ڊائريءَ جا ورق / نثري ٽڪرا

جيتامڙي جي ڊائري

ھن ڊائريءَ جو هر هڪ مضمون پنھنجي سمجهاڻي پاڻ ڏئي ٿو،  هي ڪتاب هڪ خيالن جي کاڻ آهي يا هڪ درياهہ مثل ڪري چئجي، جنھن ۾ گهڻن قسمن جا جواهر ۽ موتي موجود آهن. گهڻن وشين تي گهڻا خيال ان کي بلڪل رنگين بڻائن ٿا. ازانسواءِ هيءَ هڪ قسم جي سوانح عمري پڻ چئي سگهجي ٿي، ڇا لاءِ جو هت نہ فقط انھيءَ عرصي جي مشغولين جو ذڪر ڪيل آهي، جنھن ۾ هيءَ ڊائري لکي وئي هئي، مگر اڳ جي پيچيدہ مسئلن ڏانھن پڻ اشارا ملن ٿا.

Title Cover of book Jeetamary Ji Diary

11

سام جي انھن لفظن مون کي ڪجهہ غمگين ڪيو ۽ مون کيس دلداري ڏيڻ جي نموني چيو تہ هار ڇو ٿيندي؟ تنھنجو هن سال هڪڙو ٻيو بہ ڪتاب ڇپيو آهي ۽ وڌيڪ ڪتابن ڇپائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سام تنھن تي وراڻيو. ”ان هار جو اسان کي ارمان ڪونہ آهي نہ وري زندگيءَ جي ظاهري هار آتما جي هار آهي. ڪتابن ڇپائڻ سان بہ اسان جو ڪو خاص پريوجن ڪونہ آهي اُها سوڀ اڃا ڪنھن ٻيءَ ڳالھہ ۾ آهي، جنھن سان جيون سڦلو ٿئي ٿو. ايشور کي خبر آهي تہ هت ڇا سجايو ۽ ڇا آهي اجايو. ڪنھن بہ هٿرادو ڪوشش ڪرڻ ۾ دلي خوشي يا آتمڪ آنند پيدا ڪونہ ٿيندو، جيئن اشارو ايندو، تيئن تيئن پيو ڪبو ۽ ڪنھن خاص ڦل جي چاهنا ڪا نہ رکبي.“
مون کي ان ڳالھہ مان پورو دلاسو ڪونہ مليو تنھنڪري اڄ ڪن دوستن کي چيم تہ ڪو سنڌي خواند حال في الحال سام جي ليکن اُتارڻ لاءِ وٺي ڏيو تہ پريس کي اُتاري موڪلجن. اڄ وري نئين سر ارادو ڪيو اٿم تہ هن ماحول ۾ بہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪم پيو ڪبو؛ ڏسان ڪيتري قدر ڪامياب ٿيون ٿا. باقي سام تہ ائين پيو هلي ڄڻڪ کيس ڪي صديون هت رهڻو آهي، يعني ڇپائي يا ٻئي ڪنھن ڪم لاءِ ڪو خاص اُديم ڪونہ ڪري ۽ جيئن اٽڪل ويھن سالن کان انھن ڪمن کي نا ضرور سمجهي ڇڏي ڏنو اٿس، اهو خيال ٿو رکي تہ ٻيو ڪو پيدا ٿيندو جيڪو سندس زندگيءَ جو ڪتابي يا خيالي ڀاڱو اچي سنڀاليندو: اڃا هو ڄڻڪ ٿڌو ٿانھريو ويٺو آهي. شل ايشور مون کي ئي اها همٿ ڏئي جو مان هيءَ آس سندس ۽ پنھنجي دل جي پوري ڪري سگهان!
***
30-8-1955ع ٽي هفتا کن ٿيا تہ سام پوني کان موٽي آيو هو ۽ خبر ڪئي هئائين تہ اُتي اسان جي وچين ڇوڪري کي نوڪري چڱي ملي هئي پر رهڻ جو بندوبست سٺو ڪونہ هيس. ڪم بہ تمام گهڻو هيس؛ سندس نوڪريءَ تي چڙهڻ وقت سام ٻڌايو تہ اُتي خيرات ۾ ڪجهہ ڪونہ ڏنائون ۽ نہ ڪنھن شڀ ڪرم يا پريئر سان شروعات ڪيائون.
سام جي موٽڻ بعد پوني کان خط اچڻ لڳا جن مان معلوم ٿيو تہ ڇوڪرو اڃا ڏکيو آهي؛ بمبئيءَ ۾ ڪا رهڻ لاءِ جڳھہ ڪانہ ملي اٿس، وغيرہ. سام چيو: ”جيتوڻيڪ ماڻھوءَ جي سڄي حياتيءَ جا ڪرم جن ۾ ڌيان پريئر وغيرہ پڻ اچي وڃن ٿا ۽ ٻيون شڀ اڇائون انھن سان گڏجي هلندڙ ۽ ايندڙ وقت جي نتيجن پيدا ڪرڻ ۾ اثرائتيون ٿين ٿيون، تنھن هوندي بہ هر هڪ نئين ڪم جو آرنڀ پريئر سان، انھيءَ نئين قدم کڻڻ لاءِ چڱو آهي، شڀ آس پيدا ڪجي ۽ سڀني جون شڀ اڇائون وٺي پوءِ ڪم جي شروعات ڪجي تہ سٺو آهي. ان ڪري هاڻي توهان غريب جا ٻار هتي گهرائي انھن کي هٿ سان پاڻ کارايو ۽ ٿورا ٿورا پئسا انھن کي ڏيئي، سندن آسيس وٺو تہ اها گهٽتائي پوري ٿي وڃي!“
سام هڪ پاسي نئين زماني جي خيالات رکندڙ آهي ۽ ٻئي پاسي سندس وشواس انھن ڪرمن ۾ ۽ پرارٿنائن ۾ اٽل آهي. چيائين: ”خود اها نئين خيالات ان طرف مون کي ڇڪي ٿي يعني آتمڪ اُپا سنا لاءِ اشارو ڪري ٿي. جيئن جسماني تون جون سائنسون پنھنجي اصول ۾ اڻ ٽر آهن يعني وگيانڪ تصديق ٿيل اصولن تي بيٺل آهن، تيئن هڪ آتما جي سائنس پڻ آهي. پريئر ڪرڻ ڪو وهم نہ آهي؛ پريئر جي اصل معنيٰ آهي ان پرم آتما کي جاڳائڻ يا سڏ ڪرڻ جا ست چت آنند روپ آهي؛ ان کي سڏڻ ۽ اُن جي پرگهٽ ٿيڻ لاءِ رستو صاف ڪرڻ، سڀ هيٺيان يعني ڪسا خيال من مان تڙي ڪڍڻ ۽ شُڀ وايو منڊل پيدا ڪرڻ، سو آهي سچو مطلب پريئر جو. من مان ٻيون ميريون مدايون ڪڍي ۽ ان پرماتما کي آراڌنا ڪرڻ سو ڄڻ آهي ان شڪتيءَ جي پر گهٽ ٿيڻ لاءِ گلم غاليچا وڇائڻ.“
سام جي چوڻ موجب اٽڪل چاليھہ يا پنجاھہ ننڍا، غريب ٻار گهراياسون. سام ۽ مون بيھي انھن کي کارايو.
مان ائين اڀمان ڪري نٿي چوان تہ اسان جي اُن ڪرم ڪري ڪا ڪرامت ٿي، پر اڄ جيڪو پوني کان خط آيو آهي، ان ۾ لکيائون تہ اسان جي ڇوڪري کي تمام سٺي جڳھہ رهڻ لاءِ ملي آهي ۽ هو پاڻ کي اُتي خوش سمجهي ٿو. جڳھہ ملڻ جو وقت وري لڳ ڀڳ اُن ماني کارائڻ ۽ پريئر واري ڏينھن جي ويجهو ڏيکارجي ٿو. سائين انسان جي شڀ ارادن ۾ ضرور مدد ڪري ٿو!
***


4-9-1955ع صوفي صاحب جڏهين آيو تہ مون کيس سام جي نئين ڇپيل ڪتاب ”پينوءَ جي سوغات“ مان ڪي ڇپيل ٽڪرا هندواسي هفتيوار مخزن ۾ ڏيکاريا. ماستر صاحب کي خيال آيو تہ سنڌ جي ڪن مشهور رسالن ۾ انھيءَ ڪتاب مان ٽڪرا پوڻ گهرجن. اسان کي چيائين: ”هن ڪتاب مان يا ٻي ڪنھن مان ڪجهہ ٽڪرا ڪڍي ڏيو تہ مان انھن رسالن کي درج ڪرڻ لاءِ موڪليان. ديوان صاحب جي ليکيتن جي پڌرائي ڪرڻ گهرجي. مان هڪ نئين روزاني اخبار کي پڻ لکندس تہ هو بہ اُهي ٽڪرا وجهندا رهندا.“
سام چيو: ”جڏهين انھن کي بہ سڪ پيدا ٿئي تہ پوءِ موڪلجن. جڏهين ڪو ڪم سڪ يا چاھہ منجهان ٿيندو آهي تہ ان جو لاڀ بہ چڱو حاصل ٿيندو آهي. هتان جي رسالن ۽ اخبارن کي اهڙن ليکن يا شعرن جي گهرج ڪا نہ ٿي ڏيکارجي. بمبئيءَ جي هند واسيءَ کي پڻ مون ڪونہ لکيو هو مگر انھن پنھنجو پاڻھي اُهي ٽڪرا واڌا ۽ انھن بابت ڪي چڱا اکر پڻ لکيائون. هت بہ جنھن کي وجهڻا هوندا سي پاڻھي وجهندا.“
صوفي صاحب چيو: ”هت تہ اخبارن وارن جي ڪڍ پئجي ٿو تڏهين ٿا ليک قبول ڪن؛ ٻيا اديب کين منٿون ڪندا آهن. اسان کي بہ خط تہ لکڻ گهرجي. نہ تہ رکي رکي هي ڪتاب ۽ ليک اتيئي رهجي ويندا. جيتوڻيڪ ائين سچ آهي تہ ڪا بہ سچي شيءِ گهڻو لڪل نٿي رهي.“
سام چيو: ”موتي ۽ جواهر جيڪڏهن ڪي سال يا صديون ڌرتيءَ ۽ پاڻيءَ اندر دٻيل رهن تہ انھن جو چمڪو ذرو بہ گهٽ نہ ٿيندو تنھنڪري جيڪڏهين ڪا خوبي اسان جي ڪنھن بہ ڪم ۾ آهي تہ اُها گم اصل ڪونہ ٿيندي.“
تنھن بعد صوفي صاحب جي گهُر ڪرڻ تي ايئا جا آواز، هڪ ننڍڙو ڪتاب جو صوفي صاحب سان گڏ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، سو سام کيس آڻي ڏنو. سندس خيال هو تہ شايد ان مان ڪي ڀاڱا چونڊي سگهجن. هن ڪتاب جي ڇپجڻ کانپوءِ جلد ئي اسان کي طيب ڇڏڻو پيو ۽ بچيل ڪاپيون اڻ پڙهيل ماڻھون ڦرلٽ جي وقت ۾ ٻورا ڀري وڃي پڪوڙائن وٽ وڪڻي آيا. سام تنھنڪري صوفي صاحب کي چيو تہ هيءَ ڪاپي هٿيڪي رکجو؛ پر پنھنجي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ لاءِ ضرور ڏجو.
ان تي صوفي صاحب چيو: ”مان هُن کي ڪيترو پڙهڻ لاءِ چوندو آهيان پر ننڍيءَ وهيءَ وارن جا خيال نرالا آهن.“
سام چيو: ”جيئن ڪو گابو يا ڍور گهڻن کيتن ۾ چڪ هڻي هِتان، هُتان جدا قسمن جا گاھہ کائي ٻين ڌڻ وارن جانورن کان وڌيڪ سگهارو ۽ مضبوط ٿيندو آهي، تيئن اهو ماڻھو جيڪو عام علم جي کوجنا ۾ چاھہ رکي ٿو ۽ سڀني خيال مان واقف ٿيڻ جي ڪري ٿو، سو پنھنجي خيال ۾ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. تنھن ڪري پنھنجي ڪڪيءَ کي چئجو تہ پنھنجي اسڪولي ڪمن تي فقط ڌيان نہ ڏئي پر ٻين مذهبن يا تاريخ ۽ سائنس وغيرہ مان پڻ واقف ٿيڻ جي ڪري.“
***


8-9-1955ع سام مون کان پڇيو: ”توکي سچ پچ ننڍي هوندي آشرم جي زندگي گهارڻ جي تمنا هئي يا منھنجي اها خوشامد ڪندي هئينءَ، جڏهين پھريائين ملياسون؟“
مون کيس چيو: ”منھنجي اها تمنا اصل کان هئي؛ اُن جي منھنجي واقف ڪار ڇوڪرين کي چڱيءَ طرح خبر هئي؛ اُهي جڏهين پوءِ چونديون هيون تہ ڪٿي آهي اُها آشرم، تڏهين مون کي ارمان ٿيندو هو تہ منھنجي زندگيءَ جي لائين شايد مٽجي وئي آهي!“
سام چيو: ”مون کي ياد آهي تہ جڏهين اٺن يا نون سالن جو هجان، تڏهين پاڻ جھڙي ننڍڙي سنگتيءَ سان هڪ ڀيري ويٺي ٻٽاڪون هنيم تہ وڏي هوندي مان شاعر ٿيندس! پوءِ ڪجهہ عرصو گذريو تہ شاعرن يا فقيرن جي صحبت ڪرڻ جو موقعو مليو وري تنھن بعد نئين دنيا جي مزي ۽ وندر ۾ اچي اُن خيال کان ڄڻ ڇڄي ويس. پر انسان جڏهين هڪ سچي آس دل ۾ ڌري ٿو تڏهن ان جي اُها آس ڄڻڪ ايشور جي ڪنھن لڪل ’ڪتاب‘ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي. گهڻن سڌريل ڪرستانن جي گهرن ۾ اهو رواج آهي تہ وڏن ڏينھن تي ننڍا ٻار پنھنجون گهُرجون ۽ مرادون هڪ ڪتاب ۾ درج ڪندا آهن، جن مان سندن مائٽ واقف ٿي ڪوشش ڪندا آهن انھن مرادن پوري ڪرڻ جي تيئن تنھنجون ۽ منھنجون مرادون ننڍ پڻ جون ايشور جي ڳجهي ڪتاب ۾ درج ٿيل آهن. جڏهين تون ۽ مان پاڻ ۾ گڏياسين، تڏهين ماڻھو اسان جي گلا ڪندا هئا ۽ ڍنڍورو گهمائي بدنام ڪندا هئا؛ شايد تو بہ مون کي فقط هڪ زميندار، جهنگ جو رهواسي ڪري ٿي سمجهيو ۽ تو کي ايتري اميد نہ هئي تہ منھنجو ادبي يا ڌرمي پاسي لاڙو پڻ هوندو. پر ڏسُ اهڙي ڄاڻ نہ هوندي بہ تون ۽ مان ساڳئي خيال ۾ يڪمشٽ ٿيا آهيون ۽ هينئر ائين پيو لڳي ڄڻ اُن آدرشي زندگي پرپا ڪرڻ يا آشرم کولڻ لاءِ ئي تون ۽ مان گڏ ٿيا آهيون! جي ڪو سچي آس رکي ٿو، پوءِ توڙي جو پنھنجي تمنا ٿوري وقت لاءِ ظاهراً وساري ڇڏي ٿو تڏهين بہ اُها آس سندس اُن ويساري جي وقت ۾ خود وڌندي ۽ ٽڙندي رهي ٿي؛ جيئن نہ رڳو سج جي روشنائيءَ ۾ پر رات جي اوندھہ ۾ خود وڻ ۽ وليون وڌندا رهن ٿا تيئن غفلت واري زماني ۾ پڻ سچا خيال ڪجهہ نہ ڪجهہ پرورش پائن ٿا، منھنجو مطلب هيءَ آهي تہ ڪا چِت شڪتي اهڙي آهي جو اسان جون سچيون، سوچيل مرادون سنڀالي وٺي ۽ پوءِ جڏهين منزل کي ويجهو اچي، پٺ تي نگاھہ ڪجي ٿي تہ ائين ڏسڻ ۾ پيو اچي ڄڻڪ خود اُن ظاهري ويساري جي وقت ۾ اُها شڪتي رهبري ڪندي ٿي رهي. جيڪو وقت اسان سمجهيو ٿي تہ اسين اُن آدرش کان پري ڇڪبا پيا وڃون، اهو وقت پڻ ضايع ٿيل ڪين هو مگر پٺتي نھارڻ سان هينئر ائين پيو لڳي تہ خود اهي وَر وَڪڙ ۽ ڏنگايو رستي طئي ڪرڻ لاءِ ضروري هيون، ڄڻڪ سڌو ئي سڌو مالڪ اسان جو اُها آس قبولي، اسان کي پنھنجي منزل ڏانھن وٺي ٿي هليو! سچي صدق رکندڙ جي مٿان سندس اهڙي ئي مھر آهي.“
***


14-9-1955ع صوفي صاحب شام جو اسان وٽ ويٺو هو. ڳالھيون ڪندي ڪندي اهي اکر چيائين تہ حياتيءَ ۾ ڪا وندر يا وئراڳ هجي؛ هينئن تہ زندگي بي مزي ٿي پيئي آهي! وڌيڪ چيائين تہ مون کي خيال ۾ هڪ قسم جو پروگرام آهي پر حال في الحال اهڙي ڪا ڳالھہ هجي جيڪا دل کي تازو ڪري!
سام چيو: ”ٽي شيون منھنجي سمجهہ ۾ خاص طور دل کي تازو ڪندڙ آهن. انھن سان خيال جو واڌارو پڻ ٿئي ٿو. هڪ راڳ، جنھن سان ماڻھو آنند ۾ سمائجي وڃي ٿو؛ ٻيو هڪ وڏو عشق جنھن مان ماڻھو بي خود ٿي وڃي ٿو ۽ ٽيون ڪو سئر هجي جو انسان کي روزاني زندگيءَ جي کوھہ مان ٻاهر ڪڍي دل چسپي وڌائي. اهي ٽيئي شيون خود حسن جي پڇاڻ مان پيدا ٿين ٿيون. سئر بہ الاهي حسن لاءِ تلاش آهي. باغ پھاڙ، نديون ۽ ٻيا اهڙا آستان ڏسي مان تہ ائين ڀائيندو آهيان تہ خود اُن سائينءَ جي حسن جو ديدار ٿو ڪريان پر سئر ۽ سفر جي وچ ۾ فرق آهي. سفر رواجي طرح هڪ ڪشالو آهي ۽ سئر من جي موج وچان ٿئي ٿو!“
***


23-9-1955ع صوفي صاحب اڄ ويھي ويھي چيو: ”مان خيال ڪندو آهيان تہ ڪا بہ چڱي شيءِ آخر گم نٿي ٿئي. پنھنجي گهر وارن کي بہ ٻڌائيندو آهيان تہ طيب شھر ۾ ٻيا بہ سام صاحب جا عزيز وڏا زميندار هئا؛ اهي مٿس ٽوڪون ڪندا هئا پر ڇا لاءِ جو هو ڪسي خيال جي پٺيان هئا، يعني فقط دنيا گڏ ڪرڻ جي ڪڍ هئا، اڄ ائين ٿو ڏسجي ڄڻ سندن نام نشان ئي ڪونہ رهيو آهي ۽ هيڏانھن (سام ڏانھن منھن ڪري چيائين) توهان هڪ سٺي خيال تي پڪا ٿي بيٺؤ؛ پنھنجي گهر ٻار سان بہ چڱي هلڻ جي ڪوشش ڪيو ۽ پنھنجو آدرش بہ سڀاليندا رهيؤ تہ اُهي سڀ ڪوششون توهان جون اجايون ڪونہ ويون آهن. ڏکئي وقت ۾ جيڪا ٻارن کي تعليم ڏنو، اُن جو نتيجو اڄ اهو ٿيو آهي جو هو پنھنجو پاڻ تي ڀاڙي سگهن ٿا ۽ اوهان گهرجي چنتائن کان گهڻي قدر آزاد آهيو؛ ادبي ڪم ۾ يا اڪبر آشرم جي ڪم ۾ توهان جيڪو پاڻ پتوڙيو ۽ محنت ڪئي. ان جو ڦل بہ هينئر ظاهر ٿيندو ٿو وڃي ۽ وڌيڪ ظاهر ٿيندو. جيئن ڪو کوھہ پڪ مان ڦاٽي ۽ تنھنجا جَر ڪڏهين ڪين سُڪندا آهن، تيئن انسان جيڪو سچ تي محڪم رهي ٿو ۽ پنھنجي آدرش کي چنبڙيو اچي ٿو، ان جي زندگيءَ جا جر پڻ هميشہ قائم آهن. اوهان جيڪا پندرهن يا ويھہ سال صبر سان پنھنجي خيال ۽ آدرش جي پالنا ڪئي آهي تنھن جو لاڀ ضرور ملڻو آهي.“
***

29-9-1955ع گذريل مھيني سام جو ننڍو هڪ ڪتا ”پينوءَ جي سوغات“ ڇپيو آهي. اُهي نثري نظم جا ٽڪرا گهڻي وقت جا لکيل هئا، مگر انھن بنسبت ۽ پنھنجي ٻين اڻ ڇپيل ڪتابن جي نسبت ۾ سام ائين چوندو هو تہ مون کي اڃا الاهي اعلان ڇپائڻ لاءِ ڪونہ ٿو اچي. سندس خيال اهو رهندو هو تہ انھن ڪتابن لاءِ ڪا مطلب سنڌي ساهتيہ جي دنيا ۾ ڪانہ ٿي ڏيکارجي. مان سمجهان ٿي تہ سام جو اهو بہ سڀاءُ آهي تہ جنھن شيءِ جي ڪڍ گهڻا پون، تنھن کان پاڻ بنھہ منھن موڙي وڃي؛ اهڙيءَ ريت پنھنجي زندگيءَ جا ٻہ واقعا هو ٻڌائيندو آهي. پھريون اهو تہ گهڻا گهڻا سال اڳ هو جڏهين ولايت وڃي، تڏهين اتي ٻن ڏينھن جي سانده اوٽ موٽ ريلوي جي مسافري ڪرڻي پيس؛ جڏهين کيس بُک لڳي تہ مانيءَ جي وقت ريسٽارنٽ ڪار ۾ ماني کائڻ ويو، پر ٻڌايائين تہ اُن جي لنگهہ واريءَ گهٽيءَ ۾ اٽڪل ٽيھہ يا چاليھہ ڄڻا هڪ ٻئي جي پٺيان ڳاهٽ ڪيو بيٺا هئا، جن وجهہ ٿي جاچيو تہ ميز ڪا خالي ٿئي تہ وڃي ماني کائون. هر ڪو انھن مان انتظاريءَ ۾ هو تہ جيئن ٻيو ڪو اڳ ۾ نہ هليو وڃي. سام چيو: ”مون کي پاڻ تي نفرت اچي ويئي جو هينئن پيٽ جي خاطر انسان حيوان وانگر مانيءَ ۾ اکيون وجهي بيھي رهي! توڙي جو ڏاڍي بُک هيم، تڏهين بہ چپ ڪري پنھنجي گاڏي ڏانھن موٽي آيس؛ جينيوا ۾ اڌ رات جو پھتس، جتي فقط چانھہ نصيب ٿي ۽ تنھن کان پوءِ وري گاڏيءَ ۾ مسافري ساڳيءَ ريت ڪيم.“
اهڙي طرح سام ٻي هڪ ڳالھہ پڻ ٻڌائيندو آهي: ”ڪوي ٽئگور جڏهين ڪراچيءَ ۾ اچڻو هو تڏهين سندس ڏسڻ لاءِ گهڻا ماڻھو منتظر هئا. سام چيو: جنھن اميد سان اسين آياسون، يعني ساڻس ڪنھن خلاصي ملاقات لاءِ سا اميد پوري ٿيڻ واري ڏسڻ ۾ ڪانہ آئي. ماڻھن وٺي ٽئگور جي هوائي جھاز ڏانھن ڊوڙ پاتي. انھن ۾ ڪي اديب ۽ ٻيا چڱا ماڻھو بہ هئا. مون اتي گهڻ ڏسي موٽ کاڌي، جيتوڻيڪ پوءِ هڪ دوست واٽ تان موٽائي پنھنجي جاءِ ۾ نيئي اسان جي آس پوري ڪئي. اُت ٽئگور جي مانيءَ جو بندوبست ٿيل هو. انھيءَ ئي وقت ٻيو هڪ دوست مونسان گڏ هيو. ان جيئن ڊوڙ ٿي پاتي تيئن مون هن جي ڪوٽ کي پڪڙيو ۽ کيس چيم هي نمونو شانائتو نہ آهي، جنھن تي هو بہ پاڻ سنڀالي ويو ۽ پوءِ محسوس ڪيائين تہ ڪا بہ اهڙي خوشي ملھائتي نہ اهي جو ان لاءِ انساني شان وڃائي اهڙي هلڪڙائي ڏيکارجي.“
مان سمجهان ٿي تہ سڀڪو جيئن اڄ ڪلھہ سنڌيءَ ۾ پيو شعر وغيرہ ڇپائي، تيئن سام کي اها بہ هڪ قسم جي گهڻ يا پيھہ پيئي نظر اچي. ٿورا ڏينھن ٿيا تہ هڪ وڏي مئگزين ڏسي چيائين تہ مان جيڪر نہ پسند ڪريان تہ ايترن شاعرن جي وچ ۾ منھنجو بہ ڪو ٽڪرو ڇپجي. ان ڪري ئي پنھنجي خيال موجب، سام هيترا سال ماٺ ۾ رهيو آهي ۽ ڪجهہ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪانہ ڪئي اٿس!
***
”پينوءَ جي سوغات“ جي مرحبا تمام سٺي ٿي. هڪ قسم جي هلچل گويا سنڌي لٽريچر جي دائري ۾ هن ننڍڙي ڪتاب پئدا ڪري ڇڏي! ڪيترن واقف ۽ اڻ واقف دوستن جا خط اچڻ لڳا. سام چيو: ”جيستائين ڪنھن بہ ڪم مان آپو نہ ڪڍبو، تيستائين اُن مان خوشي نہ پاڻ کي نہ ٻين کي ڪا حاصل ٿيندي. ڪتاب اُهي ساڳيا آهن، مگر هينئر هڪ نئين مراد سان پيش ڪيا وڃن ٿا، يعني منھنجي دل ۾ هڪ سچي آس پيدا ٿي آهي تہ مان بہ ڪجهہ ماڻھن جي وندر يا خيال جي واڌاري لاءِ ڪيان. مون کي اهو ڏسي خوشي ٿي تہ ٿوروئي قرض سنڌي مادري ٻوليءَ جو هن ريت ادا ڪري سگهون ٿا. مان نفس کي شاباس ڪرڻ نٿو گهران پر دل سان ائين چاهيا ٿو تہ شل هي ڪتاب ۽ قلم اسان جي سموري زندگيءَ سان گڏ پريم جا پر ٿي پون. هي هڪ ننڍڙو ڪتاب فقط هڪ سو صفحن جو آهي. جيئن سمنڊ ڀر تي سير ڪندي هڪ يا ٻہ سٺا ڪوڏ هٿ ايندا آهن تہ اهي بہ سوکڙي طور پنھنجي گهر کڻي اچبا آهن، تيئن ان اکٽ پريم ۽ گيان جي ساگر مان هيءُ هڪڙو ننڍڙو ڪوڏ ڪري سمجهڻ کپي. مون کي خوشي ٿي آهي جو اهو قبول پيو آهي. ايشور جي شل اسان سڀني جي ڪوشس تي آسيس ٿئي!“
***

11-10-1955ع سام چيو: ”ويٺي ويٺي مون کي اهو خيال آيو تہ هي جو ڪن ماڻھن لکيو آهي، تہ اسان جو نئون ڪتاب پينوءَ جي سوغات ڳُوڙهو خيالن سان ڀريل آهي. سو وري پڙهي ڏسان تہ واقع ئي ڳوڙهو آهي ڪيئن! اُتي وري ٻيو خيال آيو تہ اڙي هي تہ نفس کي ٿو شاباس ڪرين؛ ڪتاب کي هڪڙي پنھنجي شئي سمجهي ٿو پيار ڪرين! تنھنڪري ڪتاب پڙهي ڏسڻ واري خيال کي روڪيم، پر اُتيئي ٽيون خيال پيدا ٿيو تہ حقيقت ۾ نہ ڪو آهي نفس نہ ڪا آهي ڪا شئي پنھنجي يا پرائي؛ هي ڪتاب بہ آتما جا اوزار ڪري سمجهہ! پر جي انھن کي رانديڪا بہ ڪري سمجهين تہ اُن ۾ هرج نہ آهي. مگر انھن سان فقط ايتري دل رک، جيتري ڪو ٻار پنھنجي رانديڪي سان رکي؛ يعني فقط ان لحظي لاءِ ٻار وانگر وري ٻيءَ گهڙيءَ ان کي وساري ڇڏ!“
سام چيو: ”هي آخري خيال سڀني کان اتم آهي؛ پاڻ کي ايترو وسارڻو آهي، جو سچ پچ پنھنجي ۽ پرائي شيءِ جي وچ ۾ ڪو فرق نظر نہ اچي. ان بعد پنھنجي شيءِ کي کڻي ماڻھو ساراهن تہ اُن ۾ غرو سان گيرب جو احساس ڪونہ هوندو. سڀ پدارٿ نا سونت سمجهي اُنھن کي ڌڪاري بہ سگهجي ٿو پر وري تمام اونچ خيال وچان انھن کي ڪتب بہ آڻي سگهجي ٿو، يعني تسليم ڪري سگهجي ٿو. حقيقت هيءَ آهي تہ هي سڀ شيون اوزار ۽ وسيلا يا چئجي کڻي رانديڪا آهن. جنھنجي درشٽي آتما ۾ کتل آهي، ان جي لاءِ ڀلا ڪھڙو تفاوت ڪن بہ ٻن ناسونت شين جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو يا پنھنجيءَ ۽ پرائيءَ جي وچ ۾؟ ڪجهہ بہ نہ! مطلب تہ جن کي آتما ياد آهي تن کي پاڻ ياد رهي نٿو سگهي. ڪوڙو لڄڪو بہ اڪثر اندر جي اڀمان مان پيدا ٿيندو آهي يا پنھنجي پاڻ ٺڳڻ جو هڪ نمونو آهي. تنھن ڪري خود نفس کان بہ لڄڪو ڪرڻ نہ جڳائي. ان جي سامھون وڃڻ جي همت ڌارڻ گهرجي.“
***


ٿوريءَ دير بعد مون چيو تہ خبر نہ آهي ڪڏهين اسان جي آشرم برپا ٿئي؛ الا جي تيستائين مان هجان يا نہ هجان!
سام چيو: ”اهڙي انتظاري اسان کي ڇو هئڻ گهرجي؟ پر مان تہ ڏسي رهيو آهيان تہ تون آشرم جي ماتا پيئي ٿي سڏجين! وڌيڪ ڏسان ٿو تہ هي ڪتاب وغيرہ سڀ پريم جا اوزار ڪري ٿي هلائين! تنھنجو بہ روح هنن ۾ پر گهٽيل آهي، جيتوڻيڪ اڃا تنھنجو نالو ڪنھن ڪتاب جي مٿان نہ پيو آهي؛ اهي سڀئي اُن آشرم جو هڪ ڀاڱو آهن.“
سام وڌيڪ چيو: ”ڀلا مون جو هي خيال سالن جا سال دل ۾ سانڍيو آهي، مون کي ڪيتري نہ انتظاري ٿيڻ گهرجي؟ پر مان سچ ٿو ٻڌايانءِ تہ جيتوڻيڪ حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون مايوس ڪُن رهيون ٿيون تڏهين بہ ڪو شڪ يا انتظاري اُن آدرش بنسبت منھنجي دل ۾ ڪانہ آهي. ظاهر ۾ تہ ڪو اُديم بہ ڪو نہ ٿو ڪجي، مگر سال ٿيا آهن چپ ۾ ان خيال جي پالنا ڪندي. نہ رڳو ڪنھن شعر يا ليک لکڻ وقت پر سنساري ڌنڌن جي وچ ۾ بہ اهو احساس رهندو اٿم تہ مان ڄڻڪ اُها آشرم اڏي رهيو آهيان! خاص ڪري جڏهن ڪنھن ڪم ۾ ڪاميابي نظر ايندي آهي تہ چوندو آهيان ان آدرش جي طرف هڪ وک وڌائي رهيو آهيان.
”اصلي يعني سچو روپ هر شيءِ جو پھريائين خيال اندر پيدا ٿئي ٿو. جيڪو ماڻھو اندروني دنيا ۾ گهڻو رهي ٿو يعني خيالي دنيا جو رهواسي آهي ان کي اهڙين ڳالھين جو يقين پڻ رهي ٿو؛ جيڪو پاڻي هماليہ جبل جي چوٽيءَ کان پنڌ پيو آهي سو ضرور ڪنھن وقت ساگر ۾ پاڻ سمائيندو؛ جا خيال جي لھر آتما جي اندروني دور مان هلي آهي ۽ ايترو فاصلو طئي ڪري اڳتي رڙهي آهي، سا ضرور ڪنھن وقت اچي ڪناري لڳندي، پر جي نہ بہ لڳي تہ ان جي اندروني موج ۾ ذرو بہ فرق نہ پوندو؛ آخر ان اندروني موج منجهہ ئي تہ زندگيءَ جو سچو سار سمايل آهي. جنھن کي ڪنھن خاص روپ سان رغبت نہ آهي، ۽ خاص نتيجي جي هروڀرو ستائيندڙ چاهنا ڪا نہ آهي، تنھن لاءِ اهو دلاسو بہ ڪافي آهي تہ اُها لھر جي اڪيلي نہ تہ بہ ٻين لھرين ۾ سمائجي، ٻيا روپ ڌاري، ضرور سمنڊ ۾ پنھنجو انت پائيندي! مطلب تہ چڱو خيال سج جي گرميءَ وانگر گم هرگز نٿو ٿئي؛ ڪرڻو هلي مٽيءَ ۾ سمائجي ٿو، مِٽيءَ مان پوءِ ڪنھن زرعي پيدائش جي صورت وٺي ٿو، آخر ڪافي، اناج يا سبزيءَ جي صورت وٺي سج جي شڪتيءَ جو اظھار ڪري ٿو.“
***


26-10-1955ع ڪالھہ هڪ فقير اسان وٽ آيو جو پھريائين اٽڪل 15 - 14 سال اڳ طيب ۾ آيو هو. اُتي هڪ صوفي سما گم ڪرايل هو جنھن ۾ ڪيترا ٻيا فقير ٻاهرين پاسن کان آيل هئا. انھن کان موڪلائڻ وقت سام جڏهين کين ڪجهہ ڪپڙا وغيرہ سوغاتون ٿي ڏنيون، تڏهين هي فقير بہ حاضر هو. هو انھن ڏينھن ۾ بلڪل مست هو؛ جڏهين ڪو راڳ ٿيندو هو تہ اُٿي پنھنجو پاڻ وڄندڙ سازن سان هيئن پيرن ۽ منھن جا اشارا ملائي ناچ ڪندو هو، ۽ ائين چوندو هو هي عشق ٿو نچي! سام جڏهين کيس ميلي پوري ٿيڻ تي هڪ قميص جو ڪپڙو آڇيو، تڏهين هن بي پرواهيءَ مان انڪار ڪري چيو تہ وڃي ڪنھن ٻئي فقير جي پورت ڪر؛ اسان کي ڪجهہ نہ گهرجي.“
فقير اُن وقت بلڪل لا طمع هو ۽ سام کيس گهڻو ياد ڪندو هو. ڪجهہ وقت کان هو اسان وٽ وري اچڻ لڳو آهي، پر ڀيري ڀيري ڪو مڙيوئي سوال کڻي اچي! ڪڏهين روپيو گهري، ڪڏهين ڪو ڪپڙو يا ٻي شيءِ گهري، ڪڏهين اهڙا ذڪر پيو ڪري تہ مان هينئر فلاڻي آفيسر ڏانھن وڃان ٿو، اُهو منھنجو مريد آهي؛ پاڻ تي پنج رپيا مھينو ٻنڌاڻ مقرر ڪيو اٿس وغيرہ، وغيرہ! ڪالھہ وري چيائين تہ مان ڪراچيءَ ويندس، اُتي بہ چڱو خير ملندو اٿم. سام هن فقير ۾ وڏو ڦيرو آيل ڏسي کيس چيو: ”جي رنج نہ ڪيو تہ اسان توهان کي هڪڙي صلاح ڏيون؛ اڳي جڏهين اسان توهان کي قميصڙي آڇي هئي، تڏهين توهان وٺڻ کان انڪار ڪيو هو، توڙي جو جان واري قميص پراڻي هُيوَ تڏهن ﷲ ۾ ايترو اعتقاد هيو تہ جڏهين اُها ڦاٽندي تہ ٻي پاڻھي ڏيندو! هاڻي وري سعيو ڪري دنيا وارن جي ڪڍ ڦرندا ٿا رهو ۽ وتو ٿا شيون مال ۽ زر ڪٺا ڪندا! اُنھيءَ اڳئين هلت جي ڪري اهي وڏا ماڻھو توهان جا مريد ٿيا پر هاڻي جيڪا ڏن جي وصولي ڪريو ٿا اها سڪوارن کي ڀڄائي ڇڏيندي.“
فقير چيو: ”اسان تہ اِيَر پاڻ رولڻ تي هري ويا آهيون؛ توکي شاباس آهي، جو هڪ جاءِ تي ويٺو آهين. پر ماڻھو بہ اچڻ لاءِ زور رکن ٿا تڏهين ٿا وٽن وڃون.“
سام چيو: ”بيشڪ گهُمو، سئر ڪريو پر سعيو ڪري انھن وٽ نہ وڃو جيڪي ڏن ڀريندڙ آهن. فقير جو ڪم آهي تہ چڱيءَ شيءِ بہ هُرو ڀرو ڪنھن کي زور سان نہ آڇي. فقير جو وکر آهي محبت ۽ گيان، پر هن کي گهرجي تہ اُهي بي بھا شيون در در ڀٽڪائي انھن مان پئسو پيدا نہ ڪري، مگر تلاءُ وانگر محبت جو پاڻي موجود رکي ويٺو رهي، جنھن مان ماڻھوءَ پسون ۽ پکي، ڀل پيا پيئن؛ جنھن کي اُڃ لڳي، سو ڀل تڙ تي هليو اچي پَر فقير پنھنجا هوڪا پاڻ نہ ڏي!
”عقيدي وارن وٽ فقير برابر پاڻ بہ ڪھي ويندا آهن، پر صرف ڪا سڪ جي امانت ڏيڻ. پئسي سان اهو وکر وڪڻڻ سو آهي فقيريءَ ۾ ڪسب ڪمائڻ. توهان سير بيشڪ ڪريو؛ ڀاڙي وغيرہ لاءِ بہ ڪٿان خوشيءَ سان ملي تہ پئسو وٺو؛ پر هينئن پورين تاريخن جي اچي ڏنُ اُڳاڙڻ سا ڳالھہ توهان لاءِ ٺيڪ نہ آهي.“
فقير جي وڃڻ بعد سام مون کي چيو: ”هي مثال ڏيکاري ٿو تہ اونچ چاڙهيءَ تي چڙهي ڪري بہ اتھان وري ڪري سگهجي ٿو؛ پوءِ بہ ڪيڏو نہ خطرو رهي ٿو ڪري پوڻ جو! تنھنڪري وک وک سان پاڻ سنڀاليندو آهي؛ دم دم سان پنھنجو آدرش ياد رکي هي جيون گهارڻو آهي. هي فقير مون مجذوبي حالت ۾ ڏٺو هو. اڄ ور هي گداگر بڻجي پيو آهي!“
***


13-12- 1955ع سام اڌ رات جي ننڊ مان جاڳي ڀرواري هوٽل تي رات جي ماٺ ۾ چوٻول هلندو ٻڌو جو اُن وقت جي لحاظ کان اڻ سھائيندڙ ٿي لڳو. سام چيو: ”انساني جيوت هڪ اُتم شئي آهي پر اسين اُن سچي جيوت کان ڪيڏو نہ دور رهون ٿا! انسان پاڻ سان ڇا ڪري رهيو آهي! هيءَ هڪ عجب جھڙي ڳالھہ آهي، جو سڄو ڏينھن تہ اسان جو مال دنيا يا ڪوڙن سکن جي تلاش ۾ وڃي ٿو پر اڌ رات جي وقت ۾ بہ ڪيترن کي اهو خفقان لڳل رهي ٿو! حيوان پنھنجو وقتي گهرجون سڀ کان وڌيڪ اهم سمجهي ٿو پر انسان انھن کي وساري سگهي ٿو، ان لاءِ تہ جيوت جو سچو مقصد نظر کان غائب ٿي نہ وڃي. سچو انسان اهو آهي جو ڄاڻي ٿو تہ ڪو قانون زندگيءَ جو آهي، جنھن سان اسين جوابدار ۽ ٻڌل آهيون. ڀلا جنھن قانون سان خود ڏينھن رات جُڙيا آهن؛ جنھن طاقت ڌرتيون پھاڙ نديون ٺاهيون آهن، انسان ۽ ٻي هر شيءِ جي جوڙ جڪ هڪ ٻئي سان مطابق رکي آهي ۽ سرشٽيءَ ۾ هيڏا اچرج ڀريا ۽ اڪٽ نظارا سمايا آهن؛ جنھن انسان جي حياتيءَ کي، ڌرم ۽ گيان جي هڪ کوجنا بڻائي آهي. انھيءَ اپار شڪتيءَ کي ڪيئن وساري، سندس اصولن کي ريٽي، اسين پنھنجي شخصي يعني ننڍڙي جسماني دائري ۾ غرق ٿيا پيا آهيون! ائين برابر آهي تہ هيءَ رچنا بہ قدرت رچي آهي؛ سا ضرور اسان جي خامين مان بہ ڪو چڱو نتيجو ڪڍي ٿي، پر ائين چوڻ غلط ٿيندو تہ اسان جي گمراهي يا اسان جون خاميون کيس وڻيل آهن؛ ان ڪري ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ ڇا لاءِ جو هي سڀ قدرت برداشت ڪري ٿي تنھنڪري اسين بہ ائين ئي ڪندا رهون! هي ماڻھو جيڪي هر وقت ائين پنھنجا نوڪر ۽ خفت ساڻ کنيو وتن ٿا سي گويا حياتيءَ ۾ ائين هلن ٿا جيئن ٻي مھار اُٺ يا بنا رسيءَ ڍڳو هجي.“
***


7-6-1956ع گذريل ٿورن مھينن ۾ سام جا ٻہ ڪتاب ڇپجي آيا آهن ۽ ٻيا هن وقت پريس ۾ آهن. ڪڏهين پروفن جو ڪم تہ ڪڏهين نسخي جي سڌار جو ڪم، سام راجا مڙيوئي ڪجهہ نہ ڪجهہ پيو ڪندو آهي! مون ڪجهہ چرچي ۾ ۽ ڪجهہ ساڀيا ۾ کيس چيو تہ اڄ ڪلھہ تنھنجون پھريائين پيار ڪتابن سان آهي، تنھن کانپوءِ مائٽن عزيزن سان ۽ تنھن کان پوءِ ٽئين نمبر ۾، مون سان آهي!
سام چيو: ”اها ڳالھہ سراسر غلط آهي.“
مون چيو: ”تڏهين تنھنجون پھريون پيار مون سان آهي؟
سام چيو: ”غلط!“
وري مون چيو: ”تڌهين پھريون پيار پنھنجي ٻارن سان اٿيئي؟“
سام چيو: ”اها ڳالھہ بہ غلط آهي؛ پيار هڪڙي پوتر چيز آهي جنھن ۾ ڪو بہ ڀيد ڀاءُ يا دوئيءَ جو فرق ٿي نٿو سگهي. اُهو شمع يا روشنيءَ مثل آهي؛ جنھن جي روشني هڪ جھڙي سڀني شين تي ڪري ٿي. البت جيڪي شيون وڌيڪ ويجهو آهن سي وڌيڪ روشني پائن ٿيون ۽ جيڪي دور رهن ٿيون؛ سي گهٽ حصو ماڻن ٿيون. تون تہ سڀ کان ويجهو رهين ٿي، پوءِ ائين ڇو ٿي محسوس ڪرين؟ ڏسج متان ڪو خيال تي پڙدو چڙهيل هجي!“
***


11-6-1956ع مون سام کي هڪ رسالي ما هڪڙي ساڌوءَ جي ليک مان ٽڪرو پڙهي ٻڌايو جنھن ۾ چيل هو تہ اندرين تي روڪ وجهو. اُهو ٻڌندي سام چيو: ”وهندڙ درياھہ تي ڪيتري روڪ وجهي سگهبي؟ زندگيءَ جو قانون وهندڙ درياھہ مثل آهي؛ اهي هٿرادو روڪون آهن ٻُوڙن ۽ ڊڀن مثل، جن سان پاڻي جهلي هر گز ڪين سگهبو اُها روڪ ٻي آهي جيڪا پاڻ منجهان پيدا ٿئي ٿي ۽ هن پاڻيءَ جو منھن ڦيري سگهي ٿي، يعني ڪا وڏي عشق جي اُٿل اچي جا ننڍڙن شوقن يا حرصن کي جذب ڪري وڃي؛ يا الاهي محبت جاڳي جا نفس جي محبت کي کائي وڃي؛ ڪا پريم جي ڪشش پيدا ٿئي جنھن ۾ ننڍڙيون تانگهون پاڻي طئي ٿي وڃن! مگر اها ڳالھہ سمجهڻ کپي تہ خواھہ مخواھہ زندگيءَ جي قانون تي روڪ وجهڻ سان اُن ۾ ويتر جوش جاڳندو. اندرين جا جيڪي ڪم قدرت رٿيا آهن سي انھن کي اوس اندرين ڪرڻا آهن. انھن تي روڪ وجهڻ سان اندرين کي خاص اهميت ڏني ٿي وڃي. انھن جي پورائي ڪرڻ سان خود من ۽ جسم جي ڇڪتاڻ ۾ ڍرائي ٿئي ٿي. اهو آهي وچون رستو (Middle Path) جو هر ڪنھن انسان کي پنھنجي سڀاءَ ۽ مقصد موجب ڳولي لھڻ کپي. اجاين پرتگيائن ڪرڻ سان بعضي بعضي انھن هيٺين شڪتين کي اندران ئي اندران وڌڻ جو وجهہ ملي ٿو. جسم جي طبق مان لھي اهي خواهشون من جي اونھي طبق ۾ پڪو راس ڪن ٿيون ۽ وڌيڪ زور پڪڙي ڪنھن وقت اُها اُٿل پيدا ڪري سگهن ٿيون، جنھن ۾ زندگيءَ جي سچي عمارت ڊهي پٽ تي ڪري پوڻ جو امڪان آهي؛ جيئن درياھہ تي روڪ وجهڻ سان وڏي اُٿل جو انديشو پيدا ٿئي ٿو ۽ ڪنھن يا براج خاص مقصد سان يا ڄاڻو انجنيئرن جي صلاح سان اهڙي لوڪ فائدي مند ٿي سگهي ٿي. تئين انسان جي زندگيءَ تي ڪنھن اونھي خيال کانسواءِ جيڪڏهن اڻ گهربل روڪون وجهبيون تہ اُنھن مان انقلاب پيدا ٿيندو. ڄاڻو يعني گياني مرشد جي سايه ۽ رهبريءَ هيٺ رهندي ڪن حالتن ۾ ڪو پنھنجي خوشيءَ سان ڪنھن خواهش کي موڙي ان مان ٻي شڪتي پيدا ڪري تہ اهو ٿي سگهي ٿو. مثال طور ڦلدار پوکن جي ڏانڊين کي ٿورو نيسائي منجهن ڦر جو واڌارو ڪري سگهبو آهي. پر اهو ڪم ڄاڻو مالھيءَ جو آهي، جو مند ۽ اوستا ول جي واڌاري جي ڏسي اهڙا طريقا ڪتب آڻي سگهندو آهي. عام طرح سڀني کي صلاح ڏيڻ تہ اندرين تي روڪ وجهو يا شادي نہ ڪريو سو من جي گهٻراهٽ جو ڪارڻ آهي.“
***


14-3-1956ع هيٺئين احوال لکڻ ۾ جيڪر ڪجهہ عار ٿئي ڇا لاءِ جو اڄ ڪلھہ ماڻھن کي اهي ڳالھيون وشواس جوڳيون نظر ڪونہ اينديون آهن ۽ نہ وري اهڙين ڳالھين لاءِ ڪا علقي ثابتي پيش ڪري سگهبي آهي. مگر جيڪي زندگيءَ جي قانون سان من جو ميل رکن ٿا ۽ جنھن کي پريم يا روحاني ماحول چئجي ان ۾ وسن ٿا، انھن لاءِ هي ڳالھيون اهڙيون ظاهر آهن جھڙي سج جي روشني اسان جو تہ انھن ۾ پورو وشواس آهي؛ ممڪن آهي تہ پڙهندڙ هن کي هڪ وهم يا منھنجي من جي ڀورڙائي ڪري سمجهن؛ تاهم مان ان جو ذڪر هت ڪريان ٿي، اهو احوال هن ريت آهي:
اوچتو هينئر ويٺي، ويٺي آسمان ۾ گرجنا ٻڌڻ ۾ آئي، سام جيئن ٻار هڪ ٻئي کي اُڀاريندا آهن، تيئن آسمان ۾ گرجنا سان سُر ملائي آواز وڌائيندو، ملائيندو رهيو، پر اُتئي چيائين تہ آسمان کي اُڀارڻ نہ گهرجي؟ ائين ڪندي هڪ ڀاري گرجنا ٿي ۽ ڳڙو پوڻ لڳو ۽ سام جي وات مان وري از خود هي لفظ نڪتا: ’ڀائي اسان بس ڪئي!‘ چوندا آهن ميگهہ ملھار ڳائبو آهي تہ برسات ٺھي ايندي آهي. مون کي ياد آيو تہ جڏهن طيب اسان سڀئي ويھي ڪو نئون راڳ سر سارنگ مان ڳائيندا هئاسين تڏهن پڻ اهڙيو ڳالھيون ٿينديون هيون.
وري جيئن اسان جو ڇوڪرو منھنجي خاص ڪم لاءِ ميرو خان ويو تڏهن ڪجهہ ڪِر ڪِر ڪيائين ۽ مان منجهند جي وقت جڏهين اسپتال کان گهر آيس تہ سام چيو: ”ڇوڪرو ڪم لاءِ ويو تہ آهي پر اڄ شايد ائين ئي موٽي اچي. سڀ ڪم شڀ اڇا سان، آشير واد وٺي پوءِ شروع ڪرڻ کپي. ان نموني ڪاميابي آسان ٿيندي آهي. پر جي شروعات ئي سھڻي نموني نہ ڪبي تہ ڪاميابي مشڪل حاصل ٿيندي.“
آخر ڇوڪرو ڪم نہ ڪري سگهيو ۽ ائين ئي موٽي آيو.
هن جو مطلب اهو نہ آهي تہ هر لفظ جو ڪو بہ روحاني راھہ تي هلندڙ اُچاري ٿو، سو هروڀرو پورو نڪري ٿو. مگر ڪي اکر مان ڏسندي آهيان تہ ماڻھن کان اهڙا نڪرندا آهن جو از خود وڃي ڪو نشان ڪندا آهن. سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”جيئن پڪي شڪاريءَ کي تير يا بندوق هڻڻ سان سمجهي ايندو آهي تہ اهو وڃي نشان کي لڳو، تيئن ڪي اکر جيڪي اندر جي امنگ مان نڪرن ٿا وڃي پنھنجو نشان ڪن ٿا. انھن جي سچائيءَ جي گويا پاڻ کي اڳواٽ خبر پئجي وڃي ٿي؛ جا چت شڪتي جڳت کي هلائي رهي آهي اها اسان جي چت کان جداري نہ آهي!“
***

6-4-1956ع سام اسان جي مانيءَ واري ڇوڪري کي اُٿڻ ويھڻ بنسبت سمجهاڻي ڏيندي چيو: ”هيءُ جو تون داڙ ڦاڙ ڪري ٿو، ڪڏهين گل ٿو مروٽين، ڪڏهين گاھہ ٿو پيرن هيٺان لتاڙين، سمجهہ تہ اها پنھنجي زندگيءَ کي ٿو هاڃي رسائين. بي جان ڪا بہ شيءِ آهي؛ سڀ شيءِ ۾ ڪو ”حس“ (Feeling) ڪجهہ تہ سمايل آهي. جيڪڏهين ڪنھن شيءِ کي، ڪنھن ڪتاب کي يا ڪنھن ميز کي ڌڪو ٿو ڏين يا کھرو هٿ ٿو لائين تہ ائين سمجهہ ڄڻ اُن جي مالڪ کي يعني پيدا ڪندڙ کي خود اُهي ڌڪ ٿو هڻين ۽ ان کي دک ٿو پھچائين مان اڳي توکي ائين چوندو هيس تہ سڀ ڪنھن شيءِ جو ادب ۽ عزت هئڻ گهرجي، توڙي جو اُها بي جان هجي؛ مگر هينئر مان ائين سمجهندو آهيان تہ سڀ ڪنھن شيءِ لا عزت نہ فقط پر محبت پڻ هجي. جنھن کي مالڪ سرشٽيءَ جي ٺاهيو آهي، انھيءَ شيءِ کي ڪيئن ٿو کھرو هٿ لائي سگهجي؟ هو تہ اسان کي سڀ شيءِ ۾ نظر اچڻ گهرجي.
”هڪڙا اهڙا ماڻھو آهن جيڪي سائينءَ کي هر جاءِ ۽ هر ڪال ۾ موجود ڏسن ٿا. تنھن کان پوءِ اُهي آهن، جن جي نظر ڪجهہ گهٽ آهي ۽ ان کي فقط مندرن ۽ مسجدين وغيرہ ۾ يا مقبرن درگاهن، درياهن وغيرہ ۾ ڏسن ٿا ۽ فقط انھن شين جو ادب رکن ٿا. اُهي بہ آهن جن کي فقط ڪنھن خاص مقام مندر، آستان يا ماڻھوءَ مان انجي نور جو دهو پوي ٿو، پر اُهي سڀ سوڙهي دائري ۾ رهن ٿا فقير جي صحبت گيان جي اها اک کولي ٿي، جنھن سان هر شيءِ ۽ هر هال ۾ اُهو يار ٻيو پسجي. سچي صحبت واڌاءِ تہ پوءِ اهي ڳالھيون توکي سمجهہ ۾ اينديون.“
***


23-4-1956ع اڳ ذڪر ڪيل اسان جي دوست ڊپوٽي ڪليڪٽر سان ٻيو هڪ دوست اڄ گڏجي آيو هو تازو آمريڪن پادرين سان ملي آيا هئا، روح ۽ انجي شخصيت يعني (Soul and its individuality) بنسبت ذڪر هليو؛ ڊپثي صاحب چيو تہ ڪي ائين ٿا مڃن تہ حياتيءَ ۾ پڄاڻان ڪنھن بھشت يا سرڳ ۾ روح پنھنجي شخصيت قائم رکندا اچن ٿا ۽ سام کان پڇيائين توهان جو ڇا خيال آهي؟
سام چيو: ”ان جي مشابھت ۾ صوفين جو منزل معرفت کي رسڻ ۽ ويدانت وارن جي مت موجب آتما جو پرماتما ۾ سمائجي وڃڻ يا ٻڌ ڌرم موجب نروار پد پائڻ، اهي ٽيئي خيال اسان کي وڌيڪ ويجها لڳن ٿا، بھشت و دوزخ يا سرڳ ۽ نرڪ وارو خيال فقط مثالي يا تمثيلي نموني (Allegorically) سمجهي سگهي ٿو. تنھن کان پوءِ انھي تي ويچار هليو تہ اهو آخرين پد ڪيئن پائجي چاهي ڇا بہ ان جو نالو هجي پائجي، چاهي بہ ان جو نالو هجي.
سام چيو: ”اصل کان ٽي وڏا رستا ان لاءِ ڏسيا ويا آهن جي جدا جدا قومن ۽ جدا جدا مذهب وارن پنھنجي پَر اندر عمل ۾ آندا آهن. هڪڙو آهي ڪرم ۽ اروچائي يعني عمل جو رستو، ٻيو آهي گيان يعني علم و عقل جو رستو؛ ٽيون آهي ڀڳتي يعني محويت ۽ محبت جو رستو. انھن جو اڳي بہ اسان هنن مينٽگين ۾ ذڪر ڪيو آهي. انھن ٽنھي مارڳن جو مقصد ساڳيو آهي. حقيقت ڪري ٽيئي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن. ان مان ڪنھن بہ هڪ رستي تي واڌارو ڪبو تہ از خود ٻين تي بہ آتما جو واڌارو ٿي ويند. ڪرم يوگيءَ کي پنھنجي آزمودن مان گيان پراپت ٿئي ٿو، گيان مارڳ تي هلندڙجي جڏهين ڄاڻ وڌي ٿي تہ ڄاڻ سان گڏ ڀڳتي يا محبت جو ڀاؤ وڌي ٿو، اهڙيءَ طرح محبت وچان ڪرم اُپجي ٿو ۽ گيان وچان پڻ ڪرم سڦلو ٿئي ٿو. مان تہ ڪڏهين ائين بہ چوندو آهيان تہ ڪرم پاڙ آهي. ڄاڻ جنھن کي گيان چئجي ٿو سو ول يا وڻ جو وچون ڀاڱو آهي، جا سائي رهي ٿي جو سندس طاقت پاڙن ۽ چوٽيءَ وارن پنن جي ذريعي گڏ ٿئي ٿي. ڀڳتي انھيءَ ول يا وڻ جو خود گل يا ڦل آهي؛ جنھن جي ميٺاج ۽ سوڀيا ۾ محبت ۽ ڄاڻ ٻيئي سمايل آهن. پاڙ کان سواءِ ول گل نہ ٿي ڪري ۽ پنن جي ساوڪ کان سواءِ پاڙ زنده نہ ٿي رهي، ولين جو مٿيون ڀاڱو جڏهين ناس ٿي ويندو آهي ۽ سج جي ڪرڻن مان طاقت ملي نہ سگهندي اٿن تڏهين ول جي پاڙ بہ از خود سڙي سڪي ويندي آهي. وڻن جي بہ ساڳي حالت ٿيندي. آهي مطلب تہ گيان ۽ ڀڳتيءَ کان سواءِ ڪرم نشڦل رهندو آهي تنھنڪري جيتوڻيڪ شخصي طور مان شايق گل (ڀڳتي يا محبت) جو آهيان تڏهين بہ اهو سمجهڻ ضروري آهي تہ گل (ڀڳتي) ساوا پن (گيان يا علم) ۽ پاڙ (ڪرم يا عمل) ٽيئي وڻ لاءِ ضروري آهن. روحاني زندگيءَ جو اهي ٽيئي يعني ڪرم، گيان ۽ ڀڳتي گويا تتسار آهي.“
***
17-3-1957ع اسان جي ننڍڙي اسڪول جو ڪم ڏينھون ڏينھن سڌرندو پيو وڃي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد وڌندڙ آهي، کين سنان ڪرائڻ جو ڪم واند نہ ملڻ سبب مان روزانو ڪري ڪونہ ٿي سگهان مگر منھنجي پرپٺ هو سام وٽ ايندا آهن ۽ سندن گهر ڪرڻ تي کين صابڻ ۽ ٽوال وغيرہ ملندا آهن! هو گهڻو ڪري سڀ صاف ٿي اچن ٿا. ان بنسبت سام هيءَ ڳالھہ ٻڌائي: ”ڪيترا سال اڳ اڪبر آشرم جي هڪ دوست ڪراچيءَ ۾ اسان کي پنھنجي آزمودن مان واقف ڪيو. هو پنجاب جي هڪ ماڊل ڳوٺ ۾ ڪم ڪندو هو. هن چيو تہ ڪنھن بہ ڳوٺ واري کي جاءِ ۾ اڳ دري ڪانہ هوندي هئي، پر هن وقت ان ڳوٺ ۾ هر هڪ گهر ۾ هڪ نہ پر ڪيتريون دريون آهن! پھريائين اسين انھن کي گهڻو سمجهائيندا هئاسون تہ دريون هوا ۽ روشنائيءَ لاءِ تمام ضروري آهن پر هو ان ڳالھہ تي ڌيان ڪونہ ڏيندا هئا پوءِ ڇا ڪيوسون جو ڪجهہ دريون ڊکڻ کان ٺھرائي مفت ٿورن سمجهو گهر وارن کي هڪ هڪ ڪري وراهي ڏنيوسين. پوءِ تہ سڀني کي اچي ريس جاڳي ۽ چوڻ لڳا تہ اسين بہ پنھنجي گهر ۾ دريون وجهنداسين، جنھن بعد هنن کي سستن درين ٺھرائي ڏيڻ جو بندوبست ڪري ڏنوسون ۽ هو خوشيءَ سان ٿورو خرچ ڪري دريون وجهائڻ لڳا.“
سام وڌيڪ چيو: ”مٿين مثال مان ظاهر آهي تہ ڪنھن بہ عملي ڪم لاءِ فقط ليڪچر ڏيڻ بس نہ آهي پر قرباني ڪري تحمل ڌاري ڪي قدم کڻجن ۽ جلد ٿڪجي نہ پئجي.“
ٻي وڏي خوشيءَ جي ڳالھہ اها ڏٺيسون جو اڄ ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پنھنجي گهران پاڻ وهنجي آيا هئا ۽ ڪپڙا اڇا پيا هين جي خوشيءَ مان اسان کي ڏيکاريائون ٿي ۽ جڏهن اسڪول بند ٿيڻ وقت اڳ کين ڀڳڙا، ڦلا وغيرہ ملندا هئا، تڏهن هو ڏاڍو گوڙ مچائيندا هئا، اڄ سام کين ڀرسان ويھاري منجهن ’سومان جو خيال ڦوڪيو ۽ کين چيائين تہ توهين ڪو بيکاري ڪونہ آهيو، توهين وديارٿي آهيو ۽ ودرياٿيءَ کي سومان سڀ شئي کان پيارو ٿيندو آهي. تنھن ڪري اهڙي هلت ڪريو جيئن توهان کي ڪو گهٽ ڪونہ سمجهي ۽ اهو ثابت ڪريو تہ هريجن شاگرد بہ صاف ۽ ستنتر ٿي سگهن ٿا. تيئن بعد اهي ننڍا ڇوڪرا بلڪل منتظم ڏسڻ ۾ آيا ۽ شئي وٺي تمام مٺي نموني گڏجي اسڪول جو پرتگيا منتر اچاريندا هليا ويا.
***

سام کي ڪيترن ڏينھن کان هڪڙي ڏند ۾ ڪجهہ سور رهندو آهي هن چيو تہ گهڻو وقت غافل رهڻ ڪري ڊاڪٽرن جو هينئر رايو آهي تہ سوراخ رڳ تائين پھچي ويو آهي. تنھن ڪري جيتوڻيڪ ڏند ڏسڻ ۾ مضبوط آهي تڏهن بہ ڪڍائڻ گهرجي. اهي ڳالھيون ڪندي شرير جي ناسونت هئن تي ڪجهہ گفتگو هليو ۽ سام چيو: ”ڏسو آتما ڪيترو نہ شرير جي ٽيڪ وٺي ٿي ۽ شرير تي آتما جو وري ڪيڏو نہ اثر رهي ٿو! ڪنھن سور يا آزار پيدا ٿيڻ تي ڪيڏانھن ٿا وڃن ڌيان ۽ امنگ خيال جي يڪ ٽڪائيءَ جا؟ پر فقيري اها نہ آهي تہ فقير جي شرير ۾ دک پيدا ئي نہ ٿئي، جا ڳالھہ بلڪل اسنڀو آهي؛ مگر فقيري ان ۾ آهي تہ دک سک اندر آتما کي اثاب ڪجي؛ ڀل دک ۾ دانھون بہ ڪريون ۽ سور جا حيلا علاج بہ ڪريون، پر جسم ۽ هن بئروني زندگيءَ جي فائيءَ جو ويچار قائم ڪريون.
اسان جي هڪ ڇوڪري چيو: ”جيڪڏهن هي شرير سچ پچ ناسونت آهي تہ پوءِ هڪڙي ڏند جو ڇا لاءِ ايترو اوهان خيال ڪريو ٿا ۽ ان تي ايترو خرچ ڪريو ٿا؟“
سام چيو: ”شرير جي ناسونت هجڻ جي معنيٰ اها نہ آهي تہ ان کي غفلت ڪري يا ڄاڻي واڻي پاڻ ناس ڪجي. اهو خيال ڪوڙي سنياس جو آهي جو اُپ گهاتڪ لڳي ٿو. شرير کي شرير سمجهو يا آتما جو هڪ اوزار سمجهو يا مالڪ جو هڪ مندر سمجهو، يعني پاڻ کان الڳ سمجهو، پر تڏهن بہ ان جي صفائي ائين ضروري آهي جيئن ڪنھن مندر جي صفائي؛ اهو آتما جو مندر آهي. اهو اوزار آهي جنھن جي تيزي ۽ تکائيءَ تي اسان جي آتمڪ اڀياس جو مدار آهي. شرير جي پرداخت جو بہ هڪ يوگ آهي، جنھن کي هٿ يوگ چون ٿا. جنھن کي ان جي ڄاڻ نہ آهي تنھن کي ڪرم يوگ يا راج يوگ جي ڄاڻ پڻ مشڪل ٿيندي.“ وري ڪجهہ عرصي بعد سام چيو: ”ارمان آهي جو ڪيترو ڀاڱو انسان جي زندگيءَ جو ائٿرائيءَ ۽ غفلت ۾ گذاري ٿو. جيتر انسان جي سمجهہ سالم ٿئي ٿي تيتر سندس جسماني طاقت گهڻي ڀاڱي گهٽجي وڃي ٿي. هن ڏند جي ڪئوٽيءَ وانگر سمجهيو تہ ٻيا بہ ڪي کاٽ شرير کي گهڻو وقت اڳ لڳا هوندا. انسان کي انھن جي سڌ بروقت نٿي پوي، ڇا لاءِ جو انسان جو عقل سندس حياتيءَ ۾ ٿورو ڀاڱو والاري ٿو. گهڻو ڀاڱو سندس زندگيءَ جو بنا سوچ ويچار جي گذري ٿو. پر اها خالق جي جوڙ ائين آهي. ان تي اسين ڪير جو نڪتہ چيني ڪريون؟ شايد، ائين نہ هجي تہ انسان پنهجي خالق کي ئي وساري پاڻ کي امر ثابت ڪرڻ جي ڪري تنھن ڪري سندس سمجهہ تي حدون پيل آهن.
ڇوڪري پڇيو: ”سائين ڪڏهن ٿو ماڻھوءَ جو عقل سالم ٿئي ۽ ڪھڙي عمر تائين انسان چئنچل ٿو رهي؟“
سام چيو: ”انھيءَ سوال جو جواب سڀ ڪنھن لاءِ هڪ جھڙو نہ آهي پر گهڻو ڪري چاليھن سالن تائين انسان ائٿرو يا عقل ۾ اڻ پوري رهي ٿو ۽ چاليھن سالن تائين کانپوءِ جڏهن شريرڪ ٻل، جوش يا جذبو ڪجهہ گهٽ ٿئي ٿو تڏهن ئي عقل سالم ٿيندو نظر اچي ٿو. ائين نہ سمجهڻ کپي تہ اها قدرت جي ڪا جهرڪ آهي. ڇا لاءِ جو انھن ائٿرائن ۽ ننڊ پڻ جي آزمودن مجهان ئي تہ عقل جو واڌورو ٿئي ٿو. جيڪڏهن ماڻھو بر وقت ئي اهڙي سالم سياڻپ ڌاري تہ شايد اهي ضروري آزمودا زندگيءَ جا هن کي نصيب نہ ٿين، جن مان احساس شڪتي يا انتر گيان ۽ پريم پيدا ٿين ٿا. اهي ٻالڪپڻ جون ائٿرايون ئي آهن، ۽ اهي توڪل ۽ هوڙيائيءَ وچان مشڪلاتن ۾ ڪاهي پوڻ جا آزمودا ئي آهن، جن مان آخر گيان ۽ پريم پيدا ٿئي ٿو. هينئر ڪيتريون ڳالھيون جيڪي ننڍ پڻ ۾ ڪيونسين سي غلط ۽ ناضروري نظر اچن ٿيون مگر انھن جي ڪرڻ کانسواءِ ڪيئن ايترو ماڻھو سمجهو ٿي سگهي ها؟ حقيقت هينئن آهي تہ جا شيءِ قادر جوڙي آهي سا پنھنجي جاءِ تي پوري ۽ ضروري آهي. انسان پنھنجي تنگدليءَ مان پنھنجي زندگيءَ ٻيءَ خلقت کان الڳ سمجهي ٿو. مگر ائين نہ آهي؛ هو هن سموري اتپتيءَ جو هڪ ڀاڱو آهي ۽ اهو انسان جو فقط ايمان آهي جو پاڻ کي ٻيءَ مخلوقات جو مالڪ سمجهي، نہ ائين هرگز نہ آهي تہ انسان لاءِ فقط هي جڳ ٺھيو آهي!
”ڀلا ڏس، انسان چوي ٿو تہ مڇر ماريون جنھن لاءِ فلٽ (Flit) ۽ ڊيٽال (Dettol) جوڙي اٿس! ان نموني مڇرن کي يا جيوڙن کي ڇو نہ گهٽايان؟ پر قدرت انھن مڇرن ۽ جيوڙن کان بہ ساڳي نموني انسان کي مارائي ڪنھن حد اندر رکي ٿي، نہ تہ جيڪر هي ”اشرف المخلوقات“ ٻيءَ ڪنھن ساهواريءَ شيءِ کي مشڪل رهڻ ڏئي. تنھن مان سمجهڻ کپي تہ انسان بہ ان اتپتيءَ جي راند لاءِ فقط ايتروئي ضروري آهن جيترو ٻيا جانور، جا ڳالھہ قدرت کي وڻي آهي سائي ڀلي آهي. هيءَ ايشور جي ليلا آهي جنھن ۾ پاڻ کي ناچيز يا ناسونت سمجهي بہ ان ۾ ڀاڳ وٺڻو آهي؛ دک سک بہ ان ليلا جو خود ڀاڱوآهن.“
مون چيو: ”ائين چوڻ سھنجو آهي، مگر دک سک ۾ سمان رهڻ اهنجو آهي.“
سام چيو: ”سا ڳالھہ برابر آهي پر سمان رهڻ توڙي مشڪل هجي، تہ بہ اهو هڪ اونچ آدرش سمجهہ. اهو هڪ ئي مارڳ سچي آنند پائڻ جو آهي؛ ڪيتري قدر ان ۾ ڪامياب ٿيون ٿا، اها پنھنجي ڪوشش يا ڀاڳ جي ڳالھہ آهي.“
ڇوڪري وري ڪي ٻيا سوال ٿي پڇيا جڏهن سام چيو: ”گهڻي پڇا ۽ گهڻو بحث مباحثو ضروري نہ آهي. ڪڇ پڇجي ڪڇ نہ بہ پڇجي، جو اهو ڀاڱو ماٺ مان معلوم ٿي سگهي ٿو. گهڻو عقل ۽ ويچار کي دوڙائڻ بيڪار آهي؛ ايترو کائجي جيرو هضم ٿي سگهي ۽ بحث ۾ جڏهن زور وڃي اکرن تي لڳندو آهي تہ روح ڳالھہ جو هٿان ڇٽي ويندو آهي. تنھن ڪري ماٺ جو ساڌن بہ ضروري آهي.
***


هريجن اسڪول جو اڳ ذڪر ڪيل آهي. ڪجهہ ڏينھن ٻارن کي ايترو چاھہ هو جو سڄو ڏينھن پيا اسان جي جاءِ جي طرف ڦيرا ڏيندا هئا. پر هينئر ٻن يا ٽن ڏينھن کان شاگردن جو تعداد گهٽجي اڌ ٿيو آهي يعني ويھہ کن ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون مس ٿا اچن، ۽ تن ۾ بہ ڪجهہ ڀاڱو هريجن کانسواءِ ٻين هنڌن جي ڇوڪرين جو آهي.
مسٽر پھلاجراءِ جيڪو شيوا جي ڀاو وچان مفت اچي اسان سان ڪم ڪندو آهي، ان کي سام آٿت ڏيڻ جي نموني ۾ چيو تہ جيتوڻيڪ شوا جو ڦل ضرور ملندو آهي تہ بہ اسان کي ان جي چاهنا رکڻ نہ گهرجي. ڪاميابي ايشور جي وس آهي.
مسٽر پھلاجراءِ چيو تہ منھنجو بہ اهوئي وشواس آهي. اڄ سام جي ڪلاس ۾ فقط ست ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا. سام چيو: ”مون تڏهن بہ ساڳئي چاھہ سان ڪلاس ورتو ۽ جيڪڏهن انھن ستن مان ڇھہ ٻيا بہ هليا وڃن ۽ باقي هڪ کي ڪجهہ فائدو رسائي سگهان تہ اهو سموري محنت جو ڪافي اجر ٿي سگهي ٿو. حقيقت ۾ لاها چاڙها هر هڪ ڪارج ۾ پيش اچن ٿا ۽ توڙي جو هتان جا هريجن ڀائي اهڙا پٺتي پيل آهن جو منجهن چاھہ پيدا ڪرڻ ئي اهنجو ڪم آهي تڏهن بہ اسان کي پنھنجي ڪوشش هلائڻ گهرجي جيستائين ڪو هڪ بہ انھن مان ايندو رهي. ڪنھن کي خبر آهي، تہ وڏا اسڪول ۽ ڪاليج انسان جي واڌاري يا زندگيءَ جي ترقيءَ لاءِ ڪيترو ضروري آهن؟ ڪھڙي خبر آهي تہ ڪٿان ڪو اڻ ملھائتو لال لڀي پوي! تنھن ڪري ڳولھائوءَ جو ڪم آهي پنھنجي تلاش بنا ٿڪاوٽ ۽ بنا ارمان جي ڪندو رهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مون کي تہ ٻارن جي وچ ۾ ويھڻ، خاص ڪري متفرقہ ڪلاس وارن معصوم آتمائن سان گڏ گذارڻ هڪ دعا نظر ايندي آهي ۽ جڏهن حيلا ڪري سندن مغز ۾ اکرن جون صورتون وهاريندو آهيان، جو ڪم رولو هريجن ٻالڪن جي حالت ۾ تمام اهنجو آهي، تڏهن ائين سمجهندو آهيان تہ منھنجي سموري زندگيءَ جي آزموديءَ، هنر ۽ عقل جي خود اتي گهرج آهي ۽ پرک پڻ آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي انجنيئر جي هنر يا ڪاريگريءَ واري رمز جي هت ضروري آهي اهڙوئي پرائمري ماسترن جو سچ پچ اتم ڪاريہ آهي.
***

نئين ديري کان ڪار ۾ ٿي موٽياسون تہ ڪار جي مالڪ جو ذڪر نڪتو. ڪنھن ٻڌايو تہ پنھنجي وزيريءَ جي وقت ۾ ۽ ٻين عهدن تي رهي ڪري انھيءَ ماڻھوءَ 3 يا 4 ڪروڙن جي ملڪيت ٺاهي آهي. مون سام کي ٻڌايو تہ هو ويچارو بيمار ٿي پيو آهي ۽ هر سال ولايت دوا ڪرائڻ لاءِ ويندو آهي، مون وڌيڪ چيو تہ پئسو جنھن کي آهي اهي علاج ڪرائن ٿا مگر غريب ويچارا ڏتڙجي وڃن ٿا.
سام چيو: ”ڌڻيءَ وٽ الاجي ڪھڙو حساب آهي؛ شخصي طرح انھيءَ مدبر لاءِ مون کي گهڻي عزت آهي. مگر هي بيماريون زندگيءَ جي طريقي مان ئي شايد پئدا ٿين ٿيون؛ چئجي کڻي تہ اهي انھيءَ بي پرواهيءَ جون پئدا ڪيل آهن جنھن ۾ گهڻو عيش يا ڪپت وغيرہ ڪرڻي پوي ٿي. اهي ڳالھيون هڪ ٻئي کان الڳ نہ آهن ۽ ائين بہ سمجهڻ کپي تہ گهڻو ڌيان دنيان کي ڏيڻ يا ڪنھن بہ شئي جي ڪڍ گهڻو ڪاهي پوڻ سو قدرت جي قانون جي برخلاف آهي. دنيا داري ۽ طاقت بہ ڪنھن حد اندر فائدي واريون ٿي سگهن ٿيون. ڪنھن بہ شئي جي گهڻائي زهر مثل آهي. پئسي مان سچي خوشي حاصل ڪا نہ ٿي ٿئي؛ نہ ولايت وڃڻ مان. خوشي اها سچي آهي جا هر حالت ۾ ماڻھو قائم رکي سگهي يعني من جو صبر ۽ خيال جي صفائي سڀ کان اول ۽ ضروري آهن.“ سام وري چيو: ”حياتيءَ سان يا ايشور سان رٺل نہ رهجي، جيڪڏهين ڪي شيون گهٽ نصيب ٿين ٿيون تہ ٻيون ڪيتريون شيون اسان کي چڱيون ڏنيون اٿس جنھن لاءِ اسان کي شڪر گذار رهڻ گهرجي گهڻي عرصي کان تنھنجي رک رکڻ ڪري مون بہ توسان گڏ رک ٿي رکي ۽ اڄ توسان گڏ هي هنداڻي جو ٽڪر کائي مان ائين ٿو سمجهان تہ اسين عبادت ڪري رهيا آهيون ۽ هيءُ شڪر جو ڀاڱو کائي رهيا آهيون. اهڙيءَ طرح هر ڪنھن انسان کي ڪيتريون الاهي نعمتون روز عطا ٿين ٿيون. مگر جيڪي خواهشون پوريون نہ ٿيون ٿين انھن جي ارمان ۾ اسين مليل نعمتن جو مزو نہ ٿا ماڻي سگهون.
***


اسان جي ننڍڙي اسڪول جا ڪي ڇوڪرا، جيڪي ڀڄي ويا آهن يا روز ايندڙ نہ آهي سي ڪن ڳالھين تي رنج ٿي ٻاهر وڃي اسان کي، مون کي ۽ ٻين پڙهائيندڙن کي ڪچيون ڪچيون گاريون ڏيڻ لڳا.
مون سام کي چيو تہ گاريون تہ کڻي اسين سھنداسين پر هنن ڇوڪرن جو سڌرڻ هر حال ۾ مشڪل آهي. سام چيو: ”ان تي مون کي هڪ ڳالھہ ياد اچي ٿي؛ گهڻا سال اڳ جڏهين پھريائين مان زمين جي ڪم تي طيب آيس تڏهين شھر جي هڪ غريب ماڻھوءَ جنھن سان منھنجو ڪوبہ واسطو ڪونہ هو، مون کي اچي ستايو تہ سندس جاءِ گهرجي قرض ۾ نيلام ٿي ٿئي سا هلي مھرباني ڪري مون کي واڪ ڏيئي کڻي ڏيو، نہ تہ مون کي اباڻو شھر ڇڏي وڃڻو پوندو! هن جي رئڻ تي مون کي قياس اچي ويو ۽ مون وڃي سندس جاءِ تي واڪ ڏنو. سندس شرط اهو هو تہ واڪ جو بيانو جو اٽڪل سڄي رقم جو ٽيون چوٿون حصو ٿيندو آهي حال اوهان ڀري ڏيو، پوءِ باقي پئسا مان پاڻھي مدي تي ادا ڪندس. مون ائين ڪيو. ٿوري عرصي کان پوءِ خبر پيئي تہ هو پنھنجا باقي پئسا ادا ڪري نہ سگهيو جنھن ڪري بروقت بياني جا ڏنل پئسا سرڪار ضبط ڪري ڇڏيا ۽ جڳھہ جو وري نيلا ٿيڻو آهي. ان ماڻھوءَ جي ستائڻ تي مون حد جي ڊپٽي ڪليڪٽر کي ان باري ۾ ڏٺو؛ هن چيو تہ قانون موجب اهي پئسا ضبط ٿي چڪا ۽ نيلام بہ وري ضرور ٿيندو.
مون کيس چيو: ”توهان کي خبر آهي تہ مون فقط هڪ غريب ماڻھوءَ جي مدد ڪئي آهي، جو وري اهي پئسا ڀري ڪونہ سگهندو وچ ۾ اهي پئسا مو کي هرج پوندا.“
هن وراڻيو: ”اها توهان خبر نہ آهي ڇا نہ خير ڪندي هٿ ساڙائي اچبا آهن؟“
سندس لفظ منھنجي لاءِ هڪ تلقين مثل هئا. تڏهن مون کيس چيو، ائين ٺيڪ آهي. اهو مون حياتيءَ جو هڪ سبق ڪري سمجهيو جو توکي پڻ ياد رکڻ گهرجي. اڃان انھن رولو ٻالڪن جي ڪم مان شايد ٻيا بہ ڪي گهڻا گل نڪرن جي اسان کي صبر سان برسر ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهين انھن مان ڪو هڪڙوئي سڌري پيو تہ اهو اسان جي سڀني پورهين جو ڪافي اجر ٿيندو پر جيڪڏهين اهو مطلب بہ حاصل نہ ٿيو تہ بہ دنيا ۾ چڱائيءَ جو احساس گهٽ ۾ گهٽ وڌندو. مٿين ڳالھہ تي ويچار ڪندي سام هڪ ٻي بہ ڳالھہ ٻڌائي. چيائين، تہ بزار ۾ هڪ واڻيو آهي جو تمام پڪو ۽ بي مروتي آهي، ايتري قدر جو ڪيترا ڀيرا پنھنجي هٽ تي ويھاريل ڇوڪري جو ڏنل سودو بہ ڦيرائي ڇڏي. مون سان جيڪو گڏ هلندو آهي اهو هن کان ڪجهہ خريد ڪرڻ پسند ڪونہ ڪندو آهي. پر اهو واڻيو پنھنجي ڪم لاءِ روز ڪونہ ڪو سوال ڪندو آهي، ڪڏهين ڪا دوا ڏيکاري صلاح وٺندو آهي، ڪڏهين چوندو آهي تہ منھنجو تون علاج ڪر! ٻہ دفعا هو مون وٽ اچي دوا بہ مفت وٺي ويو آهي. جڏهين هو سوال ڪندو آهي ۽ اتي ڳالھہ وساري سودي ۾ وري شوخ ۽ بي مروتي ٿيندو آهي. تڏهن مان ائين چوندو آهيان تہ ڀلائي ڪرڻ ئي اهڙي ماڻھوءَ سان جڳائي ڇا لاءِ جو هن کي ڪجهہ سکڻ جي گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري مان کيس خوشيءَ سان سوا وغيرہ جو ڏس ڏيندو آهيان ۽ دعوت ڏيندو آهيانس تہ گهر اچ تہ سڄي ڳالھہ سمجهائي توکي مان پنھنجي دوا ڏيان.“
***
13-7-1957ع اڄ کان هفتيوار پرارٿنا ڪلاس شروع ڪيل آهي جنھن ۾ خاص ڪري اسان جي هندي اسڪول جي شاگردن ٻالڪن ۽ ٻالڪين کي نينڍ ڏنل آهي پرارٿنا گيت کان پوءِ جدا جدا مذهبن جي ڪتابن مان مختصر ٽڪرا ڪن شامل ٿيندڙ دوستن پڙهيا، جنھن بعد صوفي صاحب ڇوڪرن کي مختصر وياکياڻ ”سمجهو شاگرد“ جي وشيہ تي ڏنو ۽ سمجهو شاگرد جي وصفن جو ذڪر ڪندي چيائين سمجهو شاگرد کي اول صفائي تن من جي رکڻ گهرجي؛ انسان جي حياتيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ملھائتي چيز سندس دل من آهن؛ اول انھن کي صاف رکڻ گهرجي؛ صاف رکڻ جي معنيٰ اها بہ آهي تہ دوئي يا بغض ڪڍي ڇڏجي؛ جيڪڏهين ڪو اڇوت ڇوڪرو تڪليف ۾ هجي تہ انھيءَ کي مدد ڪرڻ اول پنھنجو فرض ڄاڻو ڇا لاءِ جو هن کي سڀ کان وڌيڪ گهرج آهي اوهان جي مدد جي.“
تنھن بعد سام پنھنجي وياکياڻ ۾ هنيئن چيو: ”توهان جي اڳيان جدا جدا ڌرمن جي خيالات مان ٽڪرا پڙهيا ويا آهن. تنھن مان سمجهي سگهندا تہ اهي سڀ چڱي سکيا ڏين ٿا؛ سڀڪنھن ڌرم ۾ وڏا سنت ۽ درويش ملي سگهندا جي چڱا عمل سيکارين ٿا ۽ پريم يا ڀڳتيءَ جو مارگ بتائين ٿا. انھن مان ڪنھن کان بہ نفرت ڪرڻ سو آهي پاڻ کي سڃو بڻائڻ، ڇا لاءِ جو اهي سڀيئي اسان جي دولت آهن گهر ۾ جيڪڏهن فرنيچر هوندو ۽ رڌ پچاءُ جو سامان يا ٻيو ڪجهہ نہ هوندو تہ اهو گهربہ پورو نہ ليکبو. تنھن ڪري گهر ۾ سڄي سک جي لاءِ گهڻن قسمن جا سامان گڏ ڪجن ٿا. اهڙي طرح من ۾ سک جي واڌاري لاءِ ضروري آهي تہ سڀ قسم جي خيالات مان واقف ٿي انھن مان چڱائي حاصل ڪجي. تنھن ڪري مان توهان کي چوان ٿو تہ هي سڀ درويش ۽ سنت جدا جدا ڌرمن جا اوهان جا آهن ۽ انھن جي خيالات اوهان جي ملڪيت آهي؛ ان مان جوڳو فائدو وٺو.“
سام وڌيڪ چيو: ”توهين سمجهندا هوندا تہ اسين بنا ڪنھن مطلب جي ويٺا هي ڪم اسڪول جو هلايون. مگر اسين سڀ کان وڏا لالچي آهيون؛ هيءَ اسان جي کيتي يا پوک آهي ۽ توهين ان جا اسرندڙ سلا آهيو. اسان اها اميد رکي آهي تہ انھن سلن کي پاڻي ڏيئي منجهائن ڦل ۽ ڪي ڦول پيدا ڪريون، اهي ڦول جي سنسار کي سڳنڌ ڦهلائن ۽ اهي ڦل جي ڪن بکايلن جو پيٽ ڀري سگهن. يعني اسان جا ڇوڪرا سڱنڌ عملن جي پيدا ڪن ۽ شيوا ڪري ٻين کي سکي ڪن! تنھن ڪري دوستو، توهان سڀني تي بہ فرض آهي تہ هن پوک اسان جيءَ جي پالنا ڪريو ۽ توهين ٻالڪ جيڪي ان پوک جا سلا آهيو. توهين پڻ هوشيار ۽ خبردار رهو، جيئن ڪو بہ ڪوسو واءُ يا طوفان توهان کي هرج رسائي نہ سگهي ۽ پاڻ کي اهڙو مضبوط ارادي جو بنايو جو ڪو بہ توهان کي پنھنجي راھہ تان ٿيڙي نہ سگهي.“
***


21-7-1957ع اڄ هفتيوار پرارٿنا ڪلاس صبح جو ٿيو اسان جي سنڌي اسڪول جا ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽ ٻيا ڪي دوست آيا جن ۾ بلڪل گهڻو اتساھہ نظر ٿي آيو. ائين پيو لڳي ڄڻڪ گهڻن سالن جي خراب ٿيل فضا کان پوءِ هنن هريجن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پھريون ڀيرو بھار جي هير گهلي رهي آهي. پرارٿنا ڪلاس ۾ ٻيا ننڍڙا ٻالڪ بہ چڱي تعداد ۾ ڇڪجي آيا ٻہ اڇوت ڪنيائون پڙهيل ۽ سڌريل ٻالڪن جي ڊريس ۾ بلڪل اتساهڪ نظر ٿي آيون. دستوري ڀڄنن، ڪافين ۽ جدا جدا ڌرمن جي پستڪن منجهان پڙهائيءَ کان سواءِ اسان جي صوفي صاحب ۽ سام ڪڇ اکر ڳالھايا.
صوفي صاحب مسٽر ڌڻي بخش پنھنجي وياکياڻ ۾ چيو تہ جيئن مثال طور منھنجي گهر وڃڻ لاءِ پنج يا ست رستا هن جاءِ کان ملن ٿا تيئن ﷲ کي حاصل ڪرڻ جا بہ ڪئين رستا آهن؛ گرجا، مندر، مسجدون سڀ ان طرف پھچائي سگهن ٿيون اهو وقت آيو آهي جو اسين پنھنجي عملي ڪمن ۾ ڏيکاريون تہ اسان ۾ ڪو بہ دوئي ڀاءُ ڪونہ آهي. هن سسنٿا ۽ اسڪول جي شاگردن کي خاص ائين جڳائي تہ هڪ ٻئي ڏانھن ۽ ٻين ڏانھن اهڙو رخ رکن جو سڀ کي پنھنجو ڀاءُ ڪري ڄاڻن. مان جيڪر چاهيان تہ توهين جيڪي بہ اهڙا چڱا ڪم ڪريو يا ٻين ڌرمن وارن ڇوڪرن يا محتاجن کي جيڪا مدد ڪريو تہ اها اسان کي هفتي هفتي هت اچي هن ڪلاس ۾ چڱيءَ طرح ورنن ڪري ٻڌايو.
تنھن بعد سام چيو: ”ٻالڪو، توهان وديارٿي آهيو. وديا جي تلاش ۾ آهيو. هيءُ پرارٿنا ڪلاس بہ هڪ وديا جو ذريعو ڪري ڄاڻو ۽ پنھنجو اسڪول وري هڪ پرارٿنا ڪلاس ڪري ڄاڻو منھنجو مطلب هي آهي تہ وديا جي ڳالھا ۾ وڌ ۾ وڌ شرڌا رکي ڪلاس ۾ اچو. وديا هڪ اتم چيز آهي جنھن جي ڳولھا توهين نہ رڳو پر اسين وڏي عمر وارا پڻ ڪريون پيا! وديا هڪ روشني آهي جا روشني اسين ساڻ کڻي زندگيءَ جي منجهيل رستن مان پار پيئي سگهون ٿا؛ اها روشني اسڪول ۾ علم رستي پرايون ٿا ۽ هن پريئر ڪلاس ۾ سنگ ۽ صحبت رستي وڌون ٿا.
”وديا يا علم ۾ ڪھڙي مراد هئڻ گهرجي ان بنسبت پڻ مان اوهان کي ڪجهہ چوڻ ٿو چاهيان علم فقط ان مراد سان هٿ نہ ڪريو تہ ان مان پئسو يا پوزيشن ٺاهيون. برٽش گورنمنٽ جي ڏينھن ۾ اسان جي حڪومت جيڪا وديا ڏيندي هئي ان ۾ پھريائين شايد اهو مطلب رکيل هيو تہ گورنمنٽ جي ڪمن لاءِ ڪافي انداز ۾ ڪلارڪ يا آفيسر پئدا ڪجن، ورنہ اهڙي سٽا وديا جي نہ رکي وڃي ها. اسان جي ملڪ جي اسڪولن ۾ هت اڃا بہ اکري علم تي گهڻو زور آهي. ٻوليون سيکارڻ، حساب ڪتاب سيکارڻ يا هنر وغيرہ ڪجهہ سيکارڻ بہ چڱو ڪم آهي. مگر اها پوري وديا نہ آهي؛ پوري وديا ڇا آهي؟ ان جي لاءِ اسان کي سمجهڻ گهرجي تہ انسان ڇا آهي. انسان جو شرير يا جسم سنڀال ۽ پالنا گهري ٿو جنھن جي لاءِ هنر يا ڪارائتا علم سيکارڻ بلڪل ضروري آهن. اهڙي طرح انسان جو من عقل جي روشني گهري ٿو جنھن جي لاءِ پڻ ڪتابي علم ضروري آهي. ان ڪري هي درسي ۽ ٻيا ڪتاب پڙهائڻا پون ٿا ۽ ڪجهہ قدر اسان جا اسڪول اهو پارٽ ادا ڪندا رهن ٿا. پر انسان سڀ کان اول روح يا آتما آهي. توهان سڀني ۾ جيڪا آتما آهي انھيءَ جي پالنا هنن اسڪولن ۾ ڪانہ ٿي ٿئي. گهڻو اڳ هن ملڪ ۾ استاد کي گرو چوندا هئا، ۽ گروڪلن يا آشرمن ۾ استاد پنھنجي ٻالڪن جي چوطرف نظر رکندا هئا. هو ڪتاب جا سبق پورا ڪرائڻ فقط پنھنجو فرض ڪين سمجهندا هئا. مگر ائين ڪوشش ڪندا هئا تہ اسان جا وديارٿي قابل، ڪارائتا، ٻڌيوان ۽ لائق انسان بڻن. اڄ ڪالھہ اسڪول جي ٽائيم کانپوءِ ماسترن کي ڪھڙي ڳڻتي پنھنجي شاگردن جي رهي ٿي؟ هو اسڪول ۾ هڪ مشين وانگر ڪم ڪري هليا ٿا وڃن، ڪلاڪن پوري ڪرڻ بعد هو ٻارن ۾ ڪو بہ چاھہ ڪونہ ٿا رکن جئن اڳي گروڪلن ۾ هيو. اسان ڪلاس کانپوءِ شام جو وڏن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي لاءِ ملڻ جا موقعا ۽ هيءُ پرارٿنا ڪلاس ان ڪري رکيا آهن تہ توهين انھن مان ڪجهہ لاڀ وٺي پنھنجي وديا پورڻ بڻايو. هڪ پاسي کان هنديءَ جو اڀياس توهان لاءِ هندي ساهتيہ ۽ پراچين خيالات جا دروازا کوليندو، ٻئي پاسي کان هي سنگ جو نمونو صوفي صاحب ۽ ٻين استادن سان صحبت جي ذريعي مذهبي ايڪتا ۽ فراخ دلي وڌائيندو. اسان جو اسڪول جي ٽائيم کان پوءِ هن نموني سنگ ڪريون ٿا، مان اميد ٿو رکان تہ توهان جي دل ۽ من جي اسرندڙ سلن لاءِ پاڻيءَ جي مثل ٿيندو. توهين شل ان مان پورو لاڀ پوايو، اها آهي اسان جي آشا ۽ پرارٿنا.“
***

26-7-1957ع ڪالھہ ڊپٽي صاحب اسان وٽ آيو ۽ ڳالھين ڪندي ڪندي هڪ آمريڪن ڪرستان جي ڳالھہ ٻڌايائين جو ميٽنگ ۾ عام ماڻھن کي دعوت ڏيندو هو تہ جي ڪوبہ چاهي، تہ مان سندس وقت تي وٽس پاڻھي وڃي عيسائيي مذهب بنسبت سمجهاڻي ڏيان. مون کي فقط پنھنجي گهر جو پتو ڏئي ڇڏيو! هو پاڻ ڀاڙو خرچ ڪري اچي گهر سمجهاڻي ڏيندو هو. ڊپٽي صاحب چيو مون کائنس پڇيو تہ هن ۾ توهان کي ڪھڙو فائدو ٿئي ٿو جنھن تي هن وراڻيو تہ مون کي خدمت ڪرڻ يا ڪجهہ ڏيڻ ۾ خوشي ٿيندي آهي!
ڊپٽي صاحب وڌيڪ چيو: ”ڏسو؛ توڙي جو اسان کي هنن جي ڪمن لاءِ چاھہ ڪونہ آهي هو ڪيئن نہ پنھنجو ديس ۽ ان جا سک ڇڏي ڪيتري مفاصلي تي اچي هنن ڏکن ۽ ڪشالن مان هن نموني دل جي خوشي پرائن ٿا! اسان کي خوشي پرائڻ لاءِ گهڻائي عجيب رستا اختيار ڪرڻا پون ٿا، ايترو مان چوندس تہ توڙي جو پادرين جي ڪم تي ڪنھن کي اعتراض هجي تڏهين بہ ائين تہ هر ڪو چوندو تہ هو پنھنجو فرض ڄاڻي اهو ڪم سچائيءَ سان ڪن ٿا.
سام چيو: ”گهڻو ڪري جو بہ ڪم انسان ڪري ٿو سو چڱو ڄاڻي ڪري ٿو توڙي جو ٻين لاءِ ان مان نتيجو چڱو نہ نڪري، مثال طور اسان جي ڳوٺ ۾ ٿورن سالن اندر 7 يا 8 خون ٿيا؛ مون کي انھن مان هڪ هڪ جي تواريخ ياد آهي ۽ ٻيا بہ ڪيئي واقعا ٿيا. انھن مان ظاهر هيو تہ اهي خوني خون ڪرڻ وقت خود ائين پيا سمجهن تہ هو هڪ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن. انھن مان ڪن تہ وڏي قرباني ڪري اهڙي خون ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي گويا ٻين جي خاطر هموار ڪيو هو. اڪثر مراد انھن خونن جي اها هئي تہ عزت پنھنجي ذات ۽ گهراڻي قائم رکجي يا برائيءَ کي سزا ڏجي ۽ پنھنجي پاڙي يا ذات تان بزدليءَ جو ڪلنڪ لاهي يا ڪنھن بري رنڊيباز ماڻھوءَ جي برن ڪمن کي ان ريت بند ڪجي. البت اسان جي نظر ۾ اهي خوني خود برو ڪم ڪري رهيا هئا. مگر اهو خاطريءَ سان چئي سگهجي ٿو تہ هنن کي ان وقت خون ڪرڻ پنھنجو فرض ٿي لڳو؛ تنھن ڪري قرباني ڪري ۽ تڪليف وٺي ڪو ڪم سر انجام ڪرڻ، جيئن هڪ پادريءَ لاءِ توهان چيو، سو هروڀرو ساراھہ جوڳو ڪم نہ آهي ۽ نہ وري ڪشالي اٺائڻ سان فقط سچي خوشي پئدا ٿي ٿئي. مان گهڻن پادرين لاءِ شخصي طور عزت رکان ٿو. مگر تڏهين بہ ائين چوندس تہ اهڙو تبليغ جو ڪم گهڻو ڪري چڱائيءَ جو باعث نٿو بڻجي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ” هت سوال آهي پنھنجي خوشي ڳولڻ جو ۽ نہ ٻين کي خوش ڪرڻ جو. مان تہ ائين سمجهندو آهيان تہ اها خوشي جيڪا گهڻو چٽاءُ ڪري ٿي سا جوڳ سمجهڻ گهرجي ۽ جيڪا ٿوري جٽاءُ ڪري ٿي سا گهٽ درجي واري يا اعتراض جوڳي سمجهڻ گهرجي.“
سام چيو: ”اهو اصول هميشہ لاءِ ڪارگر نہ ٿيندو پر انھيءَ جو مطلب ائين سمجهڻ گهرجي تہ سچي آنند واري خوشي هميشہ جٽادار آهي؛ مان ئي حاصل ڪرڻ گهرجي.“
مون چيو: ”فرض پوري ڪرڻ ۾ خوشي ڇا لاءِ ٿا ڳولھيو؟ فرض ڪندا رهو! جيڪو ڪم ضروري آهي، تنھن کي هلائيندو رهجي پوءِ خوشي انھيءَ ۾ پيدا ٿئي يا ڏک.“
سام چيو: ”اهو اصول ٺيڪ آهي، جيتوڻيڪ اها بہ ڳالھہ وري آهي تہ فرض ڪرڻ مان ضرور ڪا خوشي من کي ملي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”هميشہ واري آنند جو سوال پري رکي باقي ٻئي نموني وڌيڪ جٽاءُ ڪندڙ خوشي وڌيڪ چڱي، يا ڪشالي يوگ سمجهڻ گهرجي.“
سام چيو: ”مان اها ڳالھہ نٿو سمجهي سگهان. جتي خوشيءَ جو سوال آهي اتي گهٽ ۾ گهٽ ايترو ڏسڻ ضروري آهي تہ اسان جي خوشي جيترو ٿي سگهي، ٻئي جي خوشيءَ کي نہ روڪي روز مره جي زندگيءَ جي لاءِ هڪ ڪارگر اصول هيءُ بہ آهي تہ خاص پنھنجي شخصي خوشيءَ لاءِ ڪوبہ ڪم رٿڻ ضروري نہ آهي، توڙي جو من جي خوشي چڱي ڪم مان ضرور ملي ٿي.“
***


28-7-1957ع اڄ صبح جو پرارٿنا ميٽنگ ۾ سام علم جي ماڻ وغيرہ تي ڳالھايو جنھن جو تتسار هيٺ ڏيان ٿي:
شاگردن کان سام پھريائين ٻہ ٽي سوال پڇيا جھڙوڪ ان جو مڻ ڇا آهي، پاڻيءَ جو مڻ ڇا آهي وغيرہ پوءِ چيائين: ”جنھن ان ٽوئي يا ڇليءَ سان ڳوڻ ۾ وجهجي ۽ پاڻيءَ ڪنھن برتن ۾ وجهجي، کاڌو ٿالھيءَ ۾ پائجي، نئين علم يعني وديا لاءِ پڻ ٿانو ضروري آهي! وديا جو ماڻ شرڌا آهي. شرڌا جي يا دل ۾ وديا پايو يعني جيڪي توهان کي توهان جا سکيا ڏيندڙ چون تنھن کي عزت سان وٺو ۽ پوءِ ڀل جاچي ڏسو تہ ڇا آهي. مان اوهان کي انڌ شرڌا رکڻ لاءِ نہ ٿو چوان جنھن موجب گرو يا استاد جو هر هڪ اکر بنا سوچ ويچار جي ڪم ۾ آڻبو آهي، مگر اها سچي شرڌا رکو، جا گيان جي پراپتيءَ لاءِ ضروري آهي. جو ڪجهہ هو توهان کي چون سو پيار ۽ عزت سان وٺو ۽ اعتقاد رکي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. پوءِ ڀل وڌيڪ جاچ ڪريو تہ اهو سڀ سچ آهي يا نہ.“
وديارٿين کي فھمائش ڪندي وڌيڪ چيائين تہ توهان جيڪا چئنچلتا ڪيو ٿا، ان مان ظاهر آهي تہ اوهان جي دل ۾ دويا لاءِ پورو شوق نہ آهي. ارمان آهي جو اڄ ڪلھہ اسڪولن ۾ مقرر ڪمن جي پوري ڪرڻ بعد ماسترن پاڻ تي ڪابہ جوابداري ڪانہ ٿا سمجهن هن زماني جي ڀيڙ يا رهڻيءَ ڪھڻيءَ جي مٽيل نمونن ڪري مائٽن کي ڪو وقت ئي ٻارن جي سنڀال لاءِ ڪونہ آهي. نہ وري سکيا ڏيڻ جي ڪا لياقت منجهن رهي آهي. ان باري ۾ خاص طور هريجن ۽ ٻين هندن جا ٻار مان ڏتڙيل ڏسان ٿو، ڇا لاءِ جو اهي خيال جا اڳواڻ، اهي گرو ۽ استاد، اهي پنگتي ۽ ڌرمي جيون جا رهبر توهان جا لڏي ويا آهن، جن جو فرض ٿئي ها اوهان جي نگراني ڪرڻ مان توهان کي پڪ ڏياريان ٿو تہ توهان جا پالنا ڪندڙ نہ فقط توهان جا ماتا ۽ پتا آهن، پر اهي سوسائٽي ۽ قوم جا رهبر پڻ آهن، جن جا اونچ عمل ڏسي توهين جيڪر پنھنجي زندگيءَ جي راھہ روشن ڪري سگهو، مگر هن وقت توهان جي روشنائيءَ جا فانوس وسامي ويا آهن. هيءَ ننڍڙي سنسٿا اسان ان لاءِ برپا ڪئي آهي تہ هن اهنجي وقت ۾ ڪجهہ قدر ان اوڻائيءَ جي ڀرتي ڪري سگهون ۽ اسڪولي وديا کان سواءِ ٻيو سمجهہ پڻ اوهان لاءِ ميسر ڪريون جنھن مان توهين پنھنجي آتمڪ جيون اڏي سگهو. مگر هي پورهيا تڏهن سڦلا ٿيندا جڏهين توهان پوري شرڌا ۽ پوري عزت سان وديا جي ڦل پائڻ لاءِ هن ننڍڙي وديا مندر يا هن پرارٿنا ڪلاس ۾ ايندا؛ سنگتين يا ساهيڙين کي بہ وٺي ايندا ۽ خود پنھنجي دلين ۾ اتساھہ وڌائيندا جنھن کان سواءِ ڪو بہ ڪارج سڦلو ئي ڪونہ ٿو ٿي سگهي.
***


1-8-1957ع اسان جي گهر ۾ هڪ عجيب قسم جو ٽولو اچي گڏ ٿيو آهي! جيئن صوفي صاحب چوندو آهي، هيءُ هڪ فقيراڻو ٽولو آهي! توڙي جو انھن مان ڪي نوڪريءَ جي بھاني ۽ ڪي ٻين بھانن سان سان اچي گڏ ٿيا آهيون،. اڳي ذڪر ڪيل هڪڙو چمٽو (موهن) جو پيءُ جي موڪل سان گهر ڇڏي اسان ساڻ اچي رهيو آهي ۽ هت اڀياس ڪندو آهي؛ ٻيو گرڌاري آهي جو ظاهرا پگهار تي مگر حقيقت ۾ ڪنھن آتما جي غرض کان ئي قريباً 20 سال کان گهر ۽ مائٽ ڇڏي هت اچي رهيو آهي؛ ٽيون اسان وٽ رهندڙ مسٽر اسٽوئرٽ آهي جو هڪ برميز نئشنل آهي ۽ ٻارهن سالن کان اسان جو مھمان آهي. اهڙيءَ طرح ٻيا بہ اسان وٽ قسم قسم جا ماڻھو آهن ۽ تازو نئين هڪ مسلم مھاجر ڇوڪري ٿوريءَ پگهار تي اچي رهي آهي. سندس چوڻ موجب ٻن سالن کان هوءَ سنبرندي هئي تہ مان ڪنھن بہ بھاني هنن ماڻھن وٽ (يعني اسان وٽ) وڃان، انھن مان هر هڪ پنھنجي پنھنجي نموني پيار گهري ٿو. مثال طور چمٽو هڪ ٻالڪ جو پيار گهري ٿو، گرڌاري ٻالڪ جو پيار بہ ڇڪي ٿو ۽ جهوني نوڪر جو لحاظ بہ گهري ٿو، جيتوڻيڪ چمٽو پڙهي ٿو ۽ گرڌاريءَ کي پڙهڻ جو شوق نہ آهي؛ انھن جي وچ ۾ ٿوري ايرشا پڻ ڪجهہ قدر ڏسڻ ۾ پئي اچي؛ هڪ مسٽر اسٽوئرٽ کان سواءِ سام انھن ڳالھين جو ويچار ڪندي اڄ مون کي چيو: ”تنھنجو ۽ منھنجو پيار هڪ وهندڙ واه مثل آهي. ان مان ڪي ست سنگي ٿي ۽ پريمي ٿي، ڪاچڪي پي وڃن ٿا. انسان جي دل جي درياھہ ۾ ڪا لکا ڪانہ ٿي پوي ڪير بہ اتھان پياس مٽائي. مان تہ ائين سمجهندو آهيان تہ پريم هر صورت ۾ پاڪ آهي اهو هڪ اکٽ درياھہ مثل آهي جنھن مان پاڻي پيئڻ سان ڪڏهين کوٽ ڪانہ ٿي پوي نہ سندس پاڻي ميرو ٿئي ٿو، ان جي وهڪري جو مطلب ئي اهو آهي تہ ڀل پياسي پيا پاڻي پيئن. انسان هجن يا ٻيا ساسي هجن؛ وهندڙ پاڻي هميشہ پاڪ ٿيندو آهي بيٺل پاڻي جو هڪ جاءِ رهي ٿو سو ناپاڪ ٿي سگهي ٿو.
پريم وهندڙ پاڻيءَ مثل هجي؛ منجهس ڪادوئي رکڻ نہ جڳائي.
***