ڪھاڻيون

اُڀر چنڊ پَس پِرين

نسيم ٿيٻو، ڪھاڻيءَ جي صنف ۾ هڪ نرالو نانءُ آهي. هيءُ نانءُ 70 واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيڻ شروع ٿيو ۽ 90 واري ڏهاڪي تائين پنھنجو عروج ماڻيو. نسيم ٿيٻو جنھن وقت نوجوان ڇوڪري هئي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندي هئي، تن ڏينھن ۾ سندس ڪھاڻين کي جيڪا وڌيڪ مڃتا ملندي هئي، ان جا ٻہ ڪارڻ هئا: هڪ تہ هوءَ اظھار تمام سادگيءَ واري انداز ۾ ڪندي هئي ۽ ٻيو تہ سندس مڪالما جارحاڻا ۽ بي ڊپا هوندا هئا. انھن ٻنھي ڳالھين نسيم ٿيٻو جي ڪھاڻين کي هڪ الڳ سڃاڻپ بخشي ۽ گڏوگڏ انھن ڪھاڻين جي پڙهندڙن جو هڪ حلقو بہ پيدا ٿيڻ لڳو. نسيم جون ڪھاڻيون زندگيءَ کي ويجهيون آهن. هن جا ڪردار ڏک سھن ٿا، پيڙا ڀوڳين ٿا پر جيون جي واٽ تي اڳتي وڌندا رهن ٿا.

  • 4.5/5.0
  • 34
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نسيم ٿيٻو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اُڀر چنڊ پَس پِرين

ڳوڙهن جي ريکا

ادا ويٺي کٽ تي ماني کاڌي. سندس نيرن ۾ چانورن جي پليٽ هئي، ٻہ گرم گرم اڦراٽا ۽ تريل ڀينڊيون، ٻہ انب، جي وٽي ۾ ڀِڳل هئا. زرد زرد انبن مٿان برف جا ٽڪر پيل هئا ۽ هڪ پليٽ ۾ تريل مڇي بہ پئي هئي. ادا ٿرماس مان پاڻي اوتڻ لڳو. ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍڙي انور ويٺي ادا مٿان جهلي هلائي. جهلي هلائيندي انور سڄو ئي پئي لڏيو، ڇو تہ جهلي سندس وت کان گهڻي ڳوري هئي. گهر ۾ چپ لڳي پئي هئي. رکي رکي نم منجهان ڪانوَ جي ڪان.... ڪان ٿي آئي ۽ گهڻو پري کان سونٽيءَ جي سٽڪي جو آواز ٿي آيو.
ڀرسان واري ٽيبل تي ادا جا ڪتاب رکيا هئا، جيڪي تقريباً سڀئي فلسفي جا هئا ۽ دنيا جي وڏن وڏن مفڪرن جا لکيل هئا. مٿان ئي مٿان خليل جبران جو ڪتاب ”خدا ۽ ديوتا“ رکيل هو.
مون ويٺي نم هيٺان ”مشين ۽ مزدور“ پڙهيو. نم جي ٽارين ۽ پنن سان ٽڪرائجي ٿوري ٿوري اُس بہ ٿي آئي ۽ هوا جي لڳڻ ڪري ٽاريون لڏن پيون. تہ ان سان گڏ اُس جا پاڇولا بہ هيڏي هوڏي ڦري رهيا هئا.
”زبيدہ، ڇا ويٺي پڙهين؟“ ادا جهرڪين جي نئين آيل ولر کي ڏسندي چيو.
”مشين ۽ مزدور“. مون فخر منجهان ادا کي ڏسندي چيو. فخر سان انھيءَ ڪري جو اهو ڏاڍو خشڪ هو ۽ خشڪ ڪتاب ڇوڪريون گهٽ ئي پڙهنديون آهن.
”اهو ڇا جي لاءِ ٿي پڙهين؟ انھيءَ ۾ تہ ٺلھي بيوقوفي لکيل آهي.“
”توهان جو ڪتاب پڙهيل آهي ڇا؟“ مون کي تعجب لڳو، ڇو، ڇو تہ ڪتاب ۾ تہ ڪائي بيوقوفيءَ جي ڳالھہ ڪانہ لکيل هئي. ڪتاب ۾ صنعتي انقلاب بابت لکيل هو تہ پھريون ڪيئن نہ مشين کي ۽ انھن جي اوزارن کي شيطاني ڪم سمجهيو ويندو هو. ڀلا هن تاريخي ڪتاب ۾ ڪھڙي بيوقوفي ٿِي ٿِي سگهي؟
”نہ، نہ، مان ٿو اهڙا چريائپ جا ڪتاب پڙهان، جن ۾ ڪائي ناليج ڪانھي. رڳو پيٽ جي پوڄا هوندي آهي، ڪميونسٽن کي. هيڏي وڏي حسين ڪائنات ۾ رڳو ماني ئي ٿي نظر اچين ڪميونسٽن کي.“
”بکئي جي لاءِ ماني تہ سڀ ڪجهہ ٿيندي آهي. ڪنھن بک جي ماريل انسان کي فلاسافيءَ جا ڪتاب ڇا ڏيندا. قدرت جا حسين نظارا ڇا وندرائيندا، جن جو سڄو وقت ماني حاصل ڪرڻ ۾ ٿو گذري، سا بہ اڻ پوري ۽ سادي، ڪڏهن تہ اها بہ نہ.“
”پر تون اهي ڇاجي لاءِ ٿي پڙهين، تون جبران کي پڙھہ، شيڪسپيئر ۽ نٽشي کي پڙھہ، جن ۾ ڪلا آهي، بيوٽي آهي ۽ اهو پڇ ڇا نہ آهي انھن ڪتابن ۾.“ ادا ٽيبل تي رکيل ڪتابن کي داد ڀرين نظرن سان ڏسندي چيو.
مون در مان سائڻ کي ايندو ڏٺو ۽ منھنجو سڄو ڌيان اوڏانھن هليو ويو. سندس هنج ۾ نٻل ۽ ميرو ٻار هو، جنھن جي ميرن ڳلن تي مکيون جهڻ جهڻ ڪنديون ٿي آيون. سائڻ جي پٺيان ئي سندس ننڍڙي ڌيءُ ڊوڙندي آئي، جنھن کي پراڻو چولو پيل هو ۽ ٽنگون اگهاڙيون هيس. ماءُ جي چوڌاري ٽنگن کي پڪڙي ڦرڻ لڳي.
سائڻ ڌيءُ کي ڌڪ هڻي چيو، ”ائي ڇڏ تہ سھين، مئي.“
“وڏيرا پگهار ڏي، ٻن مھينن کان ڪانہ ملي آهي، ٻچڙا بک ٿا مرن، راتوڪر لنگهڻ تي آهن.“
”هينئر تہ وڃ، پوءِ ملندئي، اڃا چيئرمن جي آفيس مان ڪانہ آئي آهي.“
”وڏيرا ائين نہ ڪر، پنج رپيا ئي ڏي، ٻچڙا بک ٿا مرن.“
”ٻڌئي نہ! هينئر ڪونہ آهن، وڃ هلي.“ ادا ڪاوڙ ۾ لال ٿيندي چيو.
”اَئي رن ٻڌئي نہ، وڏيرو ڀانئين تہ ڪوڙ ٿو ڳالھائي. رنون اوهان تہ جڏهن تڏهن بکيون آهيو، اوهان جو تہ پيٽ ئي نٿو ڀرجي، مانيءَ مٿان ڇو بيٺي آهين، نظر هڻنديئن ڇا؟ پوءِ اچي ڳالھائجانس.“ پڦيءَ ٿانوَ مليندي رڙ ڪئي.
”جيجي توکي ڇا هي، بک تہ اسان ٿا مرون.“ سائڻ چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي اچي منھنجي ڀرسان بيٺي. سندس اکيون جهڪيل هيون ۽ پنھنجي پير جي آڱوٺي سان مٽيءَ کي کوٽڻ لڳي، سندس اکين مان ٻہ ڳوڙها ڳڙي ڌرتيءَ تي اچي پيا.
”سائڻ روئين ٿي! ويھہ بيٺي ڇو آهين؟“
”نہ ادي، ڪٿي ٿي روئان.“ سائڻ منھن ڦيري رئي جي پَلوَ سان ڳوڙها اگهڻ لڳي ۽ وري چپن تي زوري مرڪ آڻي چوڻ لڳي: ”ادي اوهين خوش تہ آهيو نہ.“
سائڻ پنھنجي ڳالھہ کي ڇڏي وري چيو: ”ادي، ڪو پاروٿو ساروٿو مانيءَ ڀور پيل آهي. هجي تہ هن کي ڏيان.“ پنھنجي ڌيءُ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، جيڪا ادا کي کائيندي ڏسي ماني گُهري رهي هئي.
مون اٿي وڃي ڪٻٽ ۾ ڏٺو، ٻيو تہ ڪجهہ ڪونہ هو، ميري دٻڪيءَ ۾ چانورن جي مانيءَ جو سڪل ٽڪر پيو هو، جيڪو بہ سڄو ڪِوِلِن سان ڪارو لڳو پيو هو. مون جيئن دٻڪي کنئي، سڀ ڪِوِلِيون مانيءَ کي ڇڏي منھنجي ٻانھن تي چڙهي آيون. ماني ڀت سان ڇَنڊي وڃي سائڻ کي ڏنم ۽ ڪِوِلِين کي هٿ سان ڇنڊڻ لڳس، جيڪي ان وچ ۾ منھنجو ماس ئي پٽي ويون هيون. سائڻ جي هٿ ۾ ماني ڏسندي ئي ڌيڻس سٽ ڏئي ڦري ورتي ۽ ڊوڙي وڃي پري کائڻ لڳي. گهڙي هڪ پير تي ٿي بيٺي تہ گهڙي ٻئي تي. مانيءَ کي پنھنجي هٿن ۾ ڏسي خوشيءَ ۾ نہ پئي ماپي.
”ڇوري، مانيءَ ڀور ڀاءُ کي بہ ڏي.“ سائڻ ڌيءُ کي چيو. پر هوءَ ڪٿي ٿي ٻڌي. هن کي تہ ماني ملي هئي، ڄڻ خدا مليو هو. سائڻ پٽ کي ويھاري ڌيءُ ڏانھن وئي، پر تيسين هوءَ ڊوڙي وڃي صندل تي بيٺي. ماڻس هڪ طرف کان اچي تہ هوءَ صندل جي ٻئي طرف ڀڄي وڃي بيٺي ۽ ماءُ کي شرير ترڇين نظرن سان ڏسي وٺي ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳي. کلڻ سان سندس ڪارڙن معصوم ڳلن تي ننڍڙو چُگهہ ٿِي پيو ٿي.
اَئِي ڇوري ڪِرندينءَ، ڏائڻ، ڀاءُ کي بہ ڏي نہ مانيءَ ڀور، ڏس هو ليٿڙي پيو.“
هل، هل، سو ڏيانس؟ مان کانوان ڪي هن کي ڏيان، ٽُڪل تہ آهي.“
ڏس، ڏاهي ٿيءُ، ڀلا مون کي ڏي، امڙ آهيانءِ..... مون کي بہ ڪونہ ڏيندينءَ.“ سائڻ پنھنجي چيلھہ تي هٿ رکندي چيو.
نہ، نہ سو ڏيان، تون ولي (وري) هن کي ڏين“. ننڍڙي ڇوڪريءَ ٻئي هٿ پٺتي ڪندي چيو: ”وئي، ڪانءَ کني ويو.“
ڏس ادي، ڪيڏي سياڻي آهي، لڪائي چوي ٿي تہ ڪانءُ کڻي ويو.“
ڌيڻس، پاڻ مانيءَ کي آزاد ڏسي، وري جُهمر هڻڻ لڳي. مانيءَ جو ٽڪر هڪ هٿ ۾ جهلي ۽ ٻيو وات ۾ وجهي، هٿن ۽ پيرن کي ناچ جي انداز سان ٺاهي آ.....آ..... هو ڪري ڳائڻ ۽ نچڻ لڳي.
ادا بہ ماني کائي بس ڪئي هئي، سو بہ اچي نم هيٺان سائڻ جي ڌيءُ کي ڏسڻ لڳو: ”ڏس زبيدہ، اٿس ڪا پرواھہ بک جي، ڪيتري نہ خوش پئي لڳي. آهي اسان کي ايتري سچي خوشي حاصل!“ ادا سيٽي وڄائيندي چيو ۽ چپن ۾ گاني جي ڌن گنگنائڻ لڳو. هيڪر آيم تہ چوانس تہ انھن بکايل پورهيتن کي نٽشي ۽ جبران جو فسلفو ڇا خوشي ڏيندو، پر پوءِ ماٺ کڻي ڪيم.
سائڻ جي ڌيءُ اسان سڀني کي پاڻ ڏانھن ڏسندو ڏسي نچڻ ڇڏي بيھي رهي ۽ پنھنجا ٻئي هٿ منھن تي رکي، وٿين مان ماءُ کي ڏسڻ لڳي ۽ اوچتو ٽپ ڏئي صندل تان هيٺ لھي آئي ۽ اچي ڀاءُ جي ڀرسان بيٺي، جيڪو اڃا تائين مٽيءَ تي ستل هو ۽ سڏڪا پئي ڀريائين. ”ها..... وٺ ماني.....؟ وٺ نہ ماني..... ائي سورا وٺ نہ......؟ ائي الا وٺ نہ...... سورا وٺين نٿو.“ هن ڀاءُ کي ٻانھن کان اُٿاريندي چيو ۽ ماني کڻي ڀاءُ جي جهوليءَ ۾ وڌائين، هو تيئن زور زور سان روئڻ لڳو. ننڍڙي ڇوڪريءَ ڀاءُ جو مٿو پنھنجي گوڏن تي رکي، ٿڦڪي ڏيڻ لڳي، جنھن تي ڳلن تي هاڻي ڳوڙهن جي سڪل لڪير باقي وڃي رهي هئي.

(”روح رهاڻ“ جولاءِ 1968ع ۾ ڇپيل)