ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

ديباچہ

”رهاڻ“ وارن هڪ نئين قسم جي ادب جي نئين سر ايجاد ڪئي ٿي ڏسجي. انگريزيءَ ۾ جن بہ مدبرن ڊائريون لکيون آهن تن پنھنجا روزانہ خيال، ويچار، ڪھڻيون ۽ ڪرڻيون لکي پنھنجي اڳيان هڪ آئينو رکيو آهي، جنھن ۾ هو پنھنجو منھن ڏسي اندازو لڳائي سگهن ٿا تہ هنن ڪيترو قدم اڳتي کنيو يا پٺتي کنيو. نئينءَ سنڌ ۾ انھنءَ ڊائرين جو رواج ساڌو گدومل انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جنھن ۾ هن پنھنجي خيالن کي ظاهر ڪيو يا جيڪي هن جي نظر هيٺ گذريو تنھن تي پنھنجا ويچار پاڻ سان هن ونڊيا. اُها ڊائري انگريزيءَ ۾ آهي. ان کان سواءِ سندس ڏينھن وار ويچار جدا جدا وشين تي، ”من لاءِ چهبڪ“، سنڌيءَ ۾ ظاهر ٿيا. اُهي پڻ ڏينھن ڏينھن جي اڀياس بعد ديوان ڏيارام لکندو هو. انھن ۾ ڪافي گيان. فلاسافي ۽ ادب جو ڀنڊار آهي. اهي مڙيئي ڊائريون هو پاڻ لکندا هئا.
”جيتامڙي جي ڊائري“ گس ئي نئون ٿي وٺي. خيال ۾ ائين ٿو اچي تہ سوامي رامڪرشن پرم هنس جا ست سنگي پنھنجي گروءَ کان پنھنجن روحاني مشڪلاتن جو حل وٺڻ ايندا هئا؛ اهي وارتائون هڪڙي پريميءَ ڪتابي صورت ۾ عوام اڳيان پيش ڪيون؛ هي وارتائون بہ ڪجهہ انھيءَ نموني جون آهن.
ڪائونٽ ليئو ٽالسٽاءِ جون ڊائريون سندس موت کان پوءِ ظاهر ٿيون اهي وارتائون هن مدبر جا پاڻ سان جهيڙا جهٽا ظاهر ڪن ٿيون؛ سندس اوڻاين جو اظھار ڪن ٿيون جن مان احساس ٿئي ٿو تہ ڪيئنءَ نہ مڙس مانجهي؛ سانجهي اچي ٿي تنھن کان اڳ صبح جي شفق کي ابد تائين قائم رکڻ لاءِ جنگ ۽ جاکوڙ ڪندا ٿا رهن.
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ انھيءَ جنگ جي سري سان هڪڙو ڪتاب گمنام مصنف لکيو، جو پاڪستان ٿيڻ کان اڳ وري ٻيو دفعو ڪوڙي مل سنڌي ساهتيه منڊل حيدرآباد واري ڇپايو. ڪتاب جو لکندڙ ملڪي مجنون مسٽر تولارام مينگهراج بالاڻي نو شھري نواسي هو. ڪتاب جو نالو ”جيءَ اندر جنگ“ آهي.
”جيتامڙي“ ڪيئن سچ پچ جيتامڙي ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪيئن ويھي پنھنجي سواميءَ جي سکيا قلم بند ڪئي اٿس ۽ ڪئن انجو ذڪر ۽ فڪر بيان ڪيو اٿس، جيئن انھيءَ پنڌ جو پرو پڙهندڙن کي پوي ۽ هنن ۾ انھيءَ پنڌ جو ذوق ۽ شوق زور وٺي، سو پڙهڻ سان ظاهر ٿيندو.
اها ڊائري گهڻي ڀاڱي ”سام“ جي خيالن جو مجموعو آهي جي ڊاڪٽر سرلا سرل ڀاو رکندي، سرل سمجهہ ۽ سلوڻي قلم سان، سرل نموني ۾ پڙهندڙن اڳيان رکيا آهن. سندس مراد اهائي ٿي ڏسجي تہ جئن هن پاڻ ماري مٽي ڪري جيتامڙو بڻائي جوت پاتي آهي تيئن ٻيا بہ پنھنجي قرب سان من ماري، چت کي چونڪي چاڙهي، اهو آنند پائين.
ڊاڪٽر سرلا 1938ع ۾ رتيديري ميونسپل زناني اسپتال جي چارج ورتي. اُتي هوءَ گهڻن ئي گهرن جي واقف ٿي. آهستي آهستي هن جو سنگ هڪڙي پڙهيل، نوجوان زميندار جي گهر سان ٿي ويو. اهو نوجوان بہ هڪ ڳولھائو هو. هن تعليم جا ادارا ملڪ جي سڏ تي ترڪ ڪري قومي تعليم جو رستو ورتو هو. ان جو مونسان بہ ملڻ ان ئي وقت ٿيو. انوقت سندس سيني ۾ تڙپ هئي، ان ڪري هن انتظام جون ڪڙيون ڏکيون سمجهيون ۽ اُهي ڇنائي چوديواري سڪول جي کي الوداع ڪري نڪتو.
اهو نوجوان امرت (جئسنگهاڻي) هو جو هاڻي ڊاڪٽر سرلا جو سھاڳ بڻجي واڳ وٺي کيس وحدت جي وڻراه ۾ وٺي هلڻ لاءِ کيس وکون ٿو وجهائي ۽ پنڌ ٿو پٽائي. ڊاڪٽر سرلا کيس ”سام“ ڪري ٿي ڪوٺي جو هن پنھنجي جيوت سندس سپرد ڪئي آهي ۽ انجي سام ورتي آهي.
ڪيئن هڪ عورت جنھن کي ڪپڙ، ڳهڻي، پئسي پنجر جو لوڀ ۽ حرص ٿو ٿئي. تنھن سڀ ڪجهہ کيس سمجهي جيوت هنجي امانت ڪري سمجهي آهي؟ مونکي عجب لڳو جڏهين هڪوار ڏٺم تہ هن پنھنجي ڪمايل في آڻي سام جي سپرد ڪئي. وري کيس خرچ لاءِ ڪجهہ گهربو هو تہ اها ٿوري رقم سام کان گهري ورتائين! اها ارپن ڪرڻ جي سگهہ، تياڳ ڀاو ٿي ڏيکاري؛ اهو آهي قرب، جو کيس قرباني ڪرڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ۽ جنھن بنا ڪجهہ بہ ڪرڻ، ڪجهہ بہ ’ڪتڻ‘ بيڪار آهي.
چائت پائي چت ۾ سنھو ڪتيو جن
تن جو صرافن دڪو داخل نہ ڪيو
(شاه)
انھيءَ ۾ شڪ ڪونھي تہ ڊاڪٽر سرلا عورت جي جامي ۾ اهو پارٽ ورتو آهي، جنھن ۾ پھاڙن اکيڙڻ جي سر ٽوڙ جو کپ ٿو ٿئي. عورت کي اهائي اُڻ تڻ رهندي آهي تہ هوءَ ڪنھن ڏينھن ”ماتا“ ٿيندي ۽ دنيا کي پنھنجو ڪو لعل ڏيئي زندگي سڦل ڪندي. اهو عام رستو آهي. مگر جنھن کي سائين پاڻ ڏانھن ڇڪي سان ڪيئن لوڪ کان لڪي؟ گلا غيبت جو پنڌ آهي هٻڪار جو هنڌ. سو پريم نگر ۾ گم ٿيڻ کان سواءِ ملي ئي ڪين ٿو. جوانيءَ جو جوش، علم ۽ عقل جو هوش، هٿن جي ڪمائي، مڪمل صفائي آڻڻ ۾ ڪامياب نٿا ٿين. گهر ڇڏي فقير جهنگ جهاڳن ٿا، تڏهين محبت وارو ماڳ ٿو کين هٿ اچي.
9 اپريل 1915ع سندس جنم شڪارپور جي مشهور شھر ۾ ٿيو. اڄ ننڍي، سڀاڻي وڏي هوءَ 1921ع ۾، جڏهين ملڪ ۾ محبت جو مچ متو پيو هو، ڪنھن مائٽياڻيءَ سان گڏ قومي اسڪول ۾ اچي داخل ٿي. پھرين مون کيس اتي ڏٺو. ٻارڙي هئي، مگر اکين ۾ سندس هئي لالي لعلڻ جي.
خبر نہ آهي تہ قسمت جو چڪر ڪھڙي حساب ٿو هلي. ان جو ڪاٿو ڪٿڻ اهنجو آهي. نينگرائپ ۾ اسرندي اڀرندي رهي، مگر اکين ۾ سندس هو ڪو سپنو ساجن جو. پر سنگ ڪرڻ جو وقت اڃا نہ آيو هو. هوءَ دنيا جي ڪڙين ۾ جڪڙي ويئي جتان پاڻ آزاد ڪري امرتسر جي ميڊيڪل اسڪول مان L.S.M.P جو ڊپلوما حاصل ڪري آئي.
هڪ ڳالھہ جا سڀ کان وڌيڪ حيرت ۾ وجهڻ جهڙي آهي سا آهي ماءُ واري ممتا تياڳڻ. مونکي ذاتي خبر آهي تہ ماءُ جو هردو ڪومل ٿو ٿئي. ڊاڪٽر سرلا اها قدرتي تمنا تياڳي ڇڏي. کيس سام لاءِ ايتري شرڌا آهي جو هوءَ سام جي ڪم کي پنھنجو ڪم ٿي سمجهي ۽ آشرم جي رهواسين کي پنھنجي ڄڻ. انھيءَ طرح هو پنھنجي خواهش کي بدلائڻ جو يتن پئي ڪيو آهي. هو هاڻ زنده آهي ۽ هميشہ زنده رهندي جو هن پاڻ فنا ڪري ٻين کي اثبات ۾ آندو آهي. هن پاڻ نفي ڪري سام کي اسٿا پن ڪيو آهي!
هستيءَ کي ھمہ اوست ۾ ڪيو گم جنھين
پيو ترت تنھين جو پيرو اثبات ۾.
هن وقت تائين آءٌ صرف سرلا جي گم ٿيڻ جي آکاڻي اوري رهيو آهيان. سرلا ڪھڙي سر ۾ سام جي صفت ڪئي آهي، تنھن جو نالو کڻڻ بہ منھنجي سمجهہ کان ٻاهر آهي. ساميءَ سلوڪ اُچاريا تہ پنھنجو نالو نہ ڪيو. مگر آزمودا ۽ پنھنجي سکيا هن پنھنجي گروءَ جي سام ڪئي آهي. هت جيڪي سرلا سام جي واتان ٻڌو آهي سوئي هن سھاڳڻ ست ڪري انگيڪار ڪيو آهي. گهڻا تہ ائين ڪرڻ کان بہ پيا نٽائيندا آهن. هن دلاور دادليءَ درياه دليءَ مان، ڇوٽ مان ڇر ڇلائي آهي. هن پنھنجي مٿي کي قدم بڻائي ڇڏيو آهي. هن پيرن جو پنڌ ڪري، پنھنجي مرضيءَ ۽ خواهش جو تياڳ ڪري، اهو ڀاڳ ادا ڪيو آهي. هڪڙي ڪل وانگيان مالڪ جي ڪل روان ٿي، ٽپ ٽپ ڪندي دوکين جو دوک ڪٽڻ لاءِ تيارٿي وڃي؛ ڏينھن جي ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهہ وقت پرارٿنا ۾ گذاري پوءِ گهڙي پوي ٿي گهير ۾. هڪ هڪ بيمار ڄڻڪ سندس ٻار آهي، ان جي پرگهور ۽ سار لھڻ لاءِ هو پاڻ ڳاري پگهاري ٿي. ايتريءَ خود فراموشيءَ جو چشمو هن پنھنجي سام ۾ پاتو آهي؛ انھيءَ چشمي جي ڇوٽ لھر ۾ هوءَ سدا تڙڳندي ٿي رهي:
سرلا شاعر نہ آهي مگر هوءَ بنسريءَ وانگيان پنھنجي سام جي ٻولي ٿي الائي. ڳالھہ ٿا ڪن تہ هڪ واري بندرابن جي گوپين پاڻ ۾ پھہ ڪيو تہ بنسريءَ کان پڇجي هن ڪھڙو جپ يا تپ ڪيو آهي، جو هوءَ سديو شيام سان گڏ ٿي رهي. اهو ارادو ڪري هو بنسريءَ کي بنسي پٽ ۾ کڻي ان کان پڇڻ لڳيون:
”ري بنسري! نہ تون سوني جي نہ تون روپي جي؛ تو ڪيئن پريتم جي ٻانھن پڪڙي؟ ڪھڙو تنھنجو جپ، ڪھڙو تنھنجو تپ، جنھن بنايو توکي ساز ساجن جو“
بنسري: بيشڪ مان ناچيز ڪاٺيءَ جي ٽڪري آهيان، مگر هن جي مھر ۽ محبت ڪري سوڀيا ۽ مان ٿي پايان. وڻن جي چوٽن تان لھي، پاڻ سڪائي، پيٽ چيرائي خالي بدن بڻائي آيس تہ شيام چپن سان لڳائي ۽ پنھنجو آواز بڻائي؛ ائين ئي مان آنند پايان ٿي.“
***
هن ڊائريءَ ۾ آيل آهي تہ سام جي بهاو ﷲ جي مريدن سان صحبت ٿي؛ حضرت کان ڪن پوئلڳن جڏهن پڇيو تہ اوهان کي هن زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪھڙي شيءِ وڻي آهي. تڏهين پاڻ فرمايائون تہ بر هجي، بر ۾ گهوڙي تي سوار هجون، ساٿي اهڙو هجي جنھن سان ﷲ جون ڳالھيون پيون ڪجن، اهي گهڙيون زندگيءَ ۾ سڀ کان پياريون لڳنديون آهن. بر جي معنيٰ سمجهڻ گهرجي يڪ وجود ٿيڻ.
سسئيءَ ويچاري، وڇوڙي جي ماري، بيابانن ۾ اڪيلي، پنھون پنھون ڪندي ﷲ کي آزيون نيزاريون ڪندي وئي. سفر تي هلڻ کان اڳ جي ڪنھن سھيليءَ يا مٽ مائٽ کيس انھيءَ خيال کان ٿي هيٺ لاٿو تہ هن کين جواب ۾ ائين ئي چيو: ”ڇو ٿيون ڀينر پڇايو پنڌ پيرا؛ واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا.“
سندس يڪوجود جو هڪڙو نڪتو ياد ٿو اچي. واٽ تي ڪنھن ملان ٿي نماز ادا ڪئي. سسئي جو پير اتفاق سان تڏي تي اچي ويو. ملان هڪل ڪري کيس چيو: ”ڇوري منھنجي نماز قضا ڪري ڇڏيءِ.“
ان تي هن عرض ڪيو: ”سائين مان تہ پنھنجي محبوب جي پويان ٿي ويس ۽ عشق جي انڌ ۾ خبر ئي نہ پيم تہ اڳيان ڪو ﷲ جو بندو نماز ٿو ادا ڪري اوهان جو ﷲ سان ڳنڍيا بيٺا هئا سو اوهان کي ڪيئن خبر پيئي؟ ملان ڏاڍو شرمسار ٿيو ۾ چيائينس: ”امڙ، محبت ۾ مست ٿي وڃڻ تہ توجهڙيءَ کان ڪو ويھي سکي.“
عام طرح هر ڪو ڪنھن نہ ڪنھن وهڪ ۾ وهدو ٿو وڃي ۽ آخر ٿڪ وڃي اُت ٿو ڀڃي جت سندس منزل آهي. مگر اُها منزل آهي ڪھڙي؟ هلندو هل پانڌي، روشني هجي توڻي آنڌي؛ جڏهن پنڌ پٽبو تہ مسافري طيءِ ٿيندي! مگر حياتيءَ جو سفر تہ ليکي کان ٻاهر آهي. گرهستيءَ جون گهرجون پوريون ٿينديون ئي ڪين؛ اُڃايل جي اُساٽ لھندي ئي نه؛ پريميءَ جي سڪ سٿري ٿئي ڪين؛ ساڳيءَ طرح ڪين ٿيڻ جي مراد تڏهين ٿي پوري ٿي جڏهين ”تون“ ۽ ”مان“ جو تڪرار ختم ٿو ٿئي. ڊائريءَ ۾ اهي لھريون لڳنديون رهن ٿيون؛ اها جهڳ جهڳ هلندي رهيٿي. پريت جي ريت جا گس مڙيوئي اچي ملن ٿا. ڪڏهين ڏس تہ واٽون وڇڙيل پيون نظر اچن؛ ڪڏهين وري انھن ۾ ڪو سنڌو نظر نٿو اچي. اها اک ايڪائي واريءَ ۽ اها سرخي سڪ جي سرائي پائڻ سان ٿي اپجي. انھيءَ ڏس ۾ آهستي آهستي سمجهائڻ سان، هنيئون ٺارڻ سان، ڪن ڪچرو ٻهارڻ سان، ٻوڌ پيدا ٿئي ٿي، جهڙي طرح ٻار جو قدم آهستي آهستي پڪو ٿئي ٿو. انھيءَ پنڌ ۾ سسئي چويٿي:
ڪارا ڏونگر ڪھہ گهڻي ٻي واٽن تي واري
آڏا لڪ لطيف چئي ٻيا بر سجهن باري
جا منزل ماري؛ سا رب! ڪيچ رسائين.
(شاه)
جدا جدا منزلون طيءِ ڪرڻ لءِ سام ور ور ڪري ٿو منجهيل ڍيرو سمجهائي. سمجهائڻ سان سمجهہ صرف دماغ ٿو قبول ڪري. اها سمجهہ جڏهين جيوت جي گهٽ گهٽ ۾ گهري ٿي وڃي ۽ خوديءَ جو گهر برباد ڪري خدا جو گهر آباد ٿي ڪري، تہ زندگيءِ ۾ زيب ۽ زينت ٿي آڻي. ائين ئي جيتامڙي سڀ ڪي ڏئي سام سڃاتو آهي. اهڙو سودو سھانگو ۽ سڙو ڪينھين. سر ڏني ساجن ملي تہ سودو سھانگو. عام واٽهڙن کي اهو وهنوار ڏکيو لڳندو. گونگو ڳڙ کائيندو آهي تہ مشڪندو ڪشڪندو ڪين.
ڪنھن هنڌ جيتامڙي صوفين جي حسن پرستيءَ تي هلان ڪئي تہ سام انھيءَ ذڪر کي زمين ۾ اڇلائي نہ ڇڏيو مگر جيڪي سو انجي تفصيل وار تصوير چٽي کيس ٻڌايائين تہ سيرت کان سوا صورت ڪٿي؟ انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي تہ Handsome is that hand some does ائين آهي تہ ڪٿ ڪٿ ڪا روپونتي بہ اهڙي ذليل ڪم ۾ ڦاسيو ٿي پوي جو ڏک پيو ٿئي تہ الاجي ڪيئن ھھڙو سھڻو لعل گند ۾ اچي ڪريو آهي! اڳتي هلي شاھہ حسن جي جوڙ کي سام سمجهائڻ جي ٿو ڪري. صفحي 40 تي انھيءَ حسن جي چڱي اُپٽار ڪئي اٿس. رهاڻ جي مزي کي ڏسجي ٿو تہ ٻن ڳولائن واھہ جو جدا جدا شنڪائن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. ”رهاڻ“ جو مطلب ئي اهو ٿيندو آهي تہ پانڌيئڙا پاڻ ۾ خيال جي ڏي وٺ ڪري وک وڌائڻ ۽ پاڻ بنائڻ جي ڪن، جئن جوت جو غلط ڀاڳ ڀرندو رهي ۽ انجي جاءِ تي سٺي اوساري اُسرندي رهي.
سڀني سوالن جوابن جو تبصرو ڪرڻ ۽ تفصيلوار انھن جي صفائي ڪرڻ لاءِ وڏو لنبو ديباچو کپي. اسين ان جو ذڪر ۽ فڪر ڪنھن ٻيءَ مھل لاءِ مھمل ٿا رکون. هت وڌيڪ ايترو چوڻو اٿم، تہ سرلا ڊاڪٽر آهي؛ مگر هن سام جي شام حياتيءَ جي مانجهاندي ۾ ورتي آهي. چڱو جو هن هڪ آزمودگار، گوشہ نشين، تجربہ ڪندڙ جي اوٽ ورتي آهي. سسئي پنھنجي پنھونءَ جي اوٽ ورتي. هن پھاڙن جو پنڌ پٽيو. عامن کيس منع ڪئي مگر هن چيو تہ پنڌ ۾ پير وجهڻ منھنجو ڪم آهي؛ پوءِ جي ملي تہ ملندياس، نہ تہ گهوري جان جتن تان.
’سڪ وارن کي سيد چوي ڪين جهليندو جهنگ‘.
سڪ سيني کي روشن ڪندي رهي پوءِ ڪھڙيون بہ مشڪلاتون اوڏو اينديون تہ انھن مان پانڌي اُڪري پار پوندو.
سرل ٻڌي، سرل سمجهہ، سرل جيوت جا سرلا کي ڪي اقدار (Values) هٿ آيا ٿا ڏسجن.انھن ئي کيس آٿت؛ ايمان، همت ۽ حوصلو ڏنو ٿو ڏسجي. ڊائري تمام لنبي آهي. جدا جدا وقتن تي ڀن ڀن مشڪلاتن کي منھن ڏيڻ ۾ سرلا پنھنجي ساٿيءِ جي سمجهائڻ موجب رستو سڌو ۽ صاف ڏسي همت ڪري پئي هلندي آئي آهي. سندس محنت لاءِ کيس داد ڏيڻ غلط ۽ بي سود نہ ٿيندو. سرلا کي سام جي ساٿ مان سکيا ۽ سرهاڻ، سوجهرو ۽ سمت ملندي پئي رهي آهي. ان کان وڌيڪ جيوت ڪيئن ٿي سڦلي ٿي سگهي؟

جهامنداس ڀاٽيہ.
شڪارپور (سنڌ)