لاڙئون آيم سرتيون
”لاڙئون آيم سرتيون اڄ ڪي اباڻا....“
سندس ڪاريون ڪڪوريل اکڙيون لڙڪن سان ڀريل هيون.
”ڪامل، او مُئي! اڃا ويٺي اَن ڇڙين، رن جنھن ڪم کي ٿي وٺين تہ ورهيہ لڳيو وڃئي، پڄئي نہ ٿو ڪم، سنڌن سڪي، سج مٿي چڙهي آيو آهي، منجهند جي مانيءَ کي اوير ٿي ٿئي. اجهو ٿو مڙسھين ٻنيءَ تان موٽي، تون ويٺي پار ڪڍين. نڀاڳي ڪھڙا اباڻا ياد پيا اٿئي؟“
”نہ چاچي، بس اٿان ٿي –“ ڪامل سس جا پاراتا ٻڌي ڳوڙها رئي جي پلاند سان اگهي ڇڏيا ۽ اکريءَ جو سمورو اَن ڇڄ ۾ وجهي ڇنڊڻ لڳي.
ننڍڙي صبحان اون آن ڪندي، بانبڙا پائيندي اچي ماءُ کي چنبڙي.
”نپٽي پري تہ ٿيءُ“ ڪامل ڌيءُ کي ٻوٿ وارو چنبو هڻي ڪڍيو.
صبحان وڃي مٽيءَ ۾ ڪري ۽ ڇڙيون هڻڻ لڳي، سندس ڪومل گلابي ڳل ڳوڙهن سان ڌوپجي ويا.
”مئي، گهڻو نہ روءُ، پيءُ جي دادلي ڪانہ آهين جو ايڏو ٽمجهڻ وڌو اٿئي،“
ڪامل ڌيءُ کي روئندو ڇڏي وڃي جنڊ تي ويٺي، صبحان کي روئي روئي اتي ئي ننڊ وٺي وئي هئي.
سومر هَرُ ڪلھي تي رکيو ڏاندن جون واڳون هٿن ۾ جهليو گهر ۾ گهڙيو. ڌيءُ تي اُڇاتري نظر وجهي وڃي ڏاندن کي ڪلي سان ٻڌائين. هَر کي ڀت سان پاسيرو رکي ورانڊي ۾ اچي ويٺو.
ڪامُل وٽي کي آگهاري دلي مان پاڻي اوتي اچي مڙس کي ڏنو.
”اڃا ماني ڪانہ پچائي اٿئي ڇا؟“
”نہ“
”ڇو، ننڊ پئي هئينءَ ڇا؟ سانجهي اچي ٿِي آهي، تو وٽ اڃا منجهند جي ماني بہ ڪانہ پڪي آهي.“
”ٽي ٽين ڪپڙن جا سٽيا اٿم. اَن ڇڙي پيٺم، سڄي گهر جي ٻهاري ڏني اٿم. پاڻيءَ جا کوھہ تان ڇھہ ور ڏئي آئي آهيان. ٻہ کارا ٿانون جا مانجيا اٿم. سڄو ڏينھن گهر ۾ گڏھہ وانگر ٿي وهان، پر پوءِ بہ مڃتا ڪانھي. هيکل آهيان ڪم ۾، تنھنڪري ٿوري اوير سوير ٿي پئي وڃي، ڀلا ٻيو ڇا ڪريان.“
”ڪميڻي وات ٿي ڪرين.“ سومر پاڃاريءَ مان ڪلو ڪڍي ڪامل جي نرڙ تي وهائي ڪڍيو. جيڏي ڪامل، تيڏو رت! رڙ ڪري وڃي پٽ تي پئي، سومر ٻہ چار ٻيون لتون مڪون بہ وهائي ڪڍيس.
”ٻڌايانءِ تہ پڻھين جاگير ڏاج ۾ ڏني هئي، جو ڪم نہ ڪندينءَ. هت ڏاڏهين جا نوڪر ويٺا آهن، جو کٽ تي چڙهي کائيندينءَ.“
رڙين واڪن تي صبحان بہ جاڳي پئي. ماءُ کي رت ۾ وهنتل ڏسي اُٻاٽ پئجي وئي. ڪامل ڌيءُ کڻي هنج ۾ ڪئي، ننڍڙي صبحان جي چپڙن ۾ ٿڃ سان گڏ ماءُ جو رت ۽ ڳوڙها بہ ٿي ٽميا.
”منھنجي جيجل ماءُ تون نہ روءُ، منھنجي مومل تون نہ روءُ“ ڪامل سڏڪندي چيو.
”اڙي وري ويھي رهينءَ ٻار کي ڪڇ ۾ ڪري، رن مٿو پنھنجو ڦاڙايوئي، پوءِ بہ نہ ٿي سمجهين. ڇڏ ڇوريءَ کي راند ڪري.“
اڌ ڍايل، اڌ بکايل صبحان کي پٽ تي ويھاري، ڪامل وڃي رڌپچاءُ ڪرڻ لڳي. سون سورن اچي وڪوڙيس. کيس شاديءَ جا پھريان ڏينھن ياد اچي ويا. جڏهن اڃا نئين ڪنوار ٿي هن گهر ۾ پير پاتو هئائين، تڏهن هوءَ ڪيتري نہ سھڻي هئي. سندس رنگ اڇو کير جھڙو، اکيون ڪٽاريون ڪجل بنا ڪاريون، ڊگها ڪارا وار، چپ سنھڙا گلابي جن ۾ گلن جو رس ڀريل هو، ڊگهي نڪ ۾ ڦلي پيل، سھڻين اڇن ٻانھن ۾ چوڙيون پئي جرڪيس، تڏهن سومر جي مٿس ڪيتري تہ دل هوندي هئي. هر وقت ڪامل، ڪامل پئي پوندي هيس. شاديءَ کي هي ٽيون سال هو، جو سندس مڙس تان سائٿ هلي وئي هئي. ڪامل هڪ ٻن سالن جي پٽ ۽ کير پياڪ صبحان جي ماءُ هئي، منجهس ڏکن ڏاکڙن جي ڪري اها سونھن نہ رهي هئي. اکيون دونھي ڪوسائي ڇڏيون هئس. چانڊوڪيءَ جھڙو ڪومل بدن باهين ۽ اسن تي لوساٽجي ويو هئس ۽ مڙس جي مارن کان پوءِ نقشن ۾ اها تکاڻ نہ رهي هئي. ڳلن جي لالائي کي سس جي طعنن تنڪن پِيلو ڪري ڇڏيو هو. سندس انگ انگ ۾ رچيل مستيءَ کي ڏکن ڏاکڙن ويراڳيءَ ۾ بدلي ڇڏيو هو. اڳ اڱڻ ۾ ائين هلندي هئي، ڄڻ ڪا ديوي پوڄا لاءِ موتين جا ڀريل ٿالھہ کڻي مندر ڏانھن ويندي هجي. ڪامل جي چپن تان مرڪ تہ ڄڻ موڪلائي وئي هئي. اکين ۾ شوخيءَ بدران ڳوڙها ڀريل هوندا هئس. سھڻي جوڀن ۾ ڪرڙوڍ ٿي لڳي.
سچ چيو اٿن ماڻھن لڳي ڪاٺ بہ ڀڄيو پون، سومر ڪامل سان ٻہ چار ڳالھيون مس ڪندو هو تہ ماڻس سڏ ڪندي هئس. الائي تہ ڪھڙا ويڻ ويھاريندي هئس، جو ساڳيو سومر، ڪامل جي اکين ڪڍڻ لاءِ بہ تيار ٿي ويندو هو. ڪامل کي شاديءَ ڪئي ٻيو ڏينھن هو جو ماڻس اچي سومر کي چيو هو:
”ابا اها زال ڪھڙي جيڪا ڪم کي اوڏو نہ پوي. ڪنوار اٿي ڪم ڪر، ڇڏ مڙس جي پچر. ابا زال ذات موچڙي جي آهي،“ وري چوندي هئس ”سھڻا ٽوھہ پٽن تي پيا آهن، هن کي اولاد ڪونہ ٿيندو. اڳي پوءِ توکي ٻي شادي ڪرڻي پوندي. پر جي پيڙهي ڪا هيءَ رن ڪانہ قائم ڪندي، جو هروڀرو ڪڪڙ وارو آرو ڪيو پيو آهين.“ تڏهن کان سومر ماءُ جا اهي لفظ ڄڻ دل تي اُڪيري ڇڏيا هئا. سومر دل تي اها ڳالھہ ويھاري ڇڏي هئي تہ کيس اولاد ڪونہ ٿيندو ۽ پوءِ پنھنجي زال کان منھن موڙيندو ويو، جڏهن سال کان پوءِ ڪامل کي پٽ ڄائو هو، تڏهن سومر ڏاڍو ٽڙيو پئي، ور ور ڏئي ٿي پٽ کي چميائين. تڏهن ماڻس کي اها ڳالھہ ڪانہ وڻي هئي. سوچيائين تہ متان پٽ ننھن کسي وٺي، تنھن کان اڳ چلھہ ۾ باھہ سوريندي هلي.
”ابا، ڌيءُ ۽ پٽ خدا جي پوک آهن، پٽ پٺيان ڌيءُ بہ اجها آئي، تو واري رن آهي واري تي، ايندڙ سال اجهو ڌيءُ ٺھي رکي آهي.“
پر سومر پٽ جي خوشيءَ ۾ ماءُ جي ڳالھہ تي ڪن ڪونہ ڏنو ۽ ٻئي سال ڪامل کي جو ڌيءُ ڄائي تڏهن تہ سسڻس کي بھانو هٿ آيو. ”ابا مون ڪونہ ٿي چيو تہ جوڻھين آهي واري تي، اجهو ٿي ڌيءُ ڪڍي، ڌيئن جو ڌڻ آڻيندي، ڌيءُ آهي پرائو ڌڻ، ڪاڏي ڪنداسين ايڏيون ڌيئون.“ تڏهن سومر اچي ڪامل جي وارن کان جهليو ۽ ٻہ چار لتون هڻي ڪڍيائينس. ٻنڌڻن ۾ ٻڌل صبحان کي بہ ٻہ چار گهوگها ڏئي ڪڍيائين. تڏهن بہ سس جو پيٽ نہ ڀريو. پٽ جا ڪن ڀري ڪامل تي پھاڄ آندائين. هاڻي ڪامل ڪم ڪري ۽ هوءَ بيبي کٽ چڙهي کائي، ڪامل جو گهر ويو تہ ور بہ ويو. بي سائٿڻ جو اولاد بہ بي سائٿي. ڪامل ئي نہ وڻي تہ ڪامل جو اولاد ڪيئن وڻندو. ٻئي ماءُ پٽ نئين ڪنوار تان گهور پيا ويندا هئا. جيڪي ڪري تيئن ڪنوار ڪري، ڪم ۾ تہ اصل هٿ وجهي ئي ڪانہ. چوندا آهن سونھن سڪي، بخت کائي.
ڪاري اونداهي رات هئي، ڪامل جي ڦٽل بخت تي آسمان بہ ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. مٿان ڪوٺي تان ڪامل جي مڙس ۽ سندس نئين ڪنوار جا هلڪا هلڪا ٽھڪڙا ٿي آيا. ڪامل جي نيڻن مان وڏ ڦڙو پئي وسيو، ڀر ۾ ننڍڙي صبحان بہ ستل هئي. پنھنجي ماءُ جي ڦٽل ڀاڳ ۽ پنھنجي اڻ ڏٺي، اڻ ڄاتل اونداهي آئيندي کان بيخبر گهري اَگهور ننڊ ۾ ستل هئي.