ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

4

19-8-1951ع هن ٻڌر جي ميٽنگ تي گوشت کائڻ يا نہ کائڻ تي پڻ بحث ڇڙيو؛ ڊپٽي صاحب چيو: ”مان ننڍپڻ کان گوشت ڪونہ کاوان؛ مان ماس کائڻ هڪ گناه سمجهندو آهيان.“
صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”توهان جو ان جي باري ۾ ڇا رايو آهي؟“
سام وراڻيو: ”ان سوال کي وڏي اهميت ڪانہ آهي. ڌرم گوگڙن ۽ بصرن تائين محدود نہ آهي ۽ نہ ان جو آخري فيصلو بورچي خاني جي ايوان ۾ ٿيڻو آهي.“
تنھن کان پوءِ سام پنھنجو هڪ آزمودو هن ريت سڻايو: ”مان ڪيترا سال گوشت ۽ مڇي ڪين کائيندو هيس. ان اصول تي ايترو پڪو هيس جو ولايت ۾ گهڻي مشڪلات محسوس ڪندي ۽ گهڻو وقت مسافريءَ ۾ رهندي به، مون ماس مڇي يا چرٻي وغيرہ اصل ڪونہ ورتايو؛ هڪ هڪ ريسٽارنٽ يا گهر ۾ اول ڪيترو وقت انھن جي مالڪن کي سمجهائڻو پوندو هو، جئن ڀُل ۾ چرٻي وغيرہ ڀاڄي ۾ ڪم نہ آڻين. پوءِ سر جڳديش چندر بوس جي کوجنا بابت پڙهيم تہ ڀاڄين ۽ وڻن کي بہ جيءُ آهي ۽ انھن جا بنيادي اصول جيوت جا پڻ ساڳيا آهن جھڙا جانورن جا؛ يعني ساھہ هئڻ يا نہ هئڻ جي اصول تي فقط ويشنو پڻو بيھي ڪونہ ٿي سگهيو. تڏهين بہ فقط مڇي کائڻ شروع ڪيم ۽ گوشت کي اڻ سھائيندڙ ۽ غليظ کاڌو ٺھرائي ان جو بھشڪار ٿي ڪيم؛ ڪيترن سالن کان پوءِ جڏهين ڪراچي ۾ اڪبر آشرم جو ڪم ٻين کي سونپي پاڻ طيب ۾ زمينداري ڌنڌي تي آيس تڏهين هڪ اڪبر آشرم جو ساٿي ڪراچيءَ مان مون سان طيب ملڻ آيو؛ هو ڄائي ڄم کان ماس ڪونہ کائيندو هو. طيب ۾ جو مون کي نئين سر گوشت کائيندو ڏٺائين، تہ مون کان پڇيائين: توهين هي راڪسي کاڌو ڪين ٿا ورتايو؟ مون کيس جواب ڏنو تہ هتي ڀاڄين ۽ ميون جي ايتري سھوليت ڪانہ آهي جيتري ڪراچيءَ ۾ هئي؛ تنھن کان سواءِ مون ڏٺو آهي تہ مالي (Economic) نقطہ نگاھہ کان ڇيلن ۽ گهيٽن جو گوشت بھشڪار ڪري نٿو سگهجي. کيس ٻڌايم تہ بروهي اسانجي زمينن ۾ هر سال ڪجهہ وقت لاءِ اچي ويھندا آهن؛ هنن کي وڏا ڌڻ رڍڻ ۽ ٻڪرين جا هوندا آهن، جن جي چرائي (جنھن کي پن چري چوندا آهن) روڪ پئسن ۾ ڪين ڏيندا آهن پر ان جي عيوض ڇيلا وغيرہ ڏيندا آهن. منھنجي طيب اچڻ تي جلد ئي هڪ بروهي پھرين قسط چار ڇيلا پن چريءَ جي عيوض ڪاهي آيو. تن مان ٻہ ڏنم ڪمدار جي سنڀال ۾ ۽ ٻہ ڏنم اٺ واري کي تاتڻ لاءِ؛ جيستائين مان خيال ڪريان تہ انھن سان ڇا ڪجي، تيستائين هڪڙي کي آڦري ٿي پيئي. ڪمدار اطلاع ڪيو تہ ڇيلو حلال ڪجي تہ واه نہ تہ اجايو مري ويندو؛ جي توهان نہ کائو تہ اسين حلال ڪريونس! لوڻ وغيرہ هڻڻ سان آڦري ڪان لٿس؛ جنھن ڪري اهو ڇيلو انھن ڪھي کاڌو، جيتوڻيڪ مون کين ٻڌايو تہ بيمار ڇيلي جي کائڻ مان نقصان ٿي سگهي ٿو. ٿورن ڏينھن بعد ٻيو ڇيلو ڀت تان ڪري پيو، جنھن جي ڄنگهہ ڀڄي پيئي. ڇيلي جي ڄنگهہ ڳنڍڻ ۽ سنڀال ڪرڻ سو ڇيلي جي بهاءُ کان وڌيڪ کائي وڃي ها ۽ ڳنڍيل ڄنگهہ سان هو تڳي بہ نہ سگهي ها؛ يعني انسان ذات تي بوجو ٿي پوي ها. تنھنڪري انکي کائڻ جي مون اجازت ڏني. ٽئين ڇيلي کي اُٺ لت هنئين ۽ سندس پاسريون ڀڃي وڌائين، سو بہ اٺ واري کي مفت ڏيڻو پيو؛ ٻي صورت ۾ جلد مري وڃي ها. اهو حال انھن جي موت ۽ زندگيءَ جو ڏسي منھنجي دل ۾ خيال پئدا ٿيو تہ آخر هي ڇيلا ڇا ڪندا؟ نہ ڪري سگهن ماستري، نہ ڏئي سگهن هَرُ ڏاندان وانگر، نہ منجهائن ٿئي کير پئدا! باقي سوال رهيو واڌاري لاءِ کين سانُ ڪري ڪم آڻڻ جو؛ پر اهڙي ڪم لاءِ ٽيھن يا چاليھن ٻڪرين جي ڌڻ ۾ فقط هڪ نر ڪافي ٿيندو آهي. وڌيڪ ويچار ڪري ڏٺم تہ اهي بروهي جيستائين نَر ڇيلا وڪڻي، سندس گوشت مان ڪجهہ ڪين اپائيندا، تيستائين نہ رڳو انھن نرن جو پالڻ پر خود ٻڪري ذات جو دنيا ۾ رهڻ مالي نقطہ نگاھہ کان آسان ٿي ڪين سگهندو. جنھن ڪري يا تہ ٻڪري ۽ رڍ ذات صفا گم ٿي وڃي يا تہ انسان ذات کي ڇيلن مان بہ ڪا اپت ٿئي؛ هنن کي جيڪڏهين ڪنھن ڪتب نہ آڻبو تہ هنن جي سڄي عمر جي کاڌي جو خرچ ڪير ڪندو؟ تنھن کانسواءِ انھن جو واڌارو ايترو ٿيندو جو انسان لاءِ هنن ڳوٺن ۾ نہ کاڌو بچندو، نہ جاءِ رهڻ جي! پر جي توهين چئو تہ کين جهنگلن ۾ ڦٽو ڪري ڇڏجي تہ اها ڳالھہ وڌيڪ خراب آهي، ڇاڪاڻ جو نہ فقط کير مھانگو ٿي ويندو پر انھن کي پڻ گدڙ ۽ بگهڙ هڪ ڏينھن ۾ ئي کائي چٽ ڪري ڇڏيندا تنھنڪري چوٿون ڇيلو مون پاڻ کاڌو!
”اهي دليل منھنجي ڪراچيءَ واري دوست کي اهڙا تہ دل سان لڳا، جو هن سڄي عمر جو ويشنو پڻو ڇڏي مون سان اتي جو اتي گوشت کاڌو. پر منھنجو اهو مطلب نہ آهي اسانکي لاهي پاهي گوشت تي آڌار رکڻ گهرجي؛ ڪيتري حالتن ۾ گوشت صحت لاءِ خراب ٿي سگهي ٿو ۽ اهو ڌارمڪ اصول پڻ مان مڃان ٿو تہ انسان کي گهٽ ۾ گهٽ هنسا جو رخ اختيار ڪرڻ گهرجي؛ خواه مخواه ڪنھن بہ جيوَ کي مارڻ يا انجو ساھہ وٺڻ نہ گهرجي. مگر مٿين سببن ڪري گوشت جو بھشڪار سڄي آدم لاءِ ضروري ٺھرائڻ سو ڪين ٿي سگهندو. شايد ان ڪري ئي دنيا جي وڏن ڌرمن جي پيغمبرن ۽ اوتارن مان ڪنھن ماس مڇيءَ جي بھشڪار تي زور نہ ڏنو آهي جو گيان جي درشٽيءَ سان هنن شايد ڏٺو هجي تہ سڀ ڪنھن انسان لاءِ گوشت واري ڇڏڻ سو ڪو عملي قدم نہ آهي تنھن ڪري ماس جو ورتاءُ هڪ ضروري پاپ (Necessary Evil) ڪري سمجهڻ گهرجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهو خيال غلط آهي. مان ثابت ڪندس تہ انھن ماس مڇي جي برخلاف رستو ڏسيو آهي.“
سام وراڻيو: ”سو توهين شايد انھيءَ مان ثابت ڪندا تہ انھن ديا ڀاوَ يعني گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول ڏسيو يا ماس مڇيءَ کي تمسي کاڌو ٺھرايو آهي. مگر ماس کي تمسي کاڌو ٺھرائڻ تنھن جي معنيٰ اها نہ آهي تہ سڄي انسان ذات اهو ڇڏي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارا اصول ڪن لاچاري حالتن ۾ حياتي وٺڻ جي برخلاف نہ آهي؛ ديا ڀاوَ جا گهڻا نمونا ٿي سگهن ٿا؛ ڪتابن ۾ لکيل آهي تہ گوتم ٻڌ هڪ ڪڙميءَ جو مھمان ٿيو. انھيءَ ڪڙميءَ گوتم جي لاءِ گهڻي پريم ۽ شرڌا سان پنھنجي دستور موجب مڇي ۽ ماني تيار ڪري آندي؛ گوتم ٻڌ ديا ڀاو وچان، هن جي دل نہ دکائڻ جي خيال کان، چون ٿا تہ مڇلي سويڪار ڪئي! ساڳئي ديا ڀاوَ وچان ڏسبو تہ انسان ذات جو نہ رڳو اٽڪل چوٿون حصو ماس مڇي جي ورتاءَ بند ڪرڻ ڪري بيروزگار ٿي پوندو، پر گهرو جانورن جي گهڻي ۽ اجائي واڌاري ڪري انسان جي رهڻ جو معيار (Standard) پڻ گهٽجي ويندو؛ ان ڪري ڪوبہ قوم جو سياڻو رهبر ان تحريڪ کي ٽيڪ ڏيئي نہ سگهندو.“
سام وڌيڪ چيو: ”ديا ڀاوَ سڀ کان اتم آهي پر هر حالت ۾ توهين انسان ذات لاءِ هنسا بند ڪري نہ سگهندا. پالن ۽ سنگهار ڪرڻ حقيقت ۾ هڪ شڪتيءَ جا ٻہ روپ آهن؛ جيون جي اصول جا ٻہ پاسا آهن. هڪ کي اسين وشنو ٻئي کي مھيش چئون ٿا. هڪ ديا ڀاوَ وارو آهي ٻيو ڏمر ڪندڙ ديوتا آهي. پر اتپتيءَ لاءِ جيترو پالن ڪرڻ وارو اصول ضروري آهي، اوتري ئي اهميت سنگهار ڪرڻ واري شڪتي رکي ٿي. انھن ٻنھي اصولن مان فقط هڪڙي تي زندگيءَ کي بيھارڻ، سو ڪچن فيلسوفن جو ڪم آهي. ٻنھي کي ضرور تسليم ڪرڻو آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”پر انسان ڪير آهي جو پاڻ کي ان اتپتيءَ جو ذمه وار سمجهي يا سنگهار ڪرڻ واري شڪتي ڪم آڻي؟“
سام چيو:”انسان خود ان قدرت جو جزو ۽ وارث آهي جنھن قدرت هيءُ برهمنڊ بنايو آهي. انسان انھن اصولن کان ڌار رهي نٿو سگهي، جيڪي قدرت برپا ڪيا آهن. ويچار ڪريو تہ ڇو شري ڪرشن پاڻ هنسڪ لڙايون ڪرايون؟ ڇو سردار محمد (صلعم) جن لڙائيءَ جائز فرمائي؟ ڇو پرڀو يسوع مسيح پنھنجي هٿن سان مڇيون ماڻھن کي کارايون؟ توهين جيڪي ڳالھيون ڪريو ٿا سي عملي نہ آهن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”پر توهين پاڻ تہ گهٽ ۾ گهٽ هنسا واري اصول ۾ اعتبار رکندڙ آهيو. پوءِ ڇو نہ ٿا ميوا ڀاڄيون، اناج وغيرہ کائي ان اصول تي هلو؟ قدرت کي جئن وڻي تئن کاڌي جي اڻاٺ پيدا ڪري يا مرضن بيمارين ذريعي پاڻھي سنگهار ڪرڻ واري شڪتيءَ کي پيئي ڪم آڻي؛ اهو قدرت جو ڪم آهي ۽ نہ اسانجو. اسين پنھنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول اختيار ڪريون تہ پوءِ ڇا آهي؟ ڪا ضرورت تہ ڪانہ آهي جو هرو ڀرو هنسا ڪري پيٽ پاليون؟“
سام چيو: ”گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو رستو سٺو آهي. مگر ماس، مڇي تڏهين بھشڪار ڪري سگهبو، جڏهين ايتريون ڀاڄيون ۽ ميوا ڌرتيءَ تي پئدا ٿي سگهن جو سڀ ماڻھو آسانيءَ سان اُهي هٿ ڪري سگهن. توهين چوندا تہ ڇو نہ انھن جي وڌيڪ پئداوار ڪجي؟ شايد پئداوار ۾ ڪجهہ واڌارو ٿي بہ سگهي، مگر انسان ذات اڳ ۾ ڇا نہ ڪيو آهي؟ ٽڪر جي اتاهين چوٽين ۽ اونھي ۾ اونھي غارن ۾، برن ۽ ٿرن تي، سمنڊ جي مٿان ۽ سمنڊ جي تري ۾، گرم ملڪن ۾ ۽ ٿڌن آرڪٽڪ ريجنس ۾ بہ روزگار جي لاءِ انسان خوب ڳولا ڪئي آهي ۽ ان جي هٿ ڪرڻ لاءِ حيلا هلايا آهن؛ آباديون ڪيون آهن، جانور پاليا آهن، ڌاتو کوٽيا آهن ۽ ٻيا سڀ نمونا جيڪي سائنس ۽ انساني هنر کي معلوم هئا سي پيٽ پالڻ لاءِ اختيار ڪيا آهن. تنھن هوندي بہ ڏڪر يعني کاڌي جي اڻاٺ کان انسان آجو ٿي ڪين سگهيو آهي. مثال طور اڄ هندستان ۾ ڏڪر جون حالتون موجود آهن. هاڻي انھن حالتن هوندي، جي اسان مان ڪوبہ هڪڙو اٿي گورنمنٽ کي چوي تہ گوشت ۽ مڇي کائڻ بند ڪرايو ۽ جانورن کي مفت کاڌو کارائيندا رهو ۽ ان لاءِ ڪافي ٻنيون سندن چراگاھہ ڪري رجهايو تہ اها هڪ چريائيءَ جي ڳالھہ نظر ايندي؛ پر جي توهين چئو تہ هن وقت تائين انسان ذات کاڌي جي ڳولا پوري نہ ڪئي آهي ۽ هن يا هن نموني زرعي پيدائش وڌائي انسان پنھنجو گذارو ڪري سگهي ٿو تہ اها ڳالھہ پڻ بي سود سمجهي ويندي ڇا لاءِ جو واڌارو کڻي کاڌي جو ڪجهہ ٿيندو پر هوڏانھن انسان ذات بہ وڌندي رهي ٿي؛ ۽ جي اهو ويچار ڪريو تہ ڪنھن بہ جانور کي هٿ نہ لائڻ ڪري ۽ انھن جي کاڌي لاءِ گاه جي بندوبست رکڻ ڪري انسان جي ڪوشش جو ڪافي حصو خرچ ٿي ويندو تہ مسئلو ويتر اهنجو ٿي پوندو. دل ۾ ديا ڌاري بہ انسان پنھنجي جسماني ٻنڌنن کان آجو ٿي نٿو سگهي ۽ ڪجهہ قدر هنسا ڪرڻ کانسواءِ سندس تڳاءُ ڪين ٿو ٿئي“
ڊپٽي صاحب چيو: ”سڀني جي ڳالھہ ڇو ٿا ڪريو؟ توهان وٺو پنھنجي ڳالھہ کي تہ توهان جي گوشت نہ کائڻ ڪري ڪيتري سوڙھہ کاڌي جي وڌندي؟ توهين تہ گهٽ ۾ گهٽ ڀاڄيون، ميوو وغيرہ خريد ڪري کائي سگهو ٿا.“
سام چيو: ”مان جيڪي بہ ڪريان، سو اهڙو هئڻ گهرجي جنھن تي ٻيا منھنجا ساٿي بہ هلي سگهن ۽ جيڪڏهن ٻيا ان رستي تي هلن تہ انھيءَ مان ڪو مشڪل مسئلو پيدا نہ ٿئي. سچو ۽ عملي ڌرم اهو آهي؛ باقي پئسي جي زور سان يا ٻئي ڪنھن ٻل سان جيڪڏهين مون ڪا خاص سھوليت ماڻي سگهي يا پاپ کان هٿرادو ڇوٽڪارو پاتو، يا ڪو مھانگو لباس ڌرم جو اختيار ڪري سگهيو تہ ان ۾ منھنجي ڪا بہ وڏائي ڪانہ ٿيندي. مطلب هي آهي تہ جو ماڻھو ڪنھن بہ اصول تي هلڻ جي هام هڻي ٿو، سو پنھنجو فرض، فرض ڄاڻي پنھنجي اصولن جي اهڙي چڪاس وٺي جو سڀ ماڻھو ان جا پوئلڳ ٿي سگهن. اهو ڏسڻ ضروري نہ آهي تہ سندس اصول زندگيءَ ۾ ڪا رڪاوٽ تہ پيدا نہ ٿو ڪري؛ اهڙي چڪاس وٺڻ کان پوءِ ئي ڪنھن کي اڌڪار آهي جو سڀن کي ان اصول تي هلڻ جي صلاح ڏي؛ باقي اسان جي جاتيءَ ۾ تہ جيڪو چار اکر ڀاشا جا سکي ٿو، سو هڪدم ساڌو ٿي وڃي ٿو ۽ ماس مڇيءَ خلاف پرچار شروع ڪري ٿو؛ ڄڻڪ اهو ڌرم جو آد ۽ انت ٿي چڪو! مگر ائين نہ آهي. هن سوال جو اقتصادي پاسو بہ ڏسڻو آهي. ٻين کي صلاح ڏيڻ بدران توهين پاڻ بہ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڇيلو بنا مطلب جي پالي ڏيکاريو؛ اُن جو خرچ سڄي عمر لاءِ برداشت ڪريو، يا نر ڇيلن مان ڪو ڪم وٺي ڏيکاريو، جئن ٻين کي چئي سگهو تہ ڇيلو ڪھڻ ضروري نہ آهي؛ جيستائين ڳالھہ جا سڀ پاسا نہ جاچيا اٿو تيستائين قوم يا پاڻ لاءِ فقط ڪابہ ڳالھہ ضروري ٺھرائڻ بنا مقصد ٿيندي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان جيڪڏهن گوشت ورتائيندو آهيان تہ وڏي نمرتا ڀاو سان؛ دل ۾ ديا ڀاوَ رکي ڪري ئي ورتائيندو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول مان نرالن طريقن سان عمل ۾ آڻيندو آهيان. ڪوشش ڪندو آهيان تہ ڀاڄين جا پن، ميوي جون ٻاهريون کلون وغيرہ ۽ کاڌي جھڙيون ٻيون شيون اجايو زيان نہ ٿين؛ کاڌي جي هڪ ذري بہ زيان ٿيڻ تي مونکي دلي صدمو پھچندو آهي. تازو هينئر بمبئيءَ ۾ چار هفتا کن هڪ دوست جو مھمان ٿيس. هندستان ۾ کاڌي جي شين جي ڪجهہ اڻاٺ آهي. مون هڪ داڻو بہ سندس اَن جو پليٽ ۾ يا ٻي طرح زيان ڪين ٿي ڪيو. هنن کي عجب لڳو تہ پاڪستان ۾ کاڌي جي گهڻائي هوندي بہ منھنجون عادتون اهڙيون گهٽ ۾ گهٽ زيان واريون ڪيئن ٿيون!
”جيترو کاڌي جو زيان مون گهٽ ڪيو اوتروئي مان سمجهندو آهيان تہ ڌارين کاڌن يعني گوشت وغيرہ جي ورتاءَ بند ڪرڻ ۾ مون مدد ڪئي ۽ اوتري قدر دنيا ۾ هنسا ۽ مھانگائي گهٽ ڪئي. گهر جو ڪو ڀاتي پاڻيءَ لپ نلڪي مان يا ٿانو مان اجايو وڃائي تہ بہ مونکي ارمان ٿيندو آهي. ٻيا چوندا آهن تہ پاڻي مفت جو آهي، توهين ڇو ٿا چنتا ڪريو؟ مان کين چوندو آهيان تہ مفت جو نہ آهي؛ پر انھيءَ تي انسان ذات جي پورهئي ۽ پگهر جي لڳت ٿي آهي؛ جيڪڏهن ذرو بہ ان پورهئي جو گهٽبو انسان جي هسڪ ٿيندو؛ پنھنجي پالنا لاءِ ٻئي هنڌ ڪم ايندو ۽ اوتري قدر انسان گهٽ هنسڪ ٿيندو؛ پنھنجي پالنا لاءِ جنگ، چوري وغيرہ پاپ جھڙا رستا پڻ گهٽ اختيار ڪندو. گهٽ ۾ گهٽ هنسا وارو اصول اختيار ڪرڻ سو اتم ڌرم جو مارڳ آهي. هي سڀ ڳالھيون پڻ ان ۾ اچي وڃن ٿيون.اسان تہ ائين ئي پيا هلون. شايد ان هوندي بہ پاپ جا ڀاڳي ٿيون! پر نمرتا ڀاوَ رکي ضروري هنسا ڪرڻ سواهنسا جي اصول جي برخلاف نہ ٿا سمجهون. سڀ ڪنھن چيز جو ادب ڪرڻ يا ان جو پورو قدر ڪرڻ، سو آدرشي انسان جو ڪم آهي پر ان ادب ڪندي بہ بعضي وڏي آدرش لاءِ ڪنھن جي حياتي وٺڻي پوي ٿي. شايد اهڙي ڪنھن خيال وچان ئي مھاتما گانڌي (جنھن کي اهنسا جو اوتار مڃيو وڃي ٿو) پوک جي بچاؤ لاءِ نقصانڪار جانورن کي مارڻ جائز ٺھرايو هو!“
ڊپٽي صاحب آخر ۾ چيو تہ اهي خيال بہ ويچار جھڙا آهن. وڌيڪ وري ڪنھن ٻئي موقعي تي ڳالھائينداسين.
***
هن ٻڌر تي قرآن شريف جي سمجهاڻيءَ بابت پڻ ٻين ڳالھين جي وچ ۾ گفتگو هليو، جنھن جو تتسار هي آهي:
صوفي صاحب چيو: ”اهي مولوي جاهل آهن جيڪي قرآن شريف ۾ جهاد کانسواءِ ٻيو ڪجهہ ڏسن ئي نٿا يا جهاد تي خاص زور ڏيئي فساد وڌائن ٿا؛ اهي جهاد واريون ڳالھيون ڪن خاص حالت سان واسطو رکن ٿيو. قرآن جي اندروني معنيٰ ۾ هو وڃن ئي ڪونہ ٿا، باقي اهڙيون ڳالھيون چونڊي ڪڍن ٿا جن مان سندن خيال کي ٽيڪ ملي.
ڊپٽي صاحب چيو: ”ان کان سواءِ هي پڻ سوال آهي تہ جيڪي ڳالھيون اسلام جي پيغمبر عرب ۾ ڏسيون، سي هروڀرو هت اسان کي ڏسي ها ڇا؟ مان ٿو چوان تہ جي حضرت محمد ڪاشيءَ ۾ پيدا ٿئي ها تہ چار زالون هڪ ماڻھو لاءِ شايد جائز ڪين ٺھرايون وڃن ها؛ انھيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ اسلام ڪاشيءَ وارن لاءِ نہ آهي پر مان ائين ٿو چوان تہ ڪاشيءَ وارن جي حالتن آهر اسلام ۾ ئي خود ٻي واٽ ڏسيل هوندي ۽ ڇو نہ انھن ئي ڳالھين تي زور ڏيون جي اسان جي حالتن سان ٺھڪندڙ هجن؟ قرآن يا ٻيو ڪو مذهب ڪتاب بيشڪ ﷲ جي هڪ سنيھي يا خط مثل سمجهڻ گهرجي ۽ جڏهين گهرج پوي تہ اهو خط کولي چڱيءَ طرح پڙهي ڏسجي؛ پر حالتن آهر ئي منجهائنس ڏنل سمجهاڻي وٺجي.“
سام چيو: مان ائين ٿو سمجهان تہ اهو خط اصل ۾ انسان جي قلب تي ئي لکيل آهي؛وري نئين سر اهو خط پڙهي ڏسڻ، سو آهي دلجي ڪتاب جو دور ڪرڻ. گهڙيءَ گهڙيءَ حق جي سنيھي جي درڪاري آهي. اڳين پيغمبرن جي وارتا ٻڌڻ بہ چڱي آهي، ڇا لاءِ جو اهي بہ حق جي شاهدي ڏين ٿا؛ پر جيئن اڳي مون هي خيال پيش ڪيو آهي، ڪرم وانگر ڌرم جو سرشتو بہ ازخود هلندڙ (Automatic) هئڻ گهرجي، جئن نئين سر پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ انسان پنھنجي قلب جي ڪتاب ۾ جهاتي پائي ﷲ جو تازي ۾ تازو اعلان پڙهي سگهي. انھيءَ جي سمجهڻ لاءِ قرآن، گيان، ويد، انجيل ۽ ٻيا ڪتاب پڻ مدد ڪري سگهن ٿا.“
وڌيڪ سمجهاڻي هن سوال تي جيڪا سام ڏني سا اڳ هن ڊائريءَ ۾ ڏنل آهي.
***


21-8-1951ع ڪيترن ڏينھن کان منجهند جي آرام کانپوءِ پھريائين رامائڻ هنديءَ ۾ پڙهندا آهيون. ان وقت هڪڙو ڇوڪرو امر نالي پڻ ايندو آهي. اڄ سام کائنس پڇيو: ”تون تہ هندي سمجهندو هوندين؟“
اهو سوال سام ان ڪري پڇيس جو منشو هميشہ چوندو آهي تہ رامائڻ هنديءَ ۾ اسانکي سمجهہ ۾ نٿو اچي؛ تنھن ڪري ڪٿا ڪري ٻڌايو. مگر سام پاڻ ڪٿا ڪرڻ پسند نہ ڪندو آهي. اڄ جڏهين وري ڇوڪرن ڪٿا لاءِ گهر ڪئي تہ چيائين: ”اسانکي ڀو ٿو ٿئي تہ متان ڪٿائون ڪري ٻاوا بڻجي پئون! ۽ اسين ڪٿا ڪرڻ جي لائق بہ نہ آهيون جھڙو آھہ رامائڻ جو پڙهندڙ (ڊاڪثر سرلا) تهڙا اسان (سام) ٻيئي آهيون روئڻا. رامائڻ ۾ ڪا ڳالھہ پريم يا وئراڳ جي نڪري تہ اسين ڳوڙها پيا ڳاڙيون؛ پوءِ ٻين ڇا کي ٻڌايون؟“
ڪتاب ٻڌڻ وقت سام گهڻو ڪري پنھنجي خيال ۾ محو ٿي ويندو آهي. منشي جي ستائڻ تي ڪڏهين رامائڻ جي پڙهائيءَ کانپوءِ هنکي ٿورو تتسار ٻڌائيندو آهي. مگر ائين پسند ڪندو آهي تہ جيڪر اهو بہ کائنس ڪونہ پڇيو وڃي.
سام چيو: ”آکاڻي جو پد پد ڪري اسين بہ ڪونہ سمجهندا آهيون. هڪ ئي اشاري سان ڪڏهين مطلب من جو راس ٿي ويندو آهي ۽ خيال خاص واقعن بيان ڪيلن کان راس ٽپي اندرين مطلب ۾ محو ٿي ويندو آهي. اهو اندريون پاسو ڳالھہ جو حقيقت ۾ ڪو جدا پاسو نہ آهي. پريم احساس جي ڏور جو هڪڙو ڇيڙو آهي؛ ٻيو ڇيڙو گيان آهي. پريم جي چوٽيءَ تي چڙهڻ سان خيال گيان ۽ سمجهہ جي دائري مان صفا گم ٿي ڪونہ ويندو آهي. من سماڌيءَ ۾ اچي ڪري بہ سڀ ڪجهہ سمجهي سگهي ٿو. اسين تہ خاص ڪري هن پڙهائيءَ کي خيال جي هڪ ڏاڪڻ ڪري ڪم آڻيندا آهيون. سُر شبد جي ٽيڪ آهي. شبد خيال جي ٽيڪ آهي. جيئن سر سان رامائڻ ٻڌبو آهي، تئين خيال جوڳيءَ جي نانگ مثل مٺي آلاپ ٻڌي، اُڀوئي اُڀو چوٽ چڙهي جهولي ٿو. مگر سندس پاڙ يعني هيٺيون ڌڙ احساس جي پنڊيءَ اندرئي رهي ٿو. ڪڏهن ڪو پريم ڀريو اگر ٻڌجي تہ تصور جي ٽيڪ ملي وڃي ٿي؛ اتان خيال کي ڄڻ ڪا لفٽ ملي وڃي ٿي!“
امر چيو: ”مون اڃان گروءَ کان شبد ڪونہ ورتو آهي. تنھن ڪري منھنجو خيال ٻين پاسن ڏانھن ٿڙي وڃي ٿو. شبد وٺڻ جي چاهنا اٿم پر ماتا پتا ان ڳالھہ ۾ رنج ٿين ٿا.“
سام چيو: ”اها وڏي عجب جھڙي ڳالھہ آهي! چڱيءَ رستي تي هلڻ کان ماءُ پيءُ ڇو ٿا روڪين؟ اهو ڀؤ اٿن ڇا تہ متان پئسي جي ڪمائي بيھجي وڃي؟ پر ان بندش جو نتيجو اهو ٿيندو جو طلب پاڻ اڳي کان تيز ٿيندي ۽ هونئن ترڪ ۾ چار سال پون تہ هينئن هڪ سال اندر اچي ويندو. جيئن جيئن ٿا جهيلن تيئن تيئن ٿو تاڪيد ٿئي.“
***


24-8-1951ع منشي اڄ سام کان پڇيو تہ توهان جو گرو ڪير آهي؟ سام کيس کلي چيو: ”ڇو ڪنھن ٻائي ڏانھن وٺي هلڻو اٿئي ڇا؟ پر تنھنجي ٽڪاڻي جا ٻاوا تہ آفيسرن جا ٽڪاڻا ڀيٽيندا ڏسبا آهن.“
منشي چئي ڏنو: ”سائين! ڪو تہ مڙيوئي گرو هجي.“
سام وري کلي چيو: ”اهڙو تہ ڪو تلاءُ هجي جنھن ۾ اسان جي من جي مڇلي ماپي سگهي. تنھنجي ڀلا ڇا مرضي آهي؟“
منشو جواب ڏيئي ڪونہ سگهيو، پر سام ٿوري وقت کان پوءِ پاڻھي چيو: ”گرو پاڻ پرماتما آهي؛ سندس گرنٿ انسان جو قلب آهي جنھن جو آواز اسين هردم ٻڌون پيا! طريقت جو گرو ضروري آهي پر سو بہ فقط ڏس ڏيئي سگهي ٿو؛ پنڌ پاڻ کي ڪرڻو آهي. گهڻا تہ وڏي نالي وارا گرو ڪري ماٺ ڪيو ويٺا رهن. وڏي اهميت جو سوال اهو آهي تہ مون ڪيترو پنڌ ڪيو آهي، نہ اهو تہ منھنجو گرو ڪھڙو آهي.“
ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”قدرت هر ڪنھن کي پير پاڻ اندر جاڳائي ڏنو آهي. جيوت جي راه ۾ هر ڪنھن ياتريءَ کي قدرت پنھنجي پنھنجي جوت هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي، جئن ڪو قدرت کي ميار نہ ڏئي تہ روشنيءَ جي نہ ملڻ ڪري رستو ڪونہ مليو! فقط پريم گهرجي؛ دل جي تيز تمنا هجي، پوءِ ايشور پري نہ آهي. ﷲ ڪنھن آسمان جي گفا ۾ ڪو نہ وڃي لڪو آهي. هو پاڻ انسان لاءِ هر هنڌ ۽ هر ويل ڦري رهيو آهي. ﷲ جي ڏسڻ لاءِ نہ ڪي جادو يا رمل کپن، نہ ڪي اٽڪلون ۽ حيلا گهرجن. فقط پريم جي گهرج آهي. اهو پريم سنگ يا صحبت مان اُپجي ٿو ۽ گرو انھيءَ سنگ جو ٻيو نالو اهي. ڀلا جيڪو ماڻھو ٻوڙو هجي ۽ منتر گروءَ کان ٻڌي نہ سگهي يا انڌو هجي ۽ ڪو شاستر پراڻ پڙهي يا سمجهي نہ سگهي، ان لاءِ ﷲ جي ملڻ جي اميد ٿي سگهي ٿي يا نه؟ جا شيءِ خلقي اٿس، سا پنھنجي ٻج مان؛ پوءِ اها ڪيئن نہ ڦرندي، ڪيئن نہ وصلت جو ميوو پائيندي؟
”حضرت موسيٰ جي هڪڙي ڳالھہ ڪندا آهن؛ هو رستي تان لنگهيو ٿي؛ ڏٺائين تہ هڪ شخص گهڻي محبت سان ذڪر ﷲ جو ڪري رهيو آهي پر ﷲ جو نالو هن غلط نموني هڪ چور جي واتان ٻڌو هو؛ هو ان ۾ ايترو تہ مگهن هيو، جو جڏهين حضرت موسيٰ هنکي سڏ ڪري حق جي سمجهاڻي ڏني تڏهن هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن جو ذڪر بند ٿي ويو؛ چون ٿا تہ حضرت موسيٰ کي الاهي اعلان ٿيو تہ اي موسيٰ! تو اسان جي دوست کي ڇو اسان کان جدا ڪري ڇڏيو؟ هو اسان سان مليل هو پر تو پنھنجي سمجهاڻيءَ سان هن جو ايمان ٽوڙي وڌو! هن ڳالھہ جو هي مطلب آهي تہ گروءَ يا مرشد جي وڏائي نہ پر پنھنجي محبت ۽ پنھنجي ڪمائي ئي حق جي راه ۾ ڪم اچي ٿي. چور جي ڏس سان بہ هن شخص وڃي ﷲ کي پاتو، هوڏانھن پيغمبر موسيٰ جي ڏس هن کي گمراھہ ڪري ڇڏيو.
”ٻي هڪ ڳالھہ حضرت موسيٰ جي آهي تہ هڪ ريڍار ويٺي ﷲ سان حال اوريو ۽ چيو، او ﷲ! اچ تہ مان توکي پنھنجي رڍن جو کير پئاريان! حضرت موسيٰ انکي خبردار ڪري چيو تہ ﷲ کير ڪين پيئندو آهي؛ هو بي چون ۽ بيمثل آهي! تہ حضرت موسيٰ کي الاهي اعلان ٿيو تہ اي موسيٰ، تو هيءُ گناه ڪيو آهي جو منھنجي هڪ ڀڳت کي گمراه ڪري مون کان وڇوڙي ڇڏيءِ!
”هن ڳالھہ ۾ اسانجو مطلب هيءُ آهي تہ ﷲ جي ڳولا لاءِ ڪو بہ سياڻپ وارو طرز طريقو ضروري نہ آهي؛ فقط ﷲ جي محبت من ۾ هجي. طرز طريقو بہ محبت کي وڌائڻ لاءِ آهي؛ پر جڏهن ڪنھن بہ طريقي تي خاص زور ڏجي ٿو ۽ انکي محبت کان اول رکي جي ٿو، تڏهين اهو راه ۾ هڪ رنڊڪ بڻجي ٿو پوي؛ جڏهن عشق مڪمل ٿئي ٿو تڏهن سڀ طريقا ڪارگر نظر اچن ٿا. ڪي ستار جا سکندڙ عمر سڄي سا-ري-گ-م وڄائيندا رهن ٿا يا لکيل گتيون ڳائيندا رهن ٿا؛ جيڪي من جون مينڍون سڻي هٿ کي ڇوٽ ڇڏن ٿا، سيئي جوڙ وڄائين ٿا! جئن شاه چيو آهي ’سڪ رساڻي سوهڻي اصل عاشقن!. جيڪي منزل تي پڳا آهن انھن ائين ئي چيو آهي. ٻيون سڀ ٻڌل ڳالھيون آهن.“
***


25-8-1951ع اڄ شام جو ڊپٽي صاحب؛ صوفي صاحب، هتان جو هڪ مشهور شاعر (جنھن کي هت اسين انجنير صاحب ڪري سڏينداسين) ۽ ٻيا ٻہ ٽي ڄڻا گڏجي آيا.
صوفي صاحب پنھنجي تازي سئر جو احوال ڏنو ۽ چيائين؛ ”هڪ هندو فقير سان سکر ضلع ۾ ملڻ ٿيو. سندس آستان جي ويجهو ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون. فقير پاڻ بي ڀؤ ٿيو ويٺو هو ۽ چيائين تہ هندو پاڪستان مان لڏي ويا آهن، مگر اسان کي تہ ٻنھين ملڪن ۾ ڪو تفاوت نظر نٿو اچي. سندس زال تمام ڪروڌڻ هئي. ٿوري گهڻي ڳالھہ تي پيئي ڪر ڪر ڪري. فقير جيڪي چوي تہ هوءَ ان جي ابتڙ پيئي ٻولي! منھنجي دل ۾ هڪ سوال اٿيو ۽ اهو مان اوهان کان پڇان ٿو؛ فقير لاءِ زمانو يا گرهست ڪيتري قدر چڱو ٿي سگهي ٿو؟“
مون کيس جواب ڏنو: ”جيڪو توهان فقير جو احوال ٻڌايو ٿا، ان موجب سندس گهر واريءَ جي ڪر ڪر فقير لاءِ هڪ ڪسوٽي ڪري سمجهڻ گهرجي. زمانو فقير لاءِ ڪيتري قدر چڱو ثابت ٿيو يا نہ ٿيو، ان جو اندازو تڏهين لڳائي سگهبو جڏهين توهين ٻڌائيندا تہ فقير ان ڪسوٽي تي ڪيترو سچو ثابت ٿيو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهوئي سچو جواب آهي تہ فقير ڪر ڪر محسوس ئي ڇو ڪري؟ هو تہ انھيءَ ۾ ئي پنھنجو يار ويٺو ڏسي. گرهست خراب نہ آهي پر گرهست سان موھہ رکڻ خراب آهي. نرموھہ ٿي رهڻ سوئي سچو علاج آهي.“
صوفي صاحب سام ڏانھن منھن ڪري چيو: ”اوهان جو ڇا رايو آهي!“
سام چيو: ”سنسار پٿر يا روهيءَ مثل آهي. فقير جو خيال ڪاتيءَ مثل آهي. جي ابتو وهايو تہ پٿر ڪاتيءَ کي مڏو ڪري ڇڏيندو پر جي ڪنھن طرز طريقي سان ڪاتي سڌي رکي لايو تہ سنسار خيال جي ڪاتيءَ کي ويتر تيز بڻائيندو. طرز رکڻ جو مطلب هي آهي تہ گرهست ۾ ساڌوءَ کي ڪي عمل ۽ رمل هئڻ گهرجن. سنسار کي هڪ سانھر سمجهي مٿس پختو ٿي بيھي تہ اهو خيال ۽ خوديءَ جا پٿر سڀ ڀڃي وجهندو.
”ٽڪرن تان برسات پوڻ سبب پٿر پٽجي هيٺ ڪرن ٿا؛ ڌڪا کائي کائي پاڻيءَ ۾ لڙهي هلن ٿا؛ اهڙيءَ طرح ڪچون ڪنڊون ڀڄي پون ٿيون ۽ باقي پڪا گول، لسا روهيءَ مثل صاف وچ وڃي بچن ٿا؛ ڪي پٿرن جا ٽڪرا وري پرزا پرزا ٿي پوءِ واريءَ جا داڻا بڻجي پون ٿا. انھن جو تہ هيڪاري ٻيڻو ملھہ آهي. گيان جي سمٽ سان گڏ نمرتا ۽ نيم جي واري خود پٿرن کان وڌيڪ مضبوط شيءِ بڻجيو پوي جا روحاني عمارت جي اڏاوت لاءِ ڪارگر ٿئي ٿي. هن نفس کي بہ سنسار جي ٽڪر تي ٽڪرائي، گرهست جي درياھہ ۾ وهائي، داڻا داڻا ڪرڻو آهي. تنھن ڪري سنسار فقير لاءِ پار پوڻ جو ذريعو آهي، پر ڪچن لاءِ هڪ ڀور يعني ڪُن مثل آهي، جنھن ۾ هيڪر هو ڪرن تہ وري جنم ڀر پيا گوتا کائين. تنھن ڪري شايد ڪن لاءِ ائن چڱو آهي تہ اُن کوھہ کان پاسو ڪري لنگهن يا ڪو تختو مٿانئس رکي پار پون. پاسو ڪرڻ سمجهو تہ آهي برهم چريه جو يا ٻيو ڪو اصول اختيار ڪرڻ؛ تختو مٿان رکڻ آهي نيم سان گرهست ۾ گذارڻ. نمرتا پوروڪ رهڻ ۽ ڪي اصول سنسار ۾ قائم رکڻ ضروري آهن؛ پر سڀ ڪنھن لاءِ ساڳيو رستو ٿي نٿو سگهي. هن مسافريءَ ۾ همت، حوصلو، سوچ، ويچار ۽ سڀ عملي طرزون ڪم ڏين ٿيون. سڀ سٺا ساڌن پڻ ڪم ڏين ٿا. شاه جي لفظن ۾ چئون تہ ’هٿين پيرين مونڙين هل پريان ڏي هل!‘ سڀ سٺا ساڌن اختيار ڪرڻا آهن. سنسار نانگ آهي؛ فقير جوڳي آهي؛ جوڳيءَ کي پنھنجا عمل رمل ضرور هئڻ گهرجن.“
ڳالھائيندي ڳالھائيندي صوفي صاحب وري ٻيو سوال اٿاريو جو هي آهي: ”فقير کي زماني ۾ ڪيئن هلڻ گهرجي؟ لوڪ جي مريادا رکجي يا نه؟“
انجنير صاحب چيو: ”ضرور رکڻ گهرجي.“
صوفي صاحب ڳالھہ کي چٽو ڪري پڇيو: ”سمجهو تہ فقير چڪلي ۾ وڃي ٿو ۽ چوي ٿو تہ اتي بہ ﷲ جو حسن ٿو ڏسان، ڇا لاءِ جو صوفي جو سڀ ۾ سئر آهي. انھيءَ کي توهان فقير ڪري سمجهندا نه؟“
انجنير صاحب چيو: ”فقير هوندو تہ چڪلي ۾ ويندو ئي ڇو؟“
صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”توهان پنھنجو رايو ٻڌايو.“
سام چيو: ”پھريون سوال آهي تہ فقير ڪھڙي هستيءَ ۾ ڪيڏانھن وڃي ٿو؛ جي نفس جي ڇڪ ڪري وڃي ٿو تہ فقير نہ آهي؛ پر جي صرف سئر جي خيال کان لنگهي ٿو يا نفس کي تُڇ سمجهي ٿو ۽ سم درشٽي واري نظر رکي پنھنجي آتما جو ڪو مطلب پورو ڪري ٿو؛ يا ديا ۽ محبت جي ڀاوَ وچان چڪلي وارن کي بہ انسان سمجهي هنن سان پنھنجي گيان جي ونڊ وراھہ ڪري ٿو تہ ان ۾ ڪو هرج ڪونہ آهي. لوڪ مريادا جو سوال بہ اٿي ٿو ۽ فقير جي دل ۾ جيتري ديا چڪلي وارن لاءِ آهي، اوتري ديا لوڪن لاءِ پڻ هئڻ گهرجي؛ لوڪ جي چڱڀلائيءَ لاءِ جيڪي واجبي قانون لوڪ مريادا جا آهن سي جيتري قدر ٿي سگهن، فقير کي بجا آڻڻ گهرجن؛ مگر ايتري پائبندي ريت رسم جي نہ گهرج جو سندس سئر ۾ ڪا رنڊڪ پوي؛ ايتري تنگدلي نہ جڳائي جو خيال جا چشمائي سڪي وڃن؛ انھن چشمن تي لٽ وجهي اسين فقيريءَ جا جر نہ بند ڪري ڇڏيون؛ اهو بہ وڏو خطرو آهي. ’پسر اين مَڪن‘ واري فلاسافي مٿاڇري آهي. هر ڪنھن ڳالھہ جو حالتن موجب فيصلو ٿيڻ گهرجي.“
انجنير صاحب سام کي چيو: ”توهان جي هڪڙي ڪتاب ۾ پڻ ائين لکيل آهي تہ Spirit & Form يعني آتما ۽ روپ جو پاڻ ۾ گهرو سنٻنڌ آهي؛ جي ڳالھين کي اسين ٻاهريون چئون ٿا، ۽ جيڪي ظاهر ۾ جسم سان لاڳو آهن، جھڙوڪ شراب پيئڻ، حرام کائڻ، چڪلي ۾ وڃڻ وغيرہ، تن جو بہ ڪو آتما تي اثر پوندو يا نه؟“
سام چيو: ”اندروني ۽ بيروني جيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. مگر هميشہ ٻاهرين حالتن مان اندروني يعني سچي يا سڄي جيون جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي ۽ نہ ڪن مقرر حالتن مان اندر جي حالتن جو انومان ڪري ٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو خيال هڪ هميشہ هلندڙ شيءِ آهي؛ يعني نوان رنگ ۽ روپ اختيار ڪري ٿو. ڪڏهين وري ڪي ساڌو ريت رسم ٽوڙي پنھنجي فقيريءَ جو لڪُ رکندا آهن. چوندا آهن تہ سنڌ جو هڪ مشهور بزرگ جمع ڏينھن خاص ڪري مسجد ۾ ويھي شراب ونڊيندو هو! ڪڏهين پنھنجي وسيع خيال وچان فقير قانون کان ٻاهر لنگهي ’اناالحق يا اهم برهم اسمي‘ جو نعرو هڻندا آهن. هر حالت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي نفس خاطر چئي نہ سگهبي. ڪڏهين ماڻھن کي ريتين رسمن ۾ قيد ڏسي فقير حق جو هوڪو الٽي نموني ڏين ٿا. ڇا لاءِ جو آزادي آتما جو سڀ کان وڏو آدرش آهي. بعضي ظاهري زهد ۽ تقوى خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. فرض ڪريو هڪ جاءِ آهي؛ ٻاهران رنگ روپ ۽ سرون پڪيون اٿس؛ مگر ان مان ائين سمجهڻ تہ اندر آسائش بہ اٿس سو بعضي غلط نڪري پوي؛ اهو شايد هڪ جيل خانو هجي! هوڏانھن ٻي هڪ جاءِ آهي، جنھن کي ٻاهران خاص ڪو رنگ روپ ڏنل ڪونہ آهي، مگر اندر هوا دار ٿڌي ۽ آسائش جوڳي آهي. اهڙيءَ طرح فقيريءَ جي پدويءَ جو اندازو بہ ڪنھن ٻاهرين نيم يا اٿڻ ويھڻ جي نموني مان لڳائڻ مشڪل آهي. تنھن ڪري فقير اهو آهي جنھن جي دل فقير آهي. وڌيڪ ان باري ۾ ڪجهہ چئي ڪونہ ٿو سگهجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”منھنجو خيال هينئن آهي تہ جيڪڏهن فقير چڪلي ۾ چڪلوئي نہ ڏسي، پر جتي ڪٿي ﷲ پيو ڏسي تہ پوءِ ان لاءِ گناھہ ڪونہ آهي.“
سام چيو: ”ملڪ جو بادشاه سڄي ملڪ جو سئر ڪري سگهي ٿو، اگرچ اتي ڪي گناھہ جون جايون بہ هجن. بادشاه جا آفيسر وغيرہ پڻ سڀ پاسي وڃي سگهن ٿا. انھن کي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانہ آهي. پر بادشاه جيڪڏهن پنھنجا بادشاهي خيال ڇڏي پاڻ نفس جو پوڄاري بڻجي اچي روز چڪلي ۾ پنھنجي گاڏي بيھاري يا سندس مکيه نوڪر اهڙي هلت ڪن، توڙي جو هو پنھنجي ملڪ جي حد اندر هجن، تڏهين بہ اهي بادشاهي مريادا کان گٿل ڳڻبا. مطلب تہ سڄي ڳالھہ خيال ۽ ڀاونا تي مدار رکي ٿي. اهڙو ڪوبہ قانون ڪونہ آهي جو هر جڳھہ ۽ هر حالت ۾ سچو ثابت ٿئي.“
انجنير صاحب چيو: ”مان انھيءَ خيال جو آهيان تہ ڪرم جي شڌي هميشہ ضروري آهي. گيتا ۾ پڻ ڪرم جي مھما ٻين سڀني طريقن کان سٺي ڄاڻايل آهي.“
سام چيو: ”گيتا ۾ ڪرم، گيان ۽ ڀڪتي ٽنھين جو سٺو ميلاپ (Synthesis) ڄاڻايل آهي. حقيقت ۾ ٽيئي نہ فقط سٺا رستا آتمڪ اُنتيءَ جا آهن، پر ٽيئي هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن. ڪرم جي آزمودي کانسواءِ پورن گيان پيدا نٿو ٿئي ۽ گيان کانسواءِ ڪرم نشڦل رهي ٿو. پر ٻنھين جو انت آتمڪ آنند ۾ آهي، جتي ڀڳتي مارڳ وارو سڌوئي سڌو پھچي وڃي ٿو. البت ان ڀڳتيءَ جو پئدا ٿيڻ ضرور اڳوڻي ڪرمن يا گيان جي کوجنا جوئي نتيجو هوندو! ساڳيءَ طرح پاپن جو پڃرو پڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل تيلين جو ٻڌل آهي. جي هڪ ٽٽي تہ سڄو پڃرو ٽٽي پوي. هڪ چور جي ڳالھہ ڪندا آهن تہ ڪنھن بزرگ وٽ مريد ٿيڻ ويو پر چوري ۽ ٻيون خراب عادتون ڇڏڻ کيس اهنجون ٿي لڳيون ان پهتل شخص کي پنھنجون حال ڪيائين، هو وڏو گياني هو؛ ان چور جي حالت سمجهي کيس چيو، تون فقط ڪوڙ ڳالھائڻ جي عادت ڇڏ؛ مان ٻي ڪنھن بہ ڳالھہ ڇڏڻ لاءِ توکي ڪونہ ٿو چوان. چور اها ڳالھہ خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ ان کي مرشد ڪري ڪوڙ نہ ڳالھائڻ جو وعدو ڪيائين؛ دل ۾ چيائين تہ هاڻي دوزخ کان بہ بچياسين ۽ هت بہ جيڪي وڻي سو ڪري پيا مزا ماڻينداسين! باقي ڪوڙ کڻي نہ ڳالھائبو؛ سا وڏي ڳالھہ ڪانہ آهي!
”رات ٿي تہ هليو پنھنجي يارن سان گڏ چوريءَ تي. صبح جو جئن ٻين سان گڏ هن کان پڇا ڪئي وئي تہ کيس پنھنجي مرشد سان ڪيل وعدو ياد پئجي ويو ۽ ڳالھہ سڄي سلي ڏنائين. اهڙيءَ ريت پاڻ سان گڏ پنھنجي سنگتين کي بہ چوري موٽائي ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيائين؛ نہ هو هن کي چوريءَ تي وٺي هلن، نہ وري هنکي ڪو گناه ئي ڦٻي. جيڪر گناه ڪري سو پاڻ کي باسڻو ٿي پيس؛ فقير کي چيائين، سائين! هيءَ تہ ڳالھہ ڏاڍي اهنجي ٿي پيئي آهي؛ جي سچ ٿو ڳالھايان تہ ٻيا سڀ گناه جا ڪم بہ ڇڏڻا ٿا پون!
”مطلب هي آهي تہ ڪوڙ، جنھن جا ٻہ پاسا آهن لڄ ۽ ڀَو، سا هڪ قسم جي اونداهي غار آهي. ان ۾ ٻيا سڀ پاپ روپي چور اجهو وٺن ٿا. اول ڪوڙ، لڄ ۽ ڀَو ڪڍو تہ پاپ روپي چورن جي لڪ واريدُڻي ڊهي پوندي. سچ جي شرن وٺو تہ پوءِ پاپ پاڻھي ٻاهر نڪري ڀڄي ويندا. سچ جي روشنيءَ ۾ وڪارن جا جيوڙا سڀ سڙي ڀسم ٿي ويندا چڪلو گهمڻ يا نہ گهمڻ، هي ڪم ڪرڻ يا نہ ڪرڻ، اهي سڀ خسيس ڳالھيون آهن. ستيه مارڳه تي هلڻ، سٺي سنگه ۾ رهڻ، اهي آتمڪ اڌار لاءِ ضروري ساڌن آهن. ٻين ڳالھين جا وهم سڀ واري ڇڏڻ گهرجن. ڀڳتيءَ جي ڀيڙ ۾ سڀ پاپ جلي وڃن ٿا.“
***
27-8-1951ع اڄ پريئر وقت جئن امر پنھنجو نئون ٺاهيل راڳ ڳاتو تئن سام ’واه!واه!‘ ڪرڻ لڳو. هوڏانھن ويٺلن کي اهو شعر ٻاراڻو ۽ ڪچو ٿي لڳو. نہ هيس تڪن ۾ ڪو وزن، نہ وري ڪو سُر سٺو ٿي لڳو. امر سان گڏجي هڪڙو ٻاهريون ستسنگي بہ آيو هو. انھيءَ جي منھن ۾ خاص طور شنڪا ڏسي، سام چيو: ”هي ٻاراڻا ٻول آتما جون اونايون آهن. وڇڙيل آتما پيئي ٿي پريتم لاءِ پڪاري. حقيقت ۾ پريم کي ڪنھن طرز طريقي جي گهرج ئي ڪانہ آهي؛ پريم پاڻ هڪ عجب طريقو آهي. پريم وارن جون ٻوليون اڪثر ٻاراڻيون ٿينديون آهن. اهڙي سمجهہ شل نہ سکون، جنھن ۾ پريم جي ريت وسري وڃي!“
سنڌيا کان پوءَ اسين سام سان گڏجڻ وياسين؛ منشي ۽ مون ششٽانگ پرڻام ڪيو يعني ڌرتيءَ تي سڄو پاڻ نوائي نمسڪار ڪيوسين. سام مشڪي اسان تي هٿ رکيو ۽ ٿوري دير بعد چيائين: ”اسين ڪھڙا نہ شاهوڪار آهيون! محبت هڪ عجيب خزانو آهي. مان بہ توهان کي ساڳئي پريم سان پرڻام ڪريان ٿو.“
مونکي بہ پريئر وقت اهو خيال آيو تہ هيءَ آتمڪ پريم جي زندگي جيڪا اسين گهاري رهيا آهيون، سا هڪ امولڪ چيز آهي؛ پرڀو اسان کي هن ننڍڙي آشرم ۾ سڀ ڪجهہ ڏنو آهي؛ ڪتاب پيا ٿا لکجن؛ راڳه پيا ٿا ٺهن ۽ ڳائجن آتمڪ اُنتيءَ جا ٻيا ساڌن پيا ماٺيڻي نموني پورا ڪجن؛ هيءُ سارو پريم جو ورتاءُ پرڀوءَ جي ديا سان ٿئي ٿو؛ ست سنگ جو نيم رکي آتما جو سچو خزانو پايون ٿا؛ باقي ٻيو اسان کي ڇا کپي؟
سام حضرت بهاءُ ﷲ جي هڪ ڳالھہ ٻڌائي ۽ چيائين: ”جڏهين مان مصر جي ڪيرو شھر ۾ گهمڻ ويس، تڏهين ڪيترا بهائي دوست مليا جي اسان کي پنھنجي جماعت واري جاءِ ڏانھن وٺي ويا؛ انھن مان ڪيترا حضرت بهاﷲ ۽ عبدالبها کي چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا. ڳالھين ڪندي چيائون تہ هڪ ڏينھن حضرت کان پڇيو ويو تہ اوهان کي هن زندگي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڇا وڻندو آهي؛ تڏهين پاڻ فرمايائون تہ برُ هجي ۽ بر ۾ گهوڙي تي سوار هجون، ڪو وفادار ماڻھو ساڻ هجي، جنھن سان ﷲ جون ڳالھيون پيون ڪجن، ان کان وڌيڪ ٻي نعمت هن زندگيءَ ۾ ڪانہ آهي.“
”بر ۾ هجڻ جي معنيٰ سمجهڻ گهرجي پڪووجود ٿيڻ، وفادار ماڻھو جو ساڻ هجڻ، سو آهي ست سنگ ڪرڻ يا سڄو ڏينھن ﷲ جي تات طلب رکڻ. اهڙوئي سک، پريم ۽ ست سنگ ۾ اسين هت ماڻي رهيا آهيون. هيءَ زندگي اسانجي، مٽن مائٽن، جات وارن کان پري، هن ننڍڙي شھر ۾، سا ڪجهہ اُن بر مثل آهي؛ اسان کي هن نعمت لاءِ گهڻو شڪر گذار رهڻ گهرجي. اڄ کان وٺي پاڻ ۾ پرن ڪريو تہ ڪابہ ڪِر ڪِر گهر ۾ ڪانہ ڪنداسين؛ نہ ڪا دوئي، شنڪا يا گمان رکنداسين. ان ريت زندگيءَ کي مٺو ۽ ڦردار بڻائينداسين!“
***


6-9-1951ع هن ڊائريءَ جي آخري سٽن لکئي ڏھہ يارهن ڏينھن ٿي ويا؛ جيترو ان وقت پڪو پرن پريم وڌائڻ جو ڪيوسين، اوتروئي جلد ڪروڌ اچي اسان وٽ واسو ڪيو. ان ڪري ڊائريءَ لاءِ مون ڪي بہ نوٽ پاڻ وٽ ڪونہ رکيا. اڳئين ٻڌر واري ميٽنگ جا نوٽ پڻ ڪچا رکيل آهن، جي درج ڪري نہ سگهي آهيان.
ڪروڌ جو ڪارڻ ڇا؟ انت ڇا؟ اڄ تہ ائين پيو نظر اچي، ڄڻڪ هڪ قسم جو واچوڙو يا انڌاري اچي. از غيبي ڪڙڪي! اهو مونجهارو وڃڻ جي ڪري ئي ڪونہ پيو. ان وقت هڪ هڪ خيال ڪروڌ جو ڪھڙو نہ سچو ٿي لڳو! هينئر مان ڏسان ٿي تہ انھن ۾ ڪو ست يا وجود هيوئي ڪونه. هيءُ هڪ خيالي ڪوهيڙو هو جو پوءِ جلد اڏامي ويو. ڪروڌ جو ڪارڻ ڪھڙو؟ سام جي سمجهہ (Diagnosis) موجب منھنجو حد کان گهڻو ڪم اسپتال ۾ ڪرڻ ۽ سنگ ۾ گهٽ رهڻ ئي انجو ڪارڻ آهي. ڪارڻ ڪھڙو بہ هجي، اُهي ڪروڌ جا ڏينھن سام جي لاءِ صبر جي هڪ آزمائش ٿي پوندا آهن.
سام هڪ ڳالھہ ٻڌائي: ”والٽيئر“ (فرينچ ڪوي) جي ڀيڻ چون ٿا تہ جڏهين هر مھيني زناني مجبوريءَ هيٺ ايندي هئي، تنھن کان اڳ پاڻ کي پنھنجي ڀاءُ جي سپرد ڪندي چوندي هئي، تہ ادا مان هاڻي نيري سمنڊ ۾ گهران ٿي ۽ پاڻ کي، اڄ کان وٺي، تنھنجي حوالي ڪريان ٿي. چون ٿا تہ پوءِ هوءِ بلڪل ڇتي ۽ چري ٿي پوندي هئي ۽ جڏهين وري خوش ٿيندي هئي تہ ساڳي اڳي جھڙي نظر ايندي هئي. اهي ڏينھن والٽيئر لاءِ بہ گويا صبر جي آزمايش جا ڏينھن ٿيندا هئا.“ سام وڌيڪ چيو: ”تون بہ جهيڙي وقت خطرناڪ لڳندي آهين. مون کي خوشي آهي تہ اهو وقت مون صبر ۾ گذاريو.“
مون سام کي چيو: ”مون تہ هميشہ لاءِ پاڻ کي اوهان جي سپرد ڪيو آهي. ڪسا پڪا سڀ توهان جا آهيون. والٽيئر مھيني مھيني سھندو هو اوهان کي اسان جون گهٽتايون عمر ڀر سھڻيون آهن.“
سام چيو: ”هر آزمايش ڀلائيءَ خاطر آهي.“
هي احوال مان سام جي صلاح سان ڏيان ٿي. هن پاڻ بہ پنھنجي ڪتاب ’ايئا جا آواز‘ ۾ پنھنجي اندروني مجبورين جا احوال لکيا آهن. سندس چوڻ آهي تہ جيستائين پنھنجون گهٽتايون اسين لڪايون ٿا، تيستائين ڇوٽڪاري کان پري ٿا رهون. سندس هڪ لکيل نثري نظم ياد اچي ٿو: ’پنھنجا پاپ جهلي پنھنجي هٿن ۾ جڏهين تو در اچان ٿو، تڏهين ميرايون منھنجون معاف ٿيو وڃن؛ جيستائين ميرايون پنھنجون هن صفيد جامي ۾ لڪايم ٿي، تيستائين روح منھنجو تنھنجي پاڪ ڪرڻن کان پري ٿي رهيو.‘
مان بہ هي باب پنھنجي گهٽتاين جي هت درج ڪريان ٿي، انھيءَ آس ۾ تہ انھن کان شل ايشور جلد آجو ڪريم!
***

انھيءَ وقت جا ڪي ويچار ياد اچن ٿا؛ انھن شخصي ڳالھين جو ذڪر ڪرڻ ان لاءِ واجب سمجهان ٿي جو انھن مان جيڪو نتيجو نڪتو ۽ ان مان جيڪا واد وواد ٿي سا شايد ٻين جي اهڙن مسئلن حل ڪرڻ ۾ ڪجهہ مدد ڪري. ان وقت مون کان ڪجهہ اکر نڪري ويا جن لاءِ پوءِ مون پڇتاءُ ڪيو ۽ ڪيترا دفعا سام کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪيم؛ پر هنکي پرچندو ڏسي وري وڌيڪ ڪروڌ بہ ڪيم ٿي. اهو منھنجو نرالو سڀاءُ آهي. هوڏانھن سام جو سڀاو بہ ڪجهہ نرالو آهي. هونئن تہ خيال جو تمام پڪو آهي، پر ٿورو ابتو اکر کيس چئجي تہ ٻارن وانگر هفتن جا هفتا منھن موڙي رسي ويھي رهي. مون جڏهن چيو تہ هڪ اکر لاءِ ايڏي سزا گهڻي آهي، تڏهين سام منصور ۽ جنيد بغداديءَ جي هڪ ڳالھہ ٻڌائي؛ چيائين: ”ائين برابر آهي تہ توڪي گاريون ڪونہ ڏنيون آهن پر جنھن ماڻھوءَ سان ويجهڙائي هوندي آهي يا جنھن مان شرڌا جي اميد هوندي آهي، ان جو هڪ ابتو اکر بہ گهاوَ ڪري وجهندو آهي؛ منصور کي جڏهين مُلن سنگسار ڪرڻ جو حڪم ڏنو تڏهين شھر جو هر هڪ ماڻھو هنکي پٿر هڻي ٿي آيو؛ منصور صبر ۾ رهيو ۽ سڀني جا پٿر ماٺ ڪري ٿي سٺائين؛ پَر جڏهين سندس دوست جنيد شرع پوري ڪرڻ جي بهاني کيس هڪ گل اچي هنيو، تڏهين منصور کان دانھن نڪري ويئي. جنيد چيس تہ منصور! ٻين جا پٿر کائي بہ دانھن نہ ڪيءِ؛ مون تہ فقط توکي هڪ گل اچي هنيو! تڏهين منصور کيس هي جواب ڏنو: ’اي جنيد! انھن جي پٿرن مونکي ايڏو زخم نہ پھچايو، جيڏو تنھنجي گل ڪيو آهي!‘ ۽ اها هڪ حقيقت هئي، ڇا لاءِ جو جنيد عشق جي راه جو ڄاڻندڙ هو ۽ ٻيا اڻڄاڻ هئا، جن مان منصور کي اهڙي ئي اميد هئي!“
وڌيڪ پرچائڻ وقت سام هينئن چيو: ”ظاهري پرچڻ کان اڳ ۾ خيال جي شڌي ضروري آهي، ڇا لاءِ جو جيستائين انھيءَ مرض جا جيوڙا من مان ڪونہ نڪتا آهن، تيستائين پرچڻ کي ڪابہ معنيٰ ڪانہ آهي. ائين تہ مان ئي جيڪر توهان کي پيرن تي هٿ رکي پرچايان. پر جيستائين غير اڃا من ۾ آهي تيستائين وري وري ساڳي هلت پيئي ٿيندي.“
هونئن تہ سمجهان پيئي تہ هن گهر کان ٻاهر منھنجو ڪجهہ بہ نہ آهي، پر تنھن هوندي بہ هيءُ هڪ قسم جو ڌڪو يا ابتي اڇل من کي ڪٿان پيئي اچي؟
سام چيو: ”جيڪڏهين توکي دک برداشت ڪرڻ جي وڌيڪ طاقت ڏسان تہ مان جيڪر اڃا ڪجهہ ڏينھن هيءُ جهيڙو هلايان. ان مان آخر خيال جي شڌي پيدا ٿيندي ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو اڳي کان وڌيڪ هڪ ٻئي کي ويجها اينداسين. سنساري سنٻنڌ مطلب جو رهندو آهي ڪنھن کي سک جو ڪنھن کي ٻارن نپائڻ جو تہ ڪن کي مان مرجات جو مطلب گڏ رکندو ايندو آهي. پر خيال جي هيڪڙائيءَ ئي سچي پريم جو بنياد آهي. هيءُ جهيڙو بہ ان هيڪڙائي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو طريقو آهي.“
سام پنھنجي هيڻي طبيعت ڏسي، اوچتوئي خيال جي مٽ ڪئي ۽ چيائين: ”چڱو پنھنجو جيتامڙي وارو سبق ٻڌاءِ! مونکي پھريائين ايترو جدا رخ مٽائڻ اهنجو ٿي لڳو، پر همت ڪري اهو ٻاراڻو سبق شعر جي نموني شروع ڪيم جنھن پاڻ کي ’واتيرو‘، ’ڪنو‘ وغيرہ چئي ويندي آهيان. انھن سڀني اکرن ۾ ڪھڙو نہ جادو رکيل هو! هن نمرتا جي منتر خوديءَ جا خيال ختم ڪري ڇڏيا. هونئن تہ پاڻ کي هيڏو سارو انسان ٿي سمجهيم، پر انھيءَ ئي گهڙيءَ وري پاڻ کي ٻار مثل سمجهڻ لڳيس. پنھنجي حقن جي خيال رکي سام سان گويا سين ٿي ساهيم؛ هن کي پنھنجو ساٿي سمجهي، ساڻس حجت ٿي رکيم؛ ائين ئي پنھنجو دک پاڻ ٿي وڌايم ۽ خيال جي ڪشمڪشا جاري ٿي رکيم. پر اُهي خيال هڪ ئي گهڙيءَ ۾ ڪافور ٿي ويا. اُها من جي حالت هينئر ڪھڙي نہ اهنجي ۽ اجائي پيئي لڳي! هيءَ راءِ ’جيتامڙي‘ ٿيڻ واري سڀ کان سٺي ۽ سھنجي آهي. سچ پچ، منھنجو ڇا آهي حق يا ڪمن ڪارين سان؟ مون لاءِ سام جو هٿ ۽ پنھنجي ’ڀئيا‘ يعني رام جي ديا ڪافي آهي. هي ڀئيا‘ (مان ’سوامي‘ فقط سام کي ڪوٺيندي آهيان؛ ان ڪري رام، ڪرشڻ کي ’ڀئيا‘ چوندي آهيان) مونکي طاقت ڏي تہ مان وري پنھنجي نماڻي ريت نہ وساريان ۽ تنھنجي جيتامڙن جو بہ جيتامڙو ٿي رهان!
***


سام چيو ٿي تہ جتان پريم ۽ شرڌا جي اميد هجي، ان ماڻھوءَ جو هڪ ڪوسو اکر بہ گهاؤ ڪري ٿو سگهي، مگر سام مون مان انھيءَ انڌ شرڌا جي طلب ڪانہ ڪندو آهي، جا عام طرح چيلا، گروءَ لاءِ رکن ٿا. ان بابت ذڪر ڪندي سام پنھنجا خيال هن ريت ظاهر ڪيا: ”شرڌا دل جي هوا آهي، جا روح لاءِ بسنت رتوءَ مثل آهي. ان ۾ جيڪو ٻج پوي، سو ضروري ڦٽي. ڪروڌ ۽ ايمان جي ڪوتاه ان جي ڀيٽ ۾ برپٽ جي لُڪن مثل آهن. جئن لُڪن ۾ ٻيجاري جو اسرڻ اهنجو ٿيندو آهي، تئن شرڌا رهت دل ۾، جتي ڪروڌ جو ڪوسو واءُ ۽ ايمان جي ڪوتاهيءَ جي خشڪي رهي ٿي، گيات جو ٻج اهنجو لڳندو آهي. پر رُت هڪ شيءِ آهي، ٻج ٻي شيءِ آهي ۽ پالنا يا پرورش ڪرڻ ٻج جي سا ٽئين ڳالھہ آهي. جيڪڏهين شرڌا بسنت رُتو آهي ۽ گيان ٻج مثل آهي تہ سنڀال ڪرڻ وارو مالھي وري ساوڌان ويچار آهي. ويچار يعني خيال کي ضرور خبردار رکڻو آهي. ان کانسواءِ شرڌا بيڪار آهي. اها شرڌا کي جنھن ۾ ويچار جي شڪتي وڌي ۽ نہ گم ٿي وڃي ۽ اهو ويچار کي جنھن ۾ گيان ۽ شرڌ جو هجڻ ممڪن ٿئي.“
سام هرگز ائين نہ چاهيندو آهي تہ اسين سندس خيال کي چُهٽي پئون؛ پاڻ انھيءَ ڪروڌ روپي طوفان جي وقت ۾ چيائين ٿي تہ خيال جي شڌي ضروري آهي؛ پھريائين مرض خيال مان ڪڍو، پوءِ پرچڻ سڻائو آهي؛ ان بنسبت وڌيڪ ڳالھائيندي هينئن چيائين: ”اها شرڌا ٺيڪ نہ آهي، جنھن ۾ وويڪ ۽ ويچار وڃائجي وڃي؛ مگر اها شرڌا گهرجي جنھن ۾ دل ۽ من ٻئي گڏجي اڳتي هلن. جيڪو انسان پنھنجي خيال کي زور سان موڙي مروٽي ٻئي جي ڳالھہ پاڻ کي مڃائي ٿو ۽ ٻئي جو رستو اختيار ڪري ٿو، سو ڪنھن وقت اهڙي موٽ کائي ٿو، جو سالن جي سفر وارو طيءَ ڪيل رستو هڪ لحظي ۾ لتاڙي پٺ تي موٽي اچي ٿو. اڪثر گرو پنھنجي چيلن کان انھيءَ انڌ شرڌا جي طلب ڪندا آهن پر اُها شرڌا هڪ ڪچي گهڙي مثل آهي، جا وچ درياھہ ۾ ٻوڙي ماري ٿي؛ وويڪ ۽ ويچار جو تُرهو هرگز ڇڏڻ نہ گهرجي؛ ۽ نہ تفاوتن پئي ڊڄڻ گهرجهي. سچي پريم کي اها طاقت هئڻ گهرجي جو خيال جي تفاوت کي نہ فقط برداشت ڪري پر انھن کي هوند همٿائي ظاهر ڪري. ڇا لاءِ جو جاڳرت خيال سان ئي زندگي ۾ کوجنا ممڪن آهي. ڪھڙي خبر آهي، ڪک هيٺيان لک لڪل هجي؟ ڪھڙي خبر آهي تہ چيلو پنھنجي خيال مان ڪو نئون اصول يا طريقو ايجاد ڪري وجهي، جنھن مان انسان جي آتما کي ڀلائي يا آنند رسي؟ گهڻا گرو تمام وندرائيندڙ نموني ۾ استرين يا چيلن جي شرڌا جا مثال ڏيندا آهن، جھڙوڪ گروءَ جي پٺيان ڏينھن کي رات چوڻ ۽ رات کي ڏينھن چوڻ، يا آسمان ۾ خيالي هاٿي اڏندا ڏسڻ! اهڙي اعتقاد رکڻ سان بہ شايد ڪي سٺا ڦل پراچين زماني ۾ چيلن کي حاصل ٿيا هجن، مگر سچي شرڌا هن ۾ آهي تہ چيلو يا شاگرد پنھنجي گروءَ کي اهڙي محبت جي نظر سان ڏسي، جئن هڪ ٻالڪ پنھنجي ماتا پتا کي ڏسي يا پياسي پنھنجي پريتم کي ڏسي؛ ۽ چيلو اها گرهڻ ڪرڻ واري ٻڌي (Receptive mind) رکي، جنھن ۾ گروءَ جو ڏنل اشارو يا خيال ٻج وانگر وڃي ويھي؛ پوءِ ٻج ضرور پنھنجي جنس ۽ وڙ آهر ڦل پيدا ڪندو. هٺ يا خوديءُ وارو خيال ان جي واڌاري جي آڏو اچي ٿو. جئن زمين ۾ پڪا ۽ وڏا پٿر ٻج کي ٻاهر نڪرڻ ڪونہ ڏيندا آهن، تئن هٺ ۽ خوديءَ واري سخت تھہ گيان جو واڌارو بند ڪري ڇڏيندي آهي. البت جيڪڏهين ٻج گرو سادو وجهندو تہ ائين لازمي نہ آهي، نہ وري سنڀؤ آهي تہ ان مان چيلو مٺا ڦل پيدا ڪندو. شرڌا جو مطلب اهو نہ آهي تہ گروءَ وٽ هجي ڪجهہ ڪين تڏهين بہ چيلو ان کي سڀ ڪجهہ سمجهي ويھي ۽ اکيون ٻوٽي پيو سندس پٺيان هلي. شرڌا بهار جي مند مثل آهي. مگر ٻج کان سواءِ فقط مند جو اچڻ برن ۾ باغ لائي ڪونہ ڇڏيندو. شرڌا فقط ان لاءِ ضروري آهي تہ گيان جي ڏي وٺ آسان ٿي سگهي. مگر گروءَ وٽ گيان جي ٻڄ ئي نہ هوندو تہ شرڌا بہ بيڪار ويندي. برن مٿان ڪنئين بهارون ائين ئي گذريو وڃن؛ پاڻي ۽ ٻج بنا سلو نہ اسري!“
***


7-9-1951ع مون منشي کي چيو تہ هينئر هي چولو مٽائڻ گهرجي يعني شرير تياڳ ڪرڻ گهرجي جو حياتيءَ ۾ مزو ڪونہ ٿو اچي. سام تنھن تي ڇنڀيو ۽ چيائين: ”چرچي ۾ بہ ڪچو خيال دهرائڻ چڱو نہ آهي، ڇا لاءِ جو انھيءَ نموني اهڙا خيال گهر ڪري ويندا آهن؛ مغز ۾ هڪ قسم جو چڪر ٺاهي ڇڏيندا آهن، جتان کين ڪڍي ڇڏڻ تمام اهنجو ٿي پوندو آهي. هينئر اهي ڳالھيون ڪجهہ چرچي ۾ ۽ ڪجهہ ساڀيا طور چئو ٿا، مگر انھن جي گهڻي دهرائڻ سان سچ پچ اُداسائي ۽ نا اميدي ظاهر ٿي پوندي، جا هرگز جائز نہ آهي؛ اسان کي هر رنگ ۾ راضي رهڻ کپي ۽ زماني مان بيزار ٿيڻ جھڙا خيال يا پاڻ مارڻ جھڙا ويچار رکڻ نہ جڳائن. جيڪڏهين هن وقت ڪي ڳالھيون اسان جي من گهُرئي مطلب موجب نہ آهن شايد هن کان پوءِ ٿين. پر جي من جون مرادون نہ بہ پوريون ٿين تڏهين بہ انسان جو صبر ۽ سھن شيلتا اجايو ڪونہ ويندو آهي. ڪٿي نہ ڪٿي وڃي سندس سچائي اثر پيدا ڪندي آهي.“
***


8-9-1951ع اڄ وري مون کان ساڳيا لفظ چولي ڇڏڻ بابت بنا ڪنھن ڳوڙهي ويچار جي، عادت طور، نڪري ويا. سام وري اهي ٻڌي ورتا ۽ ٿوري دير بعد چيائين: ”هي اجوڳ خيال ڇو تنھنجي من ۾ ويھندو ٿو وڃي؟ تون پاڻ کي ’جيتامڙو‘ ٿي سڏائين. ٻار بہ ڪڏهن راند مان ٿڪبا آهن ڇا؟ هي زندگي هڪ راند آهي. هت ڪنھن شئي کي بقا نہ آهي. هي فقط هڪ کيل آهي، جنھن جو ڪو بہ نتيجو اسان جي آتما سان ڪونہ ٿو وچڙي. هيءَ پرڀوءَ جي ليلا آهي! انکي اها ليلا وڻي ٿي. ڇو نہ اسين بہ ان راند ۾ خوشيءَ سان پنھنجو ڀاڳ وٺون؟ هن کان وڌيڪ اهنجا ۽ اڪيلائيءَ جا وقت اڳي گذاريا اٿئون. پوءِ هينئر هيءُ اداسائي ڇو پيدا ٿي آهي؟ اڃا اسان پنھنجي زندگيءَ جو سنيھو پھچايو ئي ڪونہ آهي؛ هن راند ۾ ڏنل پارٽ پنھنجو اڃا ادائي ڪونہ ڪيو اٿئون؛ پوءِ اڳ ۾ نراسائي ڇا جي؟” هي خيال، هي اڻ ڇپيل ڪتاب اسانجا، هي آدرش آشرم واري زندگيءَ جا، سي فقط پنھنجي لاءِ نہ سمجهہ؛ مگر اهي سڀ امانت ڪري اسان کي پھچائي ڏيڻا آهن. جي هيءَ راند نہ پر هڪ جنگ ڪري ئي سمجهين، تڏهين بہ پنھنجو پارٽ ضرور ادا ڪرڻو آهي. ڪنھن سپاهيءَ کي جنگ جي وقت ۾ ڪو ڪم سونپيو ويندو آهي؛ ڪو سامان يا ڪو ڪاغذ ڪنھن ضروري رٿ جو مرڪز ۾ پھچائڻو هوندو آهي، تہ پوءِ هو دشمن جي حدن ۾ بہ ڪاهي وڃي پنھنجو مقصد پورو ڪري ايندو آهي؛ تيستائين فقط انتظاري رهندي اٿس تہ جئرو رهان، جيستائين اها امانت پھچائي. تئين اسان کي بہ پنھنجي سنيھي پڄائڻ لاءِ هن ڌارئي شرير کي ٺيڪ رکڻ جي انتظاري رکڻ گهرجي. ڇا لاءِ جو هيءُ آتما جو اوزار آهي. جنگ جي وقت ۾ ڪنئين مثال ٻڌبا آهن؛ اهڙو سونپيل ڪم ڪو سپاهي پورو ڪري پوءِ مرندو آهي تہ هو خوشيءَ سان پران تياڳيندو آهي. هن کي ان بعد مرڻ کان ڊپ ڪونہ رهندو آهي؛ تئين اسين بہ خوشيءَ سان پنھنجا پران تڏهين تياڳينداسون جڏهن هي سونپيل ڪم پورو ڪري وڃي ٻئي پار پھچنداسون. تيستائين هيءَ حياتي ملھائتي سمجهڻ گهرجي. تنھن ڪري دلگير نہ ٿيءُ! پنھنجو آدرش هرگز نہ وسار! اچ تہ ان خاطر جئون ۽ ان خاطر ئي مرڻ لاءِ تيار رهون!“
سام جي انھن اکرن مونکي گهڻي تسليٰ ڏني. جيتوڻيڪ اهي نا اميديءَ جا اکر مون ڪنھن گنڀير خيال کانسواءِ ئي چيا هئا، تڏهين بہ سمجهان ٿي تہ اُهي ڪچا خيال هئا. اسان کي برابر هڪڙو وڏو ڪم سونپيل آهي؛ مونکي بہ سام سان گڏ ڪو پارٽ ادا ڪرڻو آهي؛ اها ڳالھہ روز روز وڌيڪ چٽي ٿيندي پيئي وڃي.
***
اڄ ڀاڳوت ۾ ڪرشن جنم بابت پريئر وقت ٽڪرو پڙهيوسين. ان ۾ لکيل هو تہ جڏهين شيام سندر جنم ورتو تڏهين پکي، وڻ ٽڻ، ٻوٽا سڀ خوش ٿي نظر آيا؛ ميوه جا وڻ وڌيڪ ڦل ڏيڻ لڳا، وغيرہ وغيرہ! سام اهو ٽڪرو جڏهين ٻڌو تڏهين چيائين: ”هيءَ ڪوڙي ڪٿا سمجهڻ نہ گهرجي. اسين گهڻو وقت پنھنجو بيروني دنيا ۾ ويتيت ڪريون ٿا؛ اندروني يعني خيال واري دنيا ٿوري ڪا ڏسون ٿا، نہ تہ اها ڳالھہ سمجهڻ جيڪر اهنجي نہ ٿئي تہ خيال جو اثر بيروني دنيا تي ڪيڏو پوي ٿو. هڪ صوفي فقير چيو آهي، ’هان ڀي اِڪ خيال، لڀسان ڀي نال خيال دي‘. تيئن هڪ ولايت جي فيلسوف اسپنوزا چيو آهي: Cogito Ergo Sum يعني مان خيال ڪريان ٿو تنھنڪري مان آهيان! مطلب تہ زندگيءَ جو مرڪز خيال آهي. خيال تي انساني جيوت جو دارو مدار آهي. جڏهين خيال جو مالڪ، يعني ست چت آنند سروپ پرم آتما جنم وٺي ٿو تڏهين ڌرتيءَ تي يا آس پاس جنم واري آستان تي ڪئن نہ اُن آنند جو اثر پوندو؟ سڀ ڪنھن شيءِ جو رخ ڪنھن وڏيءَ آتما جي اثر هيٺ مٽجي وڃي ٿو. وڏن اوتارن جي تہ ڳالھہ ئي نرالي آهي.“
پوءِ سام پنھنجو هڪ مثال ٻڌايو ۽ چيائين: ”اسين سڀ ان هڪ شڪتيءَ جا روپ آهيون. ان ست چت آنند ساگر مان پيون ٿيون روپ جون لھرون اٿن ۽ جيوت جي ڪناري تي لڳن؛ روپ جي لھر ڪا ننڍي آهي، ڪا وڏي؛ مگر اصل نسل سڀني جو هڪڙوئي آهي. ٿورا ڏينھن اڳ جڏهين ڊپٽي صاحب وٽ ڪي ڪلام ٻڌي رهيا هئاسين تڏهين سماڌيءَ ۾ اچي ڪري منھنجي من کي گهڻو آنند مليو. ڀڄنيڪ اهي ساڳيائي هئا جن جو ڪئين ڀيرا اڳ راڳ ٻڌو هيوسين. مگر مان سمجهان پيو تہ منھنجي سماڌي وارو آنند فقط مون تائين محدود نہ هو پر چؤطرف پکڙيل هو. جاڳڻ تي هي خيال دل تي آيو، تہ ڏسان تہ منھنجي آنند جو اثر ٻين تي بہ آهي ڇا؟ اک ڦيرائي ڏٺم تہ انھيءَ آنند جوثر سڄي سنگت تي نظر آيو. پوءِ منشي چيو تہ توهان بلڪل سماڌيءَ ۾ هيَو؛ ويٺلن مان ڪيترا توهان ڏانھن نھاري رهيا هئا. هن جو مطلب اهو نہ آهي تہ اهو مزو هروڀرو مون مان پيدا ٿيو هوندو؛ مگر ايترو ظاهر آهي تہ اهو آنند ڪٿان بہ پيدا ٿئي تہ انھيءَ جو اثر چوطرف ڇائنجي وڃي ٿو. اها هڪ اندروني تجربي جي ڳالھہ آهي. مگر هي ڳالھہ علم موجودات (Physical Science) ۽ علم ڪيميا (Chemistry) جي اصولن موجب پڻ ممڪن آهي. ڇا لاءِ جو ڪنھن بہ مواد يا اصل ڌاتوءَ جو اثر ضرور چوطرف وڌي ٿو ۽ سڀ کي پنھنجو پنھنجو کيتر (Field) آهي؛ يعني انھن کي پنھنجي پنھنجي اثر جو دائريو آهي. پوءِ پورن خيال ۽ پورن پريم جو اثر ڪيترو نہ دور دور پکڙبو هوندو!
”اهڙي طرح گهر ۾ پڻ سنڌيا کان پوءِ جڏهين من ۾ اهو مھا آنند محسوس ڪريان، تڏهين توهان سڀني جو گڏجڻ ۽ سنڌيا کان پوءِ نمسڪار (جيڪو اسين هڪ ٻئي کي ڪندا آهيون) سو وڌيڪ پريم سان ڀريل هوندو آهي؛ مان ائين سمجهندو آهيان تہ اهو اثر من جي ايڪاگر ٿيڻ مان پيدا ٿئي ٿو. ٻاهرين حالتن ۾ ان جي پيدا ٿيڻ جو خاص سبب نظر ڪونہ ايندو آهي. جهڙيءَ طرح هڪ ڪروڌي ماڻھو ڪروڌ جو ڀاو پيدا ڪري سڄي گهر جي وايو منڊل کي خراب ڪري سگهي ٿو، اهڙيءَ طرح ايڪاگر من پاڻ آنند پائي ٻين کي پڻ آنند روپي بڻائي سگهي ٿو. ڪڏهين ڪڏهين وڏيون آتمائون نہ فقط آس پاس واريءَ زندگيءَ تي، جنھن ۾ وڻ، پکي، جانور وغيرہ اچي وڃن ٿا، پر دنيا سڄيءَ تي پنھنجو اثر ڦهلائن ٿيون؛ جئن ڀاڳوت ۾ هينئر اسان ڪرشن جنم بابت پڙهيو. ڪجهہ قدر اهڙو اثر مون ٻہ دفعا خاص طرح ويجهن سالن ۾ محسوس ڪيو آهي.“[1]
اڄ برسات اوچتي اچي ڪڙڪي. سام منشي کي سامان سھيڙڻ وغيرہ سنھا ٿلھا ڪم ٿي ڏسيا، جئن برسات سبب ڪو نقصان نہ ٿئي. گرڌاري، جو ويجهو رڌ پچاءَ جي جاءِ ۾ ويٺو هو، تنھن منشي کي چئي ڏنو تہ مان هت ڇٽو ويٺو آهيان؛ جيڪو ايڏنھين يعني (اسانجي اڳيان) ويھي ٿو سو ڄڻ جيل ۾ آهي؛ اسان هت سکيا ويٺا آهيون! اسان سڀني اهي اکر ٻڌي ورتا. گرڌاري جيتوڻيڪ اهي لفظ کلندي چيا تڏهن بہ مونکي سندس بيجاءِ ڳالھائڻ جو طريقو نہ وڻيو. مون کيس ڇينڀيو، پر سام چيو: ”ويچارو سچ پيو چوي. اسان جي اڳيان جيڪو آهي تنھن کي آرام ڪرڻ جوئي وقت ڪونہ ٿا ڏيون. پر ڀائي گرڌاريمل! حياتيءَ ۾ ڪجهہ پِرائي بہ اهو ٿو جيڪو پنھنجو سک ڦٽائڻ سکي ٿو. اها بہ هڪ زندگيءَ جي ترتيب اٿيئي. ڪچ باه مان نڪري پوءِ ئي سچو سون بڻي ٿو. ائين ئي ٻيڙيءَ ۽ بنڊ واري ڳالھہ ڪندا آهن: بُنڊ پڇيو ٻيڙيءَ کان، جھڙو ڪاٺ جو مان تهڙي آهين تون؛ پر تون ترين ٿي پاڻيءَ تي ۽ مان پيو ٿو غوطا کاوان! سو ڇو؟ ٻيڙيءَ وراڻي ڏني تہ مان بہ پھريائين تو وانگر بنڊ هيس؛ پوءِ مونکي کڻي ويا ڪارٽين وٽ؛ انھن اچي مون ۾ ڪرٽ وڌا ۽ چيري ڪيائون ڦاڪون؛ تنھن کان پوءِ ڊکڻن واهولا وسايا؛ پوءِ رندو هڻي چمڙي ڇليائون؛ لوه جون ميخون هڻي ڪرنڊو سرنڊو ڪري اجها هيءَ ٻيڙيءَ جي صورت ڏنائون. ايترا سور سھي، پوءِ ئي مان ترڻ سکي آهيان! شاه جو بيت آهي:
”سور سھنديون جي، پسنديون پڻ سي هوت کي.“
***


9-9-1951ع ڪچا نوٽ جيڪي ٻڌر جي ميٽنگ جا مون وٽ رکيل هئا، جن جو مون هن کان اڳ ذڪر ڪيو آهي، سي هن ريت آهي:
مون سام کان پڇيو: ”اڳئين ميٽنگ ۾ جو رشي پتنيءَ بابت هڪ ڳالھہ ڊپٽي صاحب ڪتاب مان پڙهي ٻڌائي هئي تہ رشيءَ جي سنياس وٺڻ بعد سندس استري پتيءَ جي گيان آزمائڻ لاءِ نئون روپ ڌاري سندس آستان تي آئي ۽ پھريائين ساڻس پريم ڏيکاريائين جنھن تي رشيءَ چيو ’هري اڇا‘؛ پوءِ جڏهين ٻئي سان پريم رکيائين تڏهين بہ رشيءَ چيو، هري اڇا؛ پر جڏهين انھيءَ ٻئي پريميءَ کي گڏ وٺي اچي رشيءَ وٽ رهايائين تہ رشيءَ پنھنجي هري اِڇا، يعني سڀ ستڪارڻ وارو اصول ڇڏي، هن کي گڏ رهائڻ کان انڪار ڪيو. انھيءَ ڳالھہ تي توهان ۽ ڊپٽي صاحب اهو رايو ڏنو هو تہ اتي رشي پنھنجي آدرش کان ڪري پيو. ڇا لاءِ جو منڍ کان جيئن پاڻ پريم رکڻ وقت يا استريءَ جي ٻئي سان پريم ڪرڻ وقت، هري اڇا ڪئي هئائين، تيئن هن نہ ڪيو، جو کيس ساڙ ٿيو. مان پڇڻ چاهيان ٿي تہ توهان پاڻ جيڪر اهڙي حالت ۾ ڇا ڪريو.“
سام وراڻيو: ”هن ماحول ۾ هن زندگيءَ ۾ اها ڳالھہ اهنجي سمجهجي ٿي ڇا لاءِ جو لوڪ جي مريادا ناس ٿيڻ جو سوال اتپن ٿئي ٿو. جڏهين کُڏ تان اسان جو نوڪر ڪو سامان هيٺ لاهيندو آهي تڏهين ان کي چوندا آهيون تہ ڏينھن ڏٺي جو مٿي نہ چڙھہ، ڇا لاءِ جو ڀر وارن گهرن ۾ پڙدي وارا مسلمان رهندڙ آهن؛ جئن مٿن ڪنھن جي نگاه نہ پوي. مگر اسين پاڻ پڙدو ڪونہ ٿا رکون ۽ ڏسڻ وائسڻ کي پاپ ڪونہ ٿا سمجهون. اهڙيءَ طرح ٻيا ڪيترا ڪم پڻ اسين ڪريون ٿا جي اسان کي نا ضروري لڳن ٿا مگر لوڪ لڄا يا لوڪ جي مريادا قائم رکڻ جي لحاظ کان ضروري سمجهون ٿا. ان ۾ هي راز رکيل آهي تہ سڌارڪ کي لوڪ جي اوستا موجب سڌاري جي رٿا رکڻ گهرجي ۽ نہ وڌيڪ قدم کڻي سڌاري کان نفرت پيدا ڪرڻ گهرجي. سري رامچندر جن سيتا کي باھہ مان گهمائي سندس پريکشا ورتي هئي، نہ پنھنجي لاءِ پر لوڪ جي مريادا رکڻ جي ڪري. کين سيتا جي پوترتا جي دلي خاطري هئي. پر ان وقت جي مريادا موجب وري هڪ خسيس ڌوٻيءَ جي نڪتہ چيني سڻڻ سان پنھنجي پتنيءَ کي نيڪالي ڏيئي ڇڏيائون، ڇا لاءِ جو سوريه ونسي راجائن جو اهو ڌرم هو تہ ٻئي جي قبضي ۾ آيل استري پنھنجي رڻ واس ۾ نہ رکن؛ ساڳيو سوال اڄ ڪلھہ جي حالتن ۽ مريادا جو هت بہ اٿي ٿو. جيڪڏهين ڪو بہ جوڙو اهڙي کليل آزادي وٺندو ۽ لوڪ جي مريادا جو خيال نہ ڪندو تہ هو ڏوهاري سمجهبا. برابر سنت لوڪ، لوڪ لڄا جي پرواه نہ ٿا رکن ۽ جڏهين ضروري سمجهن ٿا تڏهين پنگتي ٻنڌنن کان ٽپي پار پون ٿا؛ پر هروڀرو لوڪن کي ڪنھن بہ قسم جو ڌڌڪو ڏيڻ سو هو فرض نہ ٿا ڄاڻن. جيڪڏهين اسين هڪ آشرم ۾ هجون جتي فقط پنھنجي روحاني مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ لڳل هجون ۽ اتي اهڙو سوال ڪنھن بہ آشرم جي ميمبر جو اٿي، تہ ان کان جيڪر نفرت نہ ڪريون، بشرطيڪ هن اها آزادي ايمانداريءَ وچان يا اصولي مجبوريءَ وچان اختيار ڪئي هجي. اهڙو اونچ مثال اڄوڪي زماني جي هڪ دوست جي واتان مون ٻڌو. هو هڪ انگريز ڊاڪٽر جو مثال هيو جو هڪ آدرشي انسان هو. هن ملڪ ۾ ڪجهہ وقت اڳ هو رهندو هو ۽ منھنجو بہ واقف هو. هو پنھنجي گهر واريءَ جي بي غيرتي هلت نہ فقط برداشت ڪندو هو ۽ سندس دوستن کي گهر ۾ اچڻ وڃڻ کان روڪ ڪانہ ڪندو هو مگر کيس پنھنجو عمر جو ساٿي سمجهي، ساڳئي ئي پريم جي ڀاو سان هلائيندو رهندو هو ۽ خود انھن اعتراض جوڳن ناتن ۾ کيس ڪجهہ مدد ڪندو هو. پنھنجي عورت جي اچڻ وقت هو پاڻ پري رهي کيس جاءِ نويڪلي ڪري ڏيندو هو. انھيءَ ڳالھہ جي خبر جلد ان ڊاڪٽر جي دوستن کي پئجي ويئي، جن جي خيالن کي گهڻو ڌڌڪو رسيو، جيتوڻيڪ انھن مان ڪي ٿورا سندس اعليٰ خيال سمجهي، دل ۾ هن لاءِ عزت رکندا هئا.
”هڪ وڏي فرينچ عالم جي ڳالھہ ياد اٿم، جنھن سان منھنجو گهاٽو ناتو هو. هو پنھنجي استريءَ جي ڀڄائيندڙ يا ريبيندڙ کي پنھنجي وڏي ڀاءُ وانگر ڪري ڏسندو هو ۽ مونکي ائين چوندو هو تہ هُو (سندس زال جو ريبيندڙ) هڪڙو مھاتما آهي، جنھن کي ڪو پاپ لڳي نٿو سگهي؛ جيتوڻيڪ هن کي اها خاطري هئي تہ سندس ناتو زال مرد جو ٿي چڪو هو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”جيڪڏهين ڪنھن آشرم ۾ اها ڳالھہ روا ٿي سگهي ٿي، ان ڪري جو اهڙي آشرم شھر کان ڏھہ يا ويھہ ميل پري آهي يعني ان ڪري تہ آشرم واسين جي رهڻيءَ ڪھڻيءَ جو اثر شھر واسين تي ڪونہ ٿو پوي، تہ پوءِ ان اصول موجب، پورو لڪ هجي ته، گهر ۾ بہ اهڙيون ڳالھيون ڪري سگهجن ٿيون، بشرطيڪ انھن جو اثر ٻين ماڻھن تي نہ پوي!“
سام وراڻيو: ”پھريائين سمجهڻ گهرجي تہ هي گهڻي ڀاڱي هڪڙو اسڪولي سوال آهي، جيتوڻيڪ اتفاقاً اهڙا مثال حياتيءَ اندر بہ پيدا ٿي سگهن ٿا. مگر جنھن صورت ۾ سوال اٿاريو ٿو تہ ڀل ان کي چڱيءَ طرح ويچار ۾ آڻيو. هت فقط لڪ جو سوال نہ آهي؛ هن سان گڏ مالي ۽ پنگتي سوال پڻ اُٿن ٿا. جيڪڏهين عام طرح لوڪن لاءِ ايتري آزادي شادي ۽ ڄم (Sex) جي ڳالھين ۾ روا ڪجي تہ اهڙي آزادي وارن جي پئدائش ڪيڏانھن وڃي؟ سندن ٻار ڪير پالي؟ اُن حالت ۾ جيڪر سڄو گهرو، مالي ۽ پنگتي سرشتو دنيا جو ڦيرڻو پوي؛ تنھن ڪري وڏي پئماني تي ايتري آزادي نہ ڪو طلبيندو ۽ نہ ان مان چڱائي پيدا ٿيندي. پنگتي پوترتا جي قائم رکڻ واري خيال کان پڻ اهڙي روش خراب ليکجڻ ۾ ايندي ڇا لاءِ جوان مان ڪٽنب جي پوترتا، مريادا ۽ ريت رسمن تي اثر پوندو. ازانسواءِ ڪٽنب جي آدرش يا وڏن جي اختيار ڪيل اصولن ۾ فخر ڪو نہ رهندو. ان تهذيب جو قائم رکڻ، جنھن ۾ ڪيترا ملھائتا آزمائش ۾ آندل گُڻ سمايل رهن ٿا. مشڪل ٿي پوندو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مگر برهم گيان واري لاءِ اِهي سڀ ڳالھيون تڇ آهن. هن لاءِ جھڙو هي ورن تهڙو هو؛ جھڙو هي ڪٽنب تهڙو هو.“
سام وراڻيو: ”مٿين قسم جو ورن سنڪره هڪ پنگتي پاپ ڪري سمجهڻ گهرجي. ڪن ولايتن ۾ ڪجهہ وقت ٿيو تہ (Eugenic Marriage) يعني جسماني وصفن جي چونڊ واري اصول تي شاديءَ کي همٿائڻ جو تحرڪ شروع ٿيو هو، ان لاءِ تہ قوم ۾ جيڪي سٺا ٻج يا سٺا گڻ هجن، سي قائم رهن ۽ بيماريءَ وارن انسانن يا ذليل انسانن تي شاديءَ جي بندش پوي؛ مان سجهان ٿو تہ آري قوم بہ ورڻن جو گڏجي وڃڻ ان لاءِ روڪيو هو تہ جيئن گهڻي مڪسچر ۾ اونچا قومي گڻ گم ٿي نہ وڃن، جن تي قوم جي سڀيتا جو دارو مدار آهي. اسين ورڻن بنسبت انھيءَ قسم جون پائبنديون اڄوڪي زماني ۾ قائم رکڻ نٿا گهرون، پر ذڪر ڪيل آزادي رشي پتني واريءَ ۾ سنساري ماڻھن لاءِ ڪٽنب ۾ يڪوجودي قائم رکڻ جو سوال اٿي ٿو، جيڪا يڪوجودي ڀاتين جي هڪ ٻئي ڏانھن شرڌا ۽ سنيھہ رکڻ يا ڪٽنب جي مالي، دماغي ۽ روحاني ڪماليت لاءِ ضروري آهي. اهو رشي پتني وارو مثال سڀ ڪنھن لاءِ ادرش ٿي نٿو سگهي. خاص ڪري اسان جي قوم (جنھن ۾ ملڪ جون گهڻو ڪري سڀ جاتيون اچي وڃن ٿون) جي جوڙ جڪ واري اصول جي خلاف آهي. پر آشرم معنيٰ هڪ خيال جي لئباريٽري؛ اتي خيال جي سڀني عملي صورتن جي آزمائش ٿي سگهي ٿي. جئن هڪ لئباريٽريءَ ۽ سائنس جون نيون کوجنائون آزمائي سگهجن ٿيون ۽ اهي جيوت جي جوڙ جڪ ۾، صحت، تعليم، ڌنڌن، ڪارخانن، بچاءَ جي محڪمن وغيرہ ۾، آزمائش کان پوءِ ئي ڪم اچن ٿيون، تئن آشرم ۾ نوان خيال اهڙي آزاديءَ جا پيدا ٿين تہ انھن جي چڪاس يا انھن جي نتيجن جي ڀيٽ آشرم ۾ اندر ئي ڪري سگهجي ٿي. ائن ڪنھن کي بہ حق نہ آهي تہ اهي آشرم ۾ برداشت ڪيل يا خاص حالتن ۾ اجازت ڏنل ڳالھيون، عام پبلڪ ۾ اختيار ڪرڻ لاءِ پيش ڪري. مثلاً اڄ ڪلھہ ننگن جا ڪلب (Nudist Club) ولايت ۾ کليا آهن، مگر عام طرح سرڪاريون لوڪن کي پبلڪ جي اچ وڃ وارن هنڌن تي ننگي گهمڻ وغيرہ جي اجازت ڪونہ ٿيون ڏين. هڪ آشرم يا ڪلب جي نرالي ڳالھہ آهي. آشرم جي معنيٰ آهي اجهي جي جاءِ، جتي ڪو بہ جيءُ اجهو پائي سگهي ٿو. اسپتال ۾ خاص وچڙندڙ بيماريءَ وارن لاءِ جدا بندوبست ٿي سگهي ٿو تئن آشرم ۾ پڻ اهڙن ماڻھن لاءِ، جن جي عام طرح هلت ابتي يا خطرناڪ نظر اچي، جاءِ ٿي سگهي ٿي. اتي جيڪڏهين اهڙو ڪو روحاني ڊول جي ابتڙ دل ۽ دماغ وارو انسان (Freak) اچي ٿو تہ انھيءَ کي ان محدود دائري اندر، جئن وچڙندڙ مرض جي بيمار کي اسپتال ۾، منھن ڏيئي سگهجي ٿو. ائين برابر آهي، تہ جيڪڏهين آشرم شھري زندگيءَ کي تمام ويجهي آهي، جتي عام ماڻھن جي اچ وڃ گهڻي آهي تہ اتي اهڙا طريقا برداشت ڪرڻ اهنجا ٿي پوندا.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين تہ وري هي سوال بہ ڳجهي طرح ويچار ڪرڻ گهرجن.“
سام چيو: لِڪ اتپتيءُ جو هڪ اصول آهي. جيڪڏهين اهڙن خيالن ۾ ڪا آخري چڱائي آهي تڏهين بہ اُهي ضرور پھريائين لڪل ۽ ننڍي پئماني تي رهڻ گهرجن. قدرت پاڻ ڪيتريون نيون ڳالھيون آزمائي رهي آهي، پر زندگيءَ ۾ عام طرح ايجاد انھن جو تڏهين ٿئي ٿو، جڏهين عام جي لاءِ فائدي واريون ثابت ٿين ٿيون.“
انجنير صاحب چيو: اوهان اڳي لڪ کي پاپ ٺھرايو آهي. هينئر چئو ٿا تہ لڪ پاپ نہ آهي پر قدرت جو هڪ اصول آهي!“
سام چيو: ”مون لڄ کي پاپ چيو هوندو يا اُهو لِڪ جو ڪوڙ جي بچاءَ خاطر رٿيل آهي. رواجي طرح لڪ زندگيءَ جو هڪ اصول آهي. ٻج سلي جي صورت ۾ پھريائين ڪرنڊڙو ٿيو ڌرتيءَ هيٺان لڪل رهي ٿو. جڏهين هوا ۽ اُس کائڻ جي طاقت ٿئيس ٿي تڏهين ڌرتيءَ کان نڪري ٻاهر ٿئي ٿو. اهڙي طرح قدرت جا وڏا کيل ۽ انسان جا وڏا اورچائيءَ جا ڪم پھريائين لڪل رهن ٿا ۽ پوءِ جوڳي وقت تي، دنيا ۾ ڦهلجي وڃن ٿا. ان ريت جيسس ڪرائيسٽ هڪ غريباڻي گهر جي اونداهي واڙي ۾ ڄائو؛ سري ڪرشن قيد خاني ۾ ڄائو ۽ محمد صلعم هڪ ڇورو ٻار ٿي رهيو! انھن جا هلايل مذهبي تحري بہ رفتہ رفتہ زور ۾ آيا.“
ڊپٽي صاحب پڇيو: ”ڀلا اهو ٻڌايو تہ جيڪا ڳالھہ هتي، لوڪن ۾، عمل ۾ آڻڻ جوڳي نہ آهي سا ڇو نہ هت بحث هيٺ نہ اچڻ گهرجي؟ متان ڪو گمراه ٿي پوي!“
سندس اهو بہ خيال هو تہ ڪي ڳالھيون مذهب جون اندروني آهن ۽ سڀ خيال عوام جي اڳيان رکي نٿا سگهجن.
سام چيو: ”توهان جو خيال ڪجهہ قدر صحيح آهي پر هيءَ منڊلي هڪ خيال جي چڪاس ڪرڻ جي جاءِ آهي پارليامينٽ ۾ تقرير جي آزادي آهي. مگر ساڳيو ڳالھيون پارليامينٽ کان ٻاهر ڪرڻ ڪڏهن قانون شڪني بڻجي سگهن ٿيون. هيءُ بہ هڪ خيال جي چڪاس جو اسڪول ڪري سمجهو. البت هٿرادو طرح ڇيڙيل بحث ۾ مون کي مزو ڪونہ ايندو آهي. پر جيڪڏهين ڪو دلچسپيءَ جھڙو سوال پيدا ٿئي تہ ان کي چڱي طرح چڪاسڻ ۾ ڪو گناھہ نہ آهي.“
صوفي صاحب چيو: ”گناه جو سوال اٿاريو اٿو! ان بابت مان پڇڻ ٿو چاهيان تہ گناه ڇا آهي؟“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اهوئي تہ مونجهارو آهي، هڪ جو گناه ٻئي لاءِ ثواب آهي. چور ڪنھن جي ڄنگهہ وڍي ٿو تہ گهنگار ٿئي ٿو پر ڊاڪٽر ڪنھن مريض جي ڄنگهہ وڍي ٿو تہ پاڻ هن کي اجورو ملي ٿو!“
سام چيو: ”گناه ارادي سان شامل آهي. ملڪي قانون توڙي الاهي قانون ائين مڃي ٿو، جئن ڄنگهہ وڍڻ جي مثال مان ڏٺو. پر ڪي ڪم اهڙا آهن، جيڪي خراب ارادي شامل نہ هوندي بہ گناه ٿي سگهن ٿا. مثلاً جهَل وچان ڪو زبردست حاڪم شخصي آزادي، ملڪ جي گم ڪري ڇڏي ٿو؛ هو ان ۾ عوام جي ڀلائي سمجهي ٿو، پر حقيقت اها برائي آهي.
”درحقيقت جهل گناه نہ پر هڪ مرض سمجهڻ گهرجي. البت مرض برداشت ڪرڻ يا پيدا ڪرڻ خود گناهن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.“
انجنير صاحب چيو: ”گناه جي سزا ڇا آهي ۽ اها ڪٿي ملي ٿي؟“
سام چيو: ”اها ڳالھہ اڳ بحث هيٺ آيل آهي. ان بنسبت مون چيو هو تہ ڪرم جو ڦل از خود ۽ اتي جو اتي پيدا ٿئي ٿو. سو هڪ ڳنڍيل زنجيريءَ مثل يا مس چٽي تي، مس جي وڌندڙ آلاڻ مثل، لاڳيتو ۽ ڳنڍيل سمجهڻ گهرجي. زنجير بہ جدا جدا پرزن يعني ڪڙين جي ٺھيل آهي، مگر ڪرم جو ڦل اهڙو تہ ڪرم سان ڳنڍيل آهي، جو منجهن هڪ وار جي بہ وٿي نہ آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”تڏهين سزا ڇا کي ٿو چئجي ۽ گناه کان سزا جدا آهي يا نه؟“
سام چيو: ”سزا گناه منجهہ ۽ پوءِ وڌندڙ گناهن جي صورت ۾ اچي ٿي. بڇڙائيءَ جي سزا آهي اتي جو اتي خوشيءَ جو هپڻ؛ زندگيءَ جي جَرن جو گويا سڪي وڃڻ؛ تيج ۽ تاثير جو گهٽجي وڃڻ؛ مطلب تہ زندگيءَ جو اڻ پورو رهڻ ۽ ان جي سچيءَ خوشيءَ کان انسان جو محروم رهڻ ئي جرم جي سزا آهي. ڇا اها ڪنھن بہ گناه جو ڪافي عوض نہ آهي؟“
انجنير صاحب چيو: ”ائين نہ آهي ڇا تہ اڄ جي اگري ڪم مان ڪو اگرو نتيجو يا ڪا دردشا هن کان پوءِ پيدا ٿي سگهي ٿي؟“
سام چيو: ”اها دردشا ڀل پوءِ ئي ڏسڻ ۾ اچي مگر شروعات انجي اتي ۽ هينئر ئي ٿئي ٿي؛ ٻيءَ صورت ۾ اسان کي اهو سمجهڻ مشڪل ٿي پوندو تہ ﷲ يا ٻي ڪا ايجنسي اهي ليکا چوکا ڪيئن رکي ٿي ۽ ڪيئن لاهي ٿي. جڏهين فورڊ يا ٽاٽا ۽ ڊالميا جي ڪارخانن ۾ پاڻمرادو هلندڙ (Automatic) سرشٽو ضروري سمجهيو وڃي ٿو ۽ شخصي جزو (Factor) يعني انساني دخل جو ڀاڱو گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي ٿو تہ ڇا ﷲ سائين جي هيڏي ساري ڪارخاني ۾ اهڙو يا ان کان بہ وڌيڪ سھڻو هلندڙ ۽ خود بخود ڪم ڪندڙ قانون رکيل ڪونہ هوندو؟ مان نٿو ڀانيان تہ ڪو ڌرمراءِ سچ پچ مس قلم ۽ ڪتاب رکيو ويٺو آهي، نہ وري ڪن فرشتن تي اسين ان ڪم لاءِ ڀاڙي سگهون ٿا، جي هر هڪ انسان جي ڪلھن تي ويھي گناه لکن! يا تہ ﷲ کي ايترا فرشتا رکڻا پوندا جيترا انسان! هر ڪنھن کي پنھنجو خيال آهي، پر منھنجي سمجهہ موجب هي سڀ تمثيلي بيان آهن؛ انھن ۾ اندروني معنيٰ پڙهڻ گهرجي. در حقيقت قدرت جو سرشٽو تار ۽ ٽيليفون يا ريڊئي کان سٺو ۽ تيز رفتار وارو آهي. اسان جي ججن ۽ ڪورٽن کي سزا مقرر ڪرڻ ۾ مھينا لڳيو وڃن؛ مگر ﷲ جي ڪامل سرشتي ۾ ڪو بہ وقت ڪونہ ٿو وڃي؛ ٺڪ ڦڪ اتي جو اتي فيصلو بہ ٿي وڃي تہ سزا بہ ملي ٿي وڃي! ڀلا اهو سرشتو توهان کي نٿو وڻي ڇا؟“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ڏوهيءَ کي سزا نہ فقط ملڻ کپي؛ پر ان کي خبر پوڻ گهرجي تہ مونکي سزا ملي.“
سام چيو: ”اها خبر ان کي اندروني طرح احساس جي ذريعي پوي ٿي ۽ اُن پٽاندر هن جي جوڻ يعني روحانيت جو درجو پڻ مٽبو رهي ٿو. جوڻ جو سلسلو بہ ڪرم سان شامل آهي؛ ڪرم سان گڏ اسين پنھنجي جوڻ بہ اتي جو اتي مٽائيندا رهون ٿا. پر جئن شاگرد جو اڀياس ستن درجن اندر لڳاتار روز بروز وڌندڙ آهي، جيتوڻيڪ ٻاهر وارن کي خبر تڏهين پوي ٿي جڏهن هو ماهرن جي سمجهہ موجب مقرر ڪيل درجن واري حد ٽپي ٿو، تئن ڪرم جو ڦل ۽ جوڻ جو مٽجڻ بہ هڪ لڳاتار هلندڙ حقيقت آهي؛ ٻاهرين طرح خبر تڏهن پوي ٿي، جڏهن ڪو وڏو ڦيرو ظاهر ٿئي ٿو، مگر اهو سمجهڻ گهرجي تہ اهو وڏو ڦيرو از غئبي يا اوچتو پئدا ڪونہ ٿو ٿئي، پر دم دم حالتن ڦرڻ سان پيدا ٿيندو رهي ٿو. انڪري ئي انساني زندگيءَ اندر خود حيوانيت يا انسانيت جا درجا گڏ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“
***