ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

13

5-4-1959ع پڙهندا آهيون تہ ورڊس ورٿ (Words Worth) انگريزي شاعر ڪنھن ڪنھن وقت موج ۾ اچي وڻن کي ڀاڪر پائيندو هو. مگر مان تہ سمجهان ٿي تہ اها ڳالھہ فقط هڪ شاعر سان لاڳو نہ آهي بلڪ شاعري خود انھيءَ احساس جو نالو آهي. ڪالھہ ڪو سام جو حال اسان جي گهر ۾ ڏسي ها تہ انھيءَ ڳالھہ جو کيس پتو پوي ها.
اسان پنھنجي ٿلھي تي هڪ قسم جو باغ (Terrace garden) ٺاهيو آهي، جنھن ۾ خاص هٿ سام جو آهي. هو پاڻ هڪ هڪ ٻوٽي جي پالنا ائين ڪندو آهي جيئن ماتا پنھنجي هڪ هڪ ٻالڪ جون جدا جدا گهرجون محسوس ڪري. ڏينھن جي تپت وڌندڙ ڏسي سام هڪڙي ٻوٽي جي مٽي کوٽي ڏٺي تہ اُها سڪل ۽ کيس گرم پڻ لڳي. پاڻي ڏيڻ جو ڪم اسان ٻن جدا ماڻھن کي ورهائي ڏنو آهي. سام کي ائين محسوس ٿيو تہ ٻوٽن کي پاڻي پورو نہ ٿو ملي. بس پوءِ تہ کيس اُها انتظاري ۽ پريشاني هئي جا ڪنھن ماتا کي پنھنجي اڃايل ۽ بکايل ٻار لاءِ هجي. جيستائين شام ٿئي ئي ٿئي تيستائين ڪيئن وار اهڙا اهڙا اکر ٿي ڪڍيائين تہ مان سمجهان ٿو هي اسان جا ٻوٽي ڪوسي دل ڪري رهيا آهن؛ ويچارا دانھون پيا ڪن ۽ پٽن پيا! شام ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي اسان سڀني کان انجام ورتو هيائين تہ سڀئي ڇوڪرا ۽ اسين پاڻ گڏجي هيٺان حوض مان پاڻي ڀري هنن ٻوٽن جي پياس ٻجهائينداسون. سج هٽندي ئي سڀني کي تکو ڪري مفاصلو ورهائي ڏنائين. ڪنھن حوض کان ڏاڪڻ تائين ڪنھن ڏاڪڻ کان دروازي تائين، ٻين دروازي کان ۽ ڪوٺي سڄي تي پاڻيءَ جي ونڊ وراھہ ٿي ڪئي. سام ۽ مون بہ انھيءَ ڪم ۾ هٿ ڳنڍيو ۽ جيئن جيئن ٻوٽن کي پاڻي ملندو ٿي ويو تيئن تيئين سام ڄڻڪ سرهو ٿيندو ٿي ويو. برابر ڪلاڪ کن پاڻي ڏنو سون ججهو پاڻي ڏسي سمجهون پيا تہ سام موج ۾ ايندو ٿي ويو ۽ مون کي سڏي چيائين تہ ڏس اتي جو اِتي ٻوٽا ڪيئن نہ سرها ٿيندا پيا وڃن! مون پاڻ کان پڇيو تہ ڇا شاعر ٻوٽن جو غم ۽ خوشي بہ اهڙو ئي محسوس ٿا ڪن جيئن ڪنھن جي دل جو؟
***


7-4-1959ع ڪيترن ڏينھن کان مان اها ڪوشش ڪندي رهندي آهيان تہ ”چمٽو“، اسان جو ڇوڪرو، ڪجهہ انگريزي سکي پوي. هو ڇھون درجو هتان جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو آهي مگر سليس اکرن جھڙوڪ Chap ass mad وغيرہ جي معنيٰ بہ کيس ڪا نہ اچي. سندس سنڌيءَ مان انگريزي ترجمون وري اهڙو مزيدار آهي، جو ’ڪٽ مٿا‘ ۽ ’ايٽ برهمڻ‘ واري ڳالھہ ياد پيئي اچي.[1]
سام پڻ ٻہ ٽي ڏينھن ڪوشش ڪئي تہ هن ڇوڪري کي ڪجهہ مدد ڪجي. رٿ ڪيائين تہ ساڻس گفتگو سڀ انگريزيءَ ۾ شروع ڪيو. سام تہ اها ڳالھہ جلدئي بس ڪري ڇڏي ڇا لاءِ جو ڇوڪرو هڪ تہ سوالن جا جواب نہ پيو ڏي ٻيو تہ ڪڏهين ڪا چوڪ ڪري ۽ سڌار جيس تہ ڦري سيکاريندڙ کي پيو ڏوه ڏي تہ مون هينئن ڪونہ چيو وغيرہ. سام سندس رخ ڏسي چيو تہ هن جي سکڻ ۾ اڃا گهڻي دير آهي. پر مون ائين ٿي چيو تہ ٻارهن مھينن اندر کيس تکو ڳالھائڻ ٻولھائڻ انگريزي زبان ۾ سيکاري سگهندس.
اڄ مون سان سکڻ جي ڳالھين تي اهڙو برو منھن ٺاهي پيش آيو جو سام پڻ کلي ويٺو ۽ چيائين: ”اها ڳالھہ مان توکي ڪيئن سمجهايان تہ سڀ ڪو ماڻھو ساڳيءَ رفتار سان سکي نہ سگهندو آهي. ادب ۽ شرڌا استاد جي لاءِ ضروري آهن. انھن کانسواءِ ڪو بہ شاگرد ڪجهہ پرائي نہ ٿو سگهي. تون سمجهندي هوندينءَ تہ مون ناحق کيس سيکارڻ ڇڏي ڏنو. مگر انھيءَ ادب ۽ شرڌا جي طلب ڪرڻ ۾ شخصي مطلب ڪو منھنجو نہ هو. ادب ۽ شرڌا ڪو عَوض جا انعام نہ آهي جو شاگرد پنھنجي استاد کي سکيا جي موٽ ۾ ڏي ٿو. پر شرڌا ۽ ادب اهو وايو منڊل پئدا ڪن ٿا جنھن جي وسيلي شاگرد سکيا پرائي سگهي ٿو؛ تنھن ڪري ئي اسان جا صوفي ۽ سنت ماٺيڻي واٽ وٺي وقت گذاريندا هئا. کين اگرچ گهڻو ڪجهہ سيکارڻو يا چوڻو هوندو هو تڏهين بہ پاڻمرادو بنا گهرج جي ڪجهہ ڪين چوندا هئا؛ نہ وري پنھنجي سکيا جو پاڻ دهل وڄائيندا هئا. جڏهين وٽن ڪو سچو طلبگار ايندو هو، تڏهين ئي ساڻس روحي راز سليندا هئا. اُنھيءَ اعتقاد جي يا انڌ شرڌا جي پٺ ڀرائي مان نہ ٿو ڪريان جا علم طور ’گرو‘ پنھنجي چيلن کان طلب ڪندا آهن، مگر عقل ۽ احساس ٻئي ان طرف اشارو ڪن ٿا تہ گرهڻ ڪرڻ ڪنھن ڳالھہ جو تڏهين ٿي سگهندو آهي جڏهن انھيءَ رستي ۾ ڪي رڪاوٽون يا ضد ڪونہ هوندا آهن. تنھن ڪري ائين سمجهڻ گهرجي تہ شرڌا ۽ ادب اهو ماحول يا Milieu آهي جنھن جي رستي ڪا بہ سکيا ڏيئي سگهجي. علم جي لاءِ شرڌا هڪ سڙڪ آهي؛ چاھہ يا طلب اُها تار آهي جنھن وسيلي هڪ آتما ٻيءَ سان ڳالھيون ڪري ٿي. شرڌا اُهو تلاءُ آهي جنھن ۾ هرديه جا ڪمل پرڦلت ٿين ٿا؛ آتمڪ راز جي اُپجڻ ليءِ شرڌا نوبھار آهي؛ ان کانسواءِ ڪا بہ من جي ڦلواڙي ڦلي نہ ٿي سگهي ۽ جڳت کي سڳنڌ ڏيئي نہ ٿي سگهي. باقي ڪو چار اکر انگريزيءَ ۾ ڳالھائڻ سکيو تہ ڇا ٿي پوندو؟ ڪوئي کي Rat چوڻ سان ۽ ٻليءَ کي Cat چوڻ سان ڪو انسان جي مغز ۾ اُجالو ٿورو ئي ايندو؟“
***

ڪجهہ ڏينھن ٿيا جو مون سام کي اڳواٽ اطلاع ڪري ڇڏيو هو تہ هن جنم دن تي نہ گل سوکڙي وٺندس ۽ نہ توهان جي ٻي ڪا شيءِ قبول ڪندس؛ يا تہ پنھنجي ڊائريءَ جي لاءِ لکڻ جوڳي ڪا چيز ڏيو يا ڪو راڳ يا ٻي اهڙي شيءِ جھڙوڪ نئون شعر وغيرہ.
سام چيو: ”اهڙيون ڳالھيون يا شعر وغيرہ هٿرادو ٿورو ئي ٺھي ايندا آهن. ڏينھن ٻہ گذريو تہ کائنس پڇيم: ڇا خيال ڪيو مون کي جنم دن جي سوکڙيءَ ڏيڻ لاءِ؟
سام چيو: ”ٻيو تہ ڪجهہ ڪونه، فقط اهو ويچار ڪندي هڪ ٿالھيءَ جو تصور ڏٺم! خبر نہ آھہ اِن جو مطلب ڇا آهي.“
مون اڳ ۾ ئي ڪٿي چيو آهي تہ سام بعضي بعضي خيال تصويرن ۾ ڏسندو آهي جي سچا ثابت ٿيندا آهن پوءِ چاهي ڪنھن مرض جو علاج هجي، چاهي ڪا ايندڙ زماني جي صورت هجي. سندس سمجهاڻيءَ ان بنسبت هيءَ آهي تہ ظاهري دنيا ۾ شيءِ اتپن کان اڳ خيال جي دنيا ۾ اتپن ٿئي ٿي.
ٿوري وقت بعد وري مون کيس چيو تہ باقي ڏينھن وچ ۾ ٻہ رهيا آهن! 9 اپريل منھنجي جنم دن تي مون کي ڪھڙي نرالي سوغات ڏيندين؟
سام سنڌيا تي ويھڻ وقت هيءَ پرارٿنا ڪئي جا مان سندس اکرن ۾ ورنن ڪريان ٿي: ”هي پرڀو! هي پرم آتما! تنھنجا ڀنڊار ڀرپور آهن؛ تو منجهان ئي سڀ خيال ۽ سڀ چيزون دنيا جون اتپن ٿين ٿيون. هي ٻاراڻي نموني جو سوال منھنجي ساٿيءَ ڪيو آهي؛ سو بہ تون ئي پورو ڪري سگهين ٿو!“
سام چيو، اڃان اهو خيال ڪيم ئي ٿي تہ ساڳيءَ ٿالھيءَ جو تصور ڏٺم ۽ پاڻ کان پڇيم تہ ٿالھي ڇا آهي؟ پوءِ اُمالڪ، زور سان اُن جو جواب مليو: ٿالھي اگربتين سان ڀربي ڏٺم منجهس 45 جوتيون هيون جي تنھنجي 45 سالن جون جوتيون هيون؛ جيوت سموري هڪ ٿالھي ڀانيم؛ سڪ جو منجهس هڪ ديپ جڳايم؛ آس ۽ امنگ جو ڌوپ جلايم جنھن سان گڏ دل جي چمن جا چاھہ روپي گل ۽ من جا اکا ملايم؛ ائين آرتي سجايم!
سام چيو اها ٿالھي اٿيئي دعوت توکي پاڻ ارپن ڪرڻ لاءِ! آتما تنھنجي ۽ منھنجي گهري ٿي تہ پنھنجي جيوت ارپن ڪرڻ جو هن تنھنجي جنم دن تي نئون اقرار ڪريون. تنھن ڪري تنھنجي جنم دن لاءِ هي رٿون آهن:
(1). مان 45 ديپ جڳائيندس. (2) تون 45 ٻڪ چانورن جا پنھنجي هٿ سان ڀري ست سنگ وارن ڀائرن لاءِ سيسا رڌي تيار ڪجانءِ.
اِتي گهر ۾ ڇوڪرن ۽ ٻين ويٺلن سڀني چيو تہ دادا اسان کي بہ چئو تہ اسين سڀ ڇا ڇا ڪريون. سام هڪ کي ڏسيو تہ تون 45 اگربتيون جلائجانءِ. ٻئي کي چيائين تہ 45 گلن سان هڪ مالھا ٺاهي اچجانءِ. هڪ ڇوڪريءَ کي چيائين تہ 45 ڦول ڀرت ۾ ڀري هڪ سادي ڪپڙي تي، اهي پيش ڪجانءِ. چوٿين کي چيائين تہ 45 وٽيون ڪپھہ جون ديپن لاءِ ٺاهي کڻي اچجانءِ. پنجين کي چيائين تہ 45 سادن مڻين جو هڪ هار پيش ڪجانءِ، ۽ ٻين کي ڪجهہ نہ ڪجهہ ٻيو ڏسيائين.
سام وڌيڪ پنھنجا ويچار هن ريت ظاهر ڪيا: ”سڀاڻي سڀ ست سنگي ڪٺا ٿيندا ۽ توکي هن ننڍڙي آشرم جي ’ماتا‘ جو لقب پڻ انھن سوکڙين سان گڏ ڏينداسون.
”هيءَ آشرم آئينده ڪھڙي صورت وٺندي يا اُن جي اڏاوت ڪھڙي ٿيندي سو مان هن وقت چوڻ نہ ٿو گهران مگر هيءَ آشرم هڪ آس آهي جنھن جي ڇايا ۾ اسان ٻنھي پنھنجي زندگي گذر ڪئي آهي. سنسار جي لاهن چاڙهن ۽ وقت جي تبديلي ۽ آزمائش ۾ اِها هڪ آس قائم رکي اٿئون تہ هي ننڍڙو گهر اسان جو ۽ هيءَ زندگي اسان جي خود هڪ آشرم جي صورت وٺندا. ٻن سالن کان هت صوفي ست سنگ ۾ ايندڙ پريمين کي وڌيڪ چاھہ رکندو ڏسي هي هڪ نئون آرنڀ اُن آشرم جو رٿيو اٿم جنھن جي اڄ کان وٺي تون ماتا آهين؛ ’ماتا‘ جو ڪم آهي، پالنا ڪرڻ. هي ڇوڪرا ۽ ست سنگ جا ڀائر سي سمجهہ تہ هڪڙا آس ڀريا ٻوٽا آهن، جن کي پريم جي پاڻيءَ ۽ گيان روپي ڀاڻ ساڻ لڳاتار پالنا ڪرڻي آهي. تو اهو پارٽ هن وقت تائين چڱيءَ طرح ادا ڪيو آهي ۽ آشرم جي ماتا سڏائڻ جي حقدار آهين. تنھن ڪري مان سڀني ستسنگين کي وينتي ڪندس تہ اڄ کان پوءِ سڀئي توکي انھيءَ نالي سان ڪوٺين ۽ تون پڻ پنھنجي جيتو جو خاص ڪاريہ اهو ئي ڪري سمجهہ.
”هن جنم دن تنھنجي تي توکي هن ريت هڪ عجيب سوکڙي ڏيان ٿو. شيوا جي جوابداري، پريمين جي چنتا ۽ ايشور جي آسيس!“
***

10-4-1959ع ڪالھہ منھن جو جنم دن ملھايو ويو، جيتوڻيڪ مون سمجهيو ٿي تہ هميشھہ کان هيءُ ڏينھن نرالو ٿيندو تڏهين بہ ائين هروڀرو ڪونہ ٿي ڀانيم تہ مان سڀني گهر وارن جي خيالن جو ايتريقدر مرڪز بڻجي پوندس جو 9 تاريخ سڄو ڏينھن هنن جو گويا منھنجي بلي ئي خرچ ٿيندو. ڪيتري نہ پيار ۽ اتساهسان هنن سڀني منھنجي لاءِ ننڍيون ننڍيون سوکڙيون تيار ڪري ورتيون! وڏي خوشيءِ جي ڳالھہ اها آهي جو ڪي مسلمان ۽ هڪ عيسائي دوست پڻ شريڪ ٿيا. پروگرام ديپن وغيرہ جو جيئن سام رٿو هيو تيئن ئي ٿيو ۽ اسان جي پياري ڀاءُ ماستر ”صوفي صاحب“ جي چوڻ تي تقريرون پڻ ٿيون. سام سڀني جا شڪرانا مڃيندي چيو تہ هي جيڪي گلن جون ڪنڍيون وغيرہ آنديون اٿو انھن ۾ نہ فقط هنن گلابن ۽ ٽانگر جي خوشبوءِ آهي مگر اوهان جي نازڪ خيالي ۽ پريم جي خوشبو پڻ رليل آهي. وڌيڪ پنھنجي تقرير ۾ هينئن چيائين تہ هي اسان جي لاءِ هڪ خاص خوشيءِ جو ڏينھن آهي. حقيقت ۾ ڏينھن ڏينھن جھڙا آهن مگر ڪنھن ڏينھن جي ياد انسان جي دل ۾ ڪو دَور آڻي سگهي ٿي؛ ڪنھن ڏينھن جو اقرار جيوت جو هڪ نئون آرنڀ ٿي سگهي ٿو؛ اسان لاءِ هي ڏينھن هڪ پاڻ ارپن ڪرڻ جو ۽ هڪ نئين پرتگيا ڪرڻ جو ڏينھن آهي ڇا لاءِ جو اڄ منھنجي ساٿڻ هن ننڍڙي آشرم جي ’ماتا‘ جو لقب وٺي ٿي؛ هوءَ پاڻ ائين سمجهي ٿي تہ مان هڪ قسم جو سنياس وٺي رهي آهيان يعني اڄ کانپوءِ ٻيو ڪجهہ بہ آهيان يا نہ آهيان مگر اول هن آشرم جي هنن ننڍڙن ٻوٽن جي مالھڻ ۽ ماتا آهيان. انھيءَ پرتگيا جي نشاني اسان اڄ هن کي هي ويس يعني هڪ خلعت جوڳيا رنگ جي پھرائي آهي؛ مان هڪ گهنگار انسان آهيان؛ مون کي ٻيو ڪو حق هن تارڪ ويس پھرائڻ جو ڪونہ هو، مگر منھنجو پريم مون کي اها طاقت يا Authority ڏئي ٿو جو مان پنھنجي جيون ساٿيءَ کي هي ويس وئراڳ ۽ شيوا جو پھرايان! توهان سڀئي آسيس ڪريو تہ اهي اقرار ۽ اهي مرادون اسان جون پوريون ٿين!
صوفي صاحب سام بنسبت ڪيتريون ڳالھيون چيون جي سڀني جي دل وٽان هيون. سندس تقرير جو تت سار هن ريت آهي: ”مان سام صاحب کي چڱيءَ طرح سڃاڻان؛ ننڍي هوندي کان اسين ننڍي ڳوٺ ۾ گڏ پليا ۽ وڏا ٿيا آهيون؛ گڏ تعليم ورتي اٿسين ۽ گهڻو وقت گڏ رهيا ۽ گهميا ڦريا آهيون. مون کان وڌ شايد سام صاحب کي ڪو بہ نہ سڃاڻي. انھيءَ ڪري مان چئي سگهان ٿو تہ هو هڪ اعليٰ هستي آهي؛ هن جي جاءِ ملڪ ۽ مذهب جي وڏن ليڊرن ۾ هئڻ گهرجي؛ سندس جيون ساٿي تہ هڪ قربانيءَ جو پتلو آهي جنھن جي بي مثال قرباني ئي ان ڳالھہ جو ڪارڻ آهي جو هي گهر ڦري هڪ آشرم ٿي پيو آهي؛ مان ﷲ جي در دعا گهران ٿو تہ هنن ٻنھي جي جيوت سڦلي ٿئي ۽ مائي صاحب جنھن جو نالو اڄ کان وٺي ”ماتاجي“ آهي تنھن جا جنم ڏينھن شل وري وري پيا ورن!“
تنھن کانپوءِ هڪ حيدرآباد جي اديب دوست پڻ ٿورا لفظ چيا جن ۾ هن اهو ويچار ظاهر ڪيو تہ سنياس وٺڻ جي معنيٰ آهي پاڻ کان الڳ ٿي ٻين جي شيوا ۾ وقت گذارڻ؛ اڄ کانپوءِ اسين ائين سمجهون ٿا تہ اسان جي ڀيڻ نہ فقط اسان جي دادا سام جي جيون ساٿي، پر هن آشرم جي سچي پچي ماتا آهي ۽ مان دعا ڪريان ٿو تہ سندن من جون مرادون پوريون ٿين! تنھن کان پوءِ ڪجهہ ڀڄن ڳايا ويا ۽ مھمانن کي رسوئي ڏني ويئي.
***


29-8-1959ع سام مون کان مھينو کن اڳ 15 جون ڌاري، هندستان ويو ۽ مان سندس پٺيان دهليءَ وڃي ساڻس 21 جولاءِ تي مليس. انھيءَ عرصي جا ڪي عجيب و غريب احوال هيٺ ڏجن ٿا:
سام پرپٺ جا آزمودا ٻڌائي چيو: ”هڪ ڀيري مون کي ڏاڍو اچي انتظار ٿيو تہ توهان سڀني کي هندستان اچڻ جي موڪل ملي الاجي نہ؛ اهي پڻ احوال ٻڌان پيو تہ سکر ۾ درياءَ کي زور آهي؛ جي اڳي وانگر زور وٺي يا ليٽ نڪري يا ٻي ڪا آفت اچي تہ هڪ ٻئي کي پھچڻ بہ اهنجو ٿي پوي! تڏهن هميشہ جي دستور موجب ٻيو چارو نہ ڏسي اُن سروشڪتيوان وٽ پرارٿنا ڪيم جنھن جي هيءَ سڄي رچنا رچيل آهي؛ يعني چنتائون ڇڏي پرارٿنا ڪري ان آتمڪ شڪتيءَ کي جاڳائڻ جو ارادو ڪيم؛ اهو خيال آيو تہ منھن توهان جي طرف ڪري توهان سڀني کي دعا موڪليان. ان نموني دل کي سڪون ٿي مليو؛ پر خيال ۾ اڳ ۾ ئي سچيتائي ڪانہ هئي جو ائين کڻي ڪريان تہ ڪھڙي پاسي اتريا اولھہ ٿيندو؛ پوءِ ائين کڻي اکيون ٻوٽيم، پريئر بعد ڏٺم تہ منھن ازخود لاڙڪاڻي جي طرف ٿي ويو هو.“
دهليءَ ۾ منجهند جي ماني هڪ هنڌ تہ رات جي ٻي هنڌ هئي. مان پنھنجي ڀيڻ وٽ ٽڪيل هيس ۽ سام پنھنجي پٽ وٽ. دهليءَ جا فاصلا بہ وڏا آهن. منھنجي ڀيڻ جي جاءِ پراڻي شھر ۾ هئي. جيتوڻيڪ جاءِ سوڙهي نہ هئي تڏهن بہ اتھان جو ماحول دل کي خوش ڪندڙ نہ هو. ڪجهہ وقت سام کي منجهند جو ۽ شام جو اچ وڃ تي پيو لڳي. انھيءَ هوندي پڻ مون کي مزو ڏاڍو پيو اچي پر منھنجي ڀيڻ سڄو ڏينھن گهر ۽ ٻارن جي ڪمن ۾ خفي خفي ٿي نظر آئي؛ هوڏانھن منھنجي باري ۾ اجايون چنتائون ٿي رکيائين ۽ سام کي پنھنجو سڄڻ نہ ٿي سمجهائين. آخر اهڙي ماحول ۾ رهي رهي هڪ ڏينھن هڪ ٿوري ڳالھہ تي سام ناراض ٿي هليو ويو؛ ڄڻڪ گڏيل اثر هيترن ڏينھن جي ڇڪتاڻ جو مٿس اوچتو اچي پيو. هن وري اتي اچڻ کان انڪار ڪيو جنھنڪري مون کي ڪيتري مفاصلي تي ساڻس وڃي پراڻي قلعي ۾ ڪن دوستن وٽ ملڻو پيو.
اُتي هڪ غريب ڇوڪري رهندي هئي جنھن کي ننڍي هوندي ڪڏهن ٿوري خرچي ڏيندا هئاسون ۽ ٿوري مدد ڪندا هئاسون. انھيءَ سام کي هن مونجهاري ۽ گرميءَ جي وقت ۾ ڪوٺ ڏني تہ مون وٽ قلعي جي مٿان هلي ويھو. اُتي هڪ کھرن پٿرن سان اڏيل هڪ دريءَ ۽ هڪ در واري ننڍي ڪوٺڙي هئي جا هڪ جابلو غفا وانگر پيئي لڳي. ٻئي پاسي کان جمنا جو نظارو هيو. سام مٿي چڙهڻ سان انھيءَ ڀونگيءَ ۾ ايترو تہ خوش ٿي ويو جو ڪو محلاتن ۾ گهرڻ سان بہ مشڪل ٿئي. چيائين: ”قدرت جا نظارا ڪيترا نہ راحت بخش آهن! تن ۽ من جا مرض ڇٽايو ڇڏين. انسان پاڻ کي ڪوڙن سکن جي ڳولھا ۾ قدرت کان پاڻ ڇني ڪيترو نہ غريب بڻايو آهي! جو سک عيش ميسر ڪري نہ ٿو سگهي سو هي قدرت جا نظارا اڻ ميو ڏين ٿا ۽ هيءَ غريباڻي جهوپڙي تہ هڪ سچو پچو مندر ثابت ٿي آهي. اسان ٻنھي جي وچ ۾ جيڪا بند ماحول جي پئدا ڪيل مايوسي هئي سا هڪدم ڪافور ٿي اڏامي ويئي.“
***

پوءِ هڪ ڏينھن هردوار گهمڻ وياسون. هردوار تہ هرڪو پيو وڃي ۽ گنگا ۾ بہ هر ڪو پيو اشنان ڪري، مگر اسين سمجهون ٿا تہ اسان هردوار ۽ لڪشمڻ جهولو سچي روپ ۾ ڏسي آياسون. سام کي هردوار ڏٺي گهڻا سال ٿي ويا هئا ۽ مون کي ڏيکارڻ جو ارادو بہ هيس. انھن ڏينھن ۾ هڪ ميلو هردوار ۾ هيو جنھن ڪري ياتري بہ گهڻن پاسن کان اچي رهيا هئا. سام گنگا ۾ اشنان بہ نہ ڪيو ڇا لاءِ جو کيس بخار ۽ زڪام جو اثر هيو پر هونئن گويا ياتري ڀاوجي درياھہ ۾ هر وقت ٽٻيون ڏيئي رهيو هو. فيصلو ڪيوسون تہ لڇمڻ جهولي ڏانھن ٻين ياترين سان گڏجي وڃون. ڪار ۾ نويڪلائي ٿئي ها پرهي جو گنگا ماتا ۽ هري ڀڳتيءَ جا گيت ياتري ڳائيندا پيا هلن سي انھيءَ وڏ ماڻهپ جي نموني هلڻ سان ڪونہ نصيب ٿين ها. ويتر جو لڇمڻ جهولي پھتاسون تہ سام بي حد خوش نظر آيو؛ جسماني طور زڪام ۽ بخار جي ڪري نٻل ٿي لڳو پر چيائين تہ هيءَ شرديڪ نٻلائي خود اڄوڪي ياتريءَ ڀاؤ کي وڌائي ٿي ۽ مان پاڻ کي پورن ريت هڪ مسافر ٿو سمجهان. جيئن جيئن وک وک ڪري 4 يا 5 ميلن جو فاصلو اوٽ موٽ طئي ٿي ڪيوسون تيئن اندروني طرح هڪ نرالي ڀاؤ ۾ وڌندا ٿي وياسون. منھنجو شرير پڻ ٿڪل هو. ان ٿڪ ۾ مون سام جو خيال چٽيءَ طرح جهپي ورتو تہ ڪيئن نہ اُن ڏينھن جي شريرڪ نٻلائي اسان کي ويچارو ويچارو سمجهڻ ۾ ۽ پاڻ کي هڪ لاڏو مسافر ڪري ڏسڻ ۾ مدد پئي ڪري.
سام لڇمڻ جهولو اڳي ڪونہ ڏٺو هو. وڻ راءِ ۾ ٻنھين پاسن کان ’سورگ آشرم‘ جي رستي تي ساڌن جون ڪٽيائون ٺھيل هيون؛ سام ڏسي اُتي اچرج ۾ اچي ويو. چيائين تہ هي رستو يا هن جھڙو مون وري وري پنھنجي خوابن ۾ ننڍي هوندي کان ڏٺو آهي ۽ ائين ڀائيندو آهيان تہ مون پنھنجي اڳين جيون اِتي يا اهڙي ڪنھن ڪٽيا ۾ ختم ڪئي آهي؛ هن رستي جي انھيءَ خواب واري رستي سان ۽ هنن ڪٽيائن جي منھنجي خيال وارين ڪٽيائن سان گهڻي مشابھت آهي. پر مان سمجهان ٿو تہ بدري نارائڻ ڏسڻ کان اڳ سورهن آنا خاطريءَ سان مان چئي نہ سگهندس تہ اهو هي آهي يا بدري نارائڻ ۽ ڪندارناٿ واري رستي سان ملي ٿو. ڇا لاءِ جو انھيءَ ۾ اگهاڙي پھاڙ مان ويندڙ رستو پڻ مان خواب ۾ ڏسندو آهيان مگر هنن پاسن جا ساڌو ۽ ڪٽيائون شايد سڀ هڪ جهڙائي هجن. بدري نارائڻ وارو رستو پڻ ڏسڻ کپي. ٿي سگهي ٿو تہ انھن ڀاڱن ۾ اسان کي ڪو نرالو تجربو حاصل ٿئي!
تنھن بعد جيئن اڳتي وڌياسون تہ هڪ ساڌوءَ جي ڪٽيا نظر آئي؛ هڪڙو ماڻھو اُن وقت ٻہ انب هڪ ساڌوءَ کي انھيءَ ڪٽيا ۾ ڏيئي رهيو هو. اهو ساڌو هڪ مجذوب ٿي ڏيکاريو. ساڌوءَ اُهي ٻئي انب ڦٽا کڻي ڪيا ۽ چيائينس تہ کڻي وڃ؛ مان ڇا ڪندس؟ عين انھيءَ وقت تي سام بہ ساڌوءَ ڏانھن نظر ڪئي ۽ مان بہ دروازي جي سامھون بيٺي هيس. ساڌوءَ امالڪ خيال ڦيرائي اسان کي سڏ ڪيو ۽ چيائين اچو؛ هي انب کڻي وڃو! سام مون کي چيو تون وڃي کڻي اچ ۽ پڇينس تہ توکي ڪجهہ کپي. انھيءَ وچ ۾ سام جي دل ۾ هڪ شنڪا پيدا ٿي تہ جيڪڏهين ڪجهہ گهريائين تہ سمجهيو تہ هڪ لالچي ساڌو آهي. انھيءَ مست پھريائين منھنجي آڇ ڪرڻ تي مون کي چيو ڀل جيڪي وڻيئي سو ڏي! پر ڄڻڪ سام جي اندرئين خيال مان واقف ٿي وري چيائين: ”لي جاؤ، مجهي کچھہ نھين چاهيئي.“ تنھن کان پوءِ سام چيو تہ هي خيال مان توکي سببن ۽ ثابتين سان سمجهائي ڪونہ ٿو سگهان. مگر مون کي اندروني يقين آهي تہ هنن ساڌن ۽ هنن پسگرداين سان منھنجو اڳوڻي جنم جو گهاٽو سنٻنڌ آهي. هن توکان پھريائين ڪجهہ وٺڻ قبول ڪيو ڇا لاءِ جو سمجهيائين تہ تو پنھنجي دل سان اها آڇ ڪئي. هوڏانھن هن مائيءَ جا انب نہ ٿي قبول ڪيائين جو هن شايد ڪو اولاد جو يا ٻيو ڪو ٻاهريون مطلب من ۾ رکيو هوندو.
***
6-9-1959ع مون سام کي چيو: ”منھنجي دل هئي تہ هردوار ۾ ڪجهہ ڌرم ڪجي مگر توکي ان باري ۾ ڪجهہ ڪونہ چيم؛ ڀانيم تہ اها ڳالھہ متان تنھنجي خيالن جي برخلاف هجي.“
سام چيو: ”ڌرم ۾ ڏيڻ ڪو برو ڪم نہ آهي مگر ڇا ڏجي ۽ ڪنھن کي ڏجي، اهو هڪ منجهائيندڙ سوال آهي؛ منھنجو برابر اهو خيال آهي تہ ٻاوا، ٻانڀڻ کارائڻ، يا گئوءَ جي پڇ کي هٿ لائي ۽ گئو دان جا 50 روپيه ٻانڀڻ کي ڏيڻ سو پئسو وڃائڻو آهي. هردوار ۾ ٻيون بہ ڪيتريون سسنٿائون آهن جيڪي دان گهرنديون آهن، مگر انھن مان گهڻن جا مقصد ننڍڙا آهن يعني ڪي ڪنھن خاص پنٿ لاءِ آهن ۽ ڪي ڪنھن خاص جاتيءَ جي اُڌار لاءِ آهن. انھن جا شيوا جا آدرش پنھنجي جاتيءَ پنھنجي مذهب يا ڌرم تائين محدود آهن. انھن جي ڀيٽ ۾ تون جيڪو پئسو اسان جي اڪبر آشرم ۽ ٻين ڪتابن جي ڪم ۾ خرچ ڪرين ٿي يا ٿورو گهڻو هريجن شيوا ۾ ۽ صوفي ست سنگ ۾ لائين ٿي، سو وڌيڪ جوڳي نموني ۾ خرچ ٿئي ٿو. ادب يا ساهتيہ جي شيوا ڪرڻ بہ هڪ آتمڪ ڪاريہ آهي. ادب وڌائڻ معنيٰ انسانيت وڌائڻ آهي. ساهتيہ جو انسانيت ۽ ادب وڌائي ٿو تنھن جي اڄ سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي؛ انسان جون سڀ ڪوششون فقط پيٽ پوڄا ۽ لٽي ڪپڙي يا ٻين ٻاهرين ڳالھين لاءِ هجن تہ انسان جي جيڪر حيوان کان بھتر نہ هجي. ادب ئي انساني تھذيب جي بنياد آهي. ادب چئجي کڻي تہ جيوت جو ڀوشڻ ۽ ننگي انسان جو ڍڪ آهي. تنھن ڪري جيڪي ادب جي راھہ ۾ عمر خرچ ڪن ٿا تن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي. توکي يا مون کي ٺڳ ٻانڀڻ کارائڻ يا ٻيا اهڙا ڪم ڪرڻ نہ گهرجن ۽ اهو خيال غلط آهي تہ هردوار اچي هروڀرو دان جا ڪم ڪرڻ ضروري آهن.“
***

1-10-1959ع سام پھريائين منھنجا ڪپڙا سامان وغيرہ پنھنجي ڪمري ۾ رکائيندو هيو. تنھن کان پوءِ هر هر ڪلف کولڻ هڪ تڪليف ڀائيندي مون پنھنجو ڪمرو الڳ رکيو جو گهڻو ڪري ’لال جي ليکي‘ پيو هوندو آهي؛ يعني مان ڪلف وغيرہ ڪونہ هڻندي آهيان. نہ رڳو ايترو پر آهستي آهستي ’چمٽوءَ‘ جا ڪتاب، ٽپڙ وغيرہ سرندا منھنجي ڪمري تائين پھتا آهن ۽ گرڌاري جنھن کي الڳ ڪمرو مليل آهي تنھن کي بہ مون چيو تہ منھنجو ڪمرو وڌيڪ ٿڌو اٿيئي؛ تون وڃي اُتي سمهندو ڪر. گرڌاري ڪجهہ ڏينھن کان منجهند جو اتي سمهندو آهي. سام جڏهن اها خبر ٻڌي تڏهن کيس مٺيان لڳي ۽ چيائين تہ نہ رڳو تنھنجي ڪمري ۾ ٻئي جو سامان يا رهڻ مون کي نہ ٿو وڻي پر هن نموني تنھنجو رهڻ صفائيءَ سان ٿي نہ سگهندو.“
مون چيو: ”اُنھيءَ ۾ ڇا آهي، جيڪڏهين ڪو غريب وڃي اونھاري جي وقت ۾ پکي هيٺيان آسايش وٺي؟“
سام چيو: ”تڏهن جڳائي تہ تون ۽ مان فقط جاءِ ۾ جدا هڪ ڪمرو بہ نہ رکون ۽ ڪمرا سڀني کي ورهائي ڏيون تہ ڀل آسايش وٺن. ان ڳالھہ ۾ جيڪر مون کي ايترو اعتراض ڪونہ ٿئي، جيترو شايد تنھنجي ميونسپالٽيءَ جي ايڊمنسٽريٽر کي ٿئي. ملام، دايون، پٽيوالا وغيرہ ڊاڪٽر سان گڏجي رهن تہ جيڪر هنن کي بہ سٺو نہ لڳي، ۽ انھيءَ حالت ۾ نہ فقط گرڌاري يا چمٽو پر اسٽوئرٽ جو هيٺ رهيل آهي ۽ اسپتال جاچوڪيدار يا ٻيا ڪم ڪندڙ ڀنگي وغيرہ پڻ گڏ رهڻ جا حقدار آهن.“
ازانسواءِ ٻيا ٻہ سوال هن ڳالھہ سان شامل آهن تنھنجي رسوئي کي الڳ ڪمرو پکي سان مليل آهي ۽ توکي خبر آهي تہ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هن وٽ چرسي ۽ ٻيا گهڻا نشئي اچڻ لڳا. اُهي اهڙيون شيون ورتائيندا ٿا رهن جن جو گهر ۾ رکڻ ئي چڱو نہ آهي. اڄ تائين بہ سندس ڪمرو بدبوءِ سان ڀريل رهي ٿو،. ڇا لاءِ جو هو چرس ۽ تماڪ وڏي انداز ۾ ڇڪن ٿا ۽ ٻيا صفائيءَ جا قانون پورا نٿا رکن. ٻيو تہ هڪ ڪمرو هڪ انسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اها ونڊ ورڇ سٺي آهي تہ هرڪو پنھنجي حد اندر رهي. اهو سوال بہ اٿي ٿو تہ ڪيتري قدر ڪي بہ تعليم يافتہ ماڻھو بنا تھذيب وارن ماڻھن جي وچ ۾ روحاني سلامتيءَ سان رهي سگهن ٿا؟ مان ڀانيان ٿو تہ تعليم يافتہ انسان جو فرض آهي تہ تھذيب جا نمونا يعني صاف ۽ ستنتر رهڻ جا طريقا قائم رکندو اچي. صفائي ۽ گندگي جي وچ ۾ يا سڌريل ۽ اڻ سڌريل ماڻھوءَ جي وچ ۾ جيڪي حدون آهن سي بنا ويچار ٽوڙڻ نہ گهرجن.
”انساني همدردي اها تقاضا نہ ٿي ڪري تہ اسين بہ انھن جھڙا گدلا ٿيون جن جو گڏ رهڻ ضروري هجي. هڪ جهڙائي ڪن ٻن شين جي وچ ۾ بہ مشڪل لڀندي. هي تفاوت اُٿڻ ويھڻ ۽ عادتن، ريتين رسمن، جا قدرت پاڻ بڻايا آهن. مان تہ ڏسان ٿو تہ اسان جي ملڪ ۾ ايتري تہ پرهيز جي گهرج آهي جو چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿو تہ ’وزن‘ يا جاتين جي وچ ۾ تفاوت ڪئين پئدا ٿيا. سي سڀ هن بر صغير جي تھذيب جو هڪ وڌندڙ واريءَ جي بيابان جو مثال آهن. ڪنا طريقا ۽ ڪنيون شيون اسان جي آليس ۽ اگهور ننڊ جي ڪري ايترو تہ گهڻائيءَ ۾ اچي ويون آهن جو زندگيءَ جي سٺن سڌريل روايتن کي قائم رکڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. تھذيب يا سڀيتا (Culture) هڪ باغ مثل آهي جنھن کي چو طرف وڌندڙ گندگي جي واريءَ کان بچائڻ خود هڪ انساني فرض آهي. تنھنجا ڇوڪرا مون کي ايتروئي پيارا آهن جيترو توکي هوندا. ٻين غريبن لاءِ پڻ دل گهڻو گهرندي آهي، مگر هن نموني حدون ٽوڙي ڇڏڻ تنھن ۾ مان چڱائي ڪانہ ٿو ڏسان. مثال طور جي سندس ڪوٺيءَ ۾ هينئر ئي وڃي ڏسندينءَ تہ ٻيڙين جا اڌ اڌ ميرن ڪپڙن جي بدبوءِ ۽ سامان جي ڊاٺ نظر ايندي. اهي حالتون آهستي آهستي تنھنجي ڪمري جون بہ ٿي وينديون، جي تنھنجا در سڀني لاءِ کليل رهندا. ٻيڙين جا سڙيل اڌ تہ اڳ ۾ ئي ڏيکارجن پيا.“
مون چيو: ”اهو سڀ سچ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن مان ائين سمجهندي آهيان تہ ساڳي ڳالھہ جيڪڏهين مان ڪيان تہ ٺيڪ نہ آهي جي تون ڪرين تہ اُها ٺيڪ سمجهندو آهين! مثال طور ڇوڪرن کي ڪڏهن ڪڏهن تون پاڻ اسان جي ڪمري ۾ منجهند جو سمھاريندو آهين، مگر جي هو منھنجي ڪمري ۾ وڃي سمهن تہ توکي ٺيڪ نہ ٿو لڳي!“
سام کلي چيو: ”اها تنھنجي سمجهڻ جي گهٽتائي آهي. مان جيڪڏهن پنھنجي روبرو هنن کي گڏ ساڳي ڪمري ۾ سمھاريان ٿو تہ انھيءَ ۾ ڪمرو تہ صاف رهندو پر هو خود ڪيتريون ڳالھيون گڏ رهڻ مان سکندا؛ ساڳي وقت تي کين جدا ڪمري ۾ ڇوٽ ڇڏي ڏيڻ شايد اهڙوئي ثابت ٿئي جيئن ڪنھن ٻڪريءَ کي گلن جي واڙيءَ ۾ ڇڏڻ يا ڪنھن ڏاند کي ڪانچ گهر ۾ ڇڏي ڏيڻ. مان هيءَ ڀيٽ نفرت مان نہ ٿو ڪريان. انسان الاهي نور جو هڪ تجلو آهي ۽ انسان جي ٻچڙي لاءِ پيار ۽ عزت منھنجو مول ڌرم آهي. پر اهو منھنجو عقيدو آهي تہ انسان جي ٻچڙي کي پالڻ ۽ سمجهائڻ ٻين سڀني جانورن جي Training کان اهنجو ۽ ساڳي وقت تي وڌيڪ لاڀدائڪ ڪم آهي. انسان جيترو آزاديءَ جو طالب آهي اوترو تربيت ڏي گهٽ مائل آهي ۽ ننڍي وهيءَ ۾ خاص ڪري جيڪڏهن مٿس نظر نہ آهي تو حيوانن کان بدتر آهي. تون مٿن نظر رکي نہ ٿي سگهين جو تون سڄو ڏينھن هيٺ اسپتال جي ڪم ۾ رڌل آهين. پر منھنجي روبرو جي هو منھنجي ڪمري ۾ رهندا تہ ان ۾ ڪو بہ هرج ڪونہ رهندو.“
***


25-11-1959ع اڳين نوٽ لکڻ کي ٻہ مھينا ٿي ويا. ائين نہ آهي تہ اڄ ۽ انھيءَ نوٽ جي وچ ۾ ڪو اهڙو گفتگو ڪونہ ٿيو آهي جنھن ۾ گيان جي چرچا هجي، مگر ڪيتريون ڳالھيون اڳ لکيل آهن جي وري وري لکڻ مون اجايو ٿي سمجهيو، جيتوڻيڪ انھن جو ورنن نئين ماحول ۽ نيئن طريقي سان پي ٿيو آهي. ازانسواءِ گذريل وقت ۾ صوفي ست سنگ جو وڌڻ ۽ گلن وغيرہ پوکڻ جي موسم چالو ٿيڻ سبب وقت انھن وندرن ۾ گهڻو گذر ٿي ويو. ڪتاب ”تون ۽ مان“ جي ڇپڻ ڪري پڻ ڪيتري لکپڙھہ ۽ ڪتاب جي ڪاپين پوسٽ ڪرڻ جو ڪم وڌيل آهي جنھن ڪري نيون لکيتون سام کان يا مون کان پڄي ڪونہ سگهيون آهن. تان ڀي سام روزانو پنھنجي ڪمن کان وقت ڪلاڪ ٻہ ”تون ۽ مان“جي ترجمي کي ڏيندو آهي. اهو انگريزيءَ ۾ ڇپائڻ جو ارادو ڪيو اٿئون. شڪرانا ايشور جا مڃڻ گهرجن جو ڪابہ چڱي شيءِ يا چڱو ڪم اجايو ڪونہ ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اسان جو رهڻ ڪرڻ ماٺيڻو ۽ گوشي نشينيءَ جي ماحول ۾ آهي تڏهن بہ ”تون ۽ مان“ ڪتاب جي چرچا سنڌي ادبي مرڪزن ۾ چڱي قدر ٿي آهي ۽ ڪيترن اديبن دوستن چاھہ ڏيکاري اسان جي ڪم ۾ حوصله افزائي ڪئي آهي.
اڄ مٿين ڪتاب بنسبت هڪ دوست هلڪي نموني چيو تہ اسين ڇا لاءِ هي ڪتاب خريد ڪريون؟ اهڙو ڪجهہ هن ڪتاب ۾ آهي ڇا جو اڳ ٻڌل نہ هجي ۽ جنھن مان ڪا نئين ڳالھہ سکي سگهون؟ مون هن کي ساڳي ڪتاب مان فقط هڪ ٽڪرو پڙهي ٻڌايو جنھن جو تتسار هنيئن آهي: ”مون پنھنجي مالڪ کان پڇيو تہ جو ڪجهہ ڪرڻو اٿم سو ڪري آيو آهيان؛ جو ڪجهہ چوڻو هيم جو سو چئي آيو آهيان؛ جو ڪجهہ سکڻو هيم سو سکي آيو آهيان؛ جو سک ماڻڻو هيو سو ماڻي آيو آهيان؛ هينئر وڌيڪ مان ڇا ڪريان؟ جو اب مليو تہ جو ڪجهہ نہ ڪرڻ سان ڪبو آهي تہ سو ڪري ئي نہ آيو آهين؛ جو ڪجهہ نہ چوڻ سان چئبو آهي سو تہ چئي ئي ڪونہ آيو آهين؛ جو سچ اکرن ۾ اچڻ ۽ عقل جي سمجهڻ کان ٻاهر آهي سو تہ اڃا سمجهي ئي ڪونہ آيو آهين ۽ جنھن جي ماڻڻ ۾ سک سڀ بڻن رنڊڪون، سو تہ اڃان تو ماڻيو ئي نہ آهي.“
***


ان دوست چيو تہ ٻي هڪ ڳالھہ بہ مون ڪتاب ۾ پڙهي جيڪا دل سان ٺھڪي آئي سا اها آهي تہ اسان جي مالڪ کي ئي خبر آهي تہ اسان جون گهر جون ڪھڙيون آهن. پوءِ ان لاءِ ڇو پيا اجايو منٿون ڪريونس؟ توهان بہ تہ ڪتاب ۾ چيو آهي: ”اهي بخشيشون ڏي جن ۾ هجي منهجي ڀلائي!“
وڌيڪ ائين چيائين تہ حيدرآباد ۾ جتي مان رهندڙ آهيان انھيءَ جاءِ تي ٻيا ڪي آفيسر ۽ دوست روز گڏجي Prayer ڪندا آهن. ايشور کي ويھي گهڻو ٻاڏائيندا آهن ۽ منٿون ڪري ڪري روئندا آهن. مان کين چوندو آهيان تہ روئو ڇا جي لاءِ ٿا، جڏهين هن کي سڀ خبر آهي توهان جي گهرجن جي؟ چڱو پيءُ تہ جا شيءِ ٻار کي گهرجي سا پاڻھي ڏيندو آهي!“
سام کيس چيو: ”توهان جو خيال بہ ٺيڪ آهي. روئڻ انھيءَ لاءِ نہ جڳائي تہ ڪي سک يا انعام وٺون؛ مگر رئندي آهي ڦٽيل دل ۽ وڇڙيل آتما پنھنجي پريتم کي ياد ڪري، ان لاءِ تہ ان سان وري هيڪڙائي حاصل ٿئي. پاڻي گهڙي ۾ پوڻ وقت گڙ گڙ ڪري ٿو. شاعرانہ طريقي ۾ چئجي کڻي تہ روئي ٿو جو گهڙي جي اُپاڌي درياھہ کان کيس جدا ڪري ٿي؛ بوند ساگر سان ملڻ ۾ خوش ٿئي ٿي ان ڪري شاعراڻي نوع ۾ چئجي کڻي تہ برسات جو نظارو ساگر ۾ سڀ کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ رهي ٿو! هي بہ پريئر وقت تن من يا دل جو گويا پنھنجي ذات آتما سان سنٻنڌ وڌائڻ جو طريقو ٿي سگهي ٿو.
گرناڻي صاحب چيو: ”پر جيڪي ملي اڳ ۾ ئي هڪ ٿي ويا آهن سي ڇا لاءِ رئن يا ٻاڏائن؟“
سام چيو؛ ”اُها هيڪڙائي حاصل ڪرڻ جنمن جو ليکو آهي. پريتم کي هٿ ڪرڻ ڪاٺ جي هڪ ٿنڀ وانگر ناهي جو جاءِ ۾ بيھاري کيس ڇڏي ڏجي، مگر سو هڪ آلي، سائي وڻ مثل آهي جنھن کي نيڻن جو آب پيئاربو پيو تہ وڻ سائو ۽ خوش نما رهندو. البت ٻاهرين ڏيک کان ماٺ ۾ پريم رکڻ وڌيڪ مٺو آهي ۽ ظاهري ڳوڙهن کان ماٺ جا موتي يعني اندر جا ارمان وڌيڪ ملھائتا آهن!“
اتي ٻي ويٺل هڪ چيو: ”مھرباني ڪري ڏسيو تہ قسمت انسان کي ڪيترو پابند رکي ٿي ۽ نجومين جون اڳ ڪٿيون ڪيتري قدر سچيون ثابت ٿين ٿيون؟“
سام کيس ويجهن گلن ڏانھن اشارو ڪري چيو: ”اجهو هي سلام گل اشرفيءَ جا آهن؛ هنن جي قسمت ٻج جي داڻي ۾ فيصل ٿيل آهي، ايتري قدر تہ هن جو ٻوٽو اٽڪل فوٽ يا منو اُڀو ٿيندو ۽ گل جو رنگ سونھري ٿيندو وغيرہ وغيرہ؛ مگر انھيءَ وچ ۾ انھيءَ نتيجي لاءِ ڪيترا ڪم ڪرڻا آهن جن جو اثر انھيءَ قسمت کي ايترو ڦيري سگهي ٿو جو يا تہ گل صفا نڪرڻ ئي ڪونہ يا تمام سٺا ۽ رنگدار ٿين؛ جيئن هوا، پاڻي ۽ ڀاڻ وغيرہ ۾ ڪي نقص يا خاصيتون موجود هجن. اهڙي طرح اسان جي زندگيءَ ۾ ڪي ڳالھيون اڳڪٿيءَ جھڙيون آهن ۽ ڪي نہ بہ آهن!
***


28-1-1960ع گذريل مھينن جا خاص واقعا اسان جي زندگيءَ ۾ هي آهن:
(1) ڪتاب ”تون ۽ مان“ جو پڌرو ٿيڻ ۽ (2) صوفي ست سنگ جو واڌارو. انھن کان سواءِ سام جون ڪي چيل ڳالھيون پڻ درج ڪرڻ جوڳيون سمجهان ٿي.
ڪتاب ”تون ۽ مان“ کي جيڪا آجيان ملي آهي تنھن لاءِ هروڀرو اسان کي ايتري اميد ڪانہ هئي. سام پنھنجا نثري نظم جا باقي ٽڪرا ميڙي سيڙي ۽ ڪي نوان انھن سان گڏي هن ڪتاب ۾ آندا هئا؛ ائين ٿي لڳو ڄڻڪ سڀ ٽڪرا هم لباس ڪونہ ٿي سگهندا، مگر عجب جي ڳالھہ اها آهي جو ڪيترن سنڌ جي شاعرن ۽ ڪاليجن جي پرنسپالن، اديبن وغيرہ نہ رڳو هي ڪتاب هم لباس ڪري ورتو آهي پر ان کي سام جي تصنيفن ۾ هڪ خاص جاءِ ڏني اٿن. ڪيترن سنڌ جي نامور اديبن هن ڪتاب جي بلڪل سٺي آجيان ڪئي آهي. ريڊئي حيدرآباد تان ڳالھائيندي ڊاڪٽر محمد ابراهيم (خليل) خاص طور ان ڳالھہ ڏانھن ڌيان ڇڪايو تہ توڙي جو هن ڪتاب ۾ ننڍا وڏا 137 جدا شعر آهن تڏهين بہ هي سارو هڪ ئي مضمون پيو لڳي. ان مان چٽيءَ طرح سمجهجي ٿو تہ لکندڙ جي خيالات ڇو نہ ڪھڙن بہ اکرن ۾ جدا جدا وشين تي هجي تڏهن بہ هن جي شخصيت جو ٺپو هر هڪ مضمون تي لڳي وڃي ٿو. مگر شايد تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن لکندڙ: پنھنجي شخصيت سچ پچ ٺاهي هجي يعني جدا جدا دورن مان لنگهندي ۽ جدا جدا تجربن مان هن ائين گيان نچوڙيو هجي جيئن جدا جدا کاڌن مان انسان يا حيوان جو جسم ساڳئي قسم جو خون طاقت ٺاهي سگهي ٿو.
مگر جيتوڻيڪ هي ڪتاب بہ ٻين وانگر سام جي خيالات پيش ڪري ٿو تڏهن بہ مان سمجهان ٿي، هڪ متر جي لکڻ موجب، منجهس ’اصلي‘ سام ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو ۽ هي ڪتاب سندس خيالات جو اظھار وڌيڪ صاف نموني ڪري ٿو. پر سام تہ اڳ ۾ ئي هن ڪتاب کي ”پراڻو“ سمجهي رهيو آهي ۽ سندس خيال وري ڪنھن ٻئي ميدان ۾ ڊوڙي رهيو آهي. اها ڳالھہ شايد سڀني شاعرن سان لاڳو هجي تہ ڪنھن بہ نئين شعر يا ڪتاب کان پوءِ جلد ئي ان مان چاھہ ڪڍي وري ٻئي طرف واجهائيندا رهن ٿا. سام چوي ٿو تہ هيءُ ڪتاب ”تون ۽ مان“ فقط منھنجي گذريل سالن ۽ خيالن جي هڪ قبر آهي؛ انھيءَ ۾ هاڻي سندس ڪوبہ چاھہ ڪونہ ٿو ڏيکارجي. نئين بھار جي اچڻ جي مستي اڳ ۾ ئي سندس من تي غالب ڏسان ٿي ڪجهہ نوان شعر جيڪي بھار جا ٺھي رهيا آهن، وڌيڪ ٺهن يا نہ مگر امنگ ورشا رتوءَ جي بادلن وانگر ڀربا ۽ بڀڪندا اچن ٿا.
***


صوفي ست سنگ گذريل ٻن مهنن ۾ خاص طور وڌي رهيو آهي. جدا جدا طبقن جا ماڻھو اسان جي گهر ۾ گڏ ٿيندڙ نہ رڳو اچي موسيقيءَ جي وندر وڌائن ٿا مگر سچ پچ اسان جو گهر هڪ آشرم بڻبو پيو وڃي. سام جو هڪ قول ياد اچي ٿو تہ سنگ صحبت ۾ سڪ جو ٻوٽو سائو رهي ٿو؛ بنا سنگ صحبت اهو بر جي هڪ ٻوٽي وانگر سڙي سڪي ٿو. هن صحبت جو اثر خاص طور اسان سان گڏ رهندڙ ڇوڪرن تي گهڻو نظر اچي ٿو.
انھيءَ مان هڪ ڇوڪري بنسبت هڪ ڳالھہ خاص طور هيءُ نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي: ٻہ ڏينھن ٿيا تہ هن سام کان ٻہ رپيا خرچيءَ طور گهريا. سام کيس چيو تہ جي سچ ڳالھائڻ جي پرتگيا ڪرين تہ ٻن روپين جي بجاءِ جيڪي گهرين سو ڏيانءِ. هي ڇوڪرو جو اهڙي پرن ڪرڻ کان نٽائيندو هو، تنھن امالڪ وچن ڏنو تہ مون اڄ کان وٺي ڪوڙ ڳالھائڻ ڇڏيو. سام کيس پنجاھہ روپيا خرچيءَ طور ڏنا ۽ ائين چيو تہ سچار جو ملھہ هزارن ۾ ڪٿي نٿو سگهجي. اڄ کان وٺي تون پاڻ هيرو آهين. ڇوڪري پنجاھہ روپين وٺڻ کان انڪار گهڻو ڪيو مگر سام کيس زوريءَ ڏنا ۽ هونءَ جو کيس دل تان لاهي ڇڏيو هئائين ۽ کيس (سام کي) پنھنجو گرو چوڻ جي منع ڪئي هئائين، کيس چوندو هيو تہ تنھنجي ڪوڙن اسان جي وچ ۾ وڏا ڪوٽ ديواريون کڙا ڪري ڇڏيا آهن. پر اڄ سندس سڀ خطائون معاف ڪري ساڻس وري پنھنجائيءَ جي هلت ڪرڻ شروع ڪيائين. هن موقعي کي خاص هڪ خوشيءِ جو موقعو سمجهي انھيءَ وقت اسان وٽ آيل مھمانن پروفيسر جهامنداس ڀاٽيہ ۽ ٻين کي سڏي ايشور جي مورتيءَ اڳيان ڇوڪري کان سيس نوارائي مٺائي ورهايائين. ڇوڪري هي اکر چيا: ”هي پرڀو! اڄ نئون جنم ورتو آهي؛ مون کي همت ڏي ۽ آسيس ڪر مون تي تہ مان سچ جي راھہ تي سدائين قائم رهان!“
هن باري ۾ وڌيڪ هي اکر درج ڪرڻا اٿم تہ مون جو هن پرارٿنا وقت اچڻ ۾ دير ٿي ڪئي تہ سام چيو: ”هن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو ڪم اهم ٿي سگهي ٿو؟ اڄ سمجهہ تہ هن ڇوڪري نئون جنم ورتو آهي ۽ هوڏانھن سندس جوٺو روپ مري چڪو آهي، يعني ٻہ گنڀير موقعا اسانجي گهر ۾ ٿيا آهن، جنھن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ ڪم اڳرائي نہ ٿو رکي.“
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي تہ اسان جي ٻين ڇوڪرن تي تہ هن ست سنگ جو اثر پيو آهي. اُن وقت جيئن پرارٿنا ڪئي وئي ۽ پرشاد ورهايو ويو مون هن ڇوڪري کي جنھن جي ننڍي عمر ۾ ماتا مري وڃڻ بعد مون پالنا ڪئي آهي، ڀاڪر وجهي هي دلاسو ڏنو تہ توکي پنھن جي ست سنگ جو ويس پھرائبو، يعني توکي بہ پڪيءَ طرح پنھنجو ميمبر ڪنداسين!
سام کي ”چيلو“ اکر ڪونہ وڻندو آهي ۽ سندس اهو خيال آهي تہ ”گرو چيلي“ جي ناتي ۾ جيتوڻيڪ پريم ۽ شرڌا وڌ ۾ وڌ هجن تڏهن بہ ننڍي ٻالڪ جي من تي ايڏو هن ناتي جو ڳورو ۽ ناضروري ادب جو ٻوجهہ مڙهڻ نہ کپي، جو ان جي خيال جو واڌاروئي بند ٿي وڃي. ائين پڻ ٺيڪ ناهي تہ هو سڀ ڳالھہ گروءَ يا استاد جي ڪاپي ڪندا رهن: تنھن ڪري هن ناتي کي ڪجهہ آزاد بڻائڻ گهرجي؛ اهڙيءَ طرح جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي پيار هيٺ ٻار جو جسماني ۽ مانسڪ واڌارو ٿئي ٿو. سچي استاد جي نظر هيٺ ٻالڪن جي دل من ۽ آتما جو پڻ واڌارو ٿيڻ گهرجي، ۽ نہ دٻاو هيٺ انھن کي نچوڙي يا نيسائي پاڻ سان هم لباس ڪرڻ گهرجي.
پر ان ڇوڪري ڪيتري وقت کان انھيءَ ناتي پڪي ڪرڻ لاءِ خاص طور ويس جي گهر پئي ڪئي آهي. سندس ننڍي عمر ڪري سام اها ڳالھہ پٺتي وجهندو ايندو آهي. آخر ڪالھہ اهو فيصلو ڪيو ويو تہ سندس 18 سال پوري ٿيڻ تي يا ايندڙ هوليءَ تي کيس ويس ڏنو وڃي ۽ اُنھيءَ لاءِ جوڳي نموني ست سنگ ڪري پريتي ڀوڄن کارائي اُهو ڏينھن سندس روحاني جنم جو ڏينھن ڪري ملھايو وڃي.
***
29-1-1960ع ٽيون ڏينھن جئن هتان هڪ متر جي دعوت تي ڀڄن ڪيرتن جي موقعي تي ڳوٺ نصيرآباد وياسون تہ اُتي هڪ منھنجي اڳئين بيمار جي گهر وارن مون کي گهر هلڻ جي دعوت ڏني ۽ مھماني طور مون کي خرچي بہ ڏنائون. اُتي جنھن پريميءَ وٽ اسين ٽڪيل هئاسون سو پاڻ هڪ هوموپٿيءَ جو ڊاڪٽر آهي مگر کيس Practice گهڻي ڪانہ آهي. انھن ماڻھن نہ فقط مون کي مھماني ڏني مگر سام کي پڻ شڪار جي دعوت ڏنائون جنھن ۾ هنن جو جيڪر گهڻو ئي خرچ اچي وڃي ها ۽ هنن کي ٻيڙيءَ وغيرہ جو بندوبست ڪرڻو پوي ها. ايتري آجيان اسان جي ٿيندي ڏسي اسان جي پريميتءَ هوموپٿيءَ واري ڊاڪٽر کان وات مان اهي لفظ رشڪ جي ڀاو ۾ نڪري ويا تہ سائين مون کي بہ اها ترتيب ڏسيو جئن مان ڪجهہ وڌيڪ ڪمائي سگهان؟
سام ان جو دلي مطلب سمجهي کيس هيئن چيو: ڏسو هاري ستيا ڪري ڪيئن ٿو وڃي مٽيءَ ۾ ٻج وجهي؛ پوک کي پاڻي ٿو ڏئي ۽ ان جي لڳاتار شيوا ٿو ڪري. ظاهر ۾ چئجي کڻي تہ هيءَ هڪ چريائي آهي جو کائڻ جي شيءِ، مٺا داڻا ان جا وڃي ڪو بر ۾ اُڇلائي؛ مگر ان نموني ستيا ڪرڻ سان ئي هڪ داڻي مان سو داڻا اپجن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهين اوهان پنھنجي بيمارن جي چڱي شيوا ڪندءُ ۽ وقت تي پنھنجي گهران بہ ڏيئي انھن جي تندرستيءَ جو خيال رکندءُ ۽ عام طور پنھنجن دوستن ۽ ٻين وهيوارين سان وڌيڪ ڪشاد دل ٿي هلندءُ تہ گويا اهو ڀلائيءَ جو ٻج پوکنيدءُ جنھن مان جهجهوئي اَن مراد جي صورت ۾ حاصل ٿيندو. اهو سمجهڻ کپي تہ هن سرشٽيءَ جو رچيندڙ هڪ وڏو ڏاتار آهي جو ڪنھن جو بہ لايو اجايو نہ ٿو گنوائي. جيترو سندس مخلوقات سان وهجي ٿو اُن کان هزار دفعا وڌيڪ ڀاڙا هو اسان کي بخشي ٿو. روشي دوار سا ۽ دروپديءَ جي ڳالھہ ياد ڪريو جا هن ريت چوڻ ۾ اچي ٿي: هڪ دفعي دوارسا رشي درياھہ ۾ اشنان ڪري رهيو هو؛ اشنان ڪندي سندس لنگوٽ ترڪي درياھہ ۾ لڙهي ويئي جنھن ڪري هو بلڪل ننگو رهيو ۽ ٻاهر نہ پيو نڪري سگهي؛ ٿڌ بہ اُن وقت چڱي ٿي پيئي؛ ماڙيءَ مان راني دروپدي سندس هي حال ڏسي پنھنجي ساڙهيءَ مان تڪڙ ۾ هڪڙو ٽڪر ڦاڙي کيس اڇلائي ڏنو، مگر ائين ٿيو جو اهو ٽڪرو بہ درياھہ ۾ لڙهندو هليو؛ تڏهن راڻيءَ پنھنجي ساڙهيءَ مان ٻيو ٽڪر ڦاڙي ڦٽو ڪيو جنھن جو پڻ ساڳيو حال ٿيو؛ ٽيون ٽڪرو ساڙهيءَ جو بہ ائين لڙهندو هليو ويو ۽ رشيءِ جي هٿ اچي نہ سگهيو. تڏهين راڻيءَ پنھنجي ريشمي ساڙهيءَ جو باقي بچيل حصو اڇلائي ڏنو ۽ ائين چوڻ ۾ اچي ٿو تہ راڻيءَ جي انھيءَ پڃ ڪري ڌرتشر اشٽرا جي سڀا ۾ ڀڳوان سندس لجا رکي ۽ کيس پنھنجي پڃ جو ڦل ڏهوڻ بلڪ سئوڻ ڪري ڏنو جو جيئن سندس ڪپڙا لاهيندا وڃن تيئن اندران وڌيڪ نڪرندا وڃن. اها ڳالھہ اکر اکر سچي نہ بہ هجي تہ بہ هن جي لجا تہ ضرور رکجي ويئي.“
سام ان ڊاڪٽر کي چيو: ”جيڪو فراخ دليءَ سان ٻئي جي شيوا ڪري ٿو ۽ پنھنجو هڏلائي ٿو اهو ضرور انھيءِ جو ڦل ڪنھن نموني پائي ٿو. سرشٽيءَ جي مالڪ وٽ ڪا کوٽي ڪانہ آهي. جيڪڏهين سندس راھہ ۾ خرچ ڪيل پئسو يا طاقت سڌيءَ طرح ساڳي روپ ۾ نہ ٿي موٽي ملي تہ بہ وڪڙ سان ٻئي ڪنھن نموني اُن جو ڦل ضرور ملي ٿو. تنھن ڪري خود غرضيءَ جي خيال کان بہ ڪشاده دل ٿيڻ جو رستو وڌيڪ لاڀدائڪ آهي. توهان بہ اهڙي نيتي اختيار ڪريو جھڙي اسان جي منوءَ (يعني مون) اختيار ڪئي آهي. ڪيترين ڳالھين ۾ هوءَ مون کان بہ وڌيڪ ڪشاده دلي ڏيکاريندو آهي؛ توڙي جو مان کيس ڳالھہ جو ٻيو پاسو بہ ڏسيندو آهيان تڏهن بہ ائين سمجهندو آهيان تہ سندس فراخدليءَ واري نيتي ٺيڪ آهي. پنھنجي گهران پئسو لائي بہ بيمار جو تدارڪ ڪندي آهي. توهين ايشور سان ليکو نہ ڪريو تہ هو بہ توهان سان ليکو نہ ڪندو. دنيا توهان کي آرسيءَ وانگر اهڙي نظر ايندي جھڙي منجهس پائيندا.“
***


28-2-1960ع مٿين مضمون ۾ جنھن ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيل آهي اُهو اسان وٽ ڪجهہ وقت کان ايندڙ آهي ۽ گهڻو هري مري ويو آهي، ايتري قدر جو کيس پنھنجي ڳوٺ ۾ ايترو آرام نہ ايندو آهي جيترو هت لاڙڪاڻه ۾؛ گهڻو ڀاڱو پنھنجي وقت جو لاڙڪاڻه ۾ اسان وٽ هوندو آهي. سندس من ساڌ سنگ ڏي مائل آهي. سڄو ڏينھن يا ٻاڻيءَ جي پڙهڻ جا موقعا پيو ڳولھيندو يا گيان چرچا پيو ڇيڙيندو آهي. هن سام کان هڪ سوال ٻاڻي پڙهندي پڇيو جو هي آهي: ”مانک جوڻ ڦري سگهي ٿي يا نہ؟ يعني مانک جوڻ ڇڏائي قدرت آتما کي ٻيو جنم ڏئي سگهي ٿي يا نہ؟“
سام جواب ڏنو تہ ”ڌرمي سکيا ڏيندڙن جو اهو خيال آهي تہ آتما پنھنجي اڇا سان جنم وٺي ٿي ۽ قدرت جو مٿس ٻيو ڪو زور ڪونہ ٿو هلي، سواءِ سندس ڪرمن مان پئدا ٿيل سوڀاءَ جي، جيڪي ان کي ڇڪي ڪنھن خاص ريت ڏي مائل ڪن ٿا. انھن ڳالھين بابت ڪا اکين ڏٺي ثابتي ڏيئي نہ ٿي سگهجي پر عام طور ائين کڻي چئجي تہ انسان جي پدوي ڇڏي آتما حيوان جي پدوي ڇو پسند ڪندي؟ پر انسان ۾ ڪيترا انسان فقط نالي طور انسان آهن؛ هنن جا ڪرم ۽ وحشاني تمنائون کين حيواني درجي جي ويجهو رکن ٿيون. جنھن ماحول ۾ ماڻھو رهي ٿو اُنھيءَ جا اثر ضرور مٿس پون ٿا ۽ انھن اثرن پوڻ ڪري جيڪي هو ڪرم ڪري ٿو سي نہ رڳو سندس من جو لاڙو ڏيکارين ٿا پر سندس اڇائن کي پڻ جوڙن ٿا. ڪرم انھيءَ ڪري هڪ پاڻيءَ جي گٺ مثل آهي جو وهندڙ پاڻيءَ کي ڪنھن خاص نشيب ڏانھن مائل رکي ٿو، ۽ جھڙو ٿانو اهڙي پاڻيءَ جي صورت! انھيءَ نموني پنھنجي اڇائن ۽ ڪرمن جي پٺيان آتما پنھنجي فطرت آهستہ آهستہ ڦيرائي سگهي ٿي. مثال طور اسين شڪار تي ويندا آهيون؛ جيڪڏهين اسين شڪار هڪ راند سمجهي نہ ڪريون ۽ پاڻ کي پنھنجي خيال جي ٻل سان هيٺ گهرڪڻ کان نہ روڪيون تہ بگهڙ يا ڪتي وانگر ذاتي طور شڪاري روح ٿي پئون ۽ اهڙيءَ طرح رهندي رهندي ٿي سگهي ٿو تہ اسان جي آتما ۾ شڪاري ڀاو جو واسو پڪو ٿي وڃي. پوءِ جي آتما پنھنجي اِڇا سان جنم وٺي ٿي تہ ڪھڙي مشڪل ڳالھہ آهي جي ٻئي جنم ۾ مانک ديھي ڇڏڻ بعد شينھن بگهڙ يا ٻئي جانور جي روپ ۾ واس ڪري! پر انھن ڳالھين بابت يقين سان ڪجهہ بہ چئي نہ ٿو سگهجي.
”وڏين آتمائن کي پاپ جي وچ ۾ يا ظاهري هنسڪ ماحول جي وچ ۾ رهندي بہ من جي ورتيءَ ۾ ڦيرو ڪونہ ٿو اچي؛ پر اهو سمجهڻ کپي تہ هوريان هوريان سالن يا جنمن جا ڪرم نوان ڀاو پيدا ڪن ٿا. ڪرم ماڻ يا گهڙي، گهگهيءَ ۽ گهاگهر مثل سجهيو. هيڏانھن ڀاؤ (جو پاڻيءَ مثل آهي) خالي ڪرم جي برتڻ کي معنيٰ دار بڻائي ٿو تہ هوڏانھن خالي برتڻ (ڪرم) ڀاو جي پاڻي اندر روپ ۽ گڻ سمائي ٿو. جئن پاڻيءَ ۾ بانس يا فقط واس پٿر جي مٽيءَ جو يا لوهيءَ گهاگهر جو يا ٺڪر جي مٽيءَ جو رهجي ٿو وڃي تيئن ڀاو تي بہ اثر ڪرم جو پئجي ٿو وڃي. مطلب تہ ٻنھين جو يعني ڀاو ۽ ڪرم جو هڪ ٻئي تي اثر پوي ٿو. وڌيڪ جوڻ مٽائڻ بابت ڪجهہ بہ خاطريءَ سان چئي نہ ٿو سگهجي.“
ڪتاب اڳتي پڙهندي ڊاڪٽر صاحب هن پائنٽ تي اچي پھتو تہ آتما جو آخري اونچي ۾ اونچو مقصد آنند ۾ سمائجڻ آهي.
سام چيو: ”آتما هميشہ آنند جي پڻ قائل نہ آهي ڀلا ويچار ڪريو تہ سرڳ يا آنند ۾ ڪيترو رهي سگهبو! ڇو نہ ڏينھن رات اُنھيءَ آنند ۾ آتما ٻڏل رهي تڏهن بہ اها حالت هيمشہ لاءِ جڳان جڳ ڪنھن کي قبول پوندي ۽ ڪيئن حاصل ٿيندي؟ ان ڪري ٻڌ ڌرم وارن نرواڻ پند ۽ صوفين وري نيستيءَ يا ڪين جو مڪان آخري منزل سمجهي آهي. مگر آنند يا نرواڻ کان پوءِ بہ تہ ڪجهہ آهي، جي آتما امر آهي. آتما کي يا ٻيءَ ڪنھن هستيءَ کي ڪا بيهڪ ڪانہ آهي تہ هي هڪڙو وهڪرو آهي جنھن کي اسين زندگيءَ جو درياھہ ڪوٺيون ٿا، يا سمجهو تہ هڪ تيز رفتار سان هلندڙ مشين آهي جنھن جا پارٽ بہ فقط نالا آهن، ڇا لاءِ جو پارٽن جا خود جزا بہ رفتار ۾ آهن؛ هن مٽيءَ جي ذري کي خوردبينيءَ سان ڏسبو يا هن ميز کي تہ انھن جي ائٽمن جي رفتار هڪ لک ڇھاسي هزار ميل هڪ سڪينڊ ۾ آهي. تڏهين هڪڙيءَ شيءِ کي اهڙي بيهڪ آهي جنھن کي ڪو نالو ڏيئي سگهجي؟ ان ڪري ئي ويدانت وارا، رشي وشثٽ جي ڪم آندل اکرن ۾ چوندا آهن: ’رام جي يه جڳ بڻيا ئي نھين!‘
”اهي خيال ڪندي تہ آتما ڇا آهي، انت ڇا آهي، جيوت ڇا آهي ۽ سرشٽي ڇو پئدا ٿي آهي وغيرہ، ماڻھوءَ جو مغز چڪر ۾ اچي وڃي ٿو. عقل اتي ٿڪجي پوي ٿو ۽ ڪو تسلي بخش ڏس ڏيئي ڪونہ ٿو سگهي. جتي عقل ٿڪجي پوي ٿو پريم پر گهٽ ٿئي ٿو. پريم جي لوڙ محسوس ڪجي ٿي ڇا لاءِ جو اُن پريم جي وسيلي ئي اُها هيڪڙائي هن آد پرش سان (قدرت چئوس يا زندگي چئوس اُنھي سان) حاصل ڪري سگهجي ٿي. پريم ئي اها هاج پوري ڪري سگهي ٿو، تنھن ڪري آنند، نرواڻ نيستي وغيرہ مقصدن کان وڌ اسين پريم جي پورنتا چاهيون ٿا؛ پريم وشو سان هيڪڙائيءَ آهي جي واٽ ڏسي ٿو. وڌيڪ ڳالھين مان اسان جو ڪھڙو مطلب تہ ڇا انت آهي يا ڇو هي سڀ پئدا ٿيو آهي؟“
ڪتاب ۾ اڳتي پڙهندي پنجن وڪارن يا پنجن دشمنن جو ذڪر آيو؛ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موھہ ۽ اهنڪار، سام چيو: ”اهي پنجئي وڪار هڪ ئي نفس جا نالا آهن.“
ڊاڪٽر چيو: ”سڀ هڪ ڪيئن آهن؟ ان جا هي جدا جدا روپ ڇو ڏسون ٿا؟“
سام چيو: ”نہ فقط اهي پر سڀ روپ هڪ ئي چيز جا آهن.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”بديءَ ۽ نيڪيءَ جي جدا اصولن ۾ توهان جو اعتقاد آهي يا نہ؟“
سام چيو: ”جي ٻہ شيون هجن ها تڏهن بہ جڳان جڳ گڏ رهندي جيڪر هڪ ٿي وڃن ٿا. ويتر هت تہ ائين چيو ٿو وڃي تہ تت سڀني ۾ ساڳيائي پنج آهن. پوءِ اُتي ٻيائيءَ جو سوال ئي ڪونہ ٿو رهي. هڪ شيطان ٻيو ﷲ يا پنج دشمن ۽ ٻہ مقام سرڳ ۽ نرڪ وغيرہ جا ويچار سڀ محدود خيال جو دائرو ڏيکارين ٿا ۽ اڻ پوري ڄاڻ مان پئدا ٿين ٿا. مگر اُها نظر جيڪا سڀ کي هڪ ڪري ڏسي ٿي اُها ڪا وڏي رٿ خيال ۾ رکي ٿي، جنھن ۾ هي سڀ ننڍيون رٿون ۽ انھن جون شڪليون، روپ وغيرہ سمائجي وڃن ٿا؛ انھيءَ لاءِ نہ ڪي پاپ ۽ وڪار آهن نہ دشمن. فقط اکٽ پريم ئي انھن لاءِ ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇھڻ ۽ هنڊائڻ وغيرہ جو هڪ رستو آهي.“
***


8-3-1960ع هن کان اڳ هوموپٿي جي ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيل آهي، جو گهڻو وقت اسان وٽ اچي ٽڪندو آهي. هو بہ چئجي کڻي تہ هڪ ڳولھائو آهي، ڇا لاءِ جو جتي ڪو ساڌو يا فقير ايندو ٻڌي يا ڪو ڀڄن ڀاءُ ٿئي تہ اُت مڙيوئي حاضر هوندو آهي. اسان جي ست سنگ مان شايد کيس گهڻو مزو ڪونہ ايندو آهي، پر تنھن هوندي بہ هن نموني جي رهڻي ڪھڻي، کليل گهر ۽ باغ ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي وندر، هن کي شايد وڻندي آهي. هو ايترو هري ويو آهي جو ڪا بہ اٿڻ ويھڻ ۾ ابتي ڳالھہ ڪندو آهي تہ سام کيس بنا حجاب چئي ڏيندو آهي ۽ مٺن لفظن ۾ کيس پنھنجي قانون تي آڻيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪالھہ سام کيس چيو تہ ”سائين! توهان پنھنجي جي ڪمري جي حد ۾ پريئر ڪندا ڪريو ڇا لاءِ جو لاڳيتو ٻيو ڪمرو مھمانن جي لاءِ آهي؛ اتي دخل گهٽ ڪريو جيئن هو ڪا تڪليف نہ محسوس ڪن.“ ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اُتي ديديءَ جي بہ اچ وڃ آهي، تنھن ڪري ڪمرو خالي نہ هوندو آهي تہ مون کي ايڪانت لاءِ ٻئي ڪمري ڏانھن وڃڻو پوندو آهي.“
سام چيو: ”تڏهن سڀ کان سٺو، توهين منھنجي ٺاهيل جهوپڙيءَ ۾، يا ڪوٺي جي مٿان، وڃي ويھندا ڪريو!“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اُتي من ايڪاگر نہ ٿو ٿئي ڇا لاءِ جو کليل هوائون ۽ پکين جون ٻوليون وغيرہ آهن، جنھن ۾ منھنجو خيال ٿڙي وڃي ٿو.“
سام عجب ۾ پئجي چيو: ”اها ڪھڙي ايڪاگرتي ڳولھيو ٿا ۽ انھيءَ جو ملھہ ڇا آهي؟ ڇا توهان جو من ٻاهرين هوائن لڳڻ سان اُڏي وڃي ٿو؟ تڏهن تہ توهان کي چوندو آهيان تہ توهان اڃا اُها واٽ ئي ڪانہ ورتي آهي جت ٻاهريون هوائون تہ ڇا پر خود اندر جا طوفان، جيڪي اسان جون خواهشون ۽ تراسون گڏجي پئدا ڪن ٿا، من جي دکن جا بادل ۽ انھن جا گوڙ گهمسان، سي پڻ خيال کي لوڏيءَ نہ ٿا سگهن ۽ ان کي ئي چئبو آهي ايڪاگر ٿيڻ. هي ٻاهريان طوفان تہ ڪجهہ بہ ڪونہ آهن. پر توهان کي تہ هي بھارن جون هيرون، پکين جون مٺڙيون ٻوليون ئي ڪونہ ٿيون وڻن جن سان اسان جي رشين جون ٻيلن ۽ آشرمن ۾ روح رهاڻيون هونديون هيون ۽ جي سچ پچ نيومن کي انھيءَ موج جي ويجهو پھچائين، جا خود ايڪاگر ٿيڻ جو مقصد آهي.
”توهان کي مدد ڪرڻ جي بدران اهي توهان جي من کي ٿيڙي ٿيون وجهن! گهگهہ ۾ ويھي ڪھڙي ايڪاگرت ڳولھيو ٿا؟ گهرجي تہ اها ايڪاگرتي حاصل ڪريون جو زندگيءَ جي هر پھلوءَ ۾ صبح کان شام تائين، گوڙ ۽ هلچل جي وچ ۾، ڪمن ڪارين ۽ زماني جي چنتائن هوندي ۽ خود ننڊ ۾ بہ پنھنجي پريم ۾ پر رهون ۽ اهو آنند هر هميشہ پيا ماڻيون!“
ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”معاف ڪجو جيڪڏهن اڄ مان اوهان کان هڪ سڌو سوال پڇان. توهان بہ سنت تہ آهيو ئي پر مان پڇڻ گهران ٿو تہ اوهان اها شيءِ حاصل ڪئي آهي؟ اُها جوت ڏٺي اَٿو؟“
سام زور سان چيو: ”مان قسم کڻي چوان ٿو تہ اها شيءِ تہ ٻي ڳالھہ آهي پر اسان اصل اها شيءِ پاڻ آهيون. توهان بہ اهائي ذات آهيو پر توهان پاڻ کي سڃاڻو ڪونہ ٿا.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اها تہ ڳالھہ سچي آهي پر ڪيئن سڃاڻجي؟“
سام چيو: ”اهو ڪم هڪ گهڙيءَ جو نہ آهي؛ شايد اتي جنمن جو ليکو آهي.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”ائين هرو ڀرو نہ آهي. چوندا آهن تہ گروءَ جي درشٽيءَ سان گيان کن ۾ حاصل ٿي ويندو آهي.“
سام چيو: ”جيڪي جنمان جنم پريم يا گيان جا پيالا پي پر ٿي ٿا اچن، انھن کي برابر هڪ سرڪي ملڻ سان ئي نشو ٿي ٿو وڃي. پر ان سرڪيءَ جو ملڻ خود جنمن جي ڪرم جو نتيجو آهي يعني پورن گرو بہ ان کي ملندو جنھن جو دل ۽ من گروءَ جي سڃاڻڻ لاءِ تيار هوندو، جنھن جي ڪرمن جي ڪمائي کيس انھيءَ پڇاڙيءَ جي منزل طيءَ ڪرڻ لاءِ طاقت ۽ سمجهہ ڏني هوندي.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”گرو پنھنجي شڪتيءَ سان ۽ پنھن جي گيان سان سنواري سڌاري جلد ئي منزل تي رسائي نٿو سگهي ڇا؟“
سام چيو: ”پنڌ پنھنجي پيرن سان کٽندو آهي؛ نہ وري گرو ڪو ماستر آهي جو ويٺو ٻار کي سڄو ڏينھن سکيا ڏي؛ توهان چوندا آهيو تہ منھنجي گروءَ مون کان هي وچن ورتا آهن پر اها تہ ڳالھہ ئي ان منزل تي ڪانہ آهي.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”ڇا، گرو سيکاري ۽ سنواري نٿو سگهي؟“
سام وراڻيو: ”انھيءَ نموني نہ؛ پريم مان سڀ ڪي حاصل ٿي سگهي ٿو. جئن سلو، هوا، اس، پاڻي، مٽيءَ جي ميلاپ سان نپجي ٿو، تيئن هي دل من جو ٻوٽو پريم جي ماحول ۾ پختو ٿئي ٿو. اهو گرو ڪھڙو جيڪو وچنن ۽ ٻنڌنن تي اعتبار ڪري ويھي رهي ۽ پنھنجيءَ پريم جي طاقت تي ڀروسو نہ رکي! گرو هڪ همراه آهي؛ سنگتي آهي؛ يا سمجهو روحاني ماتا پتا آهي ۽ جئن ماتا پاتا پنھنجي اکٽ پيار سان ٻار کي ننڍي اوسٿا ۾ نپائن ٿا تيئن گرو هٿراڌو حيلن بنا، پنھنجي پريم دوران، دل ۽ من کي پر ڦلت ڪري ٿو. در حقيقت توهان اڃا گرو ڪيو ئي ڪونہ آهي! اڃان ڪرڻو اٿو.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”مان جو وچن ڏيئي شبد وٺي آيو آهيان، اهو گرونہ ڪيو اٿم تہ ڇا ڪيو اٿم؟“
سام چيو: ”انھيءَ کي گرو ڪرڻ نہ چئبو آهي. جڏهين توهان جو من وڃي پنهجي گروءَ ۾ سمائجي، انھيءَ جو اٿڻ ويھڻ رهڻي ڪھڻي توهان کي ازخود اونچي ڏسڻ ۾ اچي ۽ پنھنجو پاڻھي دل پنھنجي ئي طلب سان ان جي نمونا، طريقا، اپنائي ۽ سندس عادتون علم طور توهان جي خود پنهجا طريقا ٿي وڃن، تڏهين سمجهو تہ توهان گرو لڌو آهي. پر هن حالت ۾ تہ وچن ڏئي ٿا اچو تڏهين بہ مڇيون، گوشت اسان وٽ کائي وچن ڀنگ ڪري ٿا ڇڏيو! پوءِ ڪيئن چئجي تہ اوهان گرو لڌو آهي؟ وچن اهي ڇوٿا ڀنگ ٿين؟ جي سچي شرڌا هجي تہ ائين نہ ٿئي. فقط شبد وٺي گرو ڪونہ ڪبو آهي پر شرڌا ۽ پريم سان ملندو آهي.“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”آهستي آهستي ئي تہ من ٺهندو آهي. تنھن ڪري ئي هي ساڌن پڻ من کي ايڪاگر ڪرڻ جا ڪجن ٿا.“
سام چيو: ”ڀائي ڊاڪٽر اهي تہ ڳالھيون ئي پريم جي مارگن ۾ ڪونہ آهن؛ خبر نہ آهي ڪٿان ٻڌيون ۽ پڙهيون اٿو. نہ انھن قسمن ۽ ڪوششن سان من ٺهندو نہ ايڪاگر ٿيندو. من جي چڙي هوا ۾ تہ ڪونہ بيھي رهندي؛ ڪنھن وڻ تي ضرور ويھي. ڪنھن جو من دنيا جي سکن تي تہ ڪنھن جو نالي ناموس جي وڻ تي تہ ڪنھن جو ڪنھن ٻئي آسا جي درخت تي آشيانو اڏي ٿو. هڪ شوق يا هڪ مقصد تڏهين ڦٽي ڪري يا ترڪي سگهجي ٿو جڏهن ٻيو ڪو ان کان وڏو شوق يا عشق پئدا ٿئي ٿو. تنھن ڪري هي سڀ پريم يا عشق جو معاملو آهي ۽ نہ حيلن بھانن جو. توهان جي من جي چڙي پنھن جي گروءَ جي پريم جي وڻ تي سچ پچ ويٺل آهي تہ پوءِ من چلانمان ڇو ٿو ٿئي ۽ پکين جي چرپر تي يا گوشت مڇيءَ جي سوادن تي توهان جو قسم ڇو ٿو ڀلجي وڃي؟ تنھن ڪري وڃي انھن ڳالھين تي وڌيڪ ڌيان ڪريو.“
***


11-3-1961ع باغ ۾ پراڻا گل موسم جا ڪڍي، ٻاريون صاف ڪري جڏهين سام ۽ گرڌاري ورانڊي ۾ آيا تڏهين سام پٺتي نظر ورائي ٻارين ڏانھن ڏسي چيو: ”هينئن خالي ٻاريون پاڻ سٺيون ٿيون لڳن! اُهي ئي ٻاريون جتي نوان گل بھار جا اُسرندا ڏسي خوش ٿيندا هئاسون اڄ پنھنجي هٿن سان گل ڪڍي خالي پڌر ڪري آيا آهيون ۽ ائين ڪھڙيون نہ صاف ۽ سٺيون لڳن ٿيون. ڪڏهن بر ۾، ڪڏهن باغ ۾، ڪڏهن ڊاٺ ۾، ڪڏهن اڏاوت ۾، ڪڏهن غم ۾ ڪڏهن خوشيءِ ۾ ساڳي موج پيا ماڻيون! وڌيڪ گرڌاريءَ ڏانھن منھن ڦيري چيائين ”انھيءَ موج کي هر حال ۾ بحال ڪرڻو آهي!“
***
26-3-1960ع ڪالھہ هوموپٿيءَ واري ڊاڪٽر سام کان مانيءَ وقت هڪ سوال پڇيو: ”توهان (سام) جو منھنجي ڪلھن تي هٿ رکيا سي ڪھڙي خيال سان رکيا هيو؟“
سام چيو: ”توهين پاڻ ڇا ٿا سمجهو؟“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”شايد آسيس ڪرڻ جي ارادي سان ۽ پيار جي نموني!“
سام چيو: ”پيار تہ برابر هيو پر آسيس شايد مون پاڻ توهان کان ورتي هجي!“
ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”سو ڪيئن؟“
سام چيو: ”آسيس اُهو واھہ يا نائڪو آهي جو ٻہ طرفو وهندو آهي. پاڻيءَ جو وهڪرو هڪ پاسي ٿيندو آهي مگر دل جي درياھہ جو وهڪرو ٻنھين پاسي ٿيندو آهي؛ آسيس ڏيڻ سان آسيس ملي ويندو آهي ۽ انھيءَ جو ڏيڻ وٺڻ هڪ ئي ڳالھہ آهي.“
***


28-3-1960ع ڪالھہ اسان وٽ صوفي ست سنگ هيو. صوفي فقيرن ۾، اگرچ انھن مان ڪيترا اڻ پڙهيل هوندا آهن، خيال ’ھمہ اوست‘ جو ايترو تہ ڦهليل آهي جو انھن مان سادا سودا ماڻھو بہ وڏيون گيان جھڙيون ڳالھيون چئي سگهندا آهن. ڪالھہ هڪڙي فقير ائين چيو تہ هاٿي ۽ ڪول ۾ هڪ جيترو ﷲ اٿو! متان سمجهو تہ هاٿي وڏو آهي تنھن ڪري اُن ۾ ﷲ گهڻو آهي! ٻئي فقير وري ائين چيو تہ سڀ ﷲ اٿو! اهو خيال گرڌاريءَ ۽ چمٽوءَ کي گهمڻ وقت سمجهائيندي سام چيو: ”صوفي جڏهن اناالحق جو نعرو هڻن ٿا تڏهن حقيقت ۾ هو ويچارا پاڻ کي ﷲ نہ ٿا سڏائن پر چون ٿا تہ اسين پاڻ آهيون ئي ڪونہ؛ فقط ﷲ آهي! هاڻي جي سڀ ڪجهہ ﷲ آهي تہ تون ڇا آهين ۽ مان ڇا آهيان؟ انھيءَ خيال ۾ حقيقت ڪري وڌ ۾ وڌ نمرتا جو اظھار ڪن ٿا تہ هي مان نہ آهيان؛ مان ڪجهہ بہ نہ آهيان؛ ﷲ فقط آهي؛ يعني هڪ هستي فقط هت رهي ٿي ۽ ٻيون سڀ هستيون انھيءَ جا روپ ئي آهن. انھيءَ خيال پٽاندر مٽي (Matter) بہ ﷲ آهي، تہ روح بہ ﷲ آهي. در اصل سڀ هڪ شيءِ آهي؛ انھيءَ کي فقط سمجهڻ خاطر ٻن ڀاڱن ۾، روح ۽ جسم ۾، ورهايون ٿا. ٽه مورتيءَ جي خيال وارن ٽن ڀاڱن ۾ ورهائين ٿا؛ ويدانت وارا پنجن ئي تتن ۾ ان کي ڏسن ٿا. هي تت بہ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي کان صفا جدا خيال ۾ آڻڻ مشڪل آهن. آلھہ جو احساس هوا مان يا ڪنھن جسي مان ئي معلوم ٿئي ٿو ۽ اگني خود Matter نہ آهي تہ ڇا آهي، جيتوڻيڪ اها گرم آهي ۽ مٽي ٿڌي آهي؟ مٽيءَ ۾ خود اگني سمايل آهي. ڏسو سائنس جي اوزارن سان تہ مٽيءَ جي جوڙ ائٽمن وغيرہ جي سلسلي سان ٺھيل آهي جنھن جا جزا چون ٿا تہ هڪ لک ڇھاسي هزار ميل هڪ سيڪنڊ ۾ گول ڦرن ٿا، يعني هيءَ مٽي سمجهو تہ اليڪٽرسٽي آهي. جدا جدا شين ۾ ساڳي ئي بجلي آهي فقط ان جي جزن ۾ بيهڪ نرالي آهي. اهڙي طرح جزن جو هڪ ٻئي سان واسطو آهي ۽ سڀ جزا گڏجي هڪ ئي وستو بڻائن ٿا جنھن جا روپ ۽ ديدار انيڪ آهن. انھيءَ خيال کان رشي ياگيولڪ جي ڳالھہ جيڪا توهان کي اڳ ٻڌايل آهي سا وري ويچاريون: سندس پٽ برهم جي ڳولھا ٿي ڪئي؛ هن پنھنجي پتا کان پڇيو جنھن چيس تہ تون وڃي پاڻ ڌيان ڪر. تڏهن هن پھريائين ڏٺو تہ ’انم‘ برهم آهي. انم (Matter) سڀ شيءِ جو بنياد آهي. رشيءِ چيس تہ برابر، پر وڃي وڌيڪ ويچار ڪر. وري وڌيڪ ويچار ڪندي سمجهيائين تہ ’پرانم‘ (Life force) برهم آهي؛ وڌيڪ ويچار ڪندي ڏٺائين تہ پران تہ هڪ گهوڙي مثل آهي جنھن جي رئن من آهي، تنھن ڪري چيائين ’منم‘ (Mind) برهم آهي؛ تڏهن بہ رشيءِ چيس تہ وڃي وڌيڪ ويچار ڪر؛ پوءِ هن ڏٺو تہ من جي گهوڙي جو ڪو هلائيندڙ گهرجي نہ تہ وڃي کڏ ۾ هڻندو؛ تنھن ڪري ائين نظر آيس تہ ’گيانم‘ (Knowledge) برهم آهي؛ پر اُهو گيان جو عقل جي دليلن تي ٻڌل نہ آهي، سو ئي من کي سڌو هلائي سگهي ٿو. گيان جو بنياد وگيان (Science) آهي يا ان کي آزمايل گيان ڪري چئجي. تنھن ڪري وري چيائين ’وگيانم برهم‘؛ پر آخر ڏٺائين تہ اها اڃا ٻي ڪا شيءِ آهي جا پئي هن سرشٽيءَ سڄيءَ کي هلائي؛ ان جو نالو آهي آنند، يعني آتما جي موج، ان منجهان ئي هي ڪارخانو متل آهي. تڏهن آخرين واڪ ڏنائين: بابا ’آنند برهم‘ يعني برهم آنند آهي!
هاڻي اهي سڀئي ساڳئي برهم جا روپ آهن. منم برهم يا آنندم برهم بہ سڀ انم برهم ۾ سمايل آهي ۽ اتي پيو ٿو پنھنجا کيل ۽ رنگ رچائي. ساڳي طرح صوفي چون ٿا تہ سڀ کان اتم روپ ﷲ جو عشق آهي. عشق انھيءَ موج يا آنند جو ٻيو نالو آهي. عشق مان سڄو اسرار بڻيو آهي.
”ٻي ڳالھہ جا توهان ٻنھين کي مشڪل سمجهڻ ۾ آئي هوندي سان هيءَ آهي تہ مرشد يا گروءَ کي هو ﷲ ڇو ڪري ٿا مڃين؟ پھريائين تہ جئن اسان اڳ ۾ چيو آهي تہ جت ڪٿ ﷲ ئي آهي. پر ان جو خاص روپ مرشد ئي بڻي سگهي ٿو. ڀلا ﷲ نيٺ ڪٿي ڏسڻو آهي؟ سڀ کان سندس وڌيڪ سھڻو نظارو ڪٿي ملندو؟ وڻ ٽڻ، جيو، جنت، پھاڙ، ۽ پاڻيءَ ۽ هوا وغيرہ ۾ بہ ان جو برابر واسو آهي پر هن سڄي سرشٽيءَ ۾ اتم جوڙ انسان جي آهي؛ يعني انسان ۾ ئي هن سڀ کان وڌ پاڻ پڌرو ڪيو آهي. گرو يا مرشد اهو انسان آهي جو چيلي يا مريد کي سڀ کان وڌ پورن نظر اچي ٿو؛ تڏهين تہ انھيءَ کي مرشد يا رهبر ڪجي ٿو؛ پوءِ جي اهو سڀني پسند آيل گهڻن جو سروپ آهي تہ مريد ليءَ ﷲ جو روپ نہ ٿيو تہ ٻيو ڇا ٿيو؟ ڀلا ﷲ ڪنھن عرش ۾ لڪو تہ ڪونہ ويٺو آهي؟ ضرور هن کي سندس ڪنھن ظاهر ڪيل روپ دوارا ڏسڻو آهي، ورنہ اهو هڪ خيالي سودائي چيز آهي. مرشد جي صورت جنھن ۾ طالب جي دل جا سڀ آدرش سمايل آهن، انھيءَ پرم هستيءَ جي ڏسڻ لاءِ سٺي ۾ سٺي آرسي آهي. هونءَ بہ ويچار ڪيو تہ ڪرشن جي يا ٻڌ جي يا ٻئي ڪنھن اوتار جي سچي تصوير تہ ڪنھن کي ڪانہ ملي آهي؛ هڪ تصوير ٻئي کان نرالي آهي؛ اُهي شرڌالو ڀڳتن پنهجي پنھنجي خيال موجب کينچيون آهن. اُهي بہ ﷲ جا ئي روپ هئا پوءِ ڇو نہ جيئرن روپن ۾ کيس ڳولھيون؟ ٻئي ڪنھن هنر واري آر ٽسٽ جي پسند ڪيل يا جوڙيل تصويرن کان بھتر اُها تصوير آهي جا اسان سچ پچ ڏٺي هجي!“
چمٽوءَ ڏانھن منھن ڪري چيائين: ”ان ڪري پڻ توکي چوان ٿو تہ تڪڙ ڪري ڪنھن ۾ بہ گرو چيلي واري شرڌا نہ رک؛ اُهو ماڻھو ڳولھہ جيڪو تو لاءِ انھيءَ پرم هستيءَ جي صورت جو آئينو ٿي سگهي؛ جنھن ۾ تنھنجو وشواس ٻجهي. عام طور سڀ ڪنھن لاءِ گرو ڪرڻ بہ ضروري نہ آهي، مگر ڪنھن خاص مارڳ تي هلندڙ لاءِ، مرشد جي معرفت يعني سرگڻ روپ دوارا، پر ماتما جو ڌيائڻ آسان ٿئي ٿو. تون پنھنجي لائين خيال جي اول مقرر ڪر تہ ڪھڙو مارڳ توکي وڌيڪ وڻي ٿو. ۽ ان مارڳ تي هلندڙ ڪير توکي وڌيڪ پاڻ ڏي ڇڪي ٿو.“
چمٽوءَ چيو: ”مون خيال ڪري ڇڏيو آهي.“ سندس اشارو شايد سام ڏانھن هيو.
***


29-3-1960ع هوموپٿيءَ جي ڊاڪٽر سان، رات جو سمھڻ وقت، ڪجهہ نہ ڪجهہ گفتگو پيو هلندو آهي. گفتگو ڪندي هن هڪ عجيب سوال سام کان پڇيو، جو هي هو: توهان جو شعرن ۾ يا ٻيءَ طرح هم اوست واريون ڳالھيون ڪريو ٿا يا ’اهم برهم‘ جو نعرو هڻو ٿا، ان بسنبت مون کي هي پڇڻو آهي تہ اُهو مڪان يا اها اوسٿا جنھن ۾ برهم جو درشن ٿئي ٿو سا اوهان کي سچ پچ معلوم آهي؟“
سام کيس چيو: ”ائين چوڻ ٻٽاڪ نہ هجي تہ مان جيڪر توهان کي ٻڌايان تہ نہ رڳو اُهو مڪان مون کي معلوم آهي پر اُهو مڪان يا اُها شيءِ پاڻ ۾ آهي. توهين فقط پاڻ کي پوري طرح ڏسو ڪين ٿا ۽ پاڻ کي اجاين ڀولن ۾ ڀلايو ٿا. ڀلا ذات جي پئداش ذات کان الڳ ڪيئن ٿي سگهندي؟“
ڊاڪٽر صاحب چيو: ”جيڪڏهين ائين هجي تہ پوءِ انھيءَ شيءِ ڏسڻ لاءِ ۽ انھيءَ رس چکڻ لاءِ توهان وٽ ماڻھن جا وڏا ميڙ ڇونہ ٿا اچن؟“
مون چيو: ”فقير جيڪي غفائن ۾ رهن ٿا ۽ جيڪي ايڪانت پسند ڪن ٿا، ڇا اُهي ان مارگ تي پھتل ڪين چئبا، ان ڪري جو وٽن گهڻا ماڻھو ڪين ٿا اچن؟ توهان تہ گفائن وارن جا هميشہ پياسي هوندا آهيو!“
سام چيو: ”ڊاڪٽر صاحب، اسان تہ ڀائي هيءُ ماڻھو بہ گهڻا ٿا سمجهون. گهڻن ماڻھن جو اچڻ پاڻ کي جيڪر وڻي بہ نہ. اها ڪا ساڌپڻي يا ڪماليت جي نشاني هجي تہ اهي نشانيون ٻاون ٻانڀڻن ۽ ملن وٽ وڌيڪ ملندو.“
اتي سام ڪجهہ نمرتا ڀاو ۾ چيو: ”ڀائي اسان جا تہ اٿو رڳا بم ۽ ٻٽاڪون؛ توهان ڀل پنھنجي خيال تي پڪا رهو.“
ڊاڪٽر مون ڏانھن منھن ڪري چيو: ”دادي اوهان جي بہ ورتي ٺيڪ نہ آهي؛ دوئي ڀائو اڃا توهان ۾ بہ آهي. ان ڏينھن رتيديري مان توهان کي هڪ ساڌوءَ وٽ وٺي هليو هيس؛ اُن هڪ گيان گوشٽ شروع ڪيو تہ توهان ڄڻڪ نفرت مان اٿي هليا ويا.“
منھنجي پاران سام کيس جواب ڏنو: ”اها ڳالھہ هينئن آهي تہ انھيءَ ساڌ پنھنجي دل جي ديد سان اسان کي ڪونہ ٿي ڏٺو ۽ يڪدم ليڪچر بازي شروع ڪيائين. تڏهن بہ مون کي اهڙن حالتن ۾ ماٺ وڻندي آهي ۽ منوءَ کي مون اُتي بہ چيو هو تہ چپ ڪري ٻڌ؛ مگر هوءِ جيڪڏهين چپ ۾ نہ رهي تہ ان لاءِ بہ هن کي ڏوھہ ڏيئي ڪونہ ٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو سندس حالت ساڳي هئي جا جنيد بغداديءَ جي اوهان کي ٻڌائي هئيسين؛ جڏهين جنيد پنھنجي سواميءَ سري سڪتيءَ جي چوڻ تي ساڻس گڏجي ملڪ جي امير وٽ ويو، تڏهين اهو امير پنھنجي ڪمن ۾ مشغول هيو ۽ پورو ڌيان ڪونہ ڏنائين؛ اتي جنيد کي اهڙي چڙ آئي جو چون ٿا تہ هن هڪ شينھن جي صورت اختيار ڪئي ۽ ڀريءَ سڀا ۾ گجڻ لڳو؛ آخر سندس مرشد اها ڳالھہ امير کي سمجهائيندي چيو تہ توهان دنيوي حاڪم آهيو؛ توهان جيڪڏهين پاڻ اسان فقيرن وٽ ڪھي اچو ها تہ توهان کي روحاني لاڀ حاصل ٿئي ها؛ مگر اسان درويشن جو حاڪمن جي سڏ تي اچڻ ائين ٿو لڳي ڄڻ ٽيھن سالن جي عبادت اسان جي گم ٿي ويئي! تڏهن سام ڊاڪٽر صاحب کي چيو تہ اوهان بہ پنھن جي دل تي هٿ رکي ڏسو تہ سرلا جا سڀني جي هيتري شيوا ڪري رهي آهي ۽ گيان ۾ بہ ڪنھن کان گهٽ نہ آهي، تنھن کي جو ڪو ويھي پرمارٿ جا ڏس ڏئي ۽ ليڪچر ڪري ٻڌائي تہ هن کي جنيد وانگر چڙ نہ لڳندي تہ ڇا ٿيندو؟ مان تہ چپ ڪري اهي ليڪچر ٻڌڻ ويھي رهيس پر جئن جنيد کي سري سڪتيءَ جي نرآدر تي ڪاوڙ آئي تيئن سرلا کي بہ ڪاوڙ جو سبب هو، ڇا لاءِ جو فقير جو ڪم آهي تہ فقير کي سڃاڻي ۽ ائين نہ سمجهي تہ جيڪا خلق وٽن اچي ٿي سا رڳو پيرين پوڻ يا پٽ وٺڻ يا ٻئي ڪنھن سوال ڪرڻ لاءِ اچي ٿي. هو جيڪڏهين ڪنھن روحانيت وارو هجي ها تہ اسان جي سڄي ٽولي جو فقيري نموني سان آڌر ڪري ها؛ خاص ڪري ان حالت ۾ جو پنھنجي تر جا ماڻھو هئاسون ۽ هڪ ٻئي جا ٻڌل سڌل هئاسون.“
ڊاڪٽر صاحب تي انھيءَ ڳالھہ جو ڪافي اثر پيو. پوءِ صبح جو وري سام کيس پنھن جون ڪي شخصي ڳالھيون ٻڌايون؛ کيس چيائين: ”گهڻن ماڻھن جو اچڻ ڪن حالتن ۾ رنڊڪ اٿو. لاڀ فقط اُهي وٺي سگهن ٿا جن کي سچي پياس ۽ سمجهہ آهي، باقي گهڻا ماڻھو رونشي ڪوڏيا يا وهمي ايندا تہ اهي رڳو پنھنجو ۽ ٻين جو وقت زيان ڪندا. اسان جي لاءِ تہ هي ست سنگ ٿورن ماڻھن جو ۽ هيءَ وندر گاني بجاني، شعر و شاعريءَ ۽ باغ بانيءَ جي ڪافي آهي. ياد اچي ٿو تہ ننڍپڻ جي وقت ۾ جڏهن منھنجي اوسٿا 20 سال مس هئي تڏهن پنھنجي اڀياس خاطر گهڻو ڪري سڄو ڏينھن هڪ ڪوٺي تي ويھي گذاربو هيو؛ فقط سويل صبح جو ضروري جهنگل وڃڻ جي ڪم لاءِ ۽ سئر لاءِ نڪربو هو؛ وري ڀينڀراڪي ۾ ئي گهر موٽي اچبو هو؛ ماڻھن سان گهڻي ڏي وٺ ڪانہ هئي، پر انھيءَ گوشي نشنيءَ جي ڪري ڳوٺ ۽ پسگردائيءَ ۾ ائين هلجي ويو تہ هيءُ هڪ ساڌو پراش آهي؛ جنھن بعد ماڻھن جي، خاص ڪري زالن ۽ ننڍن ڇوڪرين جي، اچ وڃ گهڻي ٿيڻ لڳي. اسان انھيءَ مان بہ پنھنجو مطلب سڌو ڪرڻ ٿي چاهيو. ۽ انھن کي اکري سکيا ڏيڻ شروع ڪئيسين؛ پر ائين گهڻن مائين جا وهم وڌندا رهيا ۽ آخر انھيءَ حد تي ڳالھہ پھتي جو جڏهن گهڻيون مايون اچن تہ مان ڪوٺي تي وڃي لڪان. هڪ ڇوڪريءَ تہ شادي ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري رهي هئي ائين چئي تہ مان ”ڀائڙا“ جي موڪلائڻ بنا ٻئي شھر ڏانھن ڪونہ ويندس. تڏهين ٻڍيون ۽ ننڍيون زالون حويليءَ جون مون کي ”ڀائڙا“ ڪري سڏينديون هيون. ڪي ٻڍيون زالون تہ پاڻ بہ نالين جي صفائيءَ وقت اچي مدد ڪنديون هيون؛ ويتر جو ڳوٺ جي نالين وغيرہ صفا ڪرڻ جو ڪم يا سوديشي ڪپڙي جي فئڪٽريءَ جو ڪم ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو ڪلاس شروع ڪيوسين تہ ماڻھو مون کي پورو پورو ”ساڌن“ ڪري سمجهڻ لڳا. پر جڏهن منھنجي شادي ٿي تڏهن تہ گهڻن جا وهم ٽٽي پيا. هاڻي ائين چئبو ڇا تہ جنھن وقت اسان وٽ گهڻا ماڻھو ايندا هئا تنھن وقت سچا ساڌن هئاسين ۽ شاديءَ کان پوءِ نہ؟ اهي تہ سڀ اڇاترا خيال آهن. ٻيا بيک بہ اسان گهڻا ڌاريا آهن، جھڙوڪ پھاڙن جون درگاهون ڏسڻ، ساڌن فقيرن سان سنگ ڪرڻ، قومي هلچل ۾ بھرو وٺڻ ۽ سوديشيءَ جو پرچار ڪرڻ، ڳوٺ سڌار سڀا ٺاهڻ يا اڪبر آشرم ڪڍڻ ۽ اديبن جي ماحول ۾ اٿڻ ويھڻ؛ مگر انھن سڀني ڳالھين جو تت سار وڃي ٿو انسان جي آتما اندر گڏ ٿئي جنھنجي درشني دل ۽ ان جا ويچار يا ڀاونائون آهن ۽ نہ ماڻھن جا ميڙ؛ انسان جو واڌارو اندروني ۽ نہ ٻاهرين ڪمن جي ڪاميابيءَ يا پکيڙ مان معلوم ڪري ٿو سگهجهي؛ نہ ظاهري ورتيءَ مان جنھنجو توهان کي گهڻو شوق آهي؛ يعني کاڌي پيتي جي ترڪ ڪرڻ وغيرہ، يا ان جي ڪنھن خاص طريقي اٿڻ ۽ ويھڻ پوڄا پاٺ وغيرہ مان ان جو اندازو لڳائي نہ ٿو سگهجي. کھرا اکر ڳالھائيندي، ابتو هلندي، اڪيلائي هوندي بہ اسين انھيءَ آتما کي اثبات ڪري سگهون ٿا. اها ڪا ٻي رمز آهي جنھن مان هن ڳالھہ جو انت پائي سگهجي ٿو. ويتر جيئن موت جي يادگيري وڌي ٿي تيئن هي سڀ شيون، ڳالھيون، ’پدويون‘، ’ورتيون‘ وغيرہ بي ڪار نظر اچن ٿيون. محبت يا پريم ئي هڪ ماڻ انسان جي روحانيت جو ٿي سگهي ٿو؛ ان کان سواءِ ٻي سڀ اُپٽار اجائي آهي.“
***