ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

12

4-8-1957ع اڄ پرارٿنا ڪلاس ۾ ڀڄن ڪرڻ ۽ قرآن، گيتا، سکمني وغيرہ جي پڙهائيءَ کان پوءِ سام ڇوڪرن سان گفتگو ڪندي چيو: ”اوهان جي ماستر صاحبن کان سواءِ گهڻو ڪري سڀ هت ننڍا ٻالڪ آهيو جي شايد هنن ڪتابن مان پڙهيل ٽڪرا يا هن کان پوءِ جيڪو گفتگو ٿئي سو پوريءَ طرح سمجهي نہ سگهو. مگر تنھن هوندي بہ مان توهان کي چوندس تہ ڌيان ڏيئي ٻڌو ڇا لاءِ جو ڪي اکر ۽ ڪي خيال جيڪي توهان جي اڳيان پيش ٿين ٿا ضرور توهين سمجهندا هوندءُ؛ اڄ ٻہ سڀاڻي چار ٻيا اکر ٻڌي (توهين بہ پنھنجو خيال وڌائي سگهون ٿا مان جڏهين اتر آمريڪا ۾ هڪ گهر ۾ مھمان طور ٻہ ٽي مھينا وڃي رهيو هيس، تڏهين ان گهر ۾ ڪوبہ ماڻھو انگريزي ڪونہ سمجهندو هو ۽ مون کي فرينچ جو هڪ اکر بہ ڪونہ ايندو هو. تنھن هوندي بہ شام جي وقت جڏهين سڀ پاڻ ۾ گڏبا هئا تڏهين مان جدا پري ٿي ويھڻ خراب سمجهندو هيس ۽ انھن دوستن جي وچ ۾ ئي وڃي ويھندو هيس. سندن گفتگو ٻڌندي ٻڌندي، آهستي آهستي ڪيترا اکر پڪڙڻ لڳس ۽ آخر ۾ گهڻو ڪري مطلب سندس گفتگوءَ جو ڪڍي ويندو هيس. اهڙيءَ طرح مون ڏٺو آهي تہ اسان جي گهر ۾ گرڌاري انگريزيءَ نہ ڄاڻندو هو ڪيترا لفظ انگريزيءَ جا سمجهي ويو آهي حقيقت هيءَ آهي تہ اسان جي سڀني ٻولين ۾ ڪيترا ذري گهٽ هڪ جھڙا اکر آهن، ڇا لاءِ جو چون ٿا تہ انسان ذات پھريائين جڏهين وچ ايشيا ۾ يا ڪن ٻين جي چوڻ موجب هماليہ پھاڙ ۾ پئدا ٿي، تڏهين انھن جي جيڪا پھرين ٻولي هئي تنھن جو اثر جدا جدا ملڪن ڏانھن پکڙجي وڃڻ کان پوءِ بہ ڪجهہ قدر سڀني ٻولين ۾ رهيو آهي. ازانسواءِ انسان کي ساڳي دل آهي ۽ خيال جي پروڙ لاءِ لفظن بہ اسين ڪي خيال يا اثر انھن مان وٺي سگهون ٿا. ايتري چوڻ کان پوءِ مان اڄ وڌيڪ ڪجهہ توهان سان ”وديارٿي ۽ نئين دنيا“ جي وشيہ تي ٿورا اکر ڳالھائڻ چاهيان ٿو، هت هن شھر ۾ وديارٿين جي زندگي اسڪول تائين ۽ اسڪول کان گهٽين يا سينيمائن تائين محدود آهي، مگر وديارٿي ٻين ملڪن ۾ ٻين گهڻين ڳالھين ۾ بھرو وٺن ٿا، مثال طور جيئن هتي اڳي هڪ ٻالڪن جي ٻاري هوندي هئي تيئن گهڻو ڪري سڀني سڌريل ملڪن ۾ وديارٿين جون ٻاريون ۽ ڪلبون وغيرہ آهن جي خاص پنگتي ۽ ٻين پروگرامن دوران ۽ خاص رسالن سينيمائن ۾ ٻارن جي کيلن وغيرہ دوران ٻارن جي تعليم جو دائريو وڌائن ٿيون لاڳيتي ملڪ هندستان ۾ بہ اهڙيون ڪيتريون سنسٿائون برپا ٿيون آهن ۽ اتي جيڪي ڪميونٽي پرا جيڪٽس (Community Project) آهن يعني ڳوٺن جي بھبوديءَ لاءِ ڪم چالو ڪيل آهن انھن ۾ بہ شاگرد بھرو وٺن ٿا.
اهڙي طرح 1918ع جي جنگ کان پوءِ تباه ٿيل جرمنيءَ ۾ شاگردن نہ رڳو پاڻ مرادو اسڪولن، ڪاليجن ۽ لئباريٽرين جي اڏاوت ۾ بھرو ورتو پر پنھنجي مائٽن کي پڻ چاھہ ڏياري اهڙن تعميري ڪمن ۾ شريڪ ڪيو، هن جنگ 1939 واريءَ کان پوءِ بہ ملڪ جي اڏاوت ۾ انھن چڱو پارٽ ادا ڪيو آهي ۽ اسان لاءِ هي خوشيءَ جي ڳالھہ آهي جو هن ننڍڙي اسڪول جي جوڙ جڪ واري ڪم ۾ لڇمڻ، موهن، تولو، ۽ ٻيا شاگرد گهڻو بھرو وٺن ٿا. مان اميد ٿو ڪريان تہ انھيءَ رستي توهين وڌيڪ ۽ وڌيڪ چاھہ رکي پاڻ کي ۽ پنھنجي مائٽن کي بہ ان ۾ شريڪ ڪندا. مون کي افسوس آهي جو اوهان جا مائٽ هن وقت اوهان کي اٽي لٽي ۽ اجهي ڏيڻ بعد يا اسڪول ۾ موڪلڻ بعد وڌيڪ ڪو دخل توهان جي زندگيءَ ۾ ڪونہ ٿا ڏين، توهين اهي آهيو جي ڏهن يا پنڌرهن سالن کان پوءِ هن دنيا ۾ گهڻن ڪم ڪارين جا مالڪ بڻندا.“
اتي سام ڪن ڇوڪرن کان پڇيو تہ توهان جي عمر گهڻي آهي؟ ڪن چوڏهن، ڪي پنڌرهن، ڪي سترهان ۽ ڪن گهٽ ٻڌائي. تنھن بعد کين چيائين: ”ڏهن سالن بعد توهين پنجويھن يا ستاويھن سالن جا بڻندا؛ تنھن جي معنيٰ تہ توهين جوان ٿي دنيا جي سڀني ڪمن ڪارين کي سنڀاليندا؛ ڪو ولي عهد يا ڪنھن راجا جو پٽ جيڪو گاديءَ تي ويھڻو هوندو آهي، ان جي سنڀال ۽ تعليم لاءِ ڪيڏي نہ اڳواٽ رٿ ۽ تياري ٿيندي آهي. ڇا لاءِ جو ان کي ملڪ جون واڳون سنڀالڻيون پونديون آهن! مان اوهان کي يقين سان چوان ٿو تہ توهين ٻالڪ ۽ نوجوان اهي ولي عهد آهيو جي هڪ وقت دنيا جون واڳون هٿ ۾ کڻندا. تنھن ڪري توهان جي تعليم ۽ واڌاري لاءِ پورو بندوبست هئڻ گهرجي. پر ان ڳالھہ جو ويچار اوهان جي وڏن کي اڃان ڪونہ آهي. توهان کي نہ رڳو وديا يا اکري علم پرائڻو آهي پر پنگتي سماجي يا ملڪ جي ڳالھين مان پڻ ڪجهہ قدر واقف ٿيڻو آهي. توهان جي تعليم جو دائرو نہ رڳو اسڪول تائين محدود هئڻ گهرجي مگر ٻيا پڻ گهڻا نمونا اوهان جي! واڌاري جي لاءِ اختيار ڪرڻ گهرجن. هي ننڍڙو اسڪول ۽ هي پرارٿنا ڪلاس مان اميد ٿو رکان تہ ان اوڻائي پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو وسيلو بڻبو ارمان آهي جو هت فقط هندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اچن ٿا. مان جيڪر چاهيان تہ ٻين مذهبن جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڻ گڏجي اسان سان هٿ ملائي اها علم جي عمارت کڙي ڪن جنھنجي اسان کي وڏي گهرج آهي. ايشور اهي اميدون اسان جون ڪنھن وقت ضرور پوريون ڪندو.
***
11-8-1957ع اڄ پريئر ڪلاس ۾ گيتا جي نائين اڌياءَ مان پڙهندي ”سام“ ”سسکم ڪرتويم“ اکر تي آيو؛ ان تي ويچار ڪندي سام چيو: ”سري ڪرشن ارجن کي چوي ٿو تہ مان توکي اها وديا، اهو گيان ڏسيان ٿو جيڪو ”سسکم ڪرتويم“ آهي، يعني آسانيءَ سان عمل ۾ آڻي سگهجي ۽ جنھن جي هٿ ڪرڻ سان سک ملي؛ نہ هو گيان جو ڪنھن خاص حيلي يا مارگ سان ملي؛ ٿو؛ مگر اهو علم، اها وديا سڀڪو حاصل ڪري سگهي ٿو، ٻالڪ هجي يا وڏو، انڌو هجي يا منڊو، گونگو هجي يا ٻوڙو، شاهوڪار هجي يا غريب، مطلب تہ ڪير بہ اهو علم پائي سگهي ٿو؛ ان لاءِ بي اي يا مئٽرڪ پاس ڪرڻ جي ضرورت نہ آهي نہ اهو فقط خيال جي يا ملڪ جي ليڊرن کي نصيب ٿئي ٿو. ان گيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا کپي؟ اهو گيان ڪھڙو آهي؟
سام چيو: ”گيتا جو گيان ڳوڙهو آهي؛ نائين اڌياءَ جي سکيا ستار سان ڏنل آهي جنھنجو مان هت تتسار ڏيان ٿو ۽ نہ ترجمو ڪريان ٿو؛ مگر اهو ويچار ڪندي تہ ”سسکم ڪرتويم“ ڪھڙي وديا آهي، ڪي خيال من تي اچن ٿا جي مان توهان جي سامھون رکان ٿو گيان اندر جي روشني آهي جو نہ ڪنھن ڊگريءَ جي پراپتيءَ سان مگر پريم ۽ شرڌا سان وڌي ٿو؛ مان جيڪر ٻن لفظن ۾ ان گيان جو بيان هن ريت ڪريان: اهو گيان آهي سچ جو گيان؛ اها روشني آهي سچ جي سورج جي روشني؛ سڇ جو اڀياس ڪريون ۽ سچ لاءِ چاهنا رکون؛ سچ آهي سڀني گڻن جي عمارت جو بنياد؛ جي سچا ٿياسون، سچ حاصل ڪيو سون تہ سمجهو سڀ گڻ پاتاسون. هڪ سنت ڳالھہ آهي جنھن پنھنجي شش کان فقط هي وچن ورتو تہ سچ ڳالھائيندس! هو هڪ چور ۽ ڊاڪو هو ۽ ان سنت جي منتر وٺڻ کان ڊڳو ٿي؛ کيس چيائين تہ سائين مان ٻيو سڀ ڪجهہ ڪري سگهندس مگر چوريءَ جو وڪار ڇڏي ڪونہ سگهندس، ڇا لاءِ جو منھنجي سنگت چورن سان آهي تڏهين ان سنت کيس چيو، توکي جيڪي وڻي سو ڪر پر فقط هڪ پرتگيا ڪر تہ مان هميشہ سچ ڳالھائيندس! ان چور اها پرتگيا ڪئي؛ جلد ئي بري سنگت ۾ هو وري چوري ڪري ٿو ۽ چوريءَ جو ڌن کڻي خوش ٿئي ٿو. هن پنھنجي گروءَ سان اهو شرط ڪيو هو تہ مان چوري ڪندس پر ڪوڙ ڪونہ ڳالھائيندس. جڏهن کائنس پڇا ٿي تہ چوري ڪنھن ڪئي آهي تہ هيڪر هٻڪي ويو، پر آخر قبول ڪرڻو پيس تہ اها چوري مون ۽ فلاڻن فلاڻن ڪئي آهي؛ جيئن جو سندس ساٿين کي اها خبر پيئي تيئن انھن کي بہ اها چوري موٽائي ڏيڻي پيئي؛ آخر ان ريت ڏٺائين تہ ڪا بہ چوري يا دغا يا ٻيو برو ڪم کيس ڦٻي نٿي سگهيو. سندس سنگتي بہ کائنس پاسو ڪرڻ لڳا؛ جو سچ ڳالھائي انھن کي بہ هو ڦاسائيءَ پيو ڇڏي. ان ريت سچ سڀني وڪارن کي ناس ڪري ٿو ڇڏي ۽ سچ لاءِ پريم رکڻ بہ سڀ ڪنھن انسان لاءِ آسان آهي؛ انڌو يا منڊو هجي، ڪو غريب يا شاهوڪار هجي ڪو ودوان يا اٻوجهہ هجي تہ بہ هو سچ سان پريم رکي سگهي ٿو ان لاءِ ڪو گيان يا علم يا ڪا ٻي سجاوٽ ضروري نہ آهي. اها سچ جي روشني اسان سڀني جو ورثو آهي.“
***


22-9-1957ع اڄ لاءِ پريئر ڪلاس رکيل هو تعداد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تمام ٿورو هو ساڻن ويجهو ويھي سام گفتگو ڪئي؛ انھن مان هڪڙي ڇوڪري ڪن ڇوڪرين جي پيرن صفا نہ هئڻ ڏانھن ڌيان ڇڪايو جو انھن اسڪول جي گلم تي مٽي ٿڦي ڇڏي هئي. سام ارمان ظاهر ڪندي چيو: ”افسوس آهي جو پريئر ڪلاس جھڙي پوتر موقعي تي بہ صفائي رکي نہ ٿي وڃي.
”مان مذهبن جي وچ ۾ ڀيٽ نہ ٿو ڪريان، پر ڏٺو اٿم تہ خاص ڪري سنڌ ۾ اسان جا هندو ڀائر پنھنجن ٽڪاڻن ۾ پورو انتظام ڪونہ رکندا آهن؛ (اڄوڪي ميٽنگ ۾ سڀ هندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هئا). هندو جاتيءَ وارن جو پراچين طريقو ڪو ٻيو هو؛ هينئر تہ ٽڪاڻن ۾ ۽ مندرن ۾ جڏهين ڪي ميڙ ٿين ٿا تڏهين نہ ويھڻ جو پورو انتظام ڏسجي ٿو ۽ نہ پرشاد جي ونڊڻ ورهائڻ جو. نہ رڳو پرشاد صفائيءَ سان ورهايو نہ ٿو وڃي پر ان جي وراهيت ۾ ڪي ماڻھو بکين وانگر هٿ ڊگهيڙي گهرندا آهن ۽ پروگرام جي وچ ۾ ٻاوا ٻانڀڻ پئسن جي وصولي ڪري ارداسون پٽن ڏيڻ جون يا منوڪامائن پوري ڪرڻ لاءِ ڪندا ڏسڻ ۾ ايندا آهن انھن جي ڀيٽ ۾ ڪرستانن جي ”ديولين ۾ ڪيڏو نہ سٺو انتظام ۽ صفائي نظر اچي ٿي ۽ اسلامي جماعتن ۾ پڻ گهڻي قدر قانون نظر ايندو اٿم. مثال طور نماز پڙهڻ لاءِ صفون ٺاهيندا آهن ۽ نماز تي اچڻ کان اڳ هر ڪنھن کي هٿ منھن وغيرہ ڌوئي يعني وضو ڪري صفائيءَ سان اچڻو پوندو آهي؛ توهان خاص طور وديارٿي ٿي ڪري هي غفلت ڪيو تہ ارمان جھڙي ڳالھہ آهي. در اصل هي پريئر ڪلاس نہ فقط پر هڪ ڪلچر (Culture) ڪلاس ڪري رٿيل هيو، جنھن ۾ مون آشا رکي هئي تہ هاڻوڪي جهل جي حالت ۾ خاص ڪري اسان جي جاتيءَ وارا ۽ ٻيا بہ شريڪ ٿي ان سان اهو ڪڇ پرائيندا جو فقط سڪولي ڪتابن جي پڙهائڻ مان ملي نٿو سگهي، مگر گهڻو وقت ڏتڙيل حالت ۾ رهڻ ڪري ۽ جاتيءَ جي رهبرن جي لڏي وڃڻ ڪري اسان جي شاگردن جا من متل رهن ٿا؛ سندن وڏن کي اڄ ڪالھہ پيٽ گذاري جي معاملن کان سواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڪونہ ٿو سمجهي ۽ پنگتي يا آدرشي جذبات چئجي کڻي دٻل رهي ٿي؛ توهان جي دل ۽ من جي مکڙين کي کولڻ لاءِ ڪوبہ خاص اپاو ورتو ڪونہ ٿو وڃي. جيئن بھار جي هوا ۽ سج جا ڪرڻا گلن جي مکڙين کولڻ لاءِ ضرروي آهن تيئن سچو سنگ يا صحبت دل من جي مکڙيءَ کولڻ لاءِ ضروري آهي؛ ۽ هي ڪلاس انھيءَ آشا سان کوليو اٿئون تہ هت سھڻن ويچارن ۽ سھڻن خيالن جو سنگ ڪري، پرارٿنائون ڪري ۽ گيان ويچار ڪري، اسين اهو ڪڇ حاصل ڪريون جو اسان کي اٽي لٽي ۽ پيٽ گذاري کان بہ وڌيڪ گهربل آهي.“
تنھن کان پوءِ سام هڪ پريئر ڪئي جنھن ۾ خاص خيال هي هيو: ”هي پرڀو، اسان کي تہ اها بہ خبر نہ آهي تہ ڇا اسان لاءِ ضروري آهي. تو وٽ بکاري ٿي دان وٺڻ اچون ٿا پر اها خبر نہ اٿئون تہ ڇا توکان گهرون!
تون اهو ڪجهہ ڏي اسان کي جنھن ۾ ڀلو هجي اسانجو؛ جو پرائي اسين هيءَ جيون ياترا سڦلي ڪري سگهون؛ جو اٽي لٽي کان بہ وڌ هن مسافري زندگي جيءَ ۾ اسان جو زاد راھہ ٿي رهي!“
***

4-11-1957ع آرتوار تي پريئر ڪلاس ۾ اسان جي سڪول ۾ جيئن سام پستڪن مان پڙهيو ٿي تہ سکمني صاحب پڙهندي اهي تڪون نڪتيون: ”برهم گياني سدانرليپ جئسي جل ۾ ڪمل اليپ.“ انھن تڪن تي ويچار ڪندي سام هن ريت ڳالھائيو: ”هي سنسار هڪ مھاساگر جي مثل آهي جنھن ۾ اميدن ۽ ارمانن جون ڇوليون لڳن ٿيون؛ جنھن ۾ طمع جا طوفان لڳن ٿا؛ انھيءَ ۾ اهڙي ريت رهڻو آهي جيئن منجهس ٻڏي نہ وڃون يعني اُهي چنتائون اميدون ۽ ارمان اسان جي آتما ۾ گهري نہ وڃن، مگر سنساري زندگي هڪ ياترا سمجهي انھيءَ جي دک سک جا ويچار اُتي ئي ڇڏي، پاڻ کي يعني پنھنجي آتما کي هر حالت ۾ ثابت سلامت رکون؛ ڪمل گل جو ويچار ڪريو: ڪمل گل کي ڊگهي ڏانڊي ٿيندي آهي جا پاڻيءَ جي تر کان ئي نڪرندي آهي؛ تلاو ۾ پاڻي ڪيترو بہ وڌي پر گل ان ۾ ڪڏهين ڪين ٻڏي؛ هر هڪ ڇوليءَ سان هو مٿي چڙهندو اچي؛ رهي بہ پاڻيءَ ۾ ۽ رهي بہ نرليپ! اها آهي ريت جنھن سان اسان سڀني کي پنھنجي آتما جي رکيا ڪرڻ کپي؛ هن جسم جي رکيا لاءِ ڪيڏا نہ اپاو ڪريون ٿا ۽ ڪوشش ڪريون ٿا تہ جئن ان کي بک ڏک نہ ستائي؛ مگر سڀ کان اتم شيءِ جا اسين پاڻ سان کنيو وتون ٿا سا آهي اسان جي آتما؛ افسوس جو انھيءَ جي سنڀال جي اسين ڪا چنتا ڪونہ ٿا رکون! مثال طور ڪو اعتراض جوڳو ڪم آهي جنھن ۾ ڪوڙ جي ضرورت آهي؛ ڪو اعتراض جوڳو ڪمائيءَ جو ذريعو آهي جنھن ۾ آتما کي هاڃي رسي ٿي؛ اهڙا ڪيترا ڪم ۽ ارادا اسين روز ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهين انھن تي ٻئي ڪنھن جي نظر نہ ٿي پوي تہ پاڻ انھن کي ڍڪي ڇڏيون ٿا؛ مگر تنھن هوندي بہ انھن مان اسان کي هاڃي رسي ٿي، ڇا لاءِ جو برائي چاهي ڍڪيل يا اگهاڙي هجي اها ساڳيءَ ريت هاڃيڪار آهي؛ اڃان بہ لڪ ۾ اها پنھنجو اثر وڌيڪ زهري ڪري ڇڏي ٿي؛ انريت گويا کيس خلاصو ميدان ملي ٿو. تنھن ڪري هي ويچار مان اڄ توهان جي اڳيان رکان ٿو تہ سڀ ڪم ۾ پھريائين اهو خيال ڪريون تہ انھيءَ جي ڪرڻ سان اسين ڪو آتما جو قانون تہ نہ ٿا اولنگهن ڪريون؟ نفعي نقصان جا خيال، سک يا دک جا خيال پوءِ رکون ۽ اول اها چنتا رکون تہ جيئن آتما اسان جي نرليپ رهي.“
***


23-2-1958ع هتان جو سول سرجن سام جو دوست ٿي ويو آهي؛ سام کيس هڪ ڪتاب سوکڙي ڏيندي انگريزيءَ ۾ ائين لکيو تہ منهجي 1957 جي تون هڪ حاصل ڪيل چيز آهين! هو ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ ايندو آهي توڙي جو اسين ايترو هن وٽ وڃي ڪونہ سگهندا آهيون. اڄ جنھن وقت هو آيو تہ سام سنڌيا جي وقت ڪنڊ ۾ هڪ تڏي تي ويٺو هو؛ ملڻ وقت سول سرجن کائنس پڇيو تہ پريئر توهان جي ڪھڙي دستور ٿيندي آهي، سو مون کي سمجهايو. سام کيس چيو: ”اسين فقط پاڻ کي گڏ ڪرڻ يا جاڳائڻ يا سمجهو يڪوجوديءَ ۾ آڻڻ جو ساڌن ڪندا آهيون.“
سول سرجن چيو: ”اهو ڇا آهي” مون کي وڌيڪ چٽو ڪري ٻڌايو.“
سام چيو: ”گهڻن ڪمن سودائن ۽ حرصن ۾ انسان جو خيال ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوي ٿو؛ انھيءَ کي وري گڏ ڪري يا يڪوجوديءَ ۾ آڻڻ لاءِ ايڪانت يا شانتيءَ جي ماحول ۾ ويھي ڌيان ڪرڻ هڪ سٺو اپاءُ آهي.“
سول سرجن چيو: ”مون تہ ڏٺو آهي، ڪيتري بہ ڪوشش ڪريو تہ انسان جو من پيو ڀٽڪي ضرور؛ ڪڏهن ڪھڙا ڪڏهن ڪھڙا خيال پيا اچن؛ انھن کي ڪيئن ٿو ٽاري سگهجي؟“
سام چيو: ”اسين انھن کي ٽارڻ جو ساڌن ڪونہ ڪندا آهيون. اهي خيال ۽ خواهشون خود اوهان جي من (Mind) جو ڀاڱو آهن؛ انھن کي تڙي ڪڍڻ ضروري نہ آهي. انھن کي ڇڏيو تہ ڀل اچن، ڪٿان بہ اچن ۽ ڪيتري انداز ۾ بہ اچن؛ پر هڪ وڏو ماڻ يا وڏو شوق يا وڏو خيال هجي جنھن ۾ اهي سڀ سمائيا وڃن؛ انھن ۾ خود ايڪتا آڻبي آهي. مثال طور ڪجهہ سال ٿيا جڏهن مان هڪ آدرشي صورت کي اهو ماڻ ڪري رکندو هيس؛ اها صورت ٻڌ، ڪرشن، ڪرائيسٽ، محمد يا ٻي ڪنھن بہ آدرشي انسان جي ٿي سگهي ٿي، جنھن ۾ سڀ خيال حرص، صورتون، ماڻپون، زمينون، آڪاش ڌرتيءَ وغيرہ جا نظارا سمائجي وڃن، يعني ان سان ايتري لگن هجي. اهو هڪ طريقو يڪوجوديءَ يا خيال جي هيڪڙائيءَ حاصل ڪرڻ جو آهي. پر جيڪڏهين اهڙو ڪو نقش يا تصور نہ بہ رکجي ۽ فقط پنھنجي خيالن جو پاڻ ئي تماشبين تي بيھي ڏسجي؛ يعني انھن کان الڳ ٿي ڏسجي يا انھن کي وساري ڇڏجي يا انھن کي بہ ڀل پنھنجي پنھنجي صورت وٺڻ ڏجي ۽ خاص لگن ڪنھن سان نہ رکجي. تہ پوءِ اهي حرص يا خيال پريشان ڪين ڪندا مگر روح جي وڏيءَ هستيءَ ۾ پنھنجي پنھنجي ننڍڙيءَ جاءِ وٺي گم ٿي ويندا.“
سام وڌيڪ چيو: ”جي توهان کي وڌيڪ چاھہ هوندو تہ ڪنھن وقت سرلا کي ٻڌايل اهڙا آزمودا يا درشن جي هن درج ڪيا آهن، سي توهان کي پڙهي ٻڌائيندا.“
مون چيو: ”ادا، توهان اهي ضرور ٻڌجو ۽ مان توهان کي ٻڌائيندس تہ ڪيئن، ڪيتريون ڳالھيون اڳواٽ ان وقت سام جيڪي چيون هيون سي پوءِ پوريون نڪتيون. پر مون پاڻ بہ ڏٺو آهي تہ ايڪانت ۾ ويھڻ سان ڪڏهن ڪڏهن منھنجي ڪنھن منجهيل بيمار لاءِ ڪو نئون علاج سجهي ايندو اٿم ۽ اهو گهڻو ڪري ڪارگر ٿيندو آهي.“
سام چيو: ”ان ۾ ڪا ڪرامت جي ڳالھہ ڪانہ آهي فقط خيال کي نج ۽ صاف ڪرڻ سان ئي اهو هڪ تکو اوزار ٿي پوي ٿو. هونءَ پريشانيءَ ۾ اچي ڪري اهو بي ڪار ٿي پوي ٿو ۽ ان جي تکائي يا اثر گهٽجي وڃي ٿو.“
***


18-2-1958ع اسين نئين سال يعني 1 جنوري 1958 تي اڳين پراڻي جاءِ ڇڏي هڪ نئينءَ جاءِ ۾ اچي ويٺا آهيون جا شھر جي هڪ طرف آهي ۽ چوڌاريءَ باغات ۽ هڪ نھر جو نظارو اٿس. سام هت اچڻ کان اڳ ۾ چوندو هو تہ نئين جاءِ ۾ ويھڻ بہ هڪ آسيس آهي، توڙي جو اها ننڍڙي هجي مگر هيءَ جاءِ تہ بلڪل ڪشادي، ذري گهٽ اسان جي طيب واري بنگلي جيتري آهي ۽ جي شھر کان ڪڇ دور آهي تہ ان ڳالھہ جو پڻ ارمان ڪونہ اٿئون ڇا لاءِ جو هت ڪافي ايڪانت ۽ آرام آهن. مون جو ڪيترا سال ڪا هوا جي تبديلي ڪا نہ ڪئي آهي تہ مون کي هت اچڻ سان ڄڻ اها مٽ سٽ هوا جي وڻي وئي آهي، ۽ صحت ۾ سڌارو محسوس ڪيو اٿم هن مٽا سٽا ۽ نئين بھار جي اچڻ ڪري سام پڻ هت اچي ڪيترا نوان شعر لکيا آهن. ازانسواءِ سندس شعر جو اتارو ۽ سڌارو جو گهڻي ڀاڱي رهيل هو سو هت اچي هٿ ۾ کنيو اٿئون؛ هن وڏي جاءِ ۾ گهڻيون تصويرون گهربل هيون ڪجهہ تصويرون سري ڪرشن ۽ ٻين ديوتائن جون مليون آهن؛ مون کي پنھنجي نيم انوسار انھن سڀني وٽ وڃي آسيس وٺڻي پوندي آهي؛ منھنجن مديني منور جي مسجد جي تصوير بہ آهي. منھنجو هڪ اهو بہ نيم آهي تہ انھن مورتين کي نمسڪار ڪري اهو دعا جو هٿ سڀني کان ڦيرائي سام کي اچي گهمائيندي آهيان، جيتوڻيڪ سام جي سکيا موجب ايترو بہ سمجهندي آهيان تہ هر جاءِ اهو هڪ ڀڳوان آهي جو هڪ ئي تصوير مان يا بنا تصوير جي بہ ڌيائي سگهجي ٿو؛ مگر هيءَ هڪ منھنجي دل جي وڻندڙ وندر يا ورزش ٿي ويئي آهي جا هت تصويرن جي تعداد وڌيل هوندي بہ پوري ڪندي آهيان. اڄ جيئن اهو هٿ سڀني مورتين وٽان دعا جو ڀري سام کي گهمايم تيئن هن چيو:
”منو! جيئن تون هڪ هڪ مورتيءَ وٽان دعا پني اچين ٿي تيئن مون پنھنجي ڌيان ڪرڻ وقت نيئن بسنت رنوءَ جي اثر هيٺ اچي ڪري اڄ توکي هڪ نرالي قسم جي دعا ڪئي آهي. هي وڻ ٽڻ، گل ڦل، زمين، هوا، آڪاش، پلي پسون ۽ ٻيون سڀ صورتون ايشور جون ڏسي انھن کان دعا وٺي ميڙي سيڙي توکي خيالي رستي اچي هٿ گهمايم ۽ ائين ڀانيم تہ جيڪي شيون توکي پياريون آهن سي مون کي بہ پياريون آهن ۽ جيڪي شيون يا ماڻھو مون کي پيارا آهن سي توکي بہ پيارا آهن. اهو خيال ڪندي پنھنجي سڀني عزيزن، تنھنجي ڀائرن ڀينرن ۽ پنھنجي ٻارن ڀائرن، دوستن وغيرہ کي پڻ ساڳيون دعائون ڏنم.“
***


25-4-1958ع مون کي رات بخار هو جنھن جي اثر هيٺ اچي ڪري ڪڇ نہ ڪڇ ڳالھائڻ لڳس سام چيو تہ اهڙن وقتن تي جو ڪڇ ڳالھائجي ٿو سو بہ گهڻو ڪري بي سود نہ آهي؛ پاڻ ڪڏهين ڪڏهين حجاب جي پردي يا عقل جي رواجي روڪ لھڻ ڪري انسان اهي ڳالھيون انھن وقتن تي چئي ٿو ڇڏي جي سندس اندر جو پورو پورو راز بتائن ٿيون. مون جيڪي لفظ ان وقت چيا سي سام چيو تہ درج ڪرڻ جھڙا آهن، اهي هن ريت هئا:
مون سام کي سڏي چيو: ”خبر ناھہ مري وڃان؛ پر اهو توکي ٻڌائڻ ٿي گهران تہ منھنجي دل ۾ هڪ اٿاھہ ساگر پيار جو آهي جو فقط تنھنجي لاءِ آهي؛ توڙي جو ان ۾ ڪي نانگ بلائون بہ هجن. ان ۾ مائٽن مٽن جو ڪوبہ حصو ڪونہ آهي!“
سام چيو: ”ائين برابر آهي تہ اهي ڪروڌ روپي نانگ بلائون، ننڍيون ننڍيون نفس جون ڄؤرون جي اسين پاڻ اندر ڌاريون ٿا، سي ڪڏهن بہ ان اونھي ساگر جي مھما گهٽائي ڪونہ ٿيون سگهن! انھن هوندي بہ پريم پاڪ آهي، جيئن دريا جو پاڻي هميشہ پاڪ آهي توڙي جو منجهس سپ يا مڇ رهن ٿا، توڙي جو منجهس خود مڙدا لڙهندا اچن ٿا. هي هٺ وير يا ساڙ روپي جيوڙا پريم پنھنجي وهڪري ۾ صاف ڪري ڇڏي ٿو. گنگا جل پوتر آهي توڙي منجهس هزارها ماڻھو هاٺيون ميڙي وجهن ٿا؛ سندس تيز وهڪري ۾ سڀ جيوڙا مري وڃن ٿا، اهڙي طرح جي اسان جي دل جو درياھہ وهندڙ آهي يعني منجهس جي ڪا عقل جي روڪ ٽوڪ يا ڪو نفس جو وڏو مونجهارو يا دوئيءَ جو بند ڪون آهي تہ ان کي ميلي ٿيڻ جو ڪو ڊپ ڪونہ آهي. اسان جا ننڍڙا تفاوت اسان جي پريم جي پاڪائي ۾ ڪوبہ تفاوت آڻي ڪين ٿا سگهن.“
***
سام کي مون کلي چيو: ”سام لغت وارا محبت، حب، حق، وغيرہ اکرن تي شد ڇو ٿا ڏين؟ مان تہ سمجهان ٿي ڄڻ ڪا پنھنجي حب يا سچائيءَ جي پڪ ئي ڪانہ اٿن، نہ تہ شد ڏيئي زور لائڻ جي جيڪر ڪھڙي ضرورت ٿئي؟ اهڙي طرح ”اول“ اکر تي شد ما سمجهندي آهيان تہ ڄڻڪ هڪ قسم جو شڪ ٿي پيدا ڪري ان جي اول پڻي ۾!“
سام چيو: ”اهو خيال ڏاڍو مزي دار آهي، وڌيڪ انھيءَ جي سمجهاڻيءَ جي ڪائي ضرورت نہ آهي. تون اهو بہ ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏ.، تنھنجي لفظن ۾ حق ۽ پريم جي سچي ڄاڻ سمايل آهي!“
***

2-8-1958ع ڪيترن ڏينھن کان اسان وٽ هڪڙو هوميوپيٿيءَ جو حڪيم ايندو آهي. هو راڌاسوامي پنٿ جو آهي، مگر اسان جي ڪيرتن ۽ ستسنگ ۾ اچي ويھندو آهي. رات سندس گفتگو ڪجهہ سام سان ٿيو جو هن ريت آهي:
حڪيم: ”مون کي مھرباني ڪري پنهجي ماضيءَ بابت ڪجهہ ٻڌايو جو مون ٻڌو آهي تہ توهان ولايت بہ ويا هئا ۽ ٻيون ڪي مشغوليون بہ اڳي توهان کي هيون.“
سام: ”ماضي، هال ۽ مستقبل اهي سڀ مٿيا آهن. اسان تہ ڪال کي خود مٿيا ڪري سمجهون ٿا.“
حڪيم ڪال ۾ ماضي مستقبل ۽ حال جا سنڌا تہ ضرور رهڻا آهن، تن کي توهين ڪيئن مٿيا چئو ٿا.
سام: ”ماضيءَ ۾ مستقبل بہ شامل هو. ايندڙ وقت جون اميدون ۽ گذريل وقت جا آزمودا سي ٻيئي ان وقت واري حال تي ايترو ئي اثر وجهندا هئا جيترو چئجي کڻي تہ حال جون گهر جون اثر وجهن ٿيون آئينده جي رٿن تي وقت جو وهڪرو بہ درياه مثل آهي؛ مٿيون ڀاڱو ۽ هيٺيون ڀاڱو سي سڀ وچين ڀاڱي يعني دوڙ سان گڏوگڏ هلن ٿا، مگر جيئن درياه خود هڪ وهڪري يعني مٿيا جو نالو آهي ۽ ڪا بيٺل مقرر هستي ڪانہ آهي، تيئن ڪال بہ هڪ مٿيا آهي؛ وهندڙ شيءِ آهي جنھن ڪري ان کي سچ پچ ڪا شيءِ نہ ٿو چئي سگهجي. منجهس سنڌا رکڻ، سا تہ هڪ ڳالھہ ئي عبث آهي.“
اهو حيڪم تڏهين لاچار ٿي جدا جدا سوال پڇڻ لڳو، انھن واقعن بنسبت جن جي کيس ڪا خبر هئي، مگر انھن ۾ ڪا خاص ڳالھہ درج ڪرڻ جھڙي ڪا نہ هئي.
***


3-8-1958ع هي اونھارو اسان وٽ سخت ٿيو آهي، ايتري قدر جو اسپتال جي ڪم کان پوءِ مشڪل ٻيو ڪو ڪم هٿ مان نڪري ٿو. سام هميشہ وانگر قريباً ٻہ مھينا لاڙڪاڻي کان ٻاهر يعني هندستان ويو هو. انھن سببن ڪري گهڻو ڪجهہ لکي ڪونہ سگهي آهيان؛ ورنہ اسان وٽ تہ هميشہ نيون، نيون، ڳالھيون سام ۽ ٻين جي گفتگوءَ مان ۽ نوان نوان خيال ۽ راڳ يا شعر پيا روز پيدا ٿين. هڪ نئين ۽ سٺي دل کي وڻندڙ ڳالھہ هن اونھاري جي اها هئي جو ڪيرتن وغيرہ وڏي اوج کي رسي ويو ۽ ڪيترا هريجن ڀائر، سريلا ڳائيندڙ ۽ ساز وڄائيندڙ اچي شامل ٿيا. ٻيا ماڻھو بہ آواز ٻڌي ڊڪندا مٿي هليا پيا اچن؛ ان نموني وقت گهڻي وندر ۾ پي گذريو ۽ اڃا پيو گذري. هوڏانھن جيتوڻيڪ اسان جي نئين جاءِ هريجن ڪالونيءَ کان پري هئڻ سبب، هريجن سڪول وارو ڪم پٺتي پئجي ويو آهي تڏهن بہ انھن ڀائرن جي شيوا لاءِ ٿوري گهڻي ڪوشش جيڪا اسان کان پڳي آهي سا ڪئي اٿئون، هڪ هريجن ڇوڪرو سلھہ جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ مرڻ جي ڪنڌيءَ کي ويجهو ٿي ڏيکاريو سام سندس گهر وارن کي اتساھہ ڏياري علاج لاءِ تيار ڪيو ۽ مھيني ڏيڍ جي عرصي لاءِ اسان سڀني جي ڪوشش جو نتيجو اهو ٿيو جو ڇوڪرو خوش ٿي پيو ۽ ٿورن مھينن ۾ وري پنھنجي ڪم تي وڃي چڙهيو سندس ماءُ تہ چوندي هئي تہ هن تي منھنجو ڪوبہ حق نہ آهي؛ هي توهان جو ئي ٿي رهندو. سام جو بہ مٿس گهڻو پيار آهي ۽ اسين سمجهندا آهيون تہ جي هريجن ڀائرن جي ٻي ڪا شيوا مڪمل طرح ٿي ڪانہ سگهي يعني جيڪڏهين ان ما ٻيو ڪو ڦل ڪونہ نڪتو تڏهين بہ گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون ڪي چونڊ آتمائون ضرور لڀي پونديون دوا ۽ ٻارن کي پڙهائڻ جو ڪم اڃا جاري آهي مگر ڀڄن ۽ ستسنگ جي واڌاري ۾، هنن ڀائرن جو پڙهڻ کان وڌيڪ اتساھہ نظر اچي ٿو.
***


4-8-1958ع هريجن ڪالونيءَ ۾ آتمارام نالي هڪ ڪم ڪندڙ آهي، جو ٻين کان وڌيڪ سمجهو ۽ آتساهڪ نظر ايندو آهي. ڪيتري عرصي کان هو پنھنجي دڪانداريءَ وسيلي ستنتر نموني گذران لھڻ سان گڏوگڏ اها بہ ڪوشش ڪندو آهي تہ ڪجهہ هريجن ڀائرن جي شيوا ڪريان، پرڪي ٻيا هريجن کيس ڪونہ سھندا آهن. سام جو بہ ٻين کان وڌيڪ مٿس اعتبار آهي؛ تازو سام کيس اها سمجهاڻي ڏني تہ نمرتا ڀاءُ ڌارن ڪري، پنھنجي برخلاف جاتيءَ وارن کي وڃي پرچاءِ ۽ انھن جو ساٿ حاصل ڪر! هن ائين ڪيو، جيتوڻيڪ سندس ڪو قصور ڪونہ هو. سام بہ ساڻس گڏ سندس برخلاف ڌر وار وٽ ويو ۽ وڃي سندن ٺاھہ ڪرايائين مگر تنھن بعد بہ هو آتمارام سان حسد رکندا آيا. ٻہ ڏينھن ٿيا تہ آتمارام اچي ان ڳالھہ جو ارمان ظاهر ڪيو ۽ چيائين تہ مان ڪوبہ قدم ڪيتري بہ شڌ ڀاونا سان کڻان ٿو تہ هو ان جي آڏو اچن ٿا؛ ٻيو تہ ٺھيو پر هي ننڍڙا ٻار گڏ ڪري اچي کين اکر سيکاريان ٿو تہ بہ هو سمجهن ٿا ڄڻڪ هيءَ ڪا مٺائي آهي جا مان کائي ٿو وڃان، ۽ ٻارن کي چون ٿا تہ آتما رام وٽ نہ پڙهو؛ نہ وري پاڻ انھن جي پڙهائڻ جو ڪو تدارڪ ڪن ٿا.
سام کيس مشڪي چيو: ”غمگين نہ ٿيءُ؛ ايشور توسان کيڏي رهيو آهي؛ هو پنھنجن پيارن کي ئي ائين آزمائيندو آهي. هيڏانھن دڪان ۾ نقصان ۽ هوڏانھن تنھنجي آڏو اچڻ تنھنجي ڀائرن جو، اهي سڀ نشانيون آهن تہ هو توکي آزمائي رهيو آهي. اسين پاڻ اهڙي دور مان لنگهيا آهيون. ڪنھن وقت بہ ڪم ڌنڌي جا يا شيوا جا هٿ ۾ کڻندا هئاسين تہ انھن تي پنھنجي برادريءَ ۽ ڳوٺ وارا ٽوڪبازي ڪندا هئا، ڪيترا ويجها عزيز اسان جي آڏو ايندا هئا پر آخر انھن جو آڏو اچڻ ايشور بند ڪري ڇڏيو. توکي اسان جي هيءَ صلاح آهي تہ تون پنھنجي آدرش ۾ اعتقاد رکندو اچ ۽ اکين اڳيان انڌاريءَ هوندي بہ ايشور جي طاقت ۾ ۽ سندس پريم جي روشنيءَ ۾ اٽل وشواس ڌار. جڏهين تنھنجو واشواس پورن ٿيون تڏهين تنھنجا دک پاڻيھي دور ٿي ويندا.“
***


7-8-1958ع گرڌاري روز صبح جو سام سان گهمڻ ويندو آهي، ۽ هن کي ائين گهمندي ڪيترا سال ٿي ويا آهن. کيس سام سان گڏ گهمڻ جو اهڙو تہ مزو اچي ويو آهي جو گهر ۾ ڪم ڪار توڙي جو ڪيترو بہ ڪرڻو پويس يا گهر کان ٻاهر ڪمن لاءِ وري پوءِ موٽي آچڻ تي ڊڪڻو ڊوڙڻو پويس، تڏهن بہ هو سام کي انھيءَ مزي جي ڪري هرکائي پري پري وٺي ويندو آهي. سام کيس چوندو آهي تہ وري گهر ڪم ڪرڻو اٿيئي، ٿڪجي پوندين! پر هو خوشيءَ مان ڪڏهن چوي تہ هينئن گهمڻ سان منھنجي دل جو گل ڄڻ ٽڙي پوي ٿو يا چوي تہ ڪم ڪار سڀ فاني آهي؛ گهر هلي ڇا ڪنداسين؟ ڪڏهن چوي تہ ”توهان جيڪي مون سان ڳالھيون ڪريو ٿا انھن سڀني کي مان سمجهان ٿو؛ جيتوڻيڪ سمجهائي نٿو سگهان؛ جيئن هي ماڪ جا ڦڙا پنن تي ڏسو ٿا؛ جيئن هي کوتڙو پنھنجي ماءُ سان خوش بيٺل ڏسو ٿا؛ جيئن هو گلر ڪتي جي ڪنڌ تي چڙهيل ليٽيل ڏسون ٿا؛ اهڙي ڪا شيءِ محسوس ڪريان ٿو، پر وڌيڪ سمجهائي نٿو سگهان!“
سام ان بنسبت چيو: ”قدرت جي ويجهو رهڻ مان وڏي ۾ وڏو گيان پراپت ٿي سگهي ٿو؛ اها ويجهڙائي سنسار جي چڪر کان دور ٿي وڃڻ بعد ازخود آتما کي پنھنجي پرماتما سان معلوم ٿئي ٿي؛ هيئن ٻاهر نڪري اجاين سجاين خيالن کان فارغ ٿيون ٿا؛ هڪ قسم جو پڙدو اسان جي ۽ قدرت جي وچ مان دور ٿي وڃي ٿو.“
اهڙن اثرن جي ڪري اگرچ رات جو ٻہ ٽي ڪلاڪ چوڪيءَ جو وارو گرڌاريءَ تي مقرر ٿيل آهي تڏهن بہ سوير اُٿي گهمڻ ويندو آهي؛ کڻي کيس سنھو ٿلھو بخار بہ هوندو آهي تہ بہ هو هميشہ گهمڻ لاءِ تيار رهندو آهي. اڄ جو گفتگو سندن وچ ۾ جيڪو ٿيو تنھنجو احوال سام هن ريت ٻڌايو:
سام: ”تون اڄ منجهيل ڇو ٿو لڳين؟“
گرڌاري: ”بس مڙيوئي خيالن ۾ گم آهيان.“
سام: ”خيال کي جهاڪو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڪا بہ گهٽ وڌائي سنسار جي يا ٻي نا اميدي جيڪا هجي انھيءَ ۾ اٽڪي بيھي نہ رھہ. خيال بيٺل پاڻيءَ مثل نہ آهي پر وهندڙ درياھہ مثل آهي. بيٺل پاڻي بدبوءِ ڪري ٿو توڙي جو ڪيترو بہ ان جي سنڀال ڪريون؛ وهندڙ درياھہ هميشہ پاڪ آهي، توڙي جو ان ۾ ڪيترا ماڻھو وهجن ٿا، ڪي ڍونڍ بہ لڙهي اچن ٿا يا ڪي بلائون بہ ان اندر رهن ٿيون. انسان جي اندر ۾ بہ گهڻيون ئي بلائون آهن؛ پر جي درياھہ مثل وهڪرو جاري رکبو، منجهي ڪنھن ڳالھہ ۾ اٽڪي بيھي نہ رهبو، تہ اسان جي دل جو درياھہ هميشہ پاڪ رهندو؛ چنتا جھڙو پيو ڳنڍو يا ڳنڍ ڪا نہ آهي؛ جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ يا ڳنڍو تئن پڻ آهي ڪاٺيءَ جي ڳنڍ: ڪاٺ ۾ ڳنڍ ڪاٺ کي ضعيف بڻائي ٿي، تئن پڻ ڳنڍ وارا بہ ڇيڙا رسيءَ جا ٽٽڻ جي امڪان هيٺ رهن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت چنتا جي ڳنڍ بہ انسان جي جيوت کي بي رنگ ۽ بي طاقت بڻائي ٿي.“
گرڌاريءَ چيو: ”ڪنھن چنتا ۾ منجهيل آهيان. مگر ڪو خيال جو ٿنڀو ڳوليان ٿو جنھن کي چنبڙي پئجي ۽ پاڻ کي اُن سان ٻڌل رکجي.“
سام چيو: ”خيال انھيءَ جي ڀيٽ ۾ اُتم آهي. اهو هوا جي مثل آهي اُن تي اڏندو سئر ڪندو رھہ؛ ۽ نہ قيد ڪري ان کي پوءِ پاڻ کي ئي عمر لاءِ قيدي بڻائي ڇڏ!“
گرڌاريءَ جو مطلب شايد گرو ڳولڻ جو هيو. پر هن وقت سام جي خيال موجب هو اڃا ڪچي اوسٿا جو آهي. سندس لاءِ آزاد رهڻ سڀ کان سٺو آهي.
***


8-8-1958ع ڪجهہ ڏينھن کان صبح جي وقت وري اسين سري ڀاڳوت ۾ ’ڪرشن ڪانڍ‘ پڙهندا آهيون. ڪالھہ ڪرشن جو جنم شروع ڪيوسين. جڏهن اهو پڙهيو سين تہ واسديو ڪرشن ٻالڪ کي کڻي گوڪل ڏانھن روانو ٿيو ۽ درن جا قلف کيس کليل نظر آيا ۽ جمنا ندي پڻ کيس رستو ڏنو جو پئدل وڃي هو ٻار کي گوڪل ۾ پڄائي آيو، تڏهن اها ڳالھہ اسان کي سام سمجهائيندي چيو: ”مان توهان جو وهم وڌائڻ نٿو گهران، پر هي ڳالھيون اسنڀو يعني اڻ ٿيڻ جوڳيون بہ نہ آهن. سرشٽيءَ ۾ سڀ شيون، سڀ جانور، پھاڙ، نديون، تارا، هوائون ۽ اسين گڏجي رهون ٿا. هڪ ئي شڪتي انھن کي هلائي ۽ سنڀالي ٿي. ان ڪري نجومين جي وديا موجب ستارن جو انساني جيوت تي اثر آهي. پر مان تہ ائين بہ چوندس تہ هر شيءِ جو هڪ ٻئي تي اثر آهي. ڊٻ ۾ رهندڙ ڪوئو اڪثر ڊٻ جي رنگ جو يعني سفيد ٿئي ٿو. ساول ۾ رهندڙ ڪيڙو سائو ٿئي ٿو، اڇي پاڻيءَ ۾ رهندڙ مڇي اڇي ٿئي ٿي. ڪاري پاڻيءَ واري ڪاري. اهو سڀ پسگردائيءَ جي اثر ڪري آهي. اهي اهڙا اثر آهن جيڪي اکين کان غائب آهن. اهڙيءَ طرح وڏيون شيون درياھہ، پربت، هوائون پڻ وڏن اثرن هيٺ اچي سگهن ٿيون جي گهڻو دور ٿي سگهن ٿا ۽ اسان کي ڏسڻ ۾ ڪونہ اچن ٿا. حضرت موسيٰ کي سمنڊ رستو ڏنو جو هو پنھنجا قوم وارا ٽپائي مصر مان وٺي ويو. سا ڳالھہ بہ نا ممڪن ڪونہ آهي. تازو هٽلر جي سمي ۾ ڇا ڏٺو؟ لشڪر، هٿيار، مشينري وغيرہ جي گهڻائي هوندي بہ هڪ سخت سياري جي نازل ٿيڻ سان هن اها شڪست روس ۾ کاڌي، جنھن جي اثر ڪري وري اٿي نہ سگهيو! انھيءَ ٿڌ جي هڪ ڌڪ ان وقت جي وڏي ۾ وڏي مليٽري طاقت کي وري اسرڻ يا ساھہ پٽڻ نہ ڏنو. هڪ مغل بادشاھہ جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ کيس هڪ راجپوت ملازم مارڻ جو ارادو ڪري رهيو هو؛ جيئن هو مارڻ لاءِ خنجر کڻي آيو تہ بادشاه کي جاڳندو ڏٺائين؛ بادشاھہ کيس چيو، تہ جمنا جي گجگوڙ ڪري ننڊَ نہ ٿي اچي؛ کيس وڃي چؤ تہ ڪجهہ ڌيري ڌيري هلي تہ مان ننڊ ڪريان! اهڙيءَ طرح ٽي ڀيرا مارڻ جو ارادو ڪري آيو پر ٽيئي ڀيرا بادشاھہ کي جاڳندو ڏٺائين. هن کي ان ۾ ڪو اندروني راز نظر آيو. پوءِ ازمائش خاطر وڃي جمنا کي نياپو ڏنائين. چوندا آهن تہ هڪ پاڪ ارادي ۽ انصاف پسند بادشاھہ کي ستن وليئن جي طاقت ٿيندي آهي. جمنا جل ماٺيڻو ٿي ويو ۽ بادشاه کي پوءِ ننڊ آئي. هن قاتل جي دل جو ارادواهو ڏسي مٽجي ويو. پڙهيو اٿئون تہ جڏهن حضرت محمد صلعم ابوبڪر صديق سان وڃي هڪ غار ۾ لڪو تڏهن مڪي وارن جو لشڪر کيس ڳولھا جي ارادي سان اُن غار جي منھن وٽ پھچي بہ موٽي ويو، جو هڪ ڪوريئڙي هڪ لحذو اڳ ۾ غار جي منھن تي پنھنجو ڄار اُڻي ڇڏيو هو ۽ ويجهو هڪ ڪبوتريءَ اچي آنا لاٿا هئا. اها واردات ڏسي ڪافرن جا سپاهي ائين چئي موٽي ويا تہ هن ڄار سان ڍڪيل ۽ پکين جي ٻچن واريءَ غار ۾ ڪنھن انسان جو هجڻ ئي ناممڪن آهي. مان توهان جو اجاين سجاين ڏند ڪٿائن يا ڪرامتن ۾ وشواس وڌائڻ لاءِ هي نہ ٿو ٻڌايان. پر مون کي پنھنجو بہ هڪ آزمودو ياد اچي ٿو: جڏهين مھاتما گانڌي شهيد ڪيو ويو تڏهين ما پنھنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هيس جتي مون وٽ ڪو ريڊيو بہ ڪونہ هو. برابر سندس موت جي وقت مون ائين ڏٺو تہ دنيا مان هڪ نيلي ڪرشن رنگي روشني نڪري غائب ٿي وئي. ساڳئي وقت ٻئي پاسي گوڙ شور گهٽ ٿي ويو. انھيءَ درشيہ جي تصديق سڀاڻي تي اخبارن مان ملي. هٽلر جي مرڻ وارن ڏينھن ۾ پڻ دنيا جي مٿان صلح جو پاڇو پيل محسوس ڪيو هيم. اوهان مان ڪن کي تہ خبر آهي جو اهي ڳالھيون مون بر وقت توهان کي ٻڌائي ڇڏيون هيون. انھن سڀني ڳالھين جو مطلب هي آهي تہ قدرت خود دنيا ۾ پئدا ٿيندڙ وڏين هستين جي اثر کان آجي نہ آهي ۽ ايشور انھن جي پاڪ روحن يا آتمائن جي گهرجن کان بي خبر نہ آهي. ڇا اها طاقت جا سڄي سرشٽيءَ کي هلائي ٿي، سا چت کان رهت ٿي سگهي ٿي؟ پر جي انھيءَ ۾ چت شڪتي آهي تہ ڇا اها ڪنھن بہ طريقي حالتن جي ڦيرڻ جو خود موقعي تي گهربل انتظام ڪري نہ ٿي سگهي؟ اهي ڪرامتون نہ آهن مگر قدرت جي ڪمن ۾ وڏن اثرن پوڻ جون علامتون آهن، جو درياھہ جهڪا ٿي وڃن، سمنڊ رستا ڏين، ڳڙا عين موقعي تي اچي ڪڙڪن يا ويسر کان چوڪيدار جيل جي دروازن جا قلف ئي ڪين ڏين!“
***


9-8-1958ع اڄ صبح جي پريئر کان پوءِ جيئن سام گرڌاريءَ سان گڏجي گهمڻ ويو تئن گرڌاريءَ کي وري منجهيل خيال ۾ ڏسي کيس خبردار ڪيائين. مون ان گفتگوءَ جو احوال کانئن هن ريت حاصل ڪيو؛ سام چيو: ”فقير جو ڪم آهي، پنھنجي ۽ زماني يا ٻين جي وچ ۾ امين ٿي هلي ۽ حق يا ڏوھہ جي ونڊ وراھہ ۾ ڪو بہ رايو نہ رکي؛ اول پنھنجون اوڻايون پاڻ محسوس ڪري پر جي سمجهي تہ مون ۾ ڪا اوڻائي ڪانہ آهي تہ ائين چوي متان مان ڀُلو هجان! ڪنھن بہ ڳالھہ ۾ ٻين کي ڏوھہ نہ ڏي. مطلب تہ اها پڪ نہ سمجهي تہ عيب منجهس ڪونہ آهن؛ اُن ريت سڄي ڄاڻ يا حق ناحق جي ڄاڻ وڌيڪ سولي حاصل ٿيندي.
تنھن بعد گرڌاريءَ ڪي ڏک پنھنجا ظاهر ڪيا ۽ سام کي چيو: ”هاڻي حد ٿي چڪي آهي؛ دل چوي ٿي تہ ڪيڏانھن هليو وڃان!“
سام کيس چيو: ”اهي ڏک جيڪڏهين سچا آهن تہ اهي بہ الاهي قاصد ڪري سمجهڻ گهرجن.“
پوءِ سمورو وقت جيڪو هو گڏ ٿي گهميا، يادگيري مان سام کيس پنھنجي نئين انگريزي ڪتاب ” Temple of Joy“ جو تت سار زباني طور ٻڌايو جنھن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته، ٽي قاصد جي پاڻ کي ’ٽي وڏا ڏک‘ ڪري ڄاڻائن ٿا، ڪيئن آتمڪ ياتريءَ کي جدا جدا رستن کان ’آنند ديويءَ‘ جي مندر ڏانھن وٺي وڃن ٿا. انھيءَ ڏکن جي رهبريءَ جي تتسار ٻڌڻ جو اثر گرڌاريءَ تي ايترو ٿيو جو سام کي چيائين: سائين مون کي اڄ ڪا وڏي سمجهہ ڏني اٿو، جنھن سان دل ۽ دماغ پر ٿي ويا آهن!
مون کي ان ڳالھہ تي عجب لڳو تہ ڪيئن سام ايتري تڪليف ڪري يادگيري مان هن هڪ ڄڻي کي پنھنجي ڪتاب جو تتسار سمجهايو هوندو! مگر سام چيو: ”هڪ دل کٽڻ يا ان کي ڪنھن درجي تي رسائڻ لاءِ جيڪڏهين ڪيتري بہ ڪوشش يا تڪليف ڪرڻي پوي تہ اجائي نہ آهي.“
***


10-8-1958ع مٿين سڀني تاثيرن جو نتيجو ڀلا ڪيترو روڪي سگهجي ٿو؟ اڄ ائين ٿو سمجهہ ۾ اچي تہ هوريان هوريان هي اثر جيڪي گرڌاريءَ تي پوندا اچن ٿا تن آخر هن جي دل ۽ دماغ کي موڙي ڪجهہ قدر آگيا ڪاري بنائڻ جون نشانيون پيدا ڪيون آهن. ٿورا ڏينھن اڳ سام هڪ جوڳيا رنگ جو تاڪيه آندو اِن لاءِ تہ اُن مان منھنجي ۽ پنھنجي هڪ هڪ ڊريس ٺھرائي. گرڌاريءَ سڌ ڪئي تہ مان بہ جيڪر پريئر جي وقت اهڙي ڊريس پائي اوهان سان گڏ اچي ويھان. سام اها ڳالھہ قبول ڪئي ۽ کيس چيائين تہ تون اُن جي پھرڻ لاءِ هينئر تيار نظر اچين ٿو. هوڏانھن گهر ۾ ٻين ڇوڪرن لاءِ اها ڳالھہ سام قبول نہ ڪئي تہ ڪو انھن کي ڪچيءَ وهيءَ ۾ اهڙي پوشاڪ پھرڻ گهرجي. اڄ جڏهين اُهي ويس تيار ٿيا تڏهين سام کيس چيو: هيءَ پوشاڪ پھرڻ ڪو سٿرو ڪم نہ آهي. ڪنھن بزرگ يا پنھنجيءَ گروءَ هٿان ئي اها پوشاڪ وٺي پھرڻي آهي. تڏهين گرڌاريءَ پنج آنا کڻي اچي نذر طور رکيا ۽ چيائين: توهان مون کي اها پوشاڪ پھرايو! سام وري بہ کيس هدايت ڪئي تہ اهو فيصلو تڪڙ ۾ نہ ڪرڻ گهرجي. پنھنجو دل من جاچي ڏس. جنھن شخص لاءِ توکي پوري شرڌا هجي، اُن کان ئي هيءَ پوشاڪ پاڻ کي پاراءِ. تڏهين گرڌاريءَ صاف لفظن ۾ چيو تہ گرو بہ توهان آهيو، سڀ ڪجهہ توهان آهيو! مان توهان جي هٿ سان اها وٺندس. تڏهين سام هن نموني کيس سمجهاڻي ڏني: ”هيءَ پوشاڪ جوڳين ۽ تارڪن جو ويس آهي. هن رنگ ۾ انھن جي من جي امنگ سمايل آهي. هيءَ پوشاڪ هن جسم تي رکي ڪو ڪچو ڪم ڪري نہ ٿو سگهجي. هن پوشاڪ کي ادب ۽ صفائيءَ سان رکڻو آهي. ائين نہ سمجهڻ گهرجي تہ هيءَ 5 يا 7 روپين جي ملھہ جي شيءِ آهي، مگر ائين سمجهڻ گهرجي تہ هيءَ ان گيان ۽ ويچار جي مارگ تي هلڻ جي لاءِ هڪ قسم جي زرھہ آهي؛ مشڪلاتن ۾ آتما کي بچائڻ لاءِ هڪ قسم جي ڍال آهي؛ حرص جي هوائن کان روح رکيا لاءِ هڪ ڪوٽ آهي؛ شيخ شبليءَ جي هڪ ڳالھہ آهي، جڏهين هو بغداد جي حاڪم وٽ ڪچھريءَ ۾ ويٺو هو، تڏهين کيس بادشاھہ جي ڏنل خلعت پيل هئي، جنھن سان هن پنھنجو هٿ اُگهي ورتو. مٿس الزام ڌريو ويو تہ تو بادشاه جي خلعت جي بي ادبي ڪئي آهي. شيخ شبلي هڪ وڏو سالڪ ماڻھو هو. هن کي ان وقت گيان اچي ويو ۽ اُها پوشاڪ لاهي ادب سان حاڪم جي اڳيان پيش ڪيائين ۽ ان وقت سرڪاري ملازمت تان استيفا ڏيڻ جي موڪل گهريائين؛ کانئس اهڙي اٻھري قدم کڻڻ جو سبب پڇيو ويو جنھن تي چيائين. تہ سائين زماني جي بادشاه جي طرف کان عطا ٿيل هيءَ پٽ جي پوشاڪ جيڪڏهين منھنجي هٿ اگهڻ ڪري خراب ٿي سگهي ٿي تہ هي جسم جو روح کي ﷲ جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي، ان جي ڪيڏي نہ مون بي ادبي ڪئي آهي جو هنن هٿن، پيرن، اکين ۽ ٻين عضون کان پنھنجي لوڀ لالچ يا نفس ڪارڻ ابتا ڪم ورتا اٿم! نہ رڳو هن جسم کي پر پنھنجي دل ۽ دماغ کي الاهي عبادت جي طرف کان موڙي زماني جي بادشاه جي خدمت ۾ لاتو اٿم. مون اوهان جي مليل پوشاڪ جي برابر بي ادبي ڪئي آهي پر اُن کان وڌيڪ هن الاهي عطا ٿيل پوشاڪ جي بي ادبي ڪئي اٿم. اڄ کان وٺي فقط ان کان اُهي ڪم وٺندس جي اُنھيءَ کي ڪرڻ جڳائن.
ان ڳالھہ ٻڌائڻ کان پوءِ سام چولو هٿ ۾ کڻي گرڌاريءَ کي چيو: ”هي تنھنجي آتما جي لجا آهي.“ پتلون هٿ ۾ کڻي کيس چيائين: ”هيءَ تنھنجي انساني شرم ۽ حيا جو ڍڪ آهي؛ جو دم هيءَ پوشاڪ جان تي آهي بلڪ ان کان پوءِ بہ ڪو برو ڪم پنھنجي هٿان نہ ٿئي.“ تنھن کان پوءِ اسان سڀني جي صلاح سان سندس نالو ”آنند“ رکيائين جنھن ۾ گرڌاري ڀي خوش ٿي نظر آيو. جيڪي پئسا گرڌاريءَ پنھنجي پوشاڪ ٺھرائڻ تي خرچ ڪيا هئا سي سام کيس ڏياريا، ڇا لاءِ جو پوشاڪ پنھنجي هٿ سان اُن کي ڏنائين. مگر گرڌاريءَ پنھنجي نئين جنم جي خوشيءَ ۾ چيو تہ اهي پئسا خرچ ڪري ڪجهہ گهرائي پاڻ، ۽ ستسنگ وارن ۾، پرشاد ڪري وراهيو.“
***


14-8-1958ع ڪالھہ کان مون ۾ ڪجهہ رنجيدگي ڏسي سام چيو: ”جيتري قرباني ڪئي اٿئي اوتري خوشي تو ۾ ڇو نہ ٿي ڏيکارجي؟ متان ائين هجي تہ جو ڪجهہ ڪيو اٿئي انھيءَ ۾ ڪو اڀمان جو ڪيڙو هجي!“
اڄ وري ساڳي ڳالھہ دهرائي حضرت سليمان جي قصي مان هڪڙو نقطو ٻڌايائين: چون ٿا تہ حضرت سليمان کي اها ڏات مليل هئي جو پکين ۽ سڀني جانورن جون ٻوليون سمجهندو هو ۽ ڌرتيءَ، پھاڙ، نديون، ۽ هوائون سڀ ان جي مطيع هئا. هڪ دفعي هوا الٽي گهلندي ڏٺائين ۽ هوا کي چيائين ته، اي هوا! تون ٽيڙي ڇو ٿي هلين؟ تڏهن هوا چيس تہ توهين ٽيڙا هلو ٿا جنھن ڪري مان ٽيڙي هلان ٿي. کيس چيائين تہ سڌي ٿي هل! هوا چيس تہ جيئن توهان هلو ٿا مان بہ تيئن هلان ٿي. ڇٽ سندس سو بہ ٽيڙو ٽيڙو ٿيندو پيو وڃي. ان کي چيائين تہ تون سڌو ٿي بيھہ، ۽ ست ڀيرا ان کي پاڻ سڌو ڪيائين؛ تہ بہ اهو ٽيڙو ٿيو پوي. ڇٽ بہ چيو تہ سائين جيئن توهان پاڻ آهيو تيئن مان بہ رهان ٿو. اتي حضرت سليمان کي اندر جو اشارو آيو جنھن بعد هن پاڻ مان هڪ لڪل ٽيڙائيءَ جو خيال دور ڪري ڇڏيو؛ ان بعد ايترو تفاوت ڏٺائين جو ڇٽ کي ست ڀيرا پاڻ هروڀرو ٽيڙو ڪيائين تڏهن بہ هر دفع اُهو پاڻ سڌو سندس سر تي ٺھي پيو بيھي. جڏهين کيس پڇيائين تہ هينئر مان توکي پاڻ ٿو ٽيڙو ڪريان تڏهين بہ تون وري وري سڌو ٿيو پوين، سو ڇو؟ تڏهين ڇٽ جواب ڏنو تہ جڏهين اوهان ۾ ئي ٽيڙائي ڪانھي تہ مان ڪيئن ٿو ٽيڙو رهي سگهان! انھيءَ قصي مان فقط اهو سبق ڪڍڻو آهي تہ ٻئي کي ڏوه ڏيڻ جي بدران اول پاڻ کي جاچڻ گهرجي؛ اول پنھنجي نفس کي ڏوھہ ڏيجي ۽ ٻاهرين شين، مثال طور هوا ڇٽ وغيرہ، تي يا ٻين حالتن تي ڪو الزام لائڻ نہ گهرجي.“
سام اهو سبق سڻائيندي چيو: ”اسان مان هر هڪ جو فرض آهي تہ جو ڪي ڪريون سو شڌ ڀاونا سان ڪريون؛ ٽيڙائيءَ ۽ چترائي اندرين جي سٺي ڪرم جو ڦل بہ ڪوڙو ڪريو ڇڏي. هيتري گڏ رهڻ ۽ هيتري مطابق خيال هئڻ کان پوءِ بہ ڇو ڪڏهين ڪڏهين ايترو نراضپو اسان ۾ پيدا ٿئي ٿو؟ انھيءَ لاءِ هڪ ٻئي کي يا ٻين حالتن کي ڏوھہ ڏيڻ بدران بھتر آهي تہ اول پاڻ جاچي ڏسون!“
***


سام ڪڏهين ڪڏهين ڏينھن ڏٺي جو ’خواب‘ لھندو آهي يا چئجي کڻي تہ درشيہ ڏسندو آهي. سندس چوڻ موجب اُهي فقط خيال جون صورتون آهن ۽ انھن کي ڪا ٻي اهميت ڏيڻ نہ گهرجي، جيتوڻيڪ مان انھن کي وڌيڪ اهميت ڏيان ٿي ۽ سمجهان ٿي تہ انھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهہ ڀاڱو تہ ضرور الھامي آهي. اُن بنسبت سام جو چوڻ هيئن آهي: ”مان هڪ شاعر آهيان؛ خيال بعضي بعضي تصويرن ۾ سھنجا ڏسندو آهيان، پر اُهي تصويرون پنھنجون تمنائون ۽ اميدون يا خواهشون بہ ڏيکاري سگهن ٿيون ۽ من جي حالات جون تصويرون بہ ٿي سگهن ٿيون؛ جيڪڏهين نج خيال ٿيڻ جي انھن ۾ اهميت هجي تہ هجي نہ تہ وڌيڪ اهميت انھن کي مان نہ ٿو ڏيان.“
پر مان چوان ٿي تہ نج خيال ۽ الھامي خيال جي وچ ۾ فرق ئي ڇا آهي؟
اڄوڪي ڏٺل خيال سندس هي آهي: منجهند جو وقت هو؛ سام اشنان ٿي ڪيو؛ چيائين تہ اُن وقت ڏٺم تہ هڪ پاسي کان هڪ وڏو ڪٽڪ آهي؛ ٻئي پاسي کان مان اڪيلو آهيان. اُهو ڪٽڪ منھنجي زندگيءَ جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ وجهيو بيٺو هو. مون تڏهين شيام سندر کي چيو، ’اِتي مان هڪڙو ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهان؟‘ تڏهين هن هڪ چمڪندڙ تلوار ڪڍي ڏني! مون وري ٻئي پاسي چيو، ’تڏهين بہ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟‘ هن چيو تہ تون اها تلوار هلائي تہ ڏس؟ پوءِ تلوار چتائي ڏٺم ۽ اُن وقت ڀانيم تہ اُها تلوار تون (سرلا) آهين! پوءِ شيام سندر چيو تہ تون رڳو چڱيءَ طرح اها تلوار استعمال ڪر، تہ سڀ مطلب سڌ ٿيندا.
سام چيو: ”هن سڄي درشيہ جي معنيٰ چٽي ٿي جڏهين ياد آيو تہ تو (سرلا) مون کي چيو هو تہ هتان هلي ڪري جڏهن ڪا آشرم اسٿاپن ڪئي سو تہ اُتي مان توکي چڱي ’اتپتي‘ ڪري ڏيندس؛ گرڌاريءَ ۽ موهن (چمٽو) جھڙا ٻيا بہ گهڻا ئي ٻار روحاني توکي ڳولھي ڏيندس؛ استري لفظ جي معنيٰ آهي اِسٿر. جيڪڏهين ٽامو مري تہ چوندا آهن اُن مان ڪيمياگر سون يا چاندي بڻائي سگهي ٿو؛ جيڪڏهين استري اسٿر ٿئي تہ انھيءَ کي هڪ ڄڀي يا تلوار ڪري سمجهڻ کپي؛ اُها ڪٽڪن کي جيتي پار پئي سگهي ٿي! ڪو بہ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪري سگهي ٿي.“ سام وڌيڪ چيو: ”هي خيال جيتوڻيڪ ڪن شاسترن جي سمجهاڻيءَ جي ابتڙ آهي، تڏهن بہ مون آزمودي مان ڏٺو آهي تہ استري نہ رڳو شيڪسپيئر جي چوڻ موجب بي وفائيءَ ۾ پر وفائيءَ ۾ بہ منھنجو مٽ پاڻ آهي!“
***


9-9-1958ع مون چرچي ۾ ڪالھہ سام کي چيو: ”جي پنھنجي ڪمائيءَ وارن پئسن مان پنج روپيا روز توکان لڪايان ها تہ بہ شاه ٿي پوان ها!“
سام چيو: ”شاه وري پئسا رکندا آهن ڇا؟ شاه نہ ڪنجون رکن خزاني جون ۽ نہ پئسا سانڍي رکن سيف ۾؛ شاهي سچي اها آهي جو بنا پئسي فقط چوڻ سان پيو ڪم هلي.“
مون تڏهين سام کي چيو: ”چئبو تہ مان اڳ ۾ ئي شاه آهيان جو امان ننڍي (سام جي ماتا) وانگي نہ پئسو رکان نہ چنتا رکان!“
اڄ وري جيئن ڪجهہ پئسا مليا تيئن کيس چيم: ”هنن مان تہ پنج روپيا سھنجائيءَ سان چورائي سگهان ها!“
سام چيو: ”ٺيڪ آهي، مان بہ جيڪر چوري سکان جي اُن مان سچ پچ ڪو فائدو ٿئي. ارمان آهي جو چوري ڪنھن کي ڦٻي ڪونہ ٿي؛ اهڙي ڪا رٿ ڪجي جيئن پرائو ڌن ۽ دل جو سرمايو ٻيئي ساڻ هلن.“
مون کيس چيو: ”توهان تہ سنھنجائيءَ سان پنھنجي ڪٻٽن ۾ يا بئنڪن ۾ ڌن رکي سگهون ٿا يا ڪيڏانھن نيئين سگهون ٿا.“
سام چيو: ”اُهي ڪٻث تہ اتي رهجي ويندا؛ اهڙي ڪا تجويز ڪرجو اهي مال متاع هن دنيا مان ساڻ ڪري هلون!“
مون اڳ ۾ ئي سام جو مطلب سمجهيو هو: ”هن انھن ٿورن لفظن ۾ ڳالھہ جو تتسار گويا ظاهر ڪري ڇڏيو تہ جو ڪي هت ڪجي ٿو تنھن کي فقط ايترو ملھہ آهي جيترو ان مان آتما جو سک حاصل ٿئي. ٻيو سڀ ڪجهہ اتي ئي پيو آهي؛ مال ۽ پئسي گڏ ڪرڻ جو مقصد بہ شيوا رکجي. پر شيوا يا ڪرم جو مقصد گيان ۾ سمايل آهي ۽ گيان جو مقصد پريم ۽ ان جي آنند ۾ سمايل آهي؛ ٻي سڀ وسوت مٿيا آهي.
***


10-9-1958ع پھاڪو آهي تہ هڪ ڪرو درياھہ بہ نہ ٿو لھي. اسان جي گهر ۾ بہ ڪڏهن ڪڏهن ڪروڌ سچي يا ڪوڙي بھاني اچيو منھن ڪڍي. سام تہ سندس آجيان ۾ هڪ گيت بہ ٺاهيو آهي جنھن جي پھرين تڪ آهي: ”آيو ڇيڏڪ رام، ڀلي ڪري آيو.“ حقيقت ڪري اُهو گيت کيس تڙي ڪڍڻ لاءِ ئي آهي. سو ڪالھہ ’ڇيڏڪ رام‘ ڪجهہ عرصي لاءِ هن ريت اچي پڌاريو جو مون سام کي ننڊ مان اٿڻ سان شڪايت ڪئي تہ منھنجي لاءِ ڪو ٽوال ئي نہ ٿو لڀي! ڌوٻيءَ کان جڏهين ٽوال، گنجيون، رومال وغيرہ اچن ٿا تہ سڀ وڃي تنھنجي ڪمري ۾ ڪٺا ٿين ٿا! سام رنج مان چيو تہ اڳتي ڀل ڌوٻيءَ کي پنھنجا ڪپڙا پاڻ لکي ڏيو ۽ پاڻ ڏيو. شام جو ڌوٻي بہ اچي نڪتو. مون سچ پچ کيس ڪپڙا جدا لکي ڏنا ۽ سام بہ پنھنجا جدا لکي ڏنا. دل ۾ تہ ٻنھين کي جدائي ڪانہ ٿي وڻي. سام تڏهين پنھنجي ننڍپڻ جي هڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ سڀئي ڀائر هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسون؛ پوءِ جيئن وڏيرا ٿيندا وياسين تہ پھريائين هڪ هڪ روم ساڳيءَ جاءَ ۾ پنھنجي بيٺڪ لاءِ جدا ورتيسين؛ آخر جدائي ايترو وڌي ويئي جو ڪمرن کان پوءِ گهر ۽ چلھيون بہ جدا ٿي ويون ۽ هر هڪ پنھنجا جدا جدا ڪم وڃي ڪيا. هينئر تہ ڳولھيا نہ ٿا لڀون! ڪنھن جو گهر بئنگلور، ڪنھن جو ڪراچيءَ تہ ڪنھن جو پوني ۾ آهي!“ ٿوري دير کان پوءِ وري مون کي چيائين: ”سچي استريءَ کي جيڪڏهين مرد اهڙي جدائيءَ جي ڳالھہ ڏسي بہ کڻي تہ انھيءَ کي ائين ئي چوڻ گهرجي تہ ڇو مان ڪپڙا لٽا پنھنجا توکان جدا ڪريان! هي ڪپڙا تہ ٺھيو پر ڪفن بہ توکي پنھنجي هٿ سان ڏيڻو آهي! اسان تہ اهو آسرو ڪري ويٺا آهيون تہ موت کان پوءِ بہ جدا ڪين ٿبو.“
مون کي بہ ان وقت اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ۽ اُها جدا ڪپڙن واري ڊائري کڻي ان مان اُهو پني جو ٽڪرو ڦاڙي کنور سان اچي ساڳي سام واري ڊائريءَ جي اکرن هيٺان چنبڙايم. پنو ڪجهہ پيج جي ڊگهائيءَ کان وڌي ٿي ويو؛ سام ان کي پورو ڪري جيئن سڌو ڪري هنيو تہ سندس ڏنل ڪپڙن جو ٽوٽل ان جي هيٺان لنبجي ويو. تڏهن مشڪي چيائين تہ حياتيءَ جا جدا ٽوٽل گم ٿي ويا! تنھنجي ۽ اسان جي ڪمن ڪارين جو ٽوٽل بہ هڪ ٿيڻو آهي جيئن هي ڪپڙن جو ٽوٽل وري هڪ ٿي ويو آهي!“
***


15-1-1959ع اڄ اسان وٽ هتان جي ٽريننگ سڪول جو هڪ ٽيچر آيو جنھن کي سام سان ملڻ جو گهڻو شوق هو. سام بہ کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو ۽ چيائين تہ هيءَ نئين روشنيءَ وارن نوجوانن مان هڪڙو آهي. پنھنجي باغ جي ڀر ۾ نھر ۽ ٻوٽن جي ويجها هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسون؛ قدرت جي نظارن جي اثر هيٺ اچي گفتگو بہ اهڙوئي ڇڙيو: اتي ماستر صاحب سان گڏ آيل دوست چيو: ”هتي چڱا وڻن ۽ نھر جي نظاري ۾ ويٺا آهيون.“
سام چيو: ”انھن کان دور ٿي تہ انسان پنھنجا دک وڌايا آهن؛ جيستائين انھن سان گڏ هئاسون تيستائين مسئلا حياتيءَ جا هلڪا هئا ۽ زندگيءَ ۾ ڪي روڳ ڪين هئا؛ هاڻوڪي شھري زندگي هڪ قدرت جي وڇوڙي جي زندگي آهي. هي پکي، هي وڻ، هي آواز جهنگل جا ۽ خود جهنگ جا نانگ بلائون وغيرہ سڀ انساني زندگيءَ لاءِ صحت بخش آهن. حقيقت هينئن آهي تہ اسين سڀ زندگيءَ جا مليل جهليل جزا آهيون. هٿرادو نموني پرايو اٿئون. تازو هتي هوائي جھازن رستي سارين جي پوک جي جيوڙن لاءِ زهري پائوڊر ڇڻڪايا ٿي ويا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جو نانگ، ڏيڏر، مڇيون ۽ انھن کي کائيندڙ ڪانءَ، سرڻيون ۽ ٻيا جانور بہ مرندا ڏسندو آهيان؛ اهي سڀ پوک لاءِ ضروري آهن ۽ جيوڙن جي پيدائش بند ڪرڻ جي اُپاو سوچڻ بدران هينئن ٻين ڪيترن ساهوارن جي ناس ڪرڻ سو مون کي هڪ اعتراض جوڳو ڪم ٿو لڳي. نہ رڳو آخر زرعي پيداش جو گهاٽو ۽ مڇي وغيرہ جو نقصان آهي پر اسين سڀ هڪ آتما جا جزا آهيون؛ انھن سڀني شين سان هيڪڙائي محسوس ڪرڻ ۾ خود انسان جو فائدو آهي.
انھن جيئن جو پڻ هن جيوت جي ڪاروبار ۾ حصو آهي ۽ اناج تي حق آهي. ڇا لاءِ جو هو بہ انھيءَ جي واڌاري ۾ مدد ڪن ٿا. ٻيلائي سائنس وارن جو چوڻ آهي تہ ساسين ۽ ساوڪ جو واڌارو گڏوگڏ ٿئي ٿو. جتي ساسي گهٽ آهي اُتي ساوڪ بہ گهٽ آهي. هنن سڀني جو هئڻ ئي هڪ نعمت آهي. جيتريقدر ٿي سگهي انھن سڀني جو ڀلو گهرجي.“
تڏهن ان ماستر صاحب چيو: ”ڪراچي شھر ۾ هڪ فقير گڏيو جو شھر جي وچ ۾ رهندو هيو. مون کائنس پڇيو تہ دنيا جي ڦرندڙ گهرندڙ حالتن تي توهان جو ڇا ويچار آهي؟ هن آسمان ڏانھن ڏسي چيو ڪٿي آهن ڪي پکي، ڏسو ٿا انھن کي آسمان ۾؟“
تڏهين مون پڇيو: ”پکين جو هن سوال سان ڪھڙو واسطو آهي؟“
هن فرمايو: ”مان ننڍي هوندي کان ئي هت رهندو آهيان؛ هتي جهرڪيون، طوطا، ڪبوتر، سڀ پکي ايندا هئا؛ هاڻي تہ ڪو ڪانءُ بہ ڪونہ ٿو ڏيکارجي. انھيءَ مان نٿا سمجهو تہ ﷲ جي ڪمھري آهي؟“
ٻي ڳالھہ ان ماستر صاحب هيءَ ٻڌائي: چيائين تہ ”منھنجي گهر ۾ هڪ ڪٻٽ جي مٿان اَچي جهرڪين پنھنجا آکيرا ٺاهيا. مون کي ڏاڍو خفي ڪيائون؛ ڪک پن پيا هر هر ڪمري ۾ ڪيرين؛ مون هڪ وقت ڪاوڙجي ڏک مان هڪ جهرڪ کي چيو تہ هوءَ جو ڪنڊ خالي پئي آهي، اتي نہ ٿا وڃي آکيرا اڏيو؛ شرم نہ ٿو اچيو جو مون کي اجايو تڪليف ڏيو ٿا؟ عجب اهو اٿم تہ سڀاڻي تي انھيءَ ڏيکاريل هنڌ تي وڃي آکيرو اڏڻ شروع ڪيائون ۽ ڪٻٽ واري جاءِ ڇڏي ويا.“
اهڙي طرح مون کي بہ هڪ ڳالھہ پنھن جي جهوني ڪتي (پوپيءَ) جي ياد اچي ٿي. جڏهين هو ٻڍو ۽ بيمار ٿي پيو ۽ هر هنڌ غلاظت ڪرڻ لڳو تڏهين هڪ ڏينھن مون کان ڪاوڙ ۾ هي اکر نڪري ويا: ”پوپي! هينئر ڪڪ ڏاڍو ڪيو اٿئي؛ ڪيڏانھن هليو بہ نٿو وڃين!“
صبح جو جيئن ننڊ مان اٿيس تہ مون کيس ڪونہ ڏٺو ۽ سمجهيم تہ رسي ويو آهي. پوءِ تہ مون سڄو شھر ڳولھايو پر ان جو پتو ڪٿي بہ ڪونہ پيو.
هن نئين دوست ٻي پڻ هڪ ڳالھہ ڪئي: چيائين تہ اسان جي سنڌيت گهري ٿي تہ اسين راجا ڏاهر ۽ چچ جو بہ قدر ڪريون، جنھن ريت مصر ۾ ڪيترن ماڻھن کي فرعون جو قدر آهي. اها ڳالھہ هڪ مسلم جي واتان اَسان کي بيحد آزاد خياليءَ جو ثبوت نظر آئي!
***


21-3-1959ع هن کان اڳ ذڪر ڪيل دوست هاڻي اسان وٽ جلد جلد ايندو آهي. هو هڪ آزاد خيال ۽ احساس وارو انسان آهي. سام سان سندس ناتو پھرينءَ ملاقات تي ئي چڱو ٿي ويو ۽ سام ائين چوندو آهي تہ هي هڪ روشن دل نوجوان آهي جنھن جھڙا اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ڪي ٿورا پئدا ٿيا آهن. سام کيس هڪ ڳالھہ ٻڌائي تہ ڪيئن هڪ دوست اعتراض ٿي آندو تہ ساڌو واسواڻيءَ جن جي سڪولن ۾ ٻارن کي ائين چيو ويندو آهي تہ هفتي هفتي هڪ لپ ان جي پکين جي لاءِ کڻي اچو. انھيءَ دوست اهو رايو ڏنو تہ اهو هڪ نا جائز زيان (Criminal Waste) ۽ گناه جھڙو ڪم آهي، خاص هن حالت ۾ جڏهين چوُڌاري ماڻھن ۾ بک آهي. سام اُن کي جيڪو جواب ڏنو سو بہ کيس ٻڌايائين جوهي آهي: تہ توهين اهو ڪين ٿا محسوس ڪريو تہ انھيءَ ان جي لپ ڏيڻ سان اسين وشو آتما سان هيڪڙائي حاصل ڪريون ٿا ۽ سڀني جيئن سان ڀائپيءَ جو ناتو قائم رکون ٿا! هنن ڳالھين جو ٻارن جي تعليم تي ڪيڏو نہ سٺو اثر پوي ٿو! تنھن کان سواءِ ڪنھن کي خبر آهي تہ اهو ان زيان ٿئي ٿو؟ قدرت انھن پکين ۽ جيئن کان خود انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم وٺي ٿي. جھڙوڪ ڪيڙا پوک جا کائڻ وغيرہ. انھيءَ کان سواءِ هڪ شاعر جي خيال کان جيڪر هيءَ دنيا اسان جي بلڪل ٻسي لڳي. انسان اڪيلو جيڪر ڏاڍو برو پيو لڳي!“ اها ڳالھہ ٻڌندي ئي اسان جي نئين دوست تي ان جو گهاٽو اثر ٿيو ۽ هن پنھنجي آزمودي مان هڪ ڳالھہ ٻڌائي جا پڻ هتي درج ڪرڻ جھڙي آهي. هن چيو ته: ”اسان جي گهر ۾، منھن جي ڪمري ۾ جهرڪين اچي ايتري گندگي ڪئي جو مان بيزار ٿي پيس. منھنجي ميز تي گندگار پيون ڦٽو ڪن. مون ويچار ڪيو تہ ڇا ڪجي؛ انھن ننڍڙن جيئن کي مارڻ يا ستائڻ بہ ٺيڪ نہ هو. آخر هڪ ڏينھن خفي ٿي هڪ جهرڪ ڏانھن منھن ڪري (جو سندن مدبر ٿي لڳو) مون چيو: پنھنجو شرم ڪونہ ٿو اچيو، جو مونکي هرو ڀرو تنگ ڪيو ٿا؟ هن ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڇو نہ ٿا وڃي پنھنجا آکيرا اڏيو؟ تنھن کان پوءِ ڏٺم تہ انھيءَ وقت ئي هنن وڃي اُها ڪنڊ وسائي ۽ مون سمجهو تہ هنن کي بہ ڪو احساس آهي.“
***


30-3-1959ع ڪالھہ اسان وٽ ٻہ مسلمان دوست آيا جن مان هڪ سنڌ جو مشهور اديب آهي. ماني کائيندي ڪجهہ گفتگو هليو جنھنجو تت سار مختصر نموني مان ڏيان ٿي: ان وقت ريڊئي مان هڪ راڳ آيو جنھن جو ٿل هي آهي، ”شاهي مدينہ اُمت ڪي والي، ساري نبي تيري در په سوالي.“
اسان جي اديب دوست چيو: ”مونکي اهڙا راڳ ٻڌي عجب لڳندو آهي تہ انھن مان ڪھڙو مطلب حاصل ٿي سگهي ٿو؛ نہ ڪنھنجي ساراھہ ڪرڻ سان پر ڪن عملن سان ئي انسان پاڻ کي سڌاري سگهي ٿو.“ اسان جي ٻئي مھمان بہ ان جي تائيد ڪئي مگر سام چيو: ”اسين بہ پنھنجي ست سنگ ۾ چونڊيل راڳ سنتن ۽ نبين جي ثنا جا اسين بہ چوندا آهيون؛ هڪڙو مطلب انھن ۾ هي ٿي سگهي ٿو تہ سچ کي انساني صورت ۾ جڏهن ڏسجي ٿو تڏهن ئي اُهو سچ ٿي نظر اچي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ اُها فلسفہ جي هڪ راند آهي يا هڪ وهم آهي. انسان ذات جي پيغمبرن ۽ ٻين اڳواڻن کي مان ائين ڏسان ٿو جيئن سچ جي عمارتن جا دروازا. اسلامي تھذيب جي عمارت ۾ گهرڻ لاءِ حضرت محمد جو در ڪشادو آهي.ا هڙي طرح هندو ڌرم کي سمجهڻ لاءِ ۽ عيسائيءَ تھذيب مان واقف ٿيڻ لاءِ سري ڪرشن ۽ حضرت عيسيٰ لاءِ پريم هڪ قسم جا دروازا آهن. پنھنجي نيتائن جي پوڄا (Hero Worship) ۾ اهو ئي مطلب آهي تہ انھن جي خيال ۽ خوبيءَ واري زندگيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي عمل ۾ آڻي سگهجي، مگر انھن جي ڀيٽ ڪندي ڪنھن کي گهٽ يا ڪنھن کي سڀ کان وڏو ٺھرائڻ سو ضروري نہ آهي ۽ نہ اخلاقي قانون موجب صحيح آهي.“
***


گفتگو هلندي اسان جي هڪ اديب دوست رايو ڏنو: ”مذهب خود هڪ قسم جو ڀوت آهي پر ائين برابر آهي تہ ڏر ڏيڻ سان ماڻھن کي ڪجهہ سڌي رستي تي هلائي سگهجي ٿو. تعليم جا 3 اصول آهن: 1 ڀيانڪ 2 روچڪ 3 سوچڪ. انھن مان مذهب، جو گهڻو ڪري ڀيانڪ ڀاڱي ۾ اچي ٿو، سو بہ هڪڙو ٿي سگهي ٿو.“
سام وراڻيو: ”اهي ٽيئي معلومات ڪرڻ جا رستا آهن، جن وسيلي اسان جي دل خيال موجب تعليم جو دائريو اڃا بہ وڌيڪ آهي ۽ احساس جنھن ۾ اُهي ٽيئي، ’ڀيانڪ‘، ’روچڪ‘
۽ ’سوچڪ‘ رستا اچي وڃن ٿا، سو تعليم جو فقط هڪ ڀاڱو آهي؛ احساس کان سواءِ ٻين رستن سان پڻ معلومات ٿي سگهي ٿي. مگر اڄ هتي اسين خاص ڀيانڪ ذريعي تعليم يعني خوف جي ذريعي مذهب جي مراد حاصل ڪرڻ جو ويچار ڪري رهيا آهيون. اُن بنسبت ذرا ڪجهہ ٻي نموني ۾ بحث مباحثو ڪرشنا مورتيءَ جي هڪ ميٽنگ ۾ تازو دهليءَ ۾ ٿيو هو؛ هنن جو وشيہ هو ’Complete response‘ ٿئي ٿو، تيئن پورڻ پريم دوارا پڻ ٿئي ٿو. توهان جي لفظن ۾ چئجي کڻي تہ هڪ احساس ڀيانڪ ۽ ٻيو پريم دوارا يعني ’روچڪ‘ آهي. ٽين يعني ’سوچڪ‘ بنسبت بہ گهڻن ودوانن جو رايو هي آهي تہ عقل ۽ ويچار سان بہ انھيءَ احساس جي چوٽيءَ تي اڪثر نہ ٿو پھچي سگهجي، جيئن خوف ۽ پريم ذريعي پھچي سگهجي ٿو، مگر منھنجو ان بنسبت هي خيال آهي تہ خوف يا ڀؤ جي ذريعي جيڪو Response ٿئي ٿو، سو پريم جي ذريعي پئدا ڪيل احساس سان ڀيٽ ڪيل نہ ٿو رکي. ڀؤ ۾ برابر اسين گهڻو ڌيان ڏيون ٿا مگر اُن وقت خود پئدا ڪندڙ شيءِ کان پاڻ کي بلڪل علحدو ڀانيون ٿا يعني اُن سان هڪ جهڙائي نہ پر خلاف جاءِ (Position) ۾ پاڻ کي ڀانيون ٿا. هوڏانھن پريم واري احساس سان اسين احساس پيدا ڪندڙ سان سچ پچ هڪ ٿي وڃون ٿا. جنھن شيءِ کان ڀؤ ڪريون ٿا، انھيءَ کي فقط پنھنجي وجود قائم رکندي ڪنھن خاص نقطئه نگاه کان (Subjectively) ڏسون ٿا، پر جنھن شيءِ سان پريم رکون ٿا، انھيءَ ۾ وجود وڃائي ان کي ڪنھن خاص نقطہ نگاه کان نہ پر ’جيئن جو تيئن‘ (Objectively) ڏسون ٿا. ان ڪري مان چوندس تہ پريم ئي هڪ پورن نمونو سچي علم حاصل ڪرڻ جو آهي؛ سوچڪ يا ويچارڪ نمونو ٻئي درجي جو آهي؛ مگر خود پئدا ڪرڻ يا ڀيانڪ نمونو تعليم جو اختيار ڪرڻ سو سچي علم جو رستو نہ آهي پر هڪ دٻاءُ يا زور سان خيال مڙهڻ جو رستو آهي جو جائز نہ آهي. اهو ڄاڻي واڻي اختيار ڪجي يا نا گهان پيش اچي جيئن نانگ جي مثال ۾، ان مان جيڪو Response پيدا ٿئي ٿو سو پورڻ هرگز نہ ٿو رهي. ڇا لاءِ جو من ڀؤ ۾ منجهيل رهي ٿو. تنھن ڪري اُهو Response فقط تن ۽ من جو چئي سگهجي ٿو ۽ نہ سڄي وجود جو.“
***


30-3-1959ع هن جاءِ ۾ اسان جي هريجن سڪول بند ٿي وڃڻ بعد سام چيو تہ هريجن جاتيءَ ۾ ڪنھن بہ قسم جو ڪم ڪرڻ اهنجو ٿي پيو آهي ڇا لاءِ جو انھن ۾ چاھہ پورو ڪونہ آهي. گهڻي عرصي کان ستل رهي رهي هنن کي آلس ۾ سک نظر اچي ٿو ۽ ڪنھن بہ قسم جي ڪوشش ڪرڻ اهنجي لڳي ٿي، تنھن ڪري پھريون اعلاج اُنھيءَ مرض جو هي آهي تہ منجهن چاھہ پئدا ڪجي؛ ساڻن ڪنھن نہ ڪنھن قسم جي لھہ وچڙ ۾ رهجي پيو. سڪول بند ڪرڻ کان اڳ ۾ بہ هو ڪڏهن ڪڏهن ست سنگ ۽ ڪيرتن وغيرہ اچي ڪندا هئا. انھن مان ڪي اهڙا سٺا ڀڄينڪ آهن جو ست سنگ جو رس سندن اچڻ ڪري وڌندو آهي. سام موقعو وٺي ان وقت بہ ساڻن ٻارن جي تعليم ۽ ٻين حالتن سڌارڻ جو ذڪر ڪندو رهندو آهي. جڏهن انھن وٽ ٻاهران ڪي ساڌو مھمان اچن تہ هو اسان کي بہ نينڍ ڏيندا آهن، اسين انھن جي نينڍ خوشيءَ سان قبول ڪري وٽن ويندا آهيون. مگر هن وقت تائين لاڙڪاڻي کان ٻاهر رهندڙ هريجن وٽ وڃي ڪونہ سگهيا آهيون جيتوڻيڪ اهي بہ اچڻ جي ڪوٺ ڏيئي ويندا آهن. ڪجهہ پاڻ کي فرصت نہ ملڻ ڪري ۽ ڪجهہ ڪن اوچتن مشڪلاتن پوڻ ڪري اها آس پوري ٿي ڪانہ سگهي آهي. ڪالھہ پھريون دفعو موقعو مليو جو سندن نينڍ تي شڪارپور پنھنجي ڇوڪرن ۽ هتان جي هريجن ڀائرن سان گڏجي ست سنگ ڪرڻ وياسون. سام جي مرضيءَ موجب اسين انھن جا يعني هريجن ڀائرن جا ئي وڃي مھمان ٿياسون. هو ٻہ يا ٽي غلط نياپي ملڻ ڪري سواگت ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تان ٿي موٽي آيا هئا. تنھن ڪري پاڻ اوچتو ايندو ڏسي ڏاڍپ خوش ٿيا. اهڙو سندن اتساھہ ڏسي لاڙڪاڻي کان گڏ هليل ٽولي تي پڻ وڏو اثر ٿيو ۽ اسان کي ائين ڏسڻ ۾ آيو تہ هينئر جو هنن ٻين شھرن ۾ پڻ اسان کي جي ست سنگ لاءِ پريم رکيو آهي، تہ شايد اُهو وقت پري نہ آهي جو وري لاڙڪاڻي ۾ بہ ڪو عملي ڪم شروع ڪري سگهجي.
شڪارپور ۾ سندن سڀني حويلين ۾ چڱيءَ طرح گهمي اسين سندن حالتن مان واقف ٿياسون ۽ هنن جي پريم ۽ اُتساھہ جو پڻ اندازو لڳائي سگهياسون. هيءَ سندن جاڳرتا جي شروعات نظر اچي ٿي. وڌيڪ عملي ڪم ڪرڻ سان ئي اهڙي اتساھہ جي پريکشا ٿيندي.
ڪيرتن جي وچ ۾ سام موقعو وٺي هنن کي هڪ ويا کياڻ ۾ هينئن چيو: ”اسين توهان وٽ نہ ڪنھن سياست يا ڌرمي پرچار جي ارادي سان آيا آهيون، مگر خاص پريم خاطر ڇڪجي. آيا آهيون؛ اوهان جي پريم اسان کي ڇڪيو؛ اسان کي بہ گهڻي چاهنا هئي تہ توهان جو درشن ڪريون. نہ وري اسين شيوا ڌارن جيڪا حيثيت رکون ٿا. ڀاءُ ڀاءُ کي جڏهين ڪا ڳالھہ چوندو آهي يا ڪنھن ڳالھہ ۾ مدد ڪري سگهندو آهي تہ اُها ان جي شيوا ڪري نہ ڳڻبي آهي. اهو ان کي هڪ فرض پالڻو آهي يا فرض لاهڻو آهي. اسين اُهو پريم جو قرض لاهڻ آيا آهيون.
”اوهان جون بستيون ڏسي منھنجي دل ۾ ڪي ويچار آيا جيڪي اوهان جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرانٿو. پھريائين تہ جئن ٻين هريجن بستين ۾ تيئن هت بہ مون ٻالڪ توهان جا رلندا پنندا ڏٺا ۽ هريجن اسڪول جي عمارت جنھن ۾ هينئر سڀ جاتين جا شاگرد پڙهن ٿا، تنھن ۾ فقط توهان جا ڪي چند شاگرد تعليم وٺن ٿا. سڌارو ڪنھن بہ جاتيءَ ۾ اول بنياد کان يعني ٻالڪن کان شروع ٿئي ٿو؛ توهين چئو ٿا تہ ڪانگريس جي زماني ۾ اسين چوٽيءَ تي پھچي ويا هئاسون، پر هينئر حالتون خراب ٿيون آهن. مگر جي ائين هو تہ پوءِ اُن چوٽيءَ تان توهين ڇوڪري پيا؟ ڪرڻ جو سبب هي آهي تہ توهين انھيءَ چوٽيءَ يا ڇت تي پنھنجي ڪشالي يا محنت سان ڪونہ پھتا هئا، مگر ٻئي ڪنھن هٿ سان گهلي اوهان کي اُتي پھچايو هو؛ ٻين هٿراڌو طرح هي توهان کي پئنچاتي هال، بئنڪ ۽ اسڪول وغيرہ جون جڳهون ٺھرائي ڏنيون هيون، جن ۾ توهان جو سچو پچو چاھہ ڪونہ هو؛ ايترن خرچن ڪرڻ جي بدران توهين پنھنجي ڪوشش سان ڪجهہ بہ جوڙيو ها تہ توهان جا ٻالڪ توهان جي ئي ڪوشش سان پڙهي پون ها تہ اُهو توهان جي ترقيءَ جو پڪو بنياد ٿئي ها. پوءِ ڪوبہ توهان کي ’هيٺ ڪيرائي‘ ڪونہ سگهي ها.
”اجها هيءَ اوهان جي سا مھون هڪ بتي رکي آهي ؛ ڪھڙو نہ انھي کي سنڀال سان ٺاهي رکيو اٿو ! شيشو ان جو صاف رکيو اٿو ؛ منجهس وٽ ۽ تيل وڌو تہ اها روشني ڏي . اهڙي طرح توهان جي گهر ۾ ٻيون ڪيتريون شيون آهن جن تي توهان خرچ ڪيو آهي ۽ توهين ، مون ڏٺو اٿو تہ انھن جي سٺي نموني ۾ پر داخت ڪريو ٿا. مگر افسوس! جو توهان جي جيڪا وڏي ۾ وڏي ملڪيت آهي، يعني توهان جا ٻار، انھن جي پرداخت ئي ڪونہ ٿا ڪريو. انھن جي ڪايا جو شيشو صاف رکو هنن کي تندرست رکو انھن جي من جي بتي ۾ گيان جو تيل اوتيو ، هنن جي هر ديه ۾ احساس جي وٽ وجهو تہ جيئن انھن مان هر هڪ اوهان جي گهر ۾ هن بتيءَ مثل روشن دان ٿي پوي ، نہ رڳو گهر ۾ پر پنھنجي جهلڪ اوهان جي جاتيءَ ۾ ۽ سڄي قوم ۾ ڏئي سگهي! اها جهلڪ جا هر گز وسامي نہ سگهي !
ٻي ڳالھہ جيڪا مون نوٽ ڪئي سا هيءَ هئي تہ اوهان جي هيترين حويلين ۾ فقط هڪڙي پڙي دڪان جي هئي جنھن ۾ پڻ ڪي مختــصر سودا رکيل هئا . مان قبول ڪريان ٿو تہ تو هان جيڪو ڪم ڪريو ٿا سو سڀ کان اُتم آهي ، اتپتي جي پالنا لاءِ صفائي ضروري آهي ائين ڪري چئجي تہ شِو شڪتي يا سنگهار ڪرڻ واري شڪتي سرشٽي ۾ صفائي ۽ سندرتا برڪرار رکڻ لاءِ آهي ، اوهين پڻ اهو صفائي جو ڪم ڪريو ٿا . زندگيءَ جو مَرض ، ڪچرو وغير ميڙي ٻاهر ڪڍو ٿا ، ان کان وڌيڪ اُتم ڪم ٻيو ڪو نہ آهي ، مگر انساني دماغ سَو کيترن ۾ پنھنجي کيڏ ڪري سگهي ٿو . ڪيترا توهان ۾ سياڻا ۽ سمجهو آهن جو ڪاميابيءَ سان دوڪان داري ، ماستري ، مالداري وغيرھ ڪم ڪري سگهن ٿا ، ڪھڙو نہ سٺو ٿئي جو توهان مان ڀائر جدا جدا حويلين ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي ضرورتن جھڙيون شيون آڻي ، ننڍا دوڪان ڪڍن ! مان ائين نہ ٿو چوان تہ ٻين دوڪانن جي شين کي بھشڪار ڪريو. ڪنھن بہ بھشڪار جي ضرورت نہ آهي ، مگر جيئن آهي پنھنجن ڀائرن کي ڪيترين ڳالھين ۾ همٿائڻ تئين توهين بہ هڪ ٻئي کي نندڻ بدران هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.مون پنھنجي آزمودي مان ڏٺو اهي تہ لاڙڪاڻي ۾ اسان جا هريجن ڀائر پنھنجي دوڪان وارن تي پيا ٺٺوليون ڪن ۽ انھن کي همٿائڻ بدران جيڪو سو هنن جي برخلاف پيا ڪم ڪن. اها هڪ دک جھڙي ڳالھ آهي ۽ هڪ مرض جي علامت آهي ، جو مرض هن اوستا ۾ هن جاتيءَ ليءِ بلڪل خطرناڪ آهي. تنھن ڪري مان توهان کي وينتي ڪندس تہ ڪشاده دلي ۽ ڀرآتري ڀاءُ ڌارن ڪريو ۽ هڪ ٻئي ڏانھن مدد جو هٿ ڊگهيڙيو.
”ٽين ڳالھہ جا مان هن وقت چوڻ گهران ٿو سا هيءَ آهي تہ اوهان ڳئون؛ مينھون يا ٻڪريون خاص ڪري کير جي وڪري لاءِ نہ تڏهن بہ گهٽ ۾ گهٽ پنھنجي گهرجن لاءِ ڌارڻ شروع ڪيو. مان زميندار ٿي رهيو آهيان ۽ مون کي پنھنجي آموزدي مان خاطري آهي تہ هڪ ڳئون يا مينھن پنھنجي در تي رکندا ۽ انھيءَ جي چڱيءَ طرح شويا ڪندا تہ ان مان نہ رڳو پنھنجي گهر لاءِ کير ۽ مکڻ ميسر ڪري سگهندا پر ڪجهہ کير نيڪال ڪري اُن مان ٿوري بچت پڻ ڪري سگهندا ۽ جيترو توهان مان هر هڪ صفائيءَ جي ڪم مان ڪمائي ٿو اوتري پيدائش هڪ مينھن يا هڪ ٻن گاين مان پڻ ڪڍي سگهي ٿو. پنھنجي کير ۽ سڻڀ کان سواءِ توهين ڀلا ڪيئن ٿا پنهجي صحت قائم رکي سگهو؟ ۽ هي جي ڪرشن روپي ٻالڪ آهن انھن جي کير ۽ مکڻ کان سواءِ ڪيئن ٿي پالنا ٿي سگهي؟ ان ڪري مان توهان کي وينتي ڪندس تہ جيئن اوهان ۾ ٽن يا چئن ڀائرن مان مالداريءَ مان فائدو ورتو آهي، تيئن ٻيا بہ گهڻا انھيءَ نموني پنھنجي صحت ۽ پنھنجي مالي حالت سڌارڻ لاءِ ڳئون، مينھن يا ٻڪريون رکو.“
تنھن بعد سام پرارٿنا ڪندي هيءَ وينتي ڪئي تہ ”هي پرڀو! هن حال ۾ جڏهن اسان جي هريجن ڀائرن جي رهبريءَ لاءِ ڪي بہ سندن اڳواڻ هتي ڪونہ رهيا آهن، تڏهن تون پاڻ اچي سندن مهندار ٿيءُ ۽ سندن جيوت جي راھہ کي روشن بڻاءِ. فقط پنھنجي نام ڌيائڻ سان هو پنھن جو ڌرم ڪرم قائم رکي سگهيا آهن. نہ آهي هنن غريب ڀائرن وٽ ڪو ٻل وديا جو ۽ نہ ڌن دولت يا ٻي ڪا طاقت. تنھنجي ديا سان ئي هنن جي جيوت جي ٻاري سرسبز ٿي سگهي ٿي. تون مھر ڪر انھن تي؛ ديا ڪر اسان سڀني تي، تہ تنھنجي شيوا جي راه ۾ گڏجي پنھنجي جيوت سڦلي ڪريون ۽ ٻين جي پڻ شيوا ڪريون!“
***
بعد ۾ سام مندر وارن کان موڪلائي حضرت محمد صلعم جي ثنا جا گيت پڻ ڳارايا ۽ سمجهاڻي ڏنائين تہ سڀ سنت ۽ رهبر اسان جي راھہ روشن ڪرڻ اچن ٿا؛ انھن کان عار ڪرڻ نہ گهرجي؛ ۽ وري جڏهن ڪرشن ڀڳتيءَ جا گيت ڳائجي رهيا هئا تڏهين لاڙڪاڻي جي هڪڙي هريجن سازن سان تار ملائي اٿي ناچ ڪيو؛ ڪن مندر وارن اعتراض آندو تہ مندر ۾ ناچ نہ ٿو ٺھي! سام چيو جي ڄهانجهہ ۾ هٿن سان گهنگهرو وڄايو تہ بہ ساڳي ڳالھہ آهي، جي ڇير پيرن ۾ پائي وڄايو تہ بہ ساڳي ڳالھہ آهي. ڀل هٿ پير اندريون ۽ دل من اسان جا سڀ رقص ۾ اچي وڃن! ڀڳتيءَ جو مقصد ئي وجود وڃائڻ آهي. ازانسواءِ هت ڪرشن جا گيت ڳايو ٿا جو پاڻ بہ گوپين سان ناچ ڪندو هو.“
مندر جي هڪ ماڻھوءَ چيو تہ هو مندرن ۾ تہ ناچ ڪونہ ڪندو هو پر کيتن ۽ پٽن ۾ جمنا ڪناري تي ناچ ڪندو هو.
سام کلي چيو: ”اهي ٿاڪ ۽ جايون خود هينئر مندر ٿي پيا آهن جتي ياتري وڃي مٿو ٽيڪين ٿا؛ جتي سندس نالو اچار جي ٿو؛ تڏهن ئي انھن کي مندر چئون ٿا. جتي سندس پير گهميا ڇا اُهو آستان ڪو هن مندر کان گهٽ آهي؟“
پوءِ سڀنيءَ چيو تہ جي توهين چاهيو تہ بيشڪ ناچ ڪرايو مگر سام چيو تہ مان هروڀرو انھيءَ ڳالھہ تي زور نہ لائيندس. هت جي هڪ ڀاءُ کي ئي اعتراض هجي تہ ناچ نہ ڪبو. تنھن کان پوءِ وري ڀڄنن جي موج وڌندي رهي، تان جو رات جا ٻہ اچي لڳا، جنھن بعد ست سنگ سماپت ٿيو.
***