي ذلتن منجهان خوشي حاصل ٿيندي آهي. ڪنھن جون پڳون لھن ان منجهان هو موج ماڻيندا آهن. آھہ! هي ماڻھو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن. آھہ! هي سڀ ماڻھو نہ آهن مرون آهن. هنن کي واري سان وڻ سان ٻڌجي ۽ پوءِ ڪتن جي بڇ ڪجي، سندن ٻوٽ بہ ڪتن جي وات ۾ هجن ۽ پاڻ بہ ڇتا ٿين.‘
پوءِ هوءَ ريڊيو سيلان لڳائي هندستاني گيت، ناچن جا گيت ۽ هندستاني ڪورس ٻڌندي هئي – کيس اهي ڏاڍا وڻندا هئا، هوءَ ريڊيو کولي ناچ ڪندي هئي، ۽ پھرن جا پھر هندستاني گيت جهونگاريندي هئي، کيس الاهي سارا گيت ۽ ڀڄن ياد ٿي ويا هئا.
’ٺيڪ آهي مان وڏي ٿي تنھنجي بي عزتيءَ جو بدلو ضرور وٺنديس ۽ انھن مڙني مردن کي سکيا ڏينديس، تہ نچڻيون بہ عورتون آهن، ائين ئي:
جيئن اوهان جون ڀيڻون،
ائين ئي جيئن اوهان جون ڌيئرون،
ائين ئي جيئن اوهان جون زالون،
ائين ئي جيئن اوهان جون مائرون.
پوءِ رستن تي، چوواٽن تي ائين بي حيائيءَ جو ناٽڪ رچائي محفلون گرم ڪرڻ نٿو سونھي.
آھہ! هي ماڻھو سڀ کلي ڪيئن ٿا سگهن؟ مون کي تہ ڪڏهن بہ کلڻ ڪونھي آيو ۽ جي مان کلندي آهيان تہ بي انتھا پوءِ اجايو سجايو ٽھڪ ڏيندي آهيان، ۽ تنھن بعد ڏينھن جا ڏينھن سانت ڇانيل هوندي آهي، پھرن جا پھر ماٺ ڪنھن رولڙي ۾ آيل روح جيان پيئي ڀٽڪندي آهيان، پھرن جا پھر اونداهين ۾ تارن کي تڪيندي ڏسندي گذري ويندا آهن.
ننڍڙي پدما من ئي من ۾ سوچيو ۽ پوءِ ڏاڏاڻي گهر هلي وئي – اتي سندس ڏاڏي ۽ ڪنواري پڦي رهنديون هيون.
گهر الاهي وڏو هو، هڪ ڪوٺي تنھن اڳيان ٻي ڪوٺي ۽ پوءِ ورانڊو ۽ هڪ هال، ڇت تي بہ هڪڙو ڪمرو، اهو ڏاڍو هوادار ۽ چوطرف ان ۾ دريون هيون ۽ سامھون هال واري ڇت ۽ پوءِ ڪاٺ واري ڏاڪڻ اتي ٿي کٽي، جتي ورانڊي جي ڇت هئي ۽ تنھن بعد ور وڪڙ کاڌل سرن جي ڏاڪڻ، ان ڏاڪڻ هيٺان هڪ ڪوٺي هئي، جنھن ۾ پڦھنس ڪبوتر پاليا هئا.
سندس ڏاڏي ٻليون پاليندي هئي، انھن جي لاءِ هڪڙو پاٽڙو هو، جنھن ۾ کير وجهندي هئي ۽ رات جو اهو پاليل ڄاهو، ڏاڏي ان کي پيار منجهان: ”ڪوڏڙو“ سڏيندي هئي: ”ڪوڏڙو..... ڪوڏڙو“ تہ ”ڪوڏڙو“ ڀڄندو ايندو هو. ڏاڏيءَ جي نظر ويھي وئي هئي انڪري هوءَ گهڻو ڪري لٺ تي هلندي هئي. پدما جا ٻيا ڀائر ڏاڏيءَ کي چيڙائڻ خاطر سندس لٺ کڻي لڪائي ڇڏيندا هئا ۽ سندس ٻلين کي ماريندا هئا ۽ ڏاڏيءَ جي رڙين تي ٽھڪڙا ڏئي کلندا هئا.
”اڙي ..... اڙي ..... ابا ڇوٿا ٻلڙين کي ماريو......؟ ساسي جيوَ آهن..... ابا ڇوٿا ستايو.....؟ امان پدما لٺ تہ کڻي ڏينم.“
پدما جي وڏي ڀاءُ جا بہ ڪڪڙ پاليل هئا، موڙن وارا ڪڪڙ، چٽ ڪمرا ڪڪڙ، سھڻا سھڻا ڪڪڙ ۽ ڪڪڙيون، انھن جا ٻچا چون چون ڪندا وتندا هئا ۽ سياري جو ماءُ جي پرن ۾ لڪا ويٺا هوندا هئا، بس رڳو چھنب ۽ اکڙيون ظاهر هونديون هئن، پدما کان ٿورو وڏو ڀاءُ هڪڙي پوڙهي ڪڪڙ کي ڊوک ڪڪڙ سڏيندو هو. اها ڪڪڙ بدڪ جيان دنبي هئي هلندي بہ بدڪ جيان هئي. ميري ۽ کنڀڙاٽيون ڪجهہ ڪجهہ ڀڳل.
ان کي هڪ ڀاءُ پڪڙي نم تي اڇليندو هو ۽ هوءَ ڪافي مٿان ٿي پٽ تي ڪرندي هئي، پوءِ سڀئي ڀائر تاڙيون وڄائي کلي پوندا هئا، ٽھڪڙا ڏيندا هئا. پدما کي انھن جو اهو چرچو نہ وڻندو هو، پوڙهي ڪڪڙ جي پيرن ۾ دڙيون پئجي وينديون هيون، ۽ جڏهن ڏاڏي رڙيون ڪري ڪري ٿڪجي پوندي هئي، تڏهن پڦيءَ کي خار ايندا هئا لٺ کڻي منھنجن سڀني ڀائرن کي ڊوڙائي ڇڏيندي هئي، ڏاڏي ويچاري الاهي پيرسن هئي، پر هئي ڏاڍي ٻلوان ۽ سگهاري مائي، هوءَ پدما کي ۽ ادا وڏي کي الاهي ڀائيندي هئي.
هن کي انڪري جو هوءَ سندس ٻلڙين کي نہ ستائيندي هئي ۽ ڪوڏڙوءَ لاءِ پاٽڙيءَ ۾ روزانو کير وجهندي هئي ۽ کيس چلم ڀري ڏيندي هئس، هوءَ اها پيئندي هئي ۽ مان سندس ڀر ۾ ويھي ساڻس ڳالھيون ڪندي هئس ۽ زور بہ ڏيندي هئي. ۽ ادا وڏي کي انڪري جو هو سندس اڪيلي پٽ جو پيريٺي پٽ هو ۽ سندس نالو ڏاڏي وارو ئي رکيل هو. انڪري بہ شايد کيس ڏاڍو وڻندو هو ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪنھن ڪاليج ۾ پڙهندو هو ۽ هاسٽل ۾ رهندو هو. سال ۾ ٻہ دفعا اونھاري ۽ سياري وارين موڪلن ۾ ايندو هو، ڏاڏيءَ جي پيڪاڻي زمين ان جي نالي ٿيل هئي ۽ سندس زيور ۽ پڦيءَ جا زيور سندس اڻ ڏٺي زال لاءِ رکيل هئا، جيڪي پدما جي ماءُ کان شاديءَ جي پھرين رات تي ڦري ورتا هئائون.
هڪ شام جو جڏهن پدما هميشہ جيان ڏاڏيءَ وٽ وئي، ان وقت پاڇا لڙي ويا هئا، سج وڻن جي پويان لھي ويو هو ۽ آسمان تي لالاڻ هئي. پکيئڙن جي چون چون بہ جهڪي ٿيندي پئي وئي. تنھن شام جو ڏاڏي کٽ تي ستل هئي ۽ پڦيءَ جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. هوءَ بہ کٽ جي ٻانھينءَ تي اچي ويٺي ۽ ڏاڏيءَ کي زور پئي ڏنائين. کٽ جي ڀر ۾ پيل ٽيبل تي ڪجهہ دوائن جون شيشيون پيون هيون ۽ گلاس بہ پيو هو.
”امان پدما – منھنجن لڱن منجهان ساھہ ڇڏائيندا پيا وڃن“، هن ٻانھن مٿي کنئي پر وري هيٺ ڪري پيس ڄڻ ٻانھن هڏن ۽ گوشت جي ٺھيل نہ هئي پر ڪا اڳڙي هئي، هن جي سڄي جسم تي گهنج هئا ۽ ٻانھن تي بہ ڊگها ڊگها گهنج هئس.
”ارباب – امان اندران هندستاني پراڻا رڪاٽ تہ کڻي اچ“. ڏاڏيءَ تمام جهيڻي آواز ۾ چيو، لڳو ٿي پساھہ سندس هينئين تي اچي بيٺا هئا ۽ پرڙا ڪري اڏامڻ وارا هئا. ڌيڻس اهو ڄاتو ٿي، انڪري هن جي دل نٿي چاهيو تہ پوين گهڙين ۾ هوءَ اندر وڃي ۽ امڙ پويان مري وڃي.
”امان – منھنجا ائين ساھہ ڏکيا نڪرندا، تون وڃين نٿي.....؟ منھنجو ائين ساھہ نہ نڪرندو.“ ڌيڻس پوءِ بہ اتان نہ هٽي. ”ڏس هاڻي تہ منھنجي هن ٻانھن مان بہ ساھہ نڪري ويو آهي ۽ ساھہ هينئر...... هينئر تون ڇا منھنجو پوين گهڙين ۾ بہ چيو نہ ڪندينءَ-؟ ڏس مان توکان گهڻو تہ ڪونہ ٿي گهران....“ ڏاڏيءَ ڪافي وقفي کان پوءِ ٽٽل ٽٽل لفظن ۾ چيو، ڌيڻس جي اکين ۾ اٽڪيل ڳوڙها وهي ڳلن تي ڪريا ۽ هوءَ اندر هلي وئي، اندر اوندھہ انڌڪار هئي، ڪمري پويان ڪمرو ۽ ان آخري ڪمري منجهہ ڪوبہ روشندان يا دري نہ هئا، بس رڳو ٻہ در هيس، هڪ در ڪمري ۾ پئي کليو ۽ ٻيو هال ۾ - هال وارو در هميشہ بند رهندو هو، ان ڪمري منجهہ هڪ پينگهو هو. پينگهو ڏاڍو خوبصورت هو، مضبوط ۽ جنڊيءَ جو ڪم ٿيل، ان جو هندورو ڪوچ وانگر ٺھيل هو، ڀت سان وڏيون وڏيون لوھہ جون پيتيون رکيل هيون.
در جي ڀرسان ڪنڊ ۾ هڪ هالن جي کٽ رکيل هئي، جنھن مٿان هنڌ وڇايل هو. هن پھريان ٽپائي آڻي ٻاهر رکي، پوءِ وري اندر وئي ۽ گرام فونو ٻاهر کڻي اچي ان ٽپائيءَ تي رکيو، گرام فون ۾ چاٻي ڀري ۽ مٿان رڪاٽ چاڙهيو ۽ مائيڪ جو منھن ڦيري سئي رڪاٽ مٿان لڳائي: جڳ موهن جو مٺڙو مٺڙو آواز اڀريو:
مت ڪر هار سنگار سندري........
مت ڪر هار سنگار........
پدما کي بہ اهي گيت ڏاڍا مٺا لڳندا هئا، هوءَ بظاهر راند ۾ رڌل هوندي هئي پر سندس سڄو ذهن ان طرف هوندو هو. هن ڏاڏيءَ منجهہ نھاريو، ڏاڏي ڪيتري نہ مھان هئي! ماڻھن کي مرڻ گهڙيءَ تائين دولت جو حرص ۽ هوس نہ ڇڏيندو آهي، پر ڏاڏيءَ جا ساھہ نٿي نڪتا، رڳو هڪ گيت جي صدا ٻڌڻ لاءِ هوءَ جيئري هئي. رڳو هڪ گيت جي تمنا – گيت جا ٽي چار ٻول ڏاڏيءَ جي ڪنن تائين پھتا ۽ ان بعد سندس ساھہ پرڙا ڪري اڏامي ويو ۽ ڏاڏيءَ جو ڪنڌ هڪ پاسي لڙي ويو. پڦي سندس مٿان رڙ ڪري ڪِري پئي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي: ”امان – منھنجي جيجل ماءُ – منھنجي آيل.“ تنھن بعد سندس اوڇنگارون گيت جي آواز ۾ رلجي ملجي ويون.